ڪاش! جيون ۾ خوشيون اَٽي ۾ لوڻ برابر به هجن ها ته ذائقو جبلتن کي چُپ ڪرائي وڃي ها، هر روز ٿورائتي ۽ ڦِڪي ماني کائيندي، گراھ نِڙي ۾ اٽڪيو پون ڪاش! احساسن جي الٽي ڪري هانءُ تان احساسِ محرومين جو بار هلڪو ڪري سگهجي ها.