مُهاڳ : ڪوڙهيل سماج جي ڊائري
عرفان جي پيدائش کان چوٿائي صدي اڳ، مون پنهنجي ڳوٺ ۾ ملن جي پاڙي ۾ جهڙي طرح پنهنجو ننڍڙپڻ گذريو، عرفان جو تجربو ان کان بنھ مختلف ۽ اذيتناڪ رهيو آهي مون ڳوٺ ۾ عورتن توڙي مردن کي وتائي فقير جي سيڪيولر لطيفن تي کلندي، ڀٽائي ۽ سچل جي شاعري تي جهومندي، ورهاگي ۾ لڏي ويل هندن جي ياد ۾ روئندي ڏٺو ۽ محرم مهيني ۾ شربت جون بالٽيون شيعن جي جلوسن کي پيارڻ وارن سُني ٻارن کي ۽ مردن کي ڏٺو. ته پوءِ ڇا اسان جو سماج اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ڌڪجندو ويو آهي؟! اهو سوال مون کان ڳوٺ توڻي شهر ۾ نوجواني واري دور ۾ ڪنهن به نه ڪيو ته مون روزو ڇو رکيو آهي؟ پر منهنجي ڌيءَ سونهن، جيڪا لنڊن جي هڪ دڪان تي ڪجھ وقت لاءِ نوڪري ڪري رهي هئي، ان کان پاڪستان مسلمان تنبيھ واري انداز ۾ اَچي، اهو سوال ڪيو ته ”تو روزو ڇو نه رکيو آهي“.
سويت يونين ٽثڻ، افغان، مهاجرن جي لوڌ پاڪستان ۾ اَچڻ ۽ پاڪستان ۾ طويل مارشل لا جي دور، خاص طور ضياءُالحق جي دور ۾ مذهبي انتها پرستي زور وٺڻ ۽ آمريڪا ۾ يارهن سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ دنيا ۾ مسلمانن لاءِ ڌڪار ۽ موٽ ۾ مسلمانن جي انتها پرستي اڃا وڌيڪ وڌڻ ۽ ويجھڻ سبب، صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم ديني مدرسن، نوجوانن کي دولا جا ڪوئا بڻائي ڇڏيو آهي. عرفان معصوم دل ننڍپڻ ۾ ئي مذهب جي ان هٿ ٺوڪي فريم کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڏوھ ۾ کيس ماستر مارون به مليون، پر جسم تي وسندڙ ڪابه لَٺِ هن جي اندر ۾ پلجندڙ مزاحمت کي مارڻ ۽ چپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. سندس چوڌاري وارين حالتن
کيس ويتر ڪاوڙائي وڌو.
عرفان جنهن علائقي سان تعلق رکي ٿو، اتي مذهبي جنونيت جون پاڙون گهاٽيون آهن. ڪنور ڀڳت جهڙي سريلي ۽ نيڪ دل انسان کي انهي علائقي ۾ شهيد ڪيو ويو. رينڪل ڪماري کي زوري مسلمان بڻائڻ جو واقعو به ان علائقي ۾ پيش آيو. عورتن کي ڪاري ڪري. بنا غسل ۽ ڪفن جي ويران علائقي جي بنجر زمين ۾ پورڻ. جن کي هاڻ اسين مذاهمتي عورتن جي آخري آرام گاھ چئون ٿا. اهڙا قبرستان به ان علائقي ۾ آهن. عرفان جي شهر ڀرسان. جتان سنڌو درياھ گذري ٿو ته اهو اهڙين ڪارين (مزاحمتي) عورتن جي رت سان ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو
ان جاءِ تي مزاحمتي عورتن جا لاش ترندا نظر اچن ٿا عرفان اهو سڀ ڪجھ ننڍپڻ کان ڏسندو، ٻڌندو ۽ پڙهندو رهيو. هڪ احساس انسان آخر ڪيستائين چپ رهي سگهي ٿو؟ هو چپ رهي نه سڳهيو. هن انهي ڏاڍ، ڏمر ۽ جنونيت کي نيٺ اوڳاڇڻ شروع ڪيو ۽ اهي لفظ سندن نظم بڻجي ويا.
خيرالنساءِ جعفري هڪ هنڌ لکي ٿي ته ”جڏهن ڌرتي خزان ڇانيل هوندي آهي ته ادب تي بهار ايندي آهي“ سو اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادب هر دور ۾ سگهارو رهيو آهي. هر دور جي تاريخ، ادب جو حصو بڻجندي رهي آهي. اديب پنهنجي آس پاس جي حالتن کان شتر مرغ وانگر نظرون نه ڦرائي سگهيو آهي. اسان جي ڌرتي تي جيڪي به سانحا ٿيا آهن، انهن جو اولڙو به ادب ۾ نظر اچي ٿو. ملڪ جو ويرهاگو. ون يونٽ خلاف مزاحمت، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي کي درجو ڏيڻ لاءِ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ٿيڻ ۽ ان جو رد ٿيڻ، ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو، هر دور ۾ لکيل مزاحمتي ادب جي اهميت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ليڪن ان ۾ ٺهلي نعري بازي به رهي آهي ته شاهڪار ادب به تخليق ٿيندو رهيو آهي. وقت جي ڇاڻي ۾ ڇڻجندي، صرف اهي لکڻيون تاريخ جي پنن ۾ حياتي ماڻي سگهنديون آهن، جن ۾
گهرائي ۽ آرٽ موجود هوندو آهي.
ڪميونسٽ تحريڪ به اسان جي خوابن جو حصو رهي آهي. مذهب جي ڄار مان نڪرڻ، طبقاتي اڻ برابري کي ختم ڪري، روشن خيالي جي واٽ اختيار ڪرڻ زندگي جو مقصد رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو قيام به ترقي پسند ماڻهن جي هٿان ٿيو. اَسي واري ڏاهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت تي اهو رنگ نهايت چٽو هو. ايستائين جو ان ۾ به ڪٽرپڻي جا ڇنڊا ڪِرندي محسوس ٿيڻ لڳا هئا. اهڙن لکڻين کي مڃتا وڌيڪ ملي رهي هئي. جيڪي خاص نظريي جي پيروي ڪندڙ هجن. ايستائين جو نوجوانن جي لکڻين ۾ رومانس آهي محبت جي جزبي کي به دٻيل لفظن ۾ پاسيرو ڪيو ٿي ويو. عورتن جي جدوجهد، جيڪا جنسي اڻبرابي خلاف مزاحمت آهي، ان کي به اهو چئي پاسيرو ڪيو ويو ٿي ته جڏهن اسان سماج ۾ انقلاب ايندو، طبقاتي نظام ختم ٿيندو ته عورتن کي آزادي خودبخود ملي ويندي ۽ رومانس جو ادب تخليق ڪرڻ جو سازگار وقت به اهو ئي هوندو. لينن ۽ ڪارل مارڪس جا سڀ ڪتاب نوجوانن کي رٽيل هئا. بس ائين لڳندو هو ته انقلاب آيو ڪي آيو. پر پوءِ سويت يونين جي ٽُتي پوڻ، ان خواب کي به ايئن ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ ٽٽل آئينو هجي. جنهن جي ذرن کي ٻيهر جوڙڻڻ نه ممڪن هجي. اهو دور ڇا ختم ٿيو، ڄڻ ته اهو اسان جو خواب ئي نه رهيو هجي. ان سان ڪو تعلق ئي نه رهيو هجي. اسان جي نوجوانن جو آئيڊيل ڪامريڊن، ڏاڙهيون رکي، پاڻ کي صوفي چوائڻ شروع ڪيو ۽ وقت جي باغي شاعرن اقوالِ زرين لکڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ مذهب تي ڳالهائڻ، ان تي سوال ڪرڻ، بحث ڪرڻ به هر ڪنهن ڇڏي ڏنو جهڙوڪر مذهب کي چئيلينج ڪرڻ هڪ فيشن هو، جيڪو هاڻي آوٽ آف ڊيٽ يا مدي خارج ٿي چڪو هجي. پنجويهن سالن کانپوءِ منهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ به مختلف فرقن جون الڳ الڳ مسجدون ٺهي ويون. ڀتين تي ديني مدرسن ۾ مفت تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اشتهار لڳا پيا هئا.
عرفان لنڊ جي شاعري دراصل اسان جي اڄ جي سماج جي ڊائري آهي. هاڻي جڏهن اهو موضوع فيشن ۾ به نه رهيو آهي ته عرفان ان کي پنهنجو موضوع بڻايو آهي. سندس شاعري ۾ توڻي جو تخليقي صلاحيتن جي ردم جي ڪٿي ڪٿي کوٽ محسوس به ٿئي ٿي پر سندس لفظن ۾جيڪو جوش جذبو، ڪاوڙ ۽ ڀرپور مذاحمت آهي، ان کي نظر انداز ڪرڻ ممڪن ڪونهي. هو مذهبي جنونيت کي ايترن صاف لفظن ۾ نندي ٿو، جو هو آساني سان چمڙن جي ڄار ۾ ڦاسي سگهي ٿو. پر هن کي ته اهو سڀ ڪجھ چوڻو ئي هو، سو هن چئي ڏنو آهي. کوھ جا اهي ڏيڏر، جن جي ڪائنات سندن کوھ آهي، انهن جي زندگي تي رحم کائيندي، کين صلاح ڏئي ٿو ته:
پنهنجي حُجري ٻاهران،
نئي آزاد دنيا جي گيت ڳائيندڙ
معصوم ٻارن سان رلي ملي
پنهنجن پراڻن هڏن، خيالن ۽ جسم کي
ڪلر ۾ ڳارڻ بجائي
ري سائيڪل ٿيئڻ لاءِ ڇڏي ڏي
(نظم ”پوڙها پوڄاري“)
عرفان وري وري اُن ٻوسٽ واري ڪيفيت کي ورجايو آهي هر انسان پيدا ٿيندي ئي بنا مرضي جي، خاندان جي ان فريم ۾ قيد ڪيو ويندو آهي. پر عرفان پنهنجي ان فريم کي ٽوڙي، ٻاهر نڪري چڪو آهي. هن کي جيڪي چوڻو آهي ۽ لکڻو آهي، سو ته هو ڪندو. اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون/ مرد جن کي سازش جي ڄار ۾ ويڙهي يا سندن مجبورين جو سودو ڪري، مسلمان بڻايو ويو آهي. هو چئي ٿو ته:
تون ڪنهن کي ڪلمو پڙهائي،
مسلمان ته ڪري سگهين ٿو،
پر ڇا تون پاڻ،
مسلمان ۽ انسان آهين؟
(نظم ”ڪافر“)
نظم ”آڌر ڀاءُ“ ۾ چئي ٿو ته:
تنهنجي مهانگي مسجد کان ته
اهو ميخانو چڳو،
جنهن ۾ هر ڪنهن جو آڌر ڀاءُ ٿئي ٿو.
پنهنجي فرقي وارن کانسواءِ
ٻئي ڪنهن کي اَچڻ به نه ٿو ڏئين
مذهبي ٺيڪيدار هميشه کان آرٽ جا دشمن رهيا آهن، انهن لاءِ چئي ٿو ته:
مونکي کِل اَچي ٿي ته
تون فطر تي سونهن جي تعريف کي شرڪ سڏين ٿو.
عرفان جي سوشلسٽ سوچ سندس شاعري ۾ جهلڪي ٿي.
ڏک، قسمت نه پر
غلامي جو مليل تحفو آهن
پنهنجي بيوسي
۽ مظلوميت جي صدا بلند ڪري
ڪيتري تائين پنهنجي زندگي پِنندو رهان؟
ڪيڏو نه ڪڙو سچ آهي!؟ عرفان جي انهن سِٽن ۾.....
جي اسان پنهنجي زندگي کي انگي حساب جي حساب وانگر ونڊ ڪري ڏسون ته خوشيون، سڪون، امن، محبت، خواهشون سڀ ڪاٽا ٿيندي ٿيندي، پاڇي ۾ فقط غربت بچي ٿي. اها غربت اسانکي ورثي ۾ ملي آهي جو اسان معاشي غلام ملڪ جا رهواسي آهيون. نظم. ”اسان جي مسلماني“ ۾ چئي ٿو ته:
ماڻهو ذبع ڪرڻ لاءِ
بِسم الله، الله اڪبر جي پابندي به نه آهي
بيوسن مٿان فتويٰ جاري ڪرڻ لاءِ
ڪنز قدوري، قافيه جا پنا اٿلائڻ ضروري نه آهن......
هڪڙي ٻئي نظم ۾ هو چئي ٿو ته:
........ اسان وٽ گونگو ٿي جيئڻ،
پرهيز گاري جي اعليٰ منزل سڏبي آهي..........
عرفان پنهنجي نظم ”انڌن ذهنن جي بازار“ ۾ خوبصورت تشبيهن سان مضبوط خيال جو اظهار هيئن ڪري ٿو ته:
گناهن ۾ اها لذت نه رهي آهي
۽ ثواب به هاڻي
مدي خارج دوائن وانگي
صرف به خبر مريض کي وڪرو ڪري سگهجن ٿا.
اڳتي ان ساڳئي نظم ۾ چئي ٿو ته:
زندگي کي خوف ۾ ويڙهي،
هدايت جا هوڪا ڏيندڙو!
انڌن ذهنن جي بازار ۾
اسان جو عقل ۽ شعور
وڪري لاءِ دستياب نه آهي.
عرفان خدا جي هئڻ يا هن هئڻ بابت فلسفي کي نهايت سادگي سان بيان ڪيو آهي.
خدا آهي، خدا نه آهي،
ڇو آهي؟ ڇو نه آهي؟
ڇا اهي موضوع اڃا به بحث طلب آهن؟
جتي جبلتون انسان لاءِ وڏو مسئلو هجن،
اُتي خدا جي هجڻ
يا نه هجڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟
انهن موضوع تي عرفان جا اڃا به اهڙا ڪيترائي نظم آهن، جيڪي مون نشان لڳائي رکيا هئا ۽ انهن تي ڳالهائڻ هو، پر مضمون طويل ٿيڻ جي خوف کان انهن کي اتي ڇڏي، سندس شاعري ۾ آيل ٻين موضوعن کي بحث ۾ آڻجي ٿو.
عرفان بنيادي طرح سان انسانيت جي خوبي جو حامي ۽ عاشق آهي. اِنڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي هو سخت ڪاوڙ ۽ غم جو اظهار ڪري ٿو.
هو سماج پاران پيدا ڪيل ڪنهن به متڀيد کي نه ٿو مڃي، سندس شاعري ۾ نسلي، طبقاتي ۽ جنسي متڀيد خلاف مزاحمت آهي، پر ڪٿي ڪٿي اهو آواز پروپيگنڊا جي دائري ۾ داخل ٿيندي به محسوس ٿئي ٿو، جنهن سبب شاعري جي حساس صنف تي واڌو بار به محسوس ٿئي ٿو. ”آءُ ٿڪيان ٿو“ جهڙا لفظ هضم ڪرڻ مشڪل ٿا لڳن، پر اهو شديد رد عمل آهي. اسان جي نوجوان نسل جو.
عرفان جنسي متڀيد خلاف عورتن جي تڪليفن ۽ عذابن بابت به اهڙي ئي شديد ردِعمل جو اظهار ڪيو آهي. قوم جي خدمت لاءِ هو رات ميدان تي کُنڀين وانگر ڦٽندڙ اين جي اوز جي ميڪنيڪل ۽ بي حسي واري انداز بابت عرفان سچائي کي نهايت تلخي سان بيان ڪيو آهي خاص طرح تازو آيل برساتي ٻوڏ جي هاڃيڪار صورتحال ۽ ان ۾ اين جي اوز جو ڌنڌو هلي پوڻ بابت اصلي صورتحال هن نظم ۾ بيان ڪري ٿو:
خدا جي رحمت،
ماڻهن کي مصروف ڪري ڇڏيو آهي
برسات ۾ لڙهي ويل ڪچن گهرن جا فوٽو
وارن لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويا آهنNGOs
غريبن پنهنجي درد جي ڳوٿرين جا منهن
نام نهاد سوشل ورڪرن آڏو
خيرات جي آسري،
بي ڌڙڪ کولي ڇڏيا آهن،
درد وندن جي ديس ۾
هاڻي مجبوريون ۽ عذاب به ڪيش ڪرائي سگهجن ٿا.
ان موضوع تي عرفان جو هڪ ٻيو نظم ” پروجيڪٽ پروپوزل“ به ڀرپور نظم آهي. هڪ ٻئي نظم ”رحمت، درد ۽ دوا“ ۾ بوڏ جي هاڃيڪار صورتحال ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين، بي آسرا ماڻهن جي خدا کي ٻاڏائڻ تي تڙپ محسوس ڪندي، عرفان چئي ٿو ته:
مليريا کان جان
خدا جي رحمت نه پر
ڪوئينين جي گوري
۽ درد
پنسٽان جي گوري ختم ڪندي آهي.
ڪوبه حساس دل رکندڙ ۽ انصاف پسند انسان اهڙو ڪونهي جيڪو عورت جي درد کي محسوس نه ڪري سگهي. عرفان عورت جي درد کي جنسي متڀيد کي ۽ انجي ٿيندڙ تذليل کي دل سان محسوس ڪيو آهي پنهنجي مخصوص لهجي ۾ شدت سان غم ۽ غصي جو اظهار به ڪيو آهي :
آءُ ست قرآن بڻجڻ نٿي چاهيان،
تون رڳو مونکي انسان سمجهندو ڪر.
ان موضوع تي هن ”تخليق ۽ تخليقڪار“، ”ديوارون“، ”سهڻي“ ۽ ”انسان“ نظم لکيا آهن، جن ۾ عورتن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي اٿس.
محبت عرفان توڻي جو گهڻو نه لکيو آهي، پر ان بابت سندس خيال ۽ تشبيهون نواڻ سان ڀرپور آهن.
منهنجي جيون جو رونقون،
تنهنجا رستا ڏسي رهيون آهن
پر تنهنجو اَچڻ
سنڌ ۾ خوشحالي جي خواب وانگر لڳي رهيو آهي
هڪ ٻئي نظم چئي ٿو ته:
آئون، آئون ناهيان رهيو،
گهڻو اڳ،
مونکي پنهنجو سڀ ڪجھ
هن جي اکين وٽ گروي رکڻو پيو هو.
عرفان جي هيٺ ڏنل نظم جي تشبھ منهنجي دل کي ڇُهي وئي:
مون ڪنهن غريب جيان
ڏکڻ جي هير جي آسري
زندگي جو اونهارو گذاري ڇڏيو.
هن نظم کي نئون نسل محسوس ڪري سگهندو يا نه، پر مونکي ننڍپڻ ياد اچي ويو. جڏهن ڳوٺن ۾ بجلي نه هوندي هئي. گرمين ۾ رات جو اگڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن شديد گُهٽ ۽ ٻوسٽ ٿيندو هو. وڻن جا پن پنڊ پهڻ ٿيل هوندا هئا. مَجال آهي جو انهن جو هڪ پن به چُري، تڏهن گرمي ۾ لُڇندي، روئندڙ ٻارن مٿان مائرن جا هٿ، وِڃڻو هڻندي هڻندي ساڻا ٿي پوندا هئا ته ٻارن جي تڪليف تي تڙپي پوندڙ مائرن جي چپن مان بي ساخته دعا نڪرندي هئي ”الله سائين! ڏکڻ جي هير کول“ سو غريبن جي اونهاري گذارڻ کي اهي سمجهي سگهندا، جن اهڙين مائرن جون آسائتيون اکيون ڏٺيون آهن.
عرفان هن نظم ۾ ٻالڪن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي جو ڏک بيان ڪري ٿو:
ٻالڪپڻي ۾ تو
منهنجي تن جا ڪپڙا
زوري ڦاڙي ڇڏيا هئا
ان ڪري منهنجا سمورا نظم
اڃا تائين اُگهاڙا آهن.
عرفان جي شاعري تي تنقيد جي گنجائش ضرور موجود آهي. ڪٿي ڪٿي هن سڌا سنوان لفظ استعمال ڪيا آهن، جنهن سان تخليقي قوت ڪمزور ٿئي ٿي. مثال طور: نظم ”ديوار“ ۽ غلامي واري زندگي“ پر مجموعي طور تي سندس شاعري جو تاثر اهو پوي ٿو ته هي شاعري اسان جي سماج جو اُگهاڙو سچ آهي، جنهن کان نظرون ڦيرڻ ممڪن ناهن.
سماجي ناانصافي خلاف چِٽي ۽ واضح مزاحمت آهي، جنهن کي هڪ حساس ۽ نازڪ دل رکندڙ شخص ڊائري جي صورت ۾ رقم لکيو آهي.
[b]عطيه دائود ــــ ڪراچي
[/b]12 مئي 2014ع[b][/b]