ڪھاڻيون

آئيني جي اوٽ

ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ لاڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار اصغر پتافي آھي.
اصغر پتافيءَ جي جديد ڪهاڻين جا موضوع جيترا خوبصورت آهن اوترو ئي انهن جي پيش ڪش به منفرد آهي. هي ڪهاڻيون سماجي بُراين کي نروار ڪن ٿيون ته محبتن جون ترجمان به آهن. سماجي اٿل پُٿل سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون اهميت جوڳيون آهن.ويساهه آهي ته هي ڪاوش مانائتي موٽ ماڻيندي.۽ سنڌي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائيندي.
  • 4.5/5.0
  • 2819
  • 572
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اصغر پتافي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آئيني جي اوٽ

مهاڳ : حُسناڪ ڪهاڻين جي دلربا مهڪ

ڪهاڻي تجسس جو ٻيو نالو آهي، ان ڪري به جو زندگي خود ڪهاڻي آهي. ڪردار مصروف رهن ٿا، مري وڃن ٿا،يادگيريون ڪهاڻيون ٿي ڦٽن ٿيون. ان حقيقت تي ڪوبه ڪارو ڪپڙو نٿو ويڙهي سگھجي ته ڪهاڻي تاريخ جي شعور جي دانهن آهي. ڪهاڻي زندگي جي ڳولا آهي. ڪهاڻي مشاهدن جي تندور مان احساس جي اُڌاريءَ ورتل تپش آهي! ڪهاڻي ڪپيل ٻانهن جي وارث آهي! اهو به سچ آهي ته ڪهاڻي ادب جي ڪنوار صنف آهي، جيڪا عروج ۽ زوال جي گردش مان گذرڻ باوجود مري ناهي سگھي. ڪهاڻي ان ڪري به زنده رهڻي آهي جو اها زندگي جي سچ جي ترجمان آهي. نوجوان باصلاحيت ڪهاڻيڪار طور اُڀريل دوست اصغر پتافي جي ڪهاڻين جي ڪتاب “آئيني جي اوٽ” تي مهاڳ لکندي دل چاهي ٿي ته سنڌي ڪهاڻي جي اتهاس تي ٻه اکر لکڻ بجاءِ اڄ جي ادبي روين، اڄ جي سرجندڙ جديد ڪهاڻي جي ڳالهه ڪجي، جنهن لاءِ اسان وٽ سنجيدگيءَ موڪلائي وئي آهي. “تاريخ” لفظ ذهن ۾ گونجندي ئي اهو تاريخي ڀوڳ محسوس ٿئي ٿو ته دنيا جي قديم ترين سنڌيءَ ٻولي ۾ سنڌيءَ ڪهاڻي جو جنم انگريزن جي سنڌ تي قبضي واري وقت ۾ ٿيو. ان کان اڳي جديد سنڌيءَ ڪهاڻي ڪونه لکي وئي هُئي، اسان لوڪ داستانن تي پئي گذارو ڪيو. جيڪي اسان جي عظيم ڪلاسيڪل شاعرن شاعريءَ ذريعي ڳايا هئا. سنڌ ۾ الف ليلوي قصن جي ڳالهه هئي، ڇا به هجي پر اها اهم ۽ دلربا حقيقت چٽي آهي ته ٿورڙي ئي عرصي ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي عروج ماڻي عالمي ڪهاڻي سان ڪلهو وڃي ملايو آهي. “پيراڻي” کان “ٽيون وجود” تائين “بلو دادا” کان “جي تو سوريءَ چاڙهيون” تائين “ڌرتيءَ ڌڪاڻا” کان “قبرستان ۾” تائين جديد سنڌيءَ ڪهاڻي جي حُسناڪيءَ جي آفاقيت اوچو ڳاٽ ڪري پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي. ڳالهه رڳو اُتي ڇيهه نٿي ڪري پر اها ڀيانڪ تاريخ به پڌري ٿي ٿئي ته جديد سنڌيءَ ڪهاڻي کي رَت ست ڏئي جواڻ ڪندڙ ڪن عظيم ڪهاڻيڪارن جي پڄاڻي به ڪنهن المياتي ڪهاڻي جيان ٿي آهي. ڪڏهن ڪا بيرحم گوليءَ نسيم کرل جي وجود مان گذري آهي ته ڪڏهن ڪو ڳاڙهو ڪارتوس ملڪ آگاڻي جو سينو به پروڻ ڪري ويو آهي، پر جديد سنڌي ڪهاڻي کي ڪا گولي ماري ناهي سگهي، ها، ويجهڙ ۾ سنڌي ڪهاڻي سان جيڪو غيرسنجيده رويو اُڀريو ۽ نظر آيو آهي ان ضرور مايوس ڪيو آهي. ائين به چئي سگھجي ٿو ته جديد سنڌي ڪهاڻي جو قافلو نه فقط سُست پر ڪجهه ڪمزور به ٿيو آهي. اڄ جڏهن ڪن مئگزينن ۽ اخباري صفحن ۾ چند جملن ۾ لکيل ڪا فضول ڪهاڻي يا نثري نظم ٽائپ ڪهاڻي پڙهجي ٿي ته ان غيرسنجيدگي واري رويي تي اچرج اچي ٿي ته هي ڇا پيو ٿئي؟ جواز اهو ٿو ڏنو وڃي ته “دنيا مختصر ڪهاڻي کي قبولي رهي آهي، ڪنهن وٽ وقت آهي جو ڊگھيون ڪهاڻيون پڙهي!” منهنجي خيال ۾ ائين ناهي، اهي جواز جان ڇڏائڻ لاءِ گھڙيا ويا آهن. فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا جي اثر اسان مان محنت ڪرڻ وارو عنصر خارج ڪري ڇڏيو آهي. اسان سنجيدگي کي پاسيرو ڪري چڪا آهيون. ماڻهو اڄ به سٺي ڪهاڻي پڙهڻ چاهين ٿا. اڍائي سئو صفحن جو ناول به ماڻهو پڙهڻ لاءِ تيار آهن، پوءِ اهي کوکلا جواز ڇا ٿا ثابت ڪن؟ اها ادبي تباهي هاڻ اعلى سنجيدگيءَ جي گھرج ڪري ٿي. اسان کي پنهنجي ادب لاءِ دوستيءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي.
لاڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان اصغر پتافي تخليقي ڪهاڻيڪار آهي. هن وٽ ڪهاڻي لکڻ جو بهترين فن موجود آهي. هن جي ڪهاڻي ۾ تخليقي لفظيات ججهي نظر اچي ٿي. هن وڻندڙ اسلوب ۾ ڪهاڻيون رچيون آهن. ان باوجود پزيرائي کان پاسيرو رهڻ جو وڏو سبب اهو ٿو نظر اچي جو هو ادبي ڌارا کان ڪٽيل رهيو آهي. هُن پارٽ ٽائيم طور ڪهاڻي لکي آهي. هُن جي ڪهاڻي جي تجزيي کان اڳ ۾ ادبي وايو منڊل جو تجزيو پيش ڪرڻ لاءِ دل چوي ٿي، جنهن ۾ اهي ڪهاڻيون تخليق ٿيون آهن. اصغر جون ڪُل سورنهن ڪهاڻيون هتي آيل آهن، جن مان اڪثر 1999ع کان 2004ع تائين جون لکيل آهن. باقي ٻه ٽي ڪهاڻيون ويجهڙ جون آهن. سن 2000ع ڌاري اصغر پتافي به ٻين نوجوان ليکڪن سان گڏجي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ ڊائجيسٽن ۾زور شور سان لکيو، انهن کي خوب ڇاپيو به ويو. اُن ڌارا ۾ هاڪاري ۽ ناڪاري ٻئي اثر ظاهر ٿيا. هاڪاريءَ اثر اهو هو جو نوجوانن کي ڇپجڻ لاءِ حوصلاافزائي ملي ۽ پليٽ فارم مهيا ٿيو. ناڪاريءَ اثر اهو ٿيو جو معيار جو تعين ڪٿان ڪونه ٿيو، هر ڪچيءَ ڦڪيءَ لکڻي ڇپجي ٿي وئي. ڪو لاڙو معتارف ٿي سامهون ڪونه آيو. نتيجي ۾ نوجوان ليکڪ صنفن جي بنيادي حُسناڪين تائين رسائي ڪونه ماڻي سگھيا. انهن ان دؤر جي سٺن ادبي مخزنن ۽ رسالن سان لهه وچڙ ڪونه رکي يا نالي ماتر رکي، جنهن ڪري انهن جي اوسر اڌوري رهجي وئي. اصغرپتافي بهترين ڪهاڻي لکڻ جي باوجود نشانبر نه ٿي سگھيو، جڏهن ته هُن وٽ صلاحيتن جي ڪابه کوٽ ناهي رهي. جلد ئي هو ڪهاڻي جو ميدان ڇڏي ٽي ي چينل ميڊيا جو ماڻهو ٿي ويو جتي هُن ڊراما لکيا. اوچتو ڪجهه سوچي هُن موٽ کاڌي آهي، هن ٻيهر ڪهاڻي سان اکيون اڙايون آهن.“آئيني جي اوٽ” سري سان پنهنجو هُن خوبصورت ڪهاڻين جو ڪتاب آڻڻ جو وقتائتو قدم کنيو آهي.
اصغر پتافي جي ڪهاڻين کي پڙهي پروڙ پوي ٿي ته هو آرٽسٽ ذهن رکندڙ بهترين ڪهاڻيڪار آهي. هو ڪهاڻين جي روح تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. موضوع جي چُونڊ کان ڪهاڻي جي پُڄاڻي جي ڪلائيميڪس کي ڇهڻ تائين جي ڪاريگريءَ سان هُو سرشار آهي. ڪهاڻي کي گھرائي ڏيڻ جو فن هن وٽ موجود آهي. هن لفاظي ڪهاڻيون نه پر موضوعاتي دلفريب ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي متاثر ڪندڙ آهن، اِهي ڪهاڻيون شهريءَ زندگي جون به ترجمان آهن، ته ٻهراڙيءَ جي زندگين کي به روح سان اُجاگر ڪندڙ آهن. هن جو اسلوب جاندار آهي، ٻوليءَ بيحد حسين ۽ نراليءَ آهي. هُن پراڻي ۽ اڳ گھڻو لکيل موضوعن تي به نئين سري سان ڪهاڻيون لکيون آهن ته ڪن نئين موضوعن کي به هُن نئون رنگ ڏنو آهي. هُن جون سموريون ڪهاڻيون پختي شعور جون عڪاس آهن. هُن جي ڪهاڻين ۾ ڪابه مصنوعيت نظر نٿي اچي، اهي ڪهاڻيون جيئريون جاڳنديون حقيقتون لڳن ٿيون. ڪهاڻي لکڻ جو هُن جو پنهنجو منفرد ڊڪشن، انداز سچ ته دل کي موهي وڃي ٿو. “آئيني جي اوٽ” جي ڪهاڻين کي ڏسجي ته اهي هن ريت آهن : اُنهن جو سهڻو تت هي آهي :
• اُڌاري رات : بهترين رومانوي ڪهاڻي آهي. هن موضوع تي اڳ به سنڌي ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون لکيون آهن، پر هن ڪهاڻي جي پختگيءَ ۽ سگهاري ٻوليءَ توجهه ڇڪائيندڙ آهي.
• آئيني جي اوٽ : ٽائٽل ڪهاڻي بنا شڪ جي منفرد ۽ دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي آهي، هڪ پُراڻي نفسياتي موضوع کي نئون لباس ڏيئي ڪهاڻيڪار دلڪشي ڏني آهي، جنسيات ۽ نفسيات جي ميلاپ سان رڱيل هي ڪهاڻي وڻندڙ آهي.
• خوشبوءِ جي خودڪشيءَ : اصغر پتافي جي بهترين ڪهاڻي آهي، جنهن کي تجسس جي چانڊاڻ اوڍيل آهي. هڪ ناچڻي ڇوڪريءَ جي زندگيءَ ۽ رومانس کي ڪمال ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. احساساتي جملن هِن ڪهاڻي کي سگهه ڏني آهي.
• فريبي اکيون : هڪ جاندار ۽ شاندار جديد ڪهاڻي آهي. فريب کي ڪهاڻيڪار نه رڳو روح سان پيش ڪيو آهي، پر جاندار ڪردارن خود ڪهاڻي کي دلڪش بڻايو آهي. ڪهاڻي ۾ سمايل درد دل سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. منهنجي نظر ۾ هي هڪ يادگار ۽ لاجواب ڪهاڻي آهي.
• شام جا پاڇا، هر حوالي سان ميچوئر ۽ حسين ڪهاڻي آهي. موضوع ڏاڍو منفرد ۽ اڇوتو آهي. هڪ بيمار شاعره جي زندگيءَ جي هي ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي آهي. هِن کي هڪ ڪامياب ڪهاڻي چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. هن دلچسپ تخليقي ڪهاڻي کي اجهل ۽ دردوند ڪيفيتن حقيقت جا اهم رنگ ڏنا آهن. ڪهاڻي پڙهندڙ جي آڱر جهلي اُن کي ڪنهن رات ڏي ڌڪي وٺي وڃي ٿي.
• کليل دروازو : ڪهاڻي ذهني ڪشمڪش ۽ انتشار جي ترجماني ڪندڙ آهي، پر بي نتيجي ڪهاڻي لڳي ٿي، هن ڪهاڻي جو موضوع ڪمزور لڳي ٿو.
• ڪارو ڏينهن : لاجواب ڪهاڻي آهي، هي ڪهاڻي کان وڌيڪ ايم آر ڊي تحريڪ جو هڪ حقيقي ورق آهي. اهو واقعو جهڏي شهر ويجهو ٿيو هو، تڏهن آئون شاگرديءَ واري دؤر ۾ هوس، هِن رهزن ڪاروائي ۾ منهنجو پيءُ به گرفتار ٿيو هو. اهو ڏينهن سچ به ڪارو ڏينهن هو. بيحسيءَ جي اها حد آهي جو جنهن تحريڪ لاءِ ماڻهن رت ست ڏنو، اها تنظيم اها جمهوريت خود اونداهي ۾ بدلجي وئي. هِي ڪهاڻي هر حوالي سان بهترين ڪهاڻي آهي.
• گونگي ڪهاڙيءَ : اصغر جي شاهڪار ڪهاڻي آهي. هي حقيقت جي گواهه آهي. مڙس پاران ڇڏيل نوجوان عورت جي هن ڪهاڻي ڪاروڪاريءَ جي ناسور کي جنهن گھرائي سان پڌرو ڪيو آهي، ان حقيقت هن ڪهاڻي کي سگهارو بڻايو آهي. فني ۽ فڪري حوالي سان مڪمل هن قسم جي ڪهاڻين سنڌي جديد ڪهاڻي جو حسناڪ پاسو روشن ڪيو آهي.
• وڏو ڏوهاري : هڪ دلچسپ نراليءَ علامتي ڪهاڻي آهي. هِن ڪهاڻي ۾ روح آهي. سماج تي تنقيدي اُڇل آهي. عزرائيل جي ڪردار کي هن ڪهاڻي ۾ اڀاريو ويو آهي. بنيادي طور تي هن کي اصلاحي ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو.
• محبت کي آخري اعزاز : رواجي ڪهاڻي آهي پر موضوع ۽ ڪردار ۾ ورائٽي ضرور آهي. ڪهاڻي پنهنجي ڪشش ڪٿي به وڃائي نٿي.
• محبتون کسجي وينديون آهن : هي دلفريب ڪهاڻي آهي، جيڪا زندگي جي درد ۽ زهر سان ڀريل آهي. مجبورين جي تماشن کي اصغر مهارت سان پيش ڪيو آهي.
• بي وسيءَ جو زهر : بهترين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ انسان جي غربت کي ننگو ڪري پيش ڪري ڏيکاريو ويو آهي، غربت مان ئي بي وسيءَ جنم وٺي ٿي، اهو سچ هن سٺي ڪهاڻي جو تت آهي.
• نابين اکين جا لڙڪ : اصغر پتافي جي سڀ کان وڌ حسين ۽ يادگار ڪهاڻي آهي، غضب جي عشقيا ۽ سماجي موضوع سان سلهاڙي هي ڪهاڻي لکي وئي آهي، هي ڪهاڻي ثابت ڪري ٿي ته اصغر پتافي لاجواب ڪهاڻيڪار آهي، هو نوجوانن ۾ نمائينده ڪهاڻيڪار سڏجڻ جو حقدار آهي.آئون هن خوبصورت ڪهاڻي کي سنڌي جديد ڪهاڻي جي دنيا جي هڪ اهم ۽ شاندار ڪهاڻي سمجهان ٿو. هن ڪهاڻي مان اصغر جي شعور جي بلندي ۽ فني پختگي چٽي ٿئي ٿي. هي ياد رهڻ جهڙي ڪهاڻي آهي.
• غداري جي پل تي بيٺل ڇوڪريءَ : شهريءَ زندگيءَ تي لکيل پياري ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪردارن جي نفسياتي فرسٽريشن کي وائکو ڪري ٿي. ڪهاڻي پنهنجي موضوع سان مڪمل انصاف ڪري ٿي. بيوفائي هن ڪهاڻي جو دلچسپ حصو آهي. ڪهاڻيڪار ڪيفيتن سان واه جو ورتاءُ ڪيو آهي.
• جوڀن رُت جا ڇڻيل پن : عام رواجي ڪهاڻي آهي، موضوع به ڪو خاص ناهي،
• رکيل : انتهائي خوبصورت ۽ احساساتي ڪهاڻي آهي، هڪ سُريت جي وارتا کي ڪهاڻيڪار دلربا انداز سان پيش ڪيو آهي، هي ڪهاڻي قيمتي ڪهاڻي ان ڪري به آهي جو ڪهاڻي جي پُڄاڻي هانءُ ۾ هٿ وجهندڙ آهي.

 ڪهاڻين جي هن مختصر تجزيي کان علاوه هنن ڪهاڻين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ليکڪ جي پختيءَ ذهينيت ۽ اعلى مشاهدي جو رنگ هنن ڪهاڻين ۾ شامل آهي. روشن خيال ڪهاڻيڪار خاص مقصد ذهن ۾ رکي هنن قيمتي ڪهاڻين کي سرجيو آهي. ڪٿي بيانيا طور داستاني ۽ ڪٿي ڊائلاگيا انداز کي گڏائي هنن بهترين ڪهاڻين جا بُت تراشيا آهن. ان ڪري اُهي بيحد متاثر ڪن ٿيون.
 اصغر پتافي جي هنن ڪهاڻين ۾ انيڪ ناياب، نفيس، ۽ دلربا جملا به ستارن وانگي پکڙيل آهن. اهڙن جملن جي ڪري به هنن ڪهاڻين کي وڏي خوبصورتي ملي آهي. مثال طور هتي ڪجهه جملا پيش ڪجن ٿا، جيڪي دل ۾ رکڻ لائق آهن.
• مان ازل کان اُڌارين ۽ خيراتي راتين جو سوداگر رهيو آهيان!
• ڳالهه عارضي وڇوڙيءَ جي آهي، جنهن جي پل پل ۾ ابديءَ وڇوڙي جو ڀيانڪ خواب چُڀندو رهندو آهي!
• انتظار منهنجي نه پر مان انتظار جي وس آهيان، انتظار جڏهن به ٿڪو ته منهنجي هنج ۾ آرامي ٿي پوندو!
• ماڻهو سڀ ان واريءَ هيٺان ڍڪجي ويندا، ڪو رڙ به ڪونه ڪندو، اڄ مون چاچي سانوڻ وارين رڍن جون رڙيون ٻُڌيون آهن، لڳي ٿو ڄڻ ته هو هاڻ واريءَ کائي کائي ڀرجي پيون آهن!
• کيس خيال آيو هو ته رئيس رسول بخش جي قبر جي آليءَ مٽيءَ جي چپٽيءَ ڀري پنهنجي پيٽ ۾ وجهي پنهنجي لاءِ ڪو وارث پيدا ڪري پر ائين هاڻ ڪٿي ممڪن هو!
o هڪ نئون اُڀريل ڪهاڻيڪار هوندي به هي ڪتاب پڙهندي اهو نٿو محسوس ٿئي ته ڪو اصغر پتافي سنڌي ڪهاڻي جو بنهه نئون ڪهاڻيڪار آهي، جڏهن ته هُن جون ڪهاڻيون پڙهي لڳي ٿو ته هو مڪمل ميچوئر ۽ پختو بهترين ڪهاڻيڪار آهي، ۽ آئون سمجهان ٿو ته اهو تاثر اصغر جي ڪامياب ڪهاڻيڪار هجڻ جي گواهي آهي. باوجود ڪهاڻين ۾ ڪي ڪمزوريون هئڻ جي اهو واضع آهي ته اصغر جو نه فن ڪمزور آهي، نه فڪر ڪمزور آهي، هُن کي اڃان به نئين جديد سنڌي ڪهاڻي تراشي نروار ڪرڻي آهي، کيس اها ذميواري ضرور محسوس ڪرڻي پوندي. ڇو جو هي ڪتاب هُن کي هڪ سٺو ۽ سنجيده ڪهاڻيڪار ثابت ڪري ٿو. اصغر جون هي ڪهاڻيون ثابت ڪن ٿيون ته هن وٽ منفرد ڏات ۽ ڏانءُ آهي.
o هي ڪامياب ڪتاب نه رڳو اصغر کي هڪ باشعور باصلاحيت ڪهاڻيڪار طور سٺي پزيرائي ڏيندو، پر گڏوگڏ نئين اڀري آيل شانائتي قلمڪار طور نئين سڃاڻپ به بخشيندو. هي ساراهه جوڳو پورهيو ويساهه آهي ته گھڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو. هن ڪاوش جي آجيان ٿيڻ گھرجي، ڇو جو سنڌي جديد ڪهاڻي کي ڪميٽيڊ نئين نسل جي ليکڪن جي ضرورت آهي.

ايوب کوسو
جون 2017ع