ڪھاڻيون

اڻويهه عالمي ڪهاڻيون

عبدالخالق سنديلي جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين منجهان ڪي اهڙيون به شاهڪار ڪهاڻيون آهن، جن کي پڙهندڙ بار بار پڙهڻ چاهيندي به ٿڪجندو ناهي. هونئن به هن ڪتاب لاءِ جن عالمي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، انهن جي پڙهندڙن جو اڻ ڳڻيو ڳاڻيٽو رشڪ طلب آهي، ليو ٽالسٽاءِ، چيخوف، موپاسان، ٿامس هارڊي، عزيز نيسن، جمال مير صادقي، سائمن ڪارمگيٽ، خانم قدسيه موساوي، فرانز ڪافڪا، ٽئگور، گارشيا مارڪيز، اوهينري، بجور نسٽرين بجورينس ۽ اوليو شريز دنيا جا اهڙا ليکڪ آهن، جن جون ڪهاڻيون ۽ افسانا تاريخي، انقلابي ۽ رومانوي ڪٿائن تي مشتمل آهن.

Title Cover of book 19 Alami Kahanyun

شڪ

شڪ

وليم مارچمل سڄو ڏينهن ڳولا ڪرڻ بعد رات دير سان هوٽل ۾ آيو. هو ڪنهن مناسب گهر جي ڳولا ۾ هو جيڪو گهڻي ڪوشش جي باوجود هن کي نه ملي سگهيوهو. هوٽل جي مالڪياڻي هن جي پريشاني کي سمجهي وئي، ۽ هن وڌيڪ ٻه ڪمرا خالي ڪرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو. جيڪي هڪ من موجي نوجوان ڪرائي تي وٺي ڇڏيا هئا، جيڪو مهينن جا مهينا سمنڊ ڪناري گهمندو ڦرندو ۽ قسمت سان ئي هوٽل ۾ واپس ايندو هو.
وليم ۽ سندس زال چيو: ”توهان جي تمام گهڻي مهرباني، پر اسان ڪنهن جي لاءِ به تڪليف جو سبب نٿا بنجڻ چاهيون“. نه....نه هن کي ڪا تڪليف نه ٿيندي. توهان اطمينان رکو. ”مالڪياڻي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو؛ ”اهو صاحب ٻين نوجوانن کان بلڪل مختلف آهي. هو خيالن ۾ غرق، اڪيلائي پسند ۽ غمگين قسم جو ماڻهو آهي. هو ان وقت هتي رهڻ پسند ڪندو آهي، جڏهن اتر جون تيز هوائون گهلنديون آهن ۽ سمنڊ جون ڇوليون روڊ سان ٽڪرائجي آواز پيدا ڪنديون آهن، اڄڪلهه هو سامهون واري جزيري ۾ جهوپڙي ۾ ترسيل آهي.“
وليم جا ٻار ٻچا ان ڪشادن ڪمرن ۾ منتقل ٿي ويا. هو چئن هفتن لاءِ گهمڻ ڦرڻ هتي آيا هئا. اصل ۾ زال، مڙس ۾ ذهني دوري هئي، جيڪا هو ڪنهن نه ڪنهن ريت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. وليم عام خيالن جو غيردلچسپ ماڻهو هو. پر هن جي زال ذهين عورت هئي. ٻنهي جي خيالن ۾ ڪنهن به قسم جي هڪجهڙائي نه هئي. وليم پنهنجي زال جي رومانيت پسندي کي ٻاراڻيون ڳالهيون سمجهندو هو ۽ هوءَ پنهنجي مڙس جي جذبن کي سطحي ۽ خود غرضي وارو تصور ڪندي هئي. ايلا وليم گهڻو جلد متاثر ٿيندڙ ۽ اعليٰ قسم جي شاعريءَ کي پسند ڪندي هئي. هوءَ پنهنجي مڙس جي رويي مان تڪليف محسوس ڪندي ۽ پنهنجي نازڪ احساسن ۽ رومانوي خيال کي ڏينهن جي خوابن ۽ رات جي آهن ۾ وڃائي ڇڏيندي هئي.
ايلا جو قد ننڍو، جسم مناسب ۽ نازڪ هو. هن جي ڪارين اکين ۾ حيرت انگيز چمڪ هئي، جيڪا تمام ٿورين عورتن کي نصيب ٿيندي آهي. هن جو مڙس ڊگهو ۽ هڪ عام مردن جيان هو.
نئين ڪمرن ۾ منتقل ٿيڻ کانپوءِ ايلا انهن جو غور سان جائزو وٺڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ سامهون واري ڪمري جي چونڊ ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه آرام دهه فرنيچر ۽ دز چڙهيل ڪجهه ڪتاب رکيل هئا.
”مسز هوپر ڇا مان هن جا ڪجهه ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي سگهان ٿي..؟ هن مالڪياڻي کان پڇيو.
”جي! هن وٽ تمام گهڻا ڪتاب آهن. هوسٺو ادبي ذوق رکندو آهي ۽ شاعر به آهي،.
”واقعي شاعر آهي ...مون کي خبر نه هئي“. ايلا وراڻيو. هن هڪ ڪتاب کوليو. پهرئين صفحي تي ڪتاب جي مالڪ جو نالو لکيل هو. هن حيرت سان چيو؛ ”مان ته هن نالي کان چڱي ريت واقف آهيان. رايرٽ ٽريو کي ته سٺي طرح سڃاڻان ٿي“.
ايلا جو پيءُ هڪ شاعر هو، ۽ ايلا به گذريل سال ٻن کان شاعري ڪرڻ لڳي هئي، ته جيئن کيس پنهنجي دٻيل جذبن جي اظهار لاءِ مناسب دڳ ملي وڃي. گهريلو جهيڙن جهڳڙن ۽ ٻارن جي پالنا جي ڪري هن جي جذبن ۾ ماٺار اچي وئي هئي. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي رومانيت کان مجبور ٿي شاعري ذريعي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري وٺندي هئي. هوء مرداڻي تخلص سان لکندي هئي ۽ سندس نظم ڪجهه عام رسالن ۾ پڻ ڇپيا هئا.
هڪ ڀيرو هڪ ئي موضوع تي ٽريو ۽ هن جا نظم گڏ ڇپيا، جنهن ڪري ايلا جي هن شاعر سان دلچسپي پيدا ٿي وئي، ۽ هوءَ هر وقت هن جي نظمن جي ڳولا ۾ رهندي هئي.
هن مسز هوپر کي ٻيهر ڪنهن ڪم جي بهاني گهرايو ۽ ان نوجوان شاعر جي باري ۾ ڄاڻ ورتي.
”بيگم صاحبه! مون کي يقين آهي، ته توهان هن کي ڏسندئو ته کيس ضرور پسند ڪندئو، پر هو ٿورو شرميلو آهي“. مالڪياڻي هن جو شوق وڌائڻ ۽ تجسس برقرار رکڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. هن ايلا جو ڌيان هڪ اهڙي شيءِ ڏانهن ڇڪايو، جنهن کي هن اڃا تائين نه ڏٺو هو. ان ڪمري ۾ ڀت جي مٿان لڳل هڪ ڪاغذ تي سنهن اکرن ۾ ڪجهه لکيل هو. ان جو گهڻو حصو ڊهي ويو آهي، پر توهان هن مان ڪجهه حصو پڙهي سگهو ٿيون. “مسز هوپر چيو”. ايلا مارچمل شرمائجي وئي، هن کي پاڻ کي خبر نه هئي ته ڇو..؟ هن ۾ خواهش پيدا ٿي، ته مسز هوپر جلد هتان هلي وڃي ته جيئن هوءَ اڪيلائي ۾ هن جي شاعري پڙهي سگهي، هن ۾ادبي دلچسپي جي بجاءِ ذاتي دلچسپي جا جذبا اڀري رهيا هئا.
هن ٽريو جي شاعري ايترا ڀيرا پڙهي، جو هن کي ياد ٿي وئي. هوءَ به اهڙي ئي انداز ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر ناڪام ٿي ۽ روئڻ لڳي. ايلا چاهيو ٿي ته هوءَ هن جي خيال سان اهڙو خيال ملائي جو هن ۾ جذب ٿي وڃي، پر ناڪامي هن کي شاعر اڳيان بي وس ڪري وڌو هو.
هڪ ڏينهن ٻار رابرٽ ٽريو جي ڪپڙن جي ڳنڍ ڪٿان ڪڍي آيا. پنهنجي هٿان مجبور ايلا شاعر جي برسات واري ٽوپي ۽ ڪوٽ پهري ورتو، ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي ”ڪاش! منهنجي اندر به اها قوت پيدا ٿي وڃي ۽ مان به ائين شعر چئي سگهان. هو ڪيترو نه اعليٰ دماغ وارو شخص آهي.
اهو خيال ايندي ئي هن جون اکيون ڀرجي آيون ۽ هوءَ آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسڻ لاءِ مڙي بيٺي. هن جي دل شاعر لاءِ ڌڙڪي رهي هئي, ۽ شاعر جو ڪوٽ ۽ ٽوپي پهرڻ ڪري هن جي دل ۾عاليشان خيال پيدا ٿي رهيا هئا. پنهنجي ڪمزور خيالن هن کي ساڻو ڪري وڌو هو.
ان کان پهريان جو هوءَ ڪوٽ ٽوپي لاهي رکي ڪمري جو دروازو کليو ۽ هن جو مڙس اندر داخل ٿيو.
هي ڇا ....؟
هوءَ ڇرڪجي پئي ۽ سڀ شيون لاهي ڦٽيون ڪيائين.
ان شام ايلا ٻيهر مسز هوپر کي گهرايو. لڳي رهيو هو، مالڪياڻي کي به دل ئي دل ۾شاعر سان دلچسپي هئي. هوءَ اڪثر وڏي شوق سام هن جون ڳالهيون ڪندي هئي.
سڀاڻي مسٽر ٽريو ڪجهه ڪتاب ڏسڻ اچي رهيو آهي. توهان ان سان ملي سگهي ٿي. ”مسز هوپر خوشخبري ٻڌائي“.
ايلا جي دل خوشي مان ٻهڪڻ لڳي. پر هن پنهنجي خوشي لڪائي رکي. ٻئي ڏينهن صبح هن جي مڙس چيو: ”اڄ سمنڊ ڪجهه ماٺيڻو آهي. مان توکي پاڻ سان گڏ ٻيڙي تي وٺي هلندس“.
”اهو پهريون موقعو هو جو هن کي ان ڳالهه تي ڪا خوشي نه ٿي“. هڪ پاسي هن جي مڙس جي آڇ هئي، ۽ ٻئي پاسي شاعر سان ملڻ جي آس. آس ايتري گهڻي جو ان جي اڳيان هر شيءِ بي مقصد هئي. هن پنهنجي مڙس سان وڃڻ کان انڪار ڪيو.
سڄو ڏينهن خاموشي سان گهر ۾ ويٺي رهي. ٻار ٻاهر واري ۾ کيڏڻ هليا ويا. دروازن تي ڏنل پردا هلڪي هوا لڳڻ ڪري لڏي رهيا هئا ۽ سمنڊ جون لهرون ڪناري سان آهستي آهستي ٽڪرائجي رهيون هيون.
مسٽر ٽريو منجهند جي ماني کان پهريان مسز هوپر کي هڪ چٺي موڪلي ته هو اڄ ڪتاب ڏسڻ نه اچي سگهندو. ايلا کي خبر پئي ته هوءَ ڏاڍي غمگين ٿي وئي، هن مالڪياڻي کان پڇيو. ”تون شاعر جي ڪا تصوير ڏيکاري سگهين ٿي؟“
”ها ڇو نه! آرام ڪمري ۾ آتشدان مٿان جيڪا تصوير لڳل آهي. اها ئي ته آهي“.
”نه نه“ اتي ته امير ۽ وڏن ماڻهن جون تصويرون لڳل آهن.“ ايلا چيو.
شاعر جي تصوير انهن جي پٺيان لڪايل آهي. هو جنهن وقت وڃڻ لڳو ته چيائين؛ ”منهنجي تصوير ڍڪي ڇڏجان. مان نٿو چاهيان ته ايندڙ ڪرائيدار مون کي گهوريندا رهن“.
ڇا هو خوبصورت آهي..؟ هن دل ۾ پڇيو.
”مان ته سمجهان ٿي، شايد ڪجهه ماڻهو ائين نه سمجهن“.
“ان جي عمر ڪيتري آهي..؟”
توهان کان ڪيترائي سال وڏو آهي. ”ايڪٽيهه يا ٻٽيهه سالن جو ٿيندو“. حقيقت ۾ ايلا پاڻ به ٽيهن جي ڏهاڪي ۾ هئي، پر منهن مهانڊي مان ننڍي ٿي لڳي. اڃا ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته هن کي مڙس طرفان هڪ چٺي ملي. لکيل هو دوستن سان گڏ ٻيڙي ۾ گهڻو پري هليو ويو آهيان سڀاڻي تائين واپس نه اچي سگهندس.
ايلا! ان عورتن مان نه هئي جيڪي اڪيلائيءَ جو فائدو وٺندي سمورو ڪم جلد ئي اڪلائي وٺنديون آهن. هن جي دل ۾ تصوير ڏسڻ جو خيال ته هو، پر هن ان کي رات جي وقت آرام سان ڏسڻ ٿي چاهيو. ”جڏهن هر طرف خاموشي، ميڻ بتي جي هلڪي روشني، سمنڊ جي خاموشي، ۽ ستارن جي چمڪڻ سان جا هڪ روحاني ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي“.
ٻار سمهي پيا ته هن تصوير لاٿي. امير ماڻهو جي تصوير پري ڪرڻ سان رابرٽ ٽريو جو چهرو نظر آيو. ڪيتري قدر اثر رکندڙ شخصيت آهي. وڏيون وڏيون ڪاريون اکيون، اڀريل ڀرون، ويڪري پيشاني، هن آهستي چيو؛ ”تون ئي آهين جنهن مونکي بي رحمي مان هيٺاهون ڪري ڇڏيو آهي“.
هوءَ گهڻي دير تائين ٽڪ ٻڌي تصوير کي ڏسندي رهي. اکين مان ڳوڙها وهي پيس، ۽ پوءِ هوءَ ڪنهن خيال کان ڇرڪجي پئي سوچڻ لڳي!! هوءَ ڪيتري قدر بي ضمير آهي، جو ٽن ٻارن جي ماءُ هئڻ جي باوجود هڪ اڻ ڏٺل ڌارئي مرد کي شدت سان چاهڻ لڳي آهي.
نه نه ”هو ڌاريو مرد نه آهي. هو ان جي خيالن، ۽ احساسن، سان ايترو ئي ويجهو آهي جيترو پنهنجو پاڻ سان، هن جو مڙس ان صلاحيت کان وانجهيل آهي. هو وليم جي به نسبت منهنجي ذات سان، منهنجي حقيقت سان، گهڻو وڌيڪ ويجهو آهي.“ ايلا کي خيال آيو“.
پوءِ هوءَ ڀت تي لکيل تازا شعر پڙهڻ ۾ محو ٿي وئي. ايترا سوز ڀريا، ايترا پيارا، ۽ ايترا درد ڀريا، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ انهن ۾ ان شاعر جي گرم ۽ محبت ڀريل ساهن جي خوشبو رچيل هجي. هن پنهنجا وار ڀت تي وکيري ڇڏيا.
اوچتو ڏاڪڻ تان ڪنهن جي اچڻ جو آواز آيو:
”ايلا تون ڪٿي آهين؟“
هن جو مڙس بغير توقع جي رات ئي واپس اچي ويو. هن تڪڙ ۾ تصوير وهاڻي هيٺان رکي ڇڏي ۽ پوءِ دروازو کوليو.
”معاف ڪجان ايلا“. وليم مارچمل چيو؛ ”ڇا توکي مٿي ۾ سور آهي! شايد اوچتو اچي مون توکي پريشان ڪري ڇڏيو“.
”نه منهنجي مٿي ۾ سور ناهي.“ ايلا چيو. ”تون ڪيئن اچي وئين؟“
اسان ڏٺو ته مناسب وقت تي واپس پهچي وينداسين ان ڪري واپس هليا آياسين. مونکي سڀاڻي هڪ ٻئي هنڌ به وڃڻو آهي. ائين چئي هو بستري تي سمهي پيو ۽ جلد ئي اگهور ننڊ ۾ هليو ويو. صبح سوير جاڳيو ته هن کي پاسي ۾ هيٺان ڪا شيءِ چڀندي محسوس ٿي بسترو مٿي ڪيائين ته تصوير نڪري آئي.
”مون تي خدا جي مار پوي“ هن دانهن ڪئي.
ڇو پيارا ڇا ٿيو..؟ ايلا چيو
تون جاڳي رهي آهين. ها ! ها ”ڇا ڳالهه آهي؟“
”ڪنهن بيوقوف جي تصوير آهي شايد اسان جي مالڪياڻي جو ڪو دوست آهي. عجب آهي. هيءَ هتي ڪيئن آئي؟ ٿي سگهي ٿو بسترو ٺيڪ ڪرڻ وقت آتشدان مٿان ڪري پئي هجي“.
”مان هيءَ ڪالهه ڏسي رهي هئس، ان وقت ڪري پئي هوندي“.
اڇا...!! ته هي تنهنجو دوست آهي، خدا هن کي سلامت رکي. وليم ٽوڪ واري انداز ۾ چيو.
ايلا شاعر جي توهين برداشت نه ڪري سگهي، چيائين: ”هو هڪ قابل شاعر آهي، اهو ئي جيڪو اسان کان پهريان هن ڪمرن ۾ رهندو هو، مون هن کي ڏٺو ناهي، پر هو ڏاڍو ذهين ماڻهو آهي“.
”ڏسڻ بغير ان جي تعريف جا قصيدا بيان ڪري رهي آهين؟“ مارچمل چيو
”مسز هو پر مون کي سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي“. ايلا چيو
”خير بحث ڇڏ...“ مان هلان ٿو؛ جلدي واپس ايندس، ٻارن جو خيال رکجان ڪٿي سمنڊ ۾ نه ٻڏي وڃن“.
ان ڏينهن ايلا وري مالڪياڻي کان پڇيو: ”ڇا شاعر جي اچڻ جي ڪا اميد ناهي؟ “
”هو اڄ اچي رهيو آهي، ۽ پنهنجي هڪ دوست وٽ ترسيل آهي.“ مالڪياڻي چيو.
”وليم منجهند جو جلد ئي واپس اچي ويو ۽ هو چوڻ لڳو اسان کي پروگرام مٽائي ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ ئي واپس هلڻو پوندو“.
اسان هڪ هفتو ته وڌيڪ ترسي سگهون ٿا..! ايلا چيو ”هتي ڪو مزو ناهي رهيو.“ مارچمل چيو.
”ته مون کي ۽ ٻارن کي هتي ڇڏي سگهين ٿو؟“
تون به ضد ٿي ڪرين، مون کي توهان کي وٺڻ لاءِ وري ٻيهر اچڻو پوندو ڇا ؟ وليم جواب ڏنو.
ايلا مايوس ٿي وئي، شايد ان شاعر سان هن جي ملاقات مقدر ۾ لکيل ئي نه هئي. پوءِ به هن آخري ڪوشش ڪرڻ جو پهه ڪيو. ٻئي ڏينهن صبح سوير هوءَ پتڻ تي وئي ۽ ٻيڙي ذريعي جزيري تي وڃي پهتي. پر سندس سفر بيڪار ثابت ٿيو. ايلا کي ان جهوپڙي جي خبر نه هئي جتي شاعر ترسيل هو ۽ نه ڪو ماڻهو هن جي رهبري ڪري سگهيو. هوءَ مايوس ٿي واپس هوٽل تي موٽي آئي.
ٽن ڏينهن کانپوءِ هن جي مڙس توقع جي خلاف چيو ته: ”جيڪڏهن تون پاڻ ٻارن کي وٺي واپس اچي سگهين ته مان هليو وڃان ۽ توهان هڪ هفتو وڌيڪ رهي پئو“. ايلا ته دل ۽ جان سان اهو ئي ٿي چاهيو. وليم هليو ويو.
وڌيڪ هڪ هفتو گذرڻ ۾ ڪيتري دير هئي، پر ٽريو ڪڏهن به هوٽل جو رخ نه ڪيو. آخر مارچمل جي خاندان واپسي جو سفر شروع ڪيو. گاڏي جي نرم ۽ گرم سيٽن تي اس پئجي رهي هئي، دري کان ٻاهر سمنڊ جو نيرو نظارو جلد ئي نظرن کان پري ٿي ويو. شاعر جو گهر به پوئتي رهجي ويو. ايلا! روئڻهارڪي ٿي وئي.
وليم مارچمل جي ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيو ۽ هن جو خاندان هڪ نئين ۽ ڪشادي گهر ۾ رهڻ لڳو. پر ايلا جي زندگي سڀني خوشين کان خالي هئي. هڪ ڀيري هن ڪنهن رسالي ۾ ٽريو جو تازو غزل ڏٺو. ايتري قدر متاثر ٿي جو جان ايوي جي قلمي نالي سان غزل جي جوڙ جڪ، وزن بحر، ۽ بلند خيالي، جي تعريف ۾ رسالي کي خط لکي ڇڏيائين. هن کي گهٽ اميد هئي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٽريو جو جواب به اچي ويو. ائين هڪٻئي کي پيغام پهچائڻ جي شروعات ٿي جيڪا ٻن مهينن تائين جاري رهي. ايلا اڪثر هن کي پنهنجا غزل موڪليندي هئي، جيڪي هو قبول ته ڪندو هو پر ڪڏهن به پنهنجي راءِ نه ڏنائين. ايلا کي ان سان وڌيڪ تڪليف پهتي ۽ ٽريو ان غلط فهمي ۾ مبتلا هو ته هو مرد آهي. اها صورتحال اطمينان جهڙي نه هئي.
هڪ ڏينهن ايلا هن کي مڙس کان خبر پئي ته ٽريو هن وقت ويلز ۾ هڪ مشهور اخبار جي ايڊيٽر جي گهر ترسيل آهي. ايلا جي ان ايڊيٽر سان واقفيت هئي، هن ان کي ٽريو سان گڏ گهر اچڻ جي دعوت ڏني جيڪا ايڊيٽر خوشي سان قبول ڪئي، ۽ ڏينهن به طئي ڪيو ويو.
ايلا تمام گهڻو خوش هئي ڇو ته آخر هن جي هڪ سوچ ته ڪامياب ٿي. هن جو محبوب آخرڪار اچڻ واور هو.
”ڏسو هو اسان جي ڀت جي پٺيان بيٺو آهي، ڏسو سيارو گذري ويو، برسات ختم ٿي وئي، زمين تي گل ٽڙي پيا آهن، پکين جي لاتيون لهڻ جو وقت اچي ويو آهي.“ هن جي زبان مان شعر نڪرڻ لڳا.
ٽيپهري جو پنجين وڳي هن جي دروازي جي گهنٽي وڳي. هوءَ ڊورڙي وڃي دروازي تي پهتي.
سامهون صرف ايڊيٽر بيٺو هو. هن حيرت مان پڇيو! مسٽر ٽريو ڪٿي آهي..؟ مون کي افسوس آهي. ايڊيٽر معذرت ڪندي چيو؛ ”هو عجيب ماڻهو آهي، پهريان هن اچڻ جو واعدو ڪيو پوءِ اوچتو انڪار ڪري ڇڏيائين.“
ته ڇا.....هو نه ايندو؟ هن پريشاني مان پڇيو؛ ”محترمه حقيقت اها آهي ته ٽريو اڄڪلهه غمگين اداس آهي“.
آهي ته سٺو ماڻهو پر ڪڏهن ڪڏهن عجيب ورتاءُ ڪندو آهي، تازو ئي هڪ رسالي ۾ هن تي سخت تنقيد ڪئي وئي. هو معاشري جي روين کان بيزار ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن سان به ميل جول رکڻ پسند نٿو ڪري.
”پر هتي ته هن جي لاءِ همدردي هئي.!“ ڇا هن توهان سان ڪنهن خط ملڻ جي باري ۾ ڪڏهن ڪجهه نه ٻڌايو؟ ”ايلا چيو“.
”جي ها جان ايوي جي خطن جي ڳالهه ڪندو رهندو هو شايد هو توهان جو ڪوئي عزيز آهي.“ ايڊيٽر جواب ڏنو.
ڇا هو....جان ايوي کي پسند ڪندو هو؟ هن ڪڏهن ڪجهه چيو؟ ايلا پڇيو!
”نه هو ايوي ۾ ڪا خاص دلچسپي نه رکندو هو.” ۽ نه ان جي شاعري ۾جيسيتائين مون کي خبر آهي. ايڊيٽر چيو؛
سڌو سادو ايڊيٽر ايلا جي ڳالهه ٻولهه مان بلڪل نه سمجهي سگهيو ته هوءَ صرف ٽريو سان ملاقات ڪرڻ جي خواهشمند هئي، بهرحال هن پنهنجي دعوت مان ڀرپور لطف ماڻيو.
ايڊيٽر کي موڪلائيندي ڪجهه ڏينهن گذريا هوندا ته لنڊن جي ڪنهن اخبار ۾ ايلا جي نظر ان خبر تي پئي:
”هڪ شاعر جي خودڪشي“.
”خوبصورت غزل نويس رابرٽ ٽريو مٿي ۾ فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي“. مسٽر ٽريو تازو ئي پنهنجي غزلن جو مجموعو ڇپرائي عوام جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو هو. ان مجموعي جو نالو هو، ”حسن کان اڻڄاڻ جي اڳيان“ پر ڪنهن ساڙ ڀرئي تنقيد ڪار ان تي ايتري سخت تنقيد ڪئي جو هن کان برداشت نه ٿي سگهيو، ۽ هن خودڪشي ڪري ڇڏي. ان جو سبب بيان ڪندي آخرڪار موت کان ڪجهه گهڙيون پهريان هڪ دوست کي هيٺيون خط لکيو؛
”جيڪڏهن منهنجي ماءُ، ڀيڻ يا ڪا شفيق عورت، هجي ها جنهن جي دل ۾ منهنجو خيال هجي ها، ته مان هن زندگي کي جاري رکڻ مناسب سمجهان ها. مان اهڙي نه ملندڙ هستي لاءِ سالن تائين خواب ڏسندو رهيس. اها اڻ ڄاتل ۽ دلفريب هستي منهنجي آخري شعري مجموعي کي منظر عام تي آڻڻ جو سبب بڻي صرف اها خيالي عورت!
”هن نالي جي پردي ۾ ڪا زندهه يا حقيقي هستي ناهي“.
ايلا ڪجهه دير ائين ويٺي رهي ڄڻ هن جا هوش ۽ حواس اڏامي ويا هجن، ۽ پوءِ هوءَ پلنگ تي اونڌي منهن ڪري پئي. صدمي ۽ تڪليف جي ڪري هن جي رڳ رڳ تڙپي پئي. هن جي ڏڪندڙ چپن مان ٽٽل ڦٽل لفظ نڪري رهيا هئا. ڪاش! هو صرف مونکان واقف ٿي وڃي ها..! پوءِ شايد هن جي حياتي محفوظ ٿي وڃي ها.
”پر هاڻي اهڙا سڀ امڪان ختم ٿي چڪا آهن“.
هن مسز هوپر کي خط لکيو ته جيڪڏهن هو شاعر جي تصوير ۽ ٿورا مٿي جا وار حاصل ڪري يادگار طور تي موڪلي ته سندس وڏي مهرباني ٿيندي. هن کي گهربل شيون ملي ويون ۽ اهي پنهنجي خاص صندوق ۾ حفاظت سان رکي ڇڏيندي هئي. هوءِ اڪثر اڪيلائيءَ ۾ انهن کي ڪڍي ڏسندي ۽ ڳوڙها وهائيندي رهندي هئي.
هڪ ڀيرو وڏي جذبي ۾ اچي هن ڊگهو سفر ڪيو ۽ ٽريو جي قبر تي حاضري ڀري. هن جو مڙس به هن جي پٺيان پٺيان پهچي ويو. ٻنهي هڪٻئي سان تيز ۽ تکو ڳالهايو.
”ايلا، هن ڪهڙي بيوقوفي آهي جوگهران ڀڄي نڪتي آهين..؟ ٽن ٻارن جي ماءُ ۽ چوٿين ٻار پيدا ٿيڻ جي ماءُ هڪ مئل شاعر جي پٺيان مٿو پٽيندي ٿي وتين؟
”وليم منهنجي توهين نه ڪر.....” هوءَ جواب ۾ صرف ايترو چئي سگهي. ڪيترائي مهينا گذري ويا، پر هوءَ اداس ۽ غمگين رهڻ لڳي. ان واقعي کانپوءِ ٻنهي مان ڪنهن به وري ان موضوع تي ڳالهائڻ جي همت نه ڪئي. هوءَ ڏينهون ڏينهن ڳرندي ٿي وئي. هن کي ٻار ڄمڻ جا ڏينهن ويجها ٿي رهيا هئا، پر کيس ڪا سرهائي نه هئي، ويتر سندس چهري تي اداسي ڇانيل هئي.
”مان سمجهان ٿي هن ڀيري ويم دوران مان بچي نه سگهنديس“.
”واهه ڪهڙي ٻاراڻي سوچ آهي تنهنجي“.
“مون کي يقين ٿي ويو آهي ته مان مرڻ واري آهيان. جيڪڏهن ٻارن جو خيال نه هجي ها ته ان سان مون کي يقينن راحت نصيب ٿئي ها“.
“۽ منهنجو خيال نه اٿئي.....؟”
“تون جلد ئي ڪنهن ٻي عورت کي منهنجي جڳهه پوري ڪرڻ جي لاءِ ڳولي وٺندين، هن حسرت ڀريل مسڪراهٽ سان چيو“. “۽ ان جو تو کي مڪمل حق حاصل هوندو”.
اهو خيال ڪا سٺي شروعات نه هو. مئي جي مهيني ۾ هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ستي پئي هئي، نبض جي رفتار گهٽ ٿي ويس، خون خشڪ ٿي ويس، ۽ ان ۾ ايتري به طاقت به نه هئي، جو هڪ ساهه کڻڻ کانپوءِ ٻيو ساهه کڻي سگهي.
”وليم مان توسان هڪ اعتراف ڪرڻ ٿي چاهيان. اها اسان جي هوٽل ۾ رهائش جي ڏينهن جي ڳالهه آهي. مون هڪ شاعر جي ذات ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، توڻي جو هن کي ڪڏهن به ڏسڻ جي خواهش پوري نه ٿي سگهي پر مان هن کي دل ۽ جان سان چاهيندي هئس. شايد ان ڪري جو تون ذهانت جي ان بلندين تي نه هئين جن تي هو هو“.
هوءَ وڌيڪ ڪجهه نه چئي سگهي. وليم کي به ان ڳالهه ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. پر ايلا جي موت جي ٻن سالن کان پوءِ ٻي شادي کان پهريان هڪ ڏينهن هو پراڻا ڪاغذ ساڙڻ جي ارادي سان سامان هيڏانهن هوڏانهن ڪري رهيو هو ته، لفافي ۾ ڪجهه وار نظر آيس ۽ گڏ ئي شاعر جي تصوير به.
”وليم مارچمل وڏي غور سان وارن ۽ تصوير کي ڏسندو رهيو. هن ان ٻار کي گوڏن تي کڻي ويهاريو جنهن جي پيدائش ايلا جي وفات جو سبب بڻي هئي. هو ڪڏهن ٻار جي شڪل ۽ وارن ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ ڪڏهن شاعر جي تصوير ۽ وارن ڏانهن ڏسندو رهيو“.
”قدرت جي هڪ يقين ۾ نه ايندڙ حقيقت هيٺ، ٻار جا مهانڊا ۽ شڪل شبيهه، جنهن کي ايلا ڪڏهن ڏٺو به نه هو ان سان مشابهت رکندڙ هئا“. شاعر جي چهري جي خاص سٻاجهڙي ڪيفيت ٻار جي چهري تي موجود هئي ڄڻ هڪ خيال کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ڪيو ويو هجي.
مارچ بل پاڻ تي لعنت ڪرڻ لڳو: ”مون تي خدا جي مار پوي! مان ايترو به نه سمجهي سگهيس..ته ان هوٽل ۾ ايلا مون کي وڏو ڌوڪو ڏنو هو. ٿورو مان تاريخون ته ڏسان...آگسٽ جو ٻيو هفتو، جولاءِ جو ٽيون هفتو...ها....ها هو ڇورو....... پڪ ئي پڪ منهنجو نه، پر ڪنهن ٻي جو تخم آهي....!