سچل سائين! ڪيستائين ماٺا رهندا ماڳ،
ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿندا پوٺا آئٺا آڳ،
ڏونگر ڏرندا ٻارڻ ٻرندا آڏ نه رهندي اوٽ.
ڌرتي ڌڏندي ڪانئر ڪنبدا ڪوٽ نه سهندا چوٽ.
سِرَ سِرَ سڙڪن ڌَڙَ ڌَڙَ ڌڙڪن گوليون گڙ گڙ گڙڪا.
پير گُڊي جون قهر ڪهاڙيون ڪنڌ ۾ ڪڙڪا ٺڙڪا.
ڳڀرن ڳاٽا لهريون دريا ڪونڌر ڪوپا ڪلنگيدار.
ٻنڌڻن وارا ٻار به ايندا پڙ تي ٿيندا پرزا يار!
ٻالڪ تنهنجا سچل سائين! موت سان کيڏڻ ٽِگ جي گيم،
اندر سنڌ جي پاڻي ڪونهي ٻاهر سنڌ جي ڪالا ڊيم.
سچل سائين! تنهنجا سائل سي ته وهائن نيڻن نير،
اُڃ ازل جي آهي تنين کي نانگ پين ٿا ماهيا کير.
ونيون ٻنيون گهوٽ دراڙي ڀاڙين کان ئي کسبيون هن،
مڙسيون مرد مٿيرن جون پر ڏوراهينءَ کان ڏِسبيون هن.
ڪڻيون ڪڻيون مينهن پوي ۽ کنوڻ کِنوين دوڦان مچي.
سمجهه ته مردن آهه مچايو موت سندو ميدان اچي.
گھنگھورَ گهٽا ۾ گوڙين جي آ راڱي جهڙي راڙ ڪئي،
سمجهه ته ويرين وچ ۾ بيهي چيتن آهه چنگهاڙ ڪئي.
ديس درازين گوڏي جيڏو مينهن سندو جي پاڻي آ،
پوءِ دعا تون گهوٽ ڪجان جو مان ته شهادت ماڻي آ.
ويندي ويندي دولهه تنهن جو ديس وسائي وينداسون،
پرديس پرين جي ويڙا نڪري ڏيهه اندر سي ڏينداسون.