منجهند جو آرام
ريل گاڏي واريءَ پٿرن جي ڌڏندڙ سرنگ مان ٻاهر نڪتي ۽ ڪيلن جي اڻ کٽ ۽ پري پري تائين پکڙيل باغن مان لنگهڻ لڳي. موسم گهڻي خوشگوار نه هئي. هوا به گهٽ ٿي وئي هئي ۽ هاڻي هنن کي سمنڊ کان ايندڙ هوا جو احساس به نه ٿي ٿيو. دونهين جو هڪ ساهه منجهائيندڙ جهوٽو گاڏي جي دٻي ۾ داخل ٿيو. گاڏي جي پٽڙي سان گڏ هلندڙ ڪچي سوڙهي رستي تي ڪچن ڪيلن سان ڀريل بيل گاڏيون اچي ۽ وڃي رهيون هيون. رستي کان پري غير آباد زمين تي هيٺاهين ۽ مٿاهين تي قائم آفيسون، بجلي جي پکن واريون جايون، ڳاڙهين سرن سان ٺهيل گهر ۽ بنگلا نظر اچي رهيا هئا، جن ۾ ميزون ۽ ننڍيون ننڍيون اڇي رنگ جون ڪرسيون مٽي چڙهيل کجي جي وڻن ۽ گلاب جي ٻوٽن جي وچ ۾ اڱڻن تي پيل هيون. اڃا صبح جا يارنهن ٿيا هئا ۽ گرمي شروع نه ٿي هئي.
”سٺو آهي ته دري بند ڪر ڇڏ”، عورت چيو “تنهنجي وارن ۾ ڪاراڻ ڀرجي ويندي“.
ڇوڪري ڪوشش ڪئي، پر زنگالجي ويل در چري به نه سگهي.
گاڏي جي ٿرڊ ڪلاس دٻي ۾ صرف اهي ئي ٻه مسافر هيون. انجڻ جو دونهون لڳاتار دٻي ۾ اچي رهيو هو، ان ڪري ڇوڪري دري وٽان اٿي ۽ پنهنجو سامان، جنهن ۾ کاڌي جي سامان جي پلاسٽڪ واري ٿيلهي ۽ اخبار جي ڪاغذ ۾ ويڙهيل هڪ گلدستو هو، هن اتي ئي سيٽ تي ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ دري کان پري، پنهنجي ماءُ جي سامهون واري سيٽ تي وڃي ويٺي. ٻنهي کي غريباڻي ۽ اجڙيل پوشاڪ پهريل هئي. ڇوڪري جي عمر ٻارنهن سال هئي ۽ هوءَ پهريون ڀيرو ريل جو سفر ڪري رهي هئي. عورت ايتري پوڙهي هئي جو ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هوءَ هن جي ماءُ نه هجي. هن جي اکين ۾ جهريون پئجي چڪيون هيون ۽ هن جي ڳچي ۽ هٿن جون رڳون نظر اچي رهيون هيون. هن جو جسم نرم مختصر ۽ ڏٻرو هو. سندس پوشاڪ ڪنهن پادري جي جبي جيان هئي. هوءَ پنهنجي ريڙهه جي هڏي مضبوطي سان ڪرسي سان لڳائي ٽيڪ ڏئي بلڪل سڌي ويٺي هئي ۽ جهولي ۾ چمڪندڙ نقلي چمڙي جو هٿ وارو ٿيلهو سندس هٿ ۾ هو. ٿيلهو ڪيترن ئي هنڌان ڦاٽل هو ۽ ان کي چتيون لڳل هيون. ان جي باوجود هن جي چهري تي اهڙن متقي ماڻهن جو تاثر هو، جيڪي غربت ۽ تنگي جا هيراڪ هوندا آهن.
ٻارهين وڳي تائين گرمي تيز ٿي وئي هئي. گاڏي هڪ ويران اسٽيشن تي جتي ڪو به ڳوٺ نه هو پاڻي کڻڻ لاءِ ڪجهه دير لاءِ بيٺي. ٻاهر باغن جي پراسرار خاموشي ۾ پاڇا وڌيڪ گهاٽا لڳي رهيا هئا. گاڏي جي دٻي ۾ ڪجهه عجيب قسم جي ڌپ هئي. گاڏي گهڻو تيز نه هلي ۽ هڪ ويجهي اسٽيشن تي ٻيهر بيهي رهي جنهن جي ڀرپاسي ۾ تيز رنگ سان رنڱيل ڪاٺي مان ٺهيل گهر هئا. عورت سيٽ تي ئي ڪنڌ هيٺ ڪري آرام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ڇوڪري پنهنجو بوٽ لاٿو ۽ پوءِ غسل خاني ۾ وڃي گلدستي تي پاڻي جا ڇنڊا هڻڻ لڳي.
جڏهن هوءَ پنهنجي سيٽ تي واپس آئي ته هن جي ماءُ ماني کائڻ لاءِ هن جو انتظار ڪري رهي هئي. هن پنير جو ٽڪرو، مڪئي جي اڌ ماني ۽ هڪ بسڪيٽ ڇوڪري کي ڏنو ۽ پنهنجي لاءِ به ايترو ئي کاڌو ٿيهلي مان ڪڍيو. جنهن وقت هو ٻئي ماني کائي رهيون هيون، ته گاڏي آهستي آهستي لوهه جي هڪ پل پار ڪري رهئي هئي، جيڪو پٺين ٻن ڳوٺن جهڙو هو. صرف ايترو هو ته هن ڳوٺ جي چوڪ ۾ ماڻهن جو هڪ هجوم گڏ ٿيل هو. تيز اس ۾ هڪ سازندو ڪا سريلي ڌن وڃائي رهيو هو. ڳوٺ جي ٻئي ڇيڙي ۾ جتي باغ ختم ٿي رهيا هئا، زمين خشڪسالي جي ڪري سڪي ٺوٺ ٿي وئي هئي. عورت کاڌو ختم ڪيو.
“بوٽ پائي وٺ” هن ڇوڪريءَ کي چيو.
ڇوڪري دري کان ٻاهر ڏٺو، جتان گاڏي جي رفتار تيز ٿيڻ شروع ٿي هئي، اتي غيرآباد زمين کانسواءِ ڪجهه به نه هو. هن بسڪيٽ جو ٽڪرو ٿيلهي ۾ وڌو ۽ جلدي ۾ بوٽ پائي ورتو. عورت هن جي هٿن ۾ ڦڻي ڏئي کيس چيو، ”پنهنجا وار به سنواري ڇڏ“.
جنهن وقت ڇوڪري وارن ۾ ڦڻي ڏئي رهي هئي، ان وقت گاڏي سيٽي وڄائڻ شروع ڪئي. عورت پنهنجي منهن تان پگهر اگهيو ۽ هٿن سان پنهنجي منهن کي صاف ڪرڻ لڳي. جڏهن ڇوڪري وار سنواريا ته گاڏي هڪ ڳوٺ جي ڀرسان لنگهي رهي هئي اهو ڳوٺ ٻين ڳوٺن کان وڏو هو، پر اهو سڀني کان اداس به نظر اچي رهيو هو.
”جيڪڏهن توکي اڃا ڪجهه ٻيو ڪرڻو آهي، ته ڪري وٺ، پوءِ توکي اڃ لڳي يا دم نڪري، پر ڪنهن جي به گهر پاڻي جو ڍڪ به ناهي پيئڻو ۽ ياد رک روئجان نه.“ عورت، ڇوڪريءَ کي چيو: خشڪ ۽ گرم هوا جو جهوٽو، گاڏي جي سيٽي ۽ پراڻن گاڏن جي کڙڪن ۽ ڌڏڪن سان گڏ گاڏي جي دٻي اندر داخل ٿيو. عورت کاڌي جي شين کي پلاسٽڪ جي ٿيهلي ۾ ويڙهي پنهنجي ٿيهلي ۾ رکي ڇڏيو.
هڪ گهڙي جي لاءِ ڳوٺ جو مڪمل منظر، آگسٽ جي هن روشن اڱاري جي ڏينهن دري جي شيشي مان اجاگر ٿيو. ڇوڪري گلدستي کي اخبار جي آلن ڪاغذن ۾ ويڙهيو ۽ دري کان ٿورو پري بيهي پنهنجي ماءُ کي ٽڪ ٻڌي ڏسڻ لڳي. ماءَ موٽ ۾ مسڪرايو. گاڏي سيٽي وڄائي، آهستي ٿي ۽ ٿوري دير ۾ بيهي رهي.
اسٽيشن تي ڪوئي نه هو. روڊ جي ٻئي پاسي بادامين جي وڻن جي ڇانو ۾ صرف بليئرڊ هال کليل هو. سڄو ڳوٺ گرمي ۾ ورتل هو. گاڏي تان لهي هنن ويران اسٽيشن کي پار ڪيو. اسٽيشن جي ٽائل جي وٿين ۾ گاهه ڦٽڻ ڪري ٽائلز هنڌان هنڌان اکڙيون پيون هيون. هو ٻئي روڊ جي ڇانو واري پاسي هلڻ لڳيون.
ان وقت تقريباَ ٻي وڳي جو وقت هو ۽ هلڪي ننڊ جي ٻوجهه جي ڪري سڄو ڳوٺ منجهند جو آرام ڪري رهيو هو. دڪان، آفيسون، اسڪول سڀ يارهين وڳي بند ٿي ويندا هئا ۽ چئين وڳي کان پهريان جڏهن ريل گاڏي واپس ويندي هئي، تيستائين نه کلندا هئا. صرف اسٽيشن جو سامهون وارو هوٽل، بليئرڊ هال ۽ شراب خاني سميت چوڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ قائم تار گهر منجهند تائين کليل رهندا هئا. ڳوٺ جا گهر، جن مان گهڻا تڻا هڪ ڪمپني جي ماڊل مطابق هڪ ئي طريقي سان ٺهيل هئا اندران بند هئا ۽ انهن کي پردا ڏنل هئا. انهن مان ڪجهه گهرن ۾ ايتري گرمي هئي جو گهر واسي ٻاهر اڱڻ ۾ ويهي منجهند جي ماني کائيندا هئا. ٻيا ماڻهو پنهنجيون ڪرسيون بادامين جي وڻن جي ڇانو ۾ ڀت سان لڳائي روڊ تي آسيس وٺندا هئا.
بادامين جي وڻن جي ڇانو ۾ هلندي هلندي ۽ ماڻهن جي آرام ۾ خلل وجهڻ بغير بنا عورت ۽ ڇوڪري ڳوٺ ۾ داخل ٿيون. اهي سڌيون پادري جي گهر ويون. عورت دروازو کڙڪايو ۽ ٿوري دير انتظار ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر دروازو کڙڪايو. اندر بجلي جو پکو گهون گهون ڪري رهيو هو ۽ ماءُ ڌيءَ اندران ايندڙ جي پيرن جو آواز به نه ٻڌي سگهيون. هنن مشڪل سان دروازي جي هلڪي چيڪاٽ ۽ ان کان پوءِ محتاط آواز ٻڌو.
”ڪير آهي؟“
عورت دروازي جي اندر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي.
”مون کي پادري سان ملڻو آهي“ هن چيو.
”هو آرام ڪري رهيا آهن“.
”اسان کي انتهائي ضروري ڪم آهي“ عورت جي آواز ۾ نماڻائي به هئي ته پختو عزم هو. دوازو آهستي کليو ۽ اندران وڏي عمر جي هڪ عورت ٻاهر آئي جنهن جي چهري جو رنگ پيلو ۽ مٿي جا وار سنهري رنگ جا هئا. ٿلهن شيشن واري عينڪ جي پٺيان هن جون اکيون ڏاڍيون ننڍيون لڳي رهيون هيون.
”اندر اچو“. هن سڄو دروازو کوليو.
هو ڪمري جي اندر داخل ٿيون. اندر پراڻن گلن جي خوشبو وکريل هئي.
اها عورت هنن کي ڪاٺي جي هڪ بئينچ ڏانهن وٺي وئي ۽ ويهڻ جو اشارو ڪيو. ڇوڪري نه ويهي رهي، پر ماءُ ٻنهي هٿن ۾ ٿيلهو جهليو بيٺي رهي. بجلي جي پکي جو آواز ايترو وڏو هو جو گهر جي اندر ٻيو ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نٿي آيو.
ڪمري جي ٻئي پاسي دروازي ۾ ان گهر واري عورت ٻيهر ظاهر ٿي.
”هو چون پيا ته ٽي وڳي کانپوءِ اچجو. اڃا هاڻي پنج منٽ پهريان ئي ستا آهن.“ هن دٻيل آواز ۾ چيو.
”گاڏي ساڍي ٽين وڳي واپس هلي ويندي آهي“ عورت چيو
اهو جواب مختصر هو، پر يقين ۽ خود اعتمادي سان ڏنو ويو هو. ۽ جواب ڏيندي وقت عورت جو لهجو خوشگوار ۽ هيٺاهين وارو هو. گهر واري عورت پهريون ڀيرو مسڪرايو.
”ٺيڪ آهي.“ هن چيو.
جڏهن ڪمري جي ٻئي پاسي دروازو بند ٿيو ته عورت پنهنجي ڌيءُ جي ويجهو ويهي رهي. انتظار جو سوڙهو غريباڻو ڪمرو هو.
ڪاٺي جي هڪ ڪٽهڙي ڪمري کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. ڪٽهڙي جي ٻئي پاسي هڪ سادي ميز رکيل هئي، جنهن تي ميز پوش جي مٿان هڪ قديم قسم جو ٽائپ رائٽر گلدان جي ڀرسان رکيل هو. ٿورو پري مسيحي حلقي جا سڀ ڪاغذ پٽ رکيل هئا. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن اڻ پرڻيل عورت هن آفيس جو انتظام سنڀالي رکيو هجي.
سامهون وارو دروازو کليو ۽ پادري پنهنجي عينڪ جا شيشا رومال سان صاف ڪندو اندر داخل ٿيو. عينڪ پائيندي ئي هن جي شڪل مان لڳو ته دروازو کوليندڙ عورت هن جي ڀيڻ هئي. ”مان توهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟“ هن پڇيو
”قبرستان جون چاٻيون!“ عورت جواب ڏنو
ڇوڪري جهولي ۾ گلدستو سنڀاليو ويٺي هئي ۽ بينچ جي هيٺان پنهنجي پيرن کي هڪ ٻئي مٿان چاڙهي ويٺي هئي. پادري ان طرف ۽ پوءِ دري جي لوهين سيخن مان روشن ۽ ڪڪرن کان خالي آسمان کي ڏسي چيو:
هن گرمي ۾ ؟ سج لهڻ جو انتظار ڪريو ها.
عورت آهستگي سان ڪنڌ لوڏيو. پادري ڪٽهڙي جي ٻئي پاسي هليو ويو. اتان الماري مان هن هڪ ڪاپي. ڪاٺي جو قلمدان ۽ مس ڪپڙي ڪڍي ۽ ميز جي ويجهو ڪرسي تي ويهي رهيو. هن جي هٿن جي پٺين تي ايترا وار هئا ڄڻ سندس مٿي جي وارن جو پورائو ڪري رهيا هجن.
ڪنهن جي قبر تي وڃڻ چاهين ٿي؟ پادري پڇيو: ”ڪارلوس سانتينو“ عورت جواب ڏنو.
اهو چور جيڪو پٺئين هفتي هتي ماريو ويو. عورت اهڙي ئي لهجي ۾ جواب ڏنو؛ مان هن جي ماءَ آهيان .
پادري غور سان عورت جو جائزو ورتو. عورت نظرون ڄمائي پر سڪون اعتماد سان هن کي ڏسندي رهي ايتري قدر جو پادري ڇرڪجي ويو. هن پنهنجو ڪنڌ جهڪايو ۽ لکڻ لڳو.
پنو ڀريندي هن عورت کي چيو پنهنجي سڃاڻپ ڪراءِ.
بنا ڪنهن رک رکاء جي عورت وضاحت ۽ تفصيل سان ڳالهه ڪئي ڄڻ ڪا لکيل تحرير پڙهي رهي هجي. پادري جو پگهر وهڻ شروع ٿي ويو. ڇوڪري پنهنجي کاٻي بوٽ جو ڪهيون کوليون ۽ پوءِ ساڄي بوٽ جون ڪهيون کولي پير ٻاهر ڪڍي بينچ جي هيٺان لڳل ڪاٺي تي رکي ڇڏيا.
هن واقعو گذريل هفتي سومر جي ڏينهن صبح جي وقت هتان کان ڪجهه گهٽيون پر ڀرو ٿيو. بيواهه ربيڪا جيڪا عجيب قسم جي شين سان ڀريل گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي. ان ڏينهن برسات جي آواز کان وڌيڪ ڪنهن دروازي کلڻ جو آواز ٻڌائين. هوءَ اٿي ۽ الماري مان هڪ پراڻو ريوالور ڪڍي آئي ريوالور کڻي هوءَ گهر جون بتيون ٻارڻ بغير مهمانن جي ڪمري ۾ اچي وئي. ان جو اهو رد عمل دروازي جي تالي جي کولجڻ جي آواز سبب کان گهٽ ۽ ان خوف جي ڪري وڌيڪ هو جيڪو اٺاويهه سالن جي اڪيلائي هن جي دل ۾ پيدا ڪيو هو. هن پنهنجي ذهن ۾ نه صرف دروازي جي جاءِ بلڪه نالي جي زمين کان مٿي هئڻ جو به حساب لڳايو ۽ ٻنهي هٿن سان ريوالور پڪڙي اکيون بند ڪري فائر ڪيو. هن زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪو هٿيار هلايو هو. ڌماڪي کان جلد پوءِ هن کي جست جي ڇت تي برسات جي ڦڙ ڦڙ کانسواءِ ڪوئي آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. پوءِ ان کي ٻاهر اڱڻ جي سيمينٽ واري فرش تي ڪنهن ڳري شيءِ جي ڪرڻ جو آواز آيو ۽ ”ڪنهن آهستگي سان، تلخي کان بغير پر سخت ٿڪيل لهجي ۾ هاڻي امان“ جا لفظ چيا. جيڪو شخص ان صبح ربيڪا جي گهر جي ٻاهر مئل مليو ان کي فلالين جي رنگين قميص پهريل هئي هن جي شلوار روزانو واري هئي ۽ هو اگهاڙين پيرين هو. ڳوٺ ۾ هن کي ڪو به نه سڃاڻيندو هو. ”ان جو نالو ڪارلوس سانتينو هو؟ پادري لکڻ جو ڪم ختم ڪندي چيو.“
”سينتينيو نويالا“ عورت چيو هو منهنجو سڪيلڌو پٽ هو پادري ٻيهر الماري طرف هليو ويو الماري جي دروازي اندر ٻه زنگ لڳل وڏيون ڪنجيون لڙڪيل هيون. ڇوڪري سوچيو، جيئن هن جي ماءُ پنهنجي ننڍپڻ ۾ سوچيو هو، ۽ جيئن پادري به ڪنهن نه ڪنهن وقت سوچيو هوندو، ته اهي حضرت پطرس جون ڪنجيون آهن. پادري ڪنجين کي ڪوڪي مان لاٿو. ڪٽهڙي تي رکيل کليل ڪاپي جي صفحي تي رکي پنهنجي شهادت واري آڱر سان صفحي تي هڪ هنڌ اشارو ڪيو ۽ عورت کي چيو:
”هتي صحيح ڪر“.
عورت ٿيلهو ڪڇ ۾ جهلي پنهنجو نالو ان هنڌ گهلي لکڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڇوڪري گلدستو هٿ ۾ کنيو ۽ پير گهليندي ڪٽهڙي وٽ اچي ماءُ کي غور سان ڏسڻ لڳي.
پادري آهه ڀري،
”تو ڪڏهن هن کي سڌي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي؟“ عورت صحيح ختم ڪرڻ کانپوءِ پادري کي جواب ڏنو:
”هو ڏاڍو سٺو ماڻهو هو.“
پادري پهريان عورت ۽ پوءِ ڇوڪري ڏانهن ڏٺو گهڻي غور کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته ماءُ ۽ ڌي ٻنهي مان ڪنهن جو به ڳوڙها وهائڻ جو ارادو ناهي. عورت ان ئي انداز ۾ ڳالهه جاري رکي:
”مون هن کي چيو هو ته جيڪا شيءَ ڪنهن جي کائڻ جي هجي ته اها چوري نه ڪري ۽ هن هميشه منهنجو چيو مڃيو. ان جي بر خلاف ”پهريان“ جڏهن هو مڪي بازي ڪندو هو ۽ مار کائي کائي بي حال ٿيڻ جي ڪري ٽي ٽي ڏينهن بستري تي گذاريندو هو. ۽ هن کي پنهنجا ڏند به ته ڪڍرائڻا پيا هئا”. ڇوڪري ڳالهه ۾ واڌارو ڪندي چيو.
“ها” عورت اتفاق ڪيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي هر گرهه ۾ ان مار جو ذائقو هوندو هو، جيڪا منهنجي پٽ ڇنڇر جي راتين ۾ کاڌي هئي.“
”خدا جي مرضي کي ڪير ڄاڻي سگهي ٿو!“ پادري چيو پر اهو هن بغير يقين جي چيو هو، ڪجهه ته ان جي ڪري جو زندگي جي تجربي هن کي ٿورو شڪ ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ ڪجهه گرمي به وڌيڪ هئي. هن انهن کي مشورو ڏنو ته سرسام کان بچڻ جي لاءِ پنهنجا مٿا ڍڪي ٻاهر وڃن. اوٻاسيون ڏيندي ۽ ننڊ اکڙي انداز ۾ هن انهن کي ڪارلوس جي قبر تائين پهچڻ جو رستو سمجهايو ۽ چيو ته ڪنجيون موٽائڻ لاءِ واپسي ۾ انهن کي دروازو کڙڪائڻ جي ضرورت ناهي، ٻاهرئين دروازي جي هيٺان ڪنجيون رکي ڇڏين ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته گرجا جي لاءِ نذر نياز به اتي ئي ڇڏي وڃن. عورت وڏي ڌيان سان پادري جي ڳالهين کي ٻڌو، پر شڪريو ادا ڪرڻ وقت ان جي چهري تي ڪا به مسڪراهٽ نه هئي.
روڊ وارو دروازو کولڻ کان پهريائين پادري ڄاڻي ورتو ته ڪوئي شخص لوهي جهنگلي سان نڪ لڳائي گهر جي اندر ليئا پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٻاهر ڪيترائي ٻار جمع ٿي ويا هئا. جڏهن دروازو کليو ته هو سڀ هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويا. عام طور منجهد جي هن وقت روڊ تي ڪو به نه هوندو هو. اڄ اتي نه صرف ٻار هئا بلڪه بادامين جي وڻن جي هيٺان وڏن جا ٽولا به موجود هئا. پادري گرمي ۾ تپندڙ روڊ جو جائزو ورتو ۽ سڄي ڳالهه هن جي سمجهه ۾ اچي وئي.
هن آهستگي سان دروازو بند ڪري ڇڏيو.
”هڪ منٽ بيهو“ هن عورت ڏانهن ڏسڻ بغير ان کي چيو پادري جي ڀيڻ پرئين دروازي مان ظاهر ٿي. هن کي سمهڻ جي پوشاڪ مٿان ڪاري جيڪٽ پهريل هئي ۽ وار ڪلهن تي کليل هئس.
”ڇا ڳالهه آهي؟“ پادري ان کان پڇيو.
”ماڻهن کي خبر پئجي وئي آهي.“ هن جي ڀيڻ سرگوشي واري انداز سان چيو“
”بهتر اهو ٿيندو توهان پٺيئن دروازي کان ٻاهر وڃو.“ پادري چيو.
”اتي به اهو ئي حال آهي.“ پادري جي ڀيڻ چيو.
”سڀ ماڻهو درين مان ليئا پائي رهيا آهن.“
ان وقت تائين ڳالهه عورت جي سمجهه ۾ نه آئي هئي. ان لوهي جهنگلي کان ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. تڏهن هن ڇوڪري جي هٿ مان گلدستو ورتو ۽ دروازي ڏانهن وڌي. ڇوڪري به هن جي پٺيان هلڻ لڳي.
”سج لهڻ تائين ترسي پئو.“ پادري مشورو ڏنو.
”تون پگهرجي ويندين.“ پادري جي ڀيڻ چيو، جيڪا ڪمري ۾ چپ چاپ بيٺي هئي.
”ترسو مان توهان کي پنهنجي ڇٽي آڻي ٿي ڏيان.“
”نه، مهرباني.“ عورت جواب ڏنو.“ اسان ائين ئي ٺيڪ آهيون.“
هن ڇوڪري کي هٿ کان ورتو ۽ دروازو ٽپي روڊ ڏانهن نڪري وئي.