وسڪارو ٿي وَسُ، کائِرَ پَائِرَ جُوءِ تي،
ٻاٻيهن جي ٻولين جو، چاهه وڌي ڪو چسُ،
روح ”عباسڻ“ رس، ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا.
اوٿر نه اوهيڙا، اُٺَ نه اوٺارَ،
ڏؤنرا نه ٻاٽي، ڄاڱر نه ڄارَ،
اڇڙي تان ”عباسڻ“ چئي، وِڇڙيا ڌڻ ڌنارَ،
واحد! ڪر وسڪار، ته مارو موٽن ماڳ تي.
اوٿر ٿي اَچُ، ڪارونجھر جي ڪورَ تي،
وسائج وڏ ڦڙو، ڳاهڪيءَ تي ڳچ،
پيراهو ۽ پڌريو، ٿر سڄو ئي سچ،
نينهن ”عباسڻَ“ نَچُ، جي وسن مينهن ملير تي.
پورب نه اوٿَرُ، لُڌي نه لوليون،
ٽيڙوءَ نه ٽهڪا، نَه ٻاٻيهن ٻوليون،
اڇڙي تي ”عباسڻ“ چئي، چاهه نه چوليون،
اوکيون ۽ اوليون، مِهريون مالاهوءَ جون.
پورب نه اوٿر، نه واهيرن وڻڪار،
ٻاٻيهن جون ٻوليون، نه ڳيرن جي ڳُٽڪار.
ڀِٽن تي ”ڀنڀرو“ چئي، ڀؤنر نه ڀڻڪار،
والي! ڪر وسڪار، ته ٿر ۾ ڪو ٿڌڪار ٿئي.
پورب جون لاٽون، ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا،
ٽيڀري ۽ ڇور تي، ڇوهه ڀريون ڇاٽون،
ساري ڀونءِ ”ڀنڀرو“ چئي، وسڪارا واٽون،
ٻوسٽ ۽ ٻاٽون، ڏڪر ويندو ڏيهه مان.
پورب جا وسڪار، ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا،
ڪارونجھر تي اوڪون، موڪون لاٽون لار،
کائر کنوڻيون کجڪا، پائر ميگهه ملهار،
آءُ ”عباسڻ“ يار! تڙ تڙ ڳيرا ڳٽڪن ٿا.
پورب کان اوٿر، گوڙيون ۽ گجگوڙ،
کنوڻين کِجڪا کائرَ تي، پائر ٻوڙان ٻوڙ،
ڪارونجھر تي مور ٽهوڪون، جنوجيءَ تي جوڙ،
ڀوڏيسر تي راڳ ملهاري، مامڙي تي موڙ،
کرڙي ۽ کاڻل تي، کنڀَ کٽونڀا کوڙ،
يار ”عباسڻ“ ڀاڳ ڀلوڙ، ٿَرَ ٿَرَ ٿڌڙا مينهڙا.