محبت کي آخري اعزاز
پاڻ سان گڏ ڳوٺ جا ڪجهه ٻيا ٻار به راند رهندا هئا. پر پاڻ سڀني جا وڏ ڌوڙي هئاسين. ياد اٿم هڪ ڀيرو پاڻ جڏهن لڪ لڪوٽي راند رهندي شفو کي پڙ ۾ ڇڏي پاڻ ٻئي ڏاڏي واري گوندي ۾ هلي لڪا هئاسين. گوندي جي تري ۾ پيل پراڻي ان سبب پاڻ کي گهٽ محسوس ٿي هئي ۽ کنگهه به ٿي هئي. ٻاهر نڪرڻ جي ڪئي هئي سين پر نڪري نه سگهيا هئاسين. دانهون ڪيون هيون سين، رنا هئاسين، ڊپ وڪوڙي ويو هو. الئه ڇا ٿيندو ......؟ايتري ۾ بابا ڊوڙي ڊوڙي آيو هو ۽ پاڻ ٻنهي کي گوندي مان ڇڪي ڪڍيو هئس ۽ پوءِ ڏنيون هيس مون کي گاريون. ڪميڻا ڇورا ڀيڻا مري وڃو ها ته پوءِ.....؟ پاڻ مرين ها ٺهيو پر رئيس جي ڇوريءَ کي به گڏ مارين ها. جي رئيس جو ڇوريءَ مري ها ته رئيس اسان جي ستن پيڙهين کي پيو ڪٽائي ها. هل ڀيڻا ڪميڻا. “بابا مون کي ٻانهن مان جهلي گهر ڏي وٺي ويو هو. مان روئي پيو هئس ۽ ڳوڙها توکان به به وهي نڪتا هئا. پر الئه ڇو پاڻ ٻئي هڪ ٻئي جي ڳوڙهن کي سمجهي ڪونه سگهيا هئاسين. ڪهڙو اٽوٽ رشتو هو تنهنجي ڳوڙهن جو منهنجي ڳوڙهن سان؟ جو منهنجن ڳوڙهن کي ڏسي تنهنجا ڳوڙها رهي نه سگهيا هئا. يا بچپن جي انهن معصوم ڏينهن ۾ اهي ڳوڙها پنهنجي پر ۾ مستقبل جي ڪنهن مهان رشتي جي تربيت ڪري رهيا هئا.
ڇا به هو پر ٻئي هڪ ٻئي جي ڳوڙهن کي سمجهي ڪونه سگهيا هئاسين. مون کي اهو وقت به چٽي طرح ياد آهي اونهاري جي موسم ۾ نيري اُڀ تي جڏهن ڪو ڪارو ڪڪر ڏسندا هئاسين، تڏهن اچي چادر جو جهول ڪنڌ ۾ وجهي “ڪارڙو ڪمارڙو ان پاڻي ڏي مولا مينهڙو وسائي....” جو گيت ٻالڪ آواز جي مٺي ترنم ۾ ڳائيندا هئاسين ته گهٽي گهٽي مان ٻارن جون قطارون نڪري اينديون هيون. سڀ جا سڀ پنهنجي پويان ٿيندا هئا ۽ ڪاروڙ ڪمارڙو ڳائيندا هئا، کلندا خوش ٿيندا ۽ ڪڏندا هئا. ٻارن جي قافلي سان گڏ گهٽي گهٽي تي بيهي ڪارڙو ڪمارڙو ڳائيندا هئاسين ته ماڻهو پاڻ کي ان جا لوٽا ڀري ڏيندا هئا ۽ پاڻي جا ٿڌا دلا پنهنجي مٿان هاريندا هئا ته پاڻ سان گڏ سمورا ٻار کلندا ۽ ٽهڪ ڏيندا هئا ۽ پوءِ ان سموري ان جا ڳُڙ وارا مٺا ڪول چاڙهيندا هئاسين ۽ پوءِ جست جي ٿالهين ۾ وجهي اڱڻ جي ڀت تي قطارون ڪري ويهي کائيندا هئاسين. ياد اٿم اسڪول به گڏ ايندا ۽ گڏ ويندا هئاسين، اهو به ياد اٿم اسڪول ۾ پاڻ ٻئي هڪ ئي بئنچ تي ويهندا هئاسين. ننڍڙي ئي عمر ۾ شرارتن جا ته پاڻ شيطان هوندا هئاسين. ياد اٿم هڪ ڀيرو سائين ڍينگانو ڪلاس کا ٻاهر ويو هو ته پنهنجي ٽوپي ٽيبل تي ڇڏي ويو هو ۽ پوءِ اها ٽوپي پاڻ ٻنهي گڏجي چوري چوري کڻي چوري شفو جي ٿيلهي ۾ ويجهي ڇڏي هئي.
سائين ڍينگاڻو جڏهن ڪلاس ۾ واپس آيو هو ته ٽيبل تان پنهنجي ٽوپي غائب ڏسي پڇيو هئس “منهنجي ٽوپي ڪنهن لڪائي آهي” سڄو ڪلاس خاموش هو ٻيو ته ڪنهن کي به خبر ڪونه هئي پر توکي ۽ مون کي خبر هئي . تون ۽ مان ٻئي اندر ئي اندر ۾ کلڻ لڳا هئاسين ۽ پوءِ سائين سڀني جا ٿيلها ڦلهوريا هئا. ٿيلها ڦلهوريندي اها ٽوپي نيٺ شفو جي ٿيلهي مان نڪتي هئي ۽ پوءِ سائين ڍينگاڻي شفو کي لٺين سان ڳاڙهو ڪري رکيو هو. پاڻ ٻئي کليا هئاسين، نه رڳو پاڻ پر پاڻ سان گڏ سمورو ڪلاس به شفو تي کليو هو. سڀني ٽهڪ ڏنا هئا، شفو روئي پيو هو ۽ پاڻ وڌيڪ کليا هئاسين. ڳچ ڏينهن کان پوءِ اها خبر سائين ڍينگاڻي کي الائي ڪيئن پئجي ويئي ته اها ٽوپي شفو نه لڪائي هئي بلڪ اها پنهنجي شرارت سان شفو جي ٿيلهي ۾ وئي هئي. ان ڏينهن ڍينگاڻي مون کي ابتي هٿ جون ٻه لپاٽون وهائي ڪڍيون هيون ۽ توکي ڇڏي ڏنو هئس. شايد انهيءَ لاءِ ته تون ڇوڪريءَ هئينءَ تڏهن . مون کي انهيءَ وقت جون اهي سڀ سندر يادون اڄ به ياد آهن، پر چٽيون ياد آهن پرائمري جي پهرين درجي کان وٺي مئٽرڪ جي ڏهين درجي تائين پاڻ زندگي جون ڏهه بهارون گذاري چڪا هئاسين ۽ انهن ئي ڏهن بهارن سان گڏ پنهنجي پوري زندگيءَ جون پنڌرنهن بهارون گذري چڪيون هيون . يعني پاڻ بچپن جي حد اورانگهي جوانيءَ جي انهيءَ ڏاڪي تي پهريون قدم رکي چڪا هئاسين. جتي عشق ۽ سونهن جا باب پڙهيا ويندا آهن، جتي جواني جي چاهت ۽ سپنن جي ساڀيان پٺيان نيڻ رلندا آهن. اها به پنهنجي ڪيڏي نه خوشقسمتي هئي جو ڪاليج ۾ به گڏ پڙهيا هئاسين. ڪاليج ۾ به ڪڏهن ڪڏهن تنهنجن ننڍڙين ننڍڙين شرارتن مان مون کي بچپن جي خوشبوءِ ايندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن تون مون سان عشق، سونهن ۽ محبت تي بحث ڪندي هئينءَ. ياد اٿم تون مون سان ليليٰ مجنون جي ڪردارن تي بحث ڪندي هئينءَ. هير رانجهي جي ڪردار تي بحث ڪندي هئين. ياد اٿم عمر مارئي ۽ سسئي پنهون جي ڪردارن تي بحث ڪندي هئين ۽ انهيءَ ئي وقت ۾ پنهنجي عشق ۽ محبت جو بحث خود بخود ٿيڻ لڳو هو ۽ ڄاڻندي به اڻ ڄاڻائي ۾ تو منهنجي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير ۾ رنگ ڀري پنهنجي اکين جي فريم ۾ ٽنگي ڇڏيو هو ۽ مون تنهنجي چري دل کي پنهنجي دل جي قيد خاني ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو.
پر الئه اهو ڪهڙو ڪنوارو حجاب هو، جو تون مون کي اهو چئي ڪونه سگهي هئين، ته تنهنجي گم ٿي ويل بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير ۾ رنگ ڀري مون پنهنجي اکين جي فريم ۾ اها تصوير ڦٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ الئه ڇو مان به توکي اهو چئي ڪونه سگهيو هئس، ته تنهنجي گم ٿي ويل دل منهنجي دل وٽ قيد آهي. تون مون سان محبت ڪرڻ لڳي هئين ۽ مان توسان عشق ڪرڻ لڳو هيس. پر اقرار ۽ اظهار جي همت نه تو ۾ هئي ۽ نه وري مون ۾ ...... پوءِ اهو ڪهڙو رشتو هو، پنهنجو ڪهڙو سٻنڌ، ڪهڙو عشق ۽ ڪهڙي محبت هئي پنهنجي؟ جنهن جو اظهار پنهنجي وات بدران ڪاليج جي ٻين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي واتان ٿيو هو. ياد اٿم اهو ڏينهن اهو لمحو جڏهن ڪاليج جي ڪمپائونڊ وال تي اياز جو شعر لکندي تو مون کي چيو هو “شهڪي ڪاليج جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڇا ٿا چون.......؟
“ڇا ٿا چون.......؟” پڇيو هئم.
“چون ٿا ته ..........” اڳتي تنهنجي زبان اٽڪي پئي هئي . ڪا هچڪ تنهنجن چپن تي لهي آئي هئي . توکان ورائي پڇيو هئم......ته.........”
“ته.........ته تون ۽ مان ٻئي هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا.......” تنهنجي چپن تي شرميلي مسڪراهٽ هڪ ٽهڪ ڏنو هو ۽ منهنجي دل اندر جي ميدان تي فوٽ بال جيان گدون کائڻ لڳي هئي. ان ويل مون به توکي چئي ڇڏيو هو ته تنهنجي گم ٿي ويل دل مون وٽ آهي ۽ تو به اکيون اکين ۾ وجهي ٻڌائي ڇڏيو هو ته تنهنجي وڃائجي ويل بليڪ ايند وائيٽ تصوير ۾ رنگ ڀري مون منهنجي اکين جي فريم ۾ رکي ڇڏيو آهي .ياد اٿم انهيءَ ئي ڏينهن کان پوءِ تون ۽ مان ڪاليج ۾ ليليٰ ۽ مجنونءَ سڏجڻ لڳا هئاسين ۽ اهو ڏينهن ياد اٿم جنهن ڏينهن تو سيريس ٿي چيو هو ته “شهڪي بابا کي پنهنجي پيار جي خبر پئجي وئي آهي.
“ته ڇا ٿيو.......؟”
“ڇا ٿيو.......؟ خبر اٿئي مون کي ڇا چيو اٿس.”
“ڇا چيو اٿس......؟”
چيو اٿس ته ٻڌو اٿم ته تون ڪاليج ۾ شهڪي سان گڏ گهڻو هلندي ڪندي آهين، تون ان جو خيال ذهن مان ڪڍي ڇڏ نه ته ڪاليج وڃڻ بند ڪري ڇڏيندو سانءِ.”
“ته پوءِ تو ڇا چيو....؟”
“مان خاموش رهي هيس.....” ۽ پوءِ مون ڏنا هئا ٽهڪ ۽ دل هنيون هيون هُندون زماني سان چئلينج ڪرڻ لاءِ. پر زماني سان چئلينج ڪونه ڪيو هئم. چئلينج پنهنجي پاڻ سان ڪيو هئم ۽ چئلينج زماني جي ڪوڙين ريتن رسمن سان ڪيو هئم، سوچيو هئم مان عشق جي مائونٽ ايورسٽ چوٽي تي چڙهي فرسوده ريتن ۽ دقيانوسي سوچن جي ڪاري ڇمر کي ٽوڙي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندس ۽ هڪ زنده فضا جو بنياد رکندس. پر ونٽر جي ان وئڪيشن پڄاڻان تو چيو هو “شهڪي منهنجو مڱڻو ٿي ويو آهي، منظر نالي منهنجي ان ڪزن سان جيڪو آمريڪا ۾ پڙهندو آهي ۽ چون پيا هو پهرين تاريخ ايندو ۽ پنڌرنهن تاريخ تائين اسان جي شادي به ٿي ويندي......” تو اهي لفظ نه ڳالهايا هئا ڄڻ ته شيهو منهنجي ڪنن ۾ پلٽايو هو. ڄڻ ته تو منهنجي دل تي لفظن جا ائٽم بم ڪيرايا هئا ۽ محسوس ٿيو هئم پنهنجو وجود پاڻ کي ريزه ريزه ٿيندي. ان ويل محسوس ٿيو هئم پنهنجو چئلينج پاڻ تي چٿرون محسوس ڪيو هئم. پنهنجي چئلينج کي ڪنبدي ۽ وائڙو ٿيندي........ پر ڍرڪي پيل ڪنڌ کي اميدن جو سهارو ڏيئي چيو هئم توکي “ چري انهيءَ ۾پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي....... تنهنجو ۽ منهنجو رشتو ته آسمان تي جڙيو آهي. توکي ۽ مون کي ڪو جدا نٿو ڪري سگهي. جي تو چاهين ته اسان پنهنجي دل جون سموريون اميدون پوريون ڪري سگهون ٿا. ۽ ياد اٿم ان ڏينهن منهنجا موتي جهڙا لڙڪ مٽي ۾ ملندي ڏسي تون خاموش رهي نه سگهين هئين. تون پنهنجي گهر جي چؤديواري اندر پنهنجي پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ خلاف جنگ لڙڻ لڳي هئين. تون احتجاج ڪرڻ لڳي هئين. پيءَ جي دهشت ڀرين اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ تنهنجي احتجاج ۾ شامل هو. ڪمرو بند ڪري اونداهيءَ جي ڪکُ ۾ سڏڪڻ به تنهنجي احتجاج ۾ شامل هو . رات ڏينهن ماني نه کائڻ ۽ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهڻ به تنهنجي احتجاج ۾ شامل هو ۽ مڃان ٿو ته نه وهنجڻ، نه وار سنوارڻ ۽سڄو سڄو ڏينهن جگجيت جا اداس غزل ٻڌڻ به تنهنجي احتجاج ۾ شامل هو ۽ مڃان ٿو ته پنهنجي خودڪشي ۽ سهاڳ رات منظر کي زهر ڏيڻ واري تنهنجي اها ڳالهه به احتجاج ۾ شامل هئي. پر انهن سمورن احتجاجن جي ٽوڙ فقط منهنجو قسم هو جيڪو ڏنو هو توکي تنهنجي ماءُ...... جنهن تنهنجي احتجاجن ۾ نرمي پيدا ڪري ڇڏي هئي. ان ڏينهن شام جو تو هڪ ننڍڙي ٻار جي هٿان مون ڏي هڪ چٺي ڏياري موڪلي هئي. چٺي ۾ لکيو هيئي. “مون کي ڏنو آهي منهنجي ماءُ تنهنجو قسم سمورن احتجاجن کي ختم ڪرڻ لاءِ چئو مان تنهنجي قسم جو ڀرم رکان ۽ سمورا هٿيار انهن جي قدمن ۾ ڦٽا ڪري ڇڏيان، يا چئو مان آخري دم تائين وڙهان، مان وڙهندي رهان ۽ پوءِ پنو هٿ ۾ نپوڙجي ويو هو. ڄڻ ته تنهنجو ۽ منهنجو رشتو نپوڙجي ويو هو ۽ پوءِ توکي سمورا هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو هئم ۽ چيو هئم اسان هڪ ٻئي جي دلين ۾ جيئنداسين، اهي سموريون سندر يادون منهنجي اکين اڳيان ڦري رهيون هيون ۽ ذهن جي پردن تي ڪنهن پڪچر جي سينن جيان بدلجي رهيون هيون، وسڪي جا جام پيئڻ جو واعدو ڪري ويٺل مان الئه ڇو هٿ وسڪي جي جام ڏانهن وڌائي ڪو نه سگهيو هئس. بي چيني ٿيڻ لڳي هئي. بدن ۾ گهٽ محسوس ٿيڻ لڳي هئي ڪمري ۾ اٿي دري کولڻ چاهي هئم اها دري جنهن منجهان مان ڪڏهن ڪڏهن پري کان تنهنجو ديدار ڪندو هئس. ۽ ڪڏهن ڪڏهن تون ان دري مان مون کي ڏسندي هئين. دري کولي هيم، تازي هوا جي ڪجهه جهونڪن سان تنهنجي شادي ۾ وڄندڙ شرناين دهلن ۽ تنهنجي خوشي ۾ ڳائيندڙ تنهنجي سهيلين جي ڳيچن جا مٺڙا آواز منهنجي ڪنن جي پردن سان ٽڪرايا هئا. جيءُ کي جهٻي اچي وئي هئي. سامهون تنهنجي گهر جي بلڊنگ تارن جي ڇانوَ ۽ رات جي اوندهه ۾ رنگين بلبن جي جهرڪڻي روشني ۾ عجيب منظر پيش ڪري رهي هئي. پر اها منهنجي لاءِ قيامت سمان هئي، جنهن منهنجي اکين ۾ پاڻي آڻي ڇڏيو هو دري بند ڪري ڇڏيان......نه.......دري بند نه ڪري سگهيو هئس. دهلن شرناين ۽ ڳيچن جا هي مٺڙا آواز مسلسل منهنجي ڪنن تي پئجي رهيا هئا. دريءَ کان واپس موٽيو هئس. فرش تي وکريل سڙيل سگريٽن کي لتاڙيندو بڪ شيلف ڏي وڌي آيو هئس. شيلف جي هڪ خاني مان ڊائري ۽ هڪ قلم ڪڍيو هئم.....سوچيو هئم اڄوڪي اذيت ڀري رات ۾ عذاب مان ٻڏل زهريلو لفظ لفظ جيڪو ذهن اوڳاڇي سگهيو سو لکندس. ڊائري کولي پندرهين تاريخ جي اڀاڳي رات جي بي رحم وارتا لکڻ لڳو هئس پر الئه ڇو منهنجن اکين مان ڪرندڙ ڳوڙهن جيان قلم جي نوڪ مان ڪاري مس جا ٻه وڏا ڦڙا ڪري پيا هئا. اکيون بند ڪري ڇڏيو هئم. مان جيئان.......؟؟ نه مون کي جيئڻ نه گهرجي.
اهڙي سچوئيشن ۾ جي مان زماني جي چٿرن جو محور بنجڻ نٿو چاهيان. مون کي خودڪشي ڪرڻ گهرجي. ها مون کي دريءَ منجهان ٽپو ڏيڻ گهرجي. اهو سوچي مان اٿيو هئس، ذهن ۾ هڪ خيال آيو هو توکي آخري چٺي ۾آخري لفظ لکيا هيم، اسان هڪ ٻئي جي دلين ۾ جيئنداسين، ڇا مرڻ کان پوءِ اسان هڪ ٻئي دلين ۾ جيءَ سگهنداسين......؟؟ جواب ان ويل ئي پنهنجي ذهن کان مليو هيم. “دلين ۾ ته مري ويل ماڻهو ئي جيئندا آهن ۽ اهو خيال آيو هئم ته چوندا آهن ته عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن مان عشق ۾ شهيد ٿيڻ چاهيان ٿو ته پوءِ پڪ آهي مان موٽي ايندس، ڇو جو مان عاشق به هوندس ۽ مان شهيد به هوندس. سوچي مان دري وٽ وڃي بيٺو هئس کليل دري منجهان سامهون تنهنجي گهر جي چراغان ٿيل بلڊنگ هئي ۽ منهنجي ڪنن تي پوندڙ تنهنجي شاديءَ ۾ وڄندڙ دهلن شرناين ۽ تنهنجي سهلين جي ڳيچن جا مٺڙا آواز هئا. رات ويلي هوا جا نرم ۽ ڪنوارا جهونڪا هئا، جيڪي منهنجي خودڪشي جي راهن ۾ گل وڇائي رهيا هئا. ذهن کي مضبوط ڪري مان دري منجهان ٽپو ڏيڻ وارو ئي هيس جو اوچتو پنهنجي ساڄي ڪلهي تي ڪنهن جو هٿ رکجندي محسوس ڪيو هئم. ڪنڌ ورائي ڏٺو هيم منهنجون اکيون ڦاٽي ويون هيون.حيرانيءَ جا سارا پاڇا ڊگها ٿي ويا هئا. سامهون تون بيٺي هئين. ڪنوار جي روپ ۾. ڄڀ وات ۾ اٽڪي پئي هئي “سومي تو.....؟؟؟ تون خاموش هئين. هندن جو ڀڳوان جيان، تنهنجي اکين ۾ لڙڪ هئا ستارن جهڙا ۽ تنهنجي چپن تي شهيد ٿي ويل احتجاجن جا ارمان هئا اڌورا. ان ويل لڳي هئين مون کي تون خزان جي رهزن رُت ۾ پريت جي لبن تي بيٺل ان وڻ جيان جنهن جا سمورا رنگ بي ڏوهي جي روح جيان پرواز ڪري ويندا آهن. جنهن جا گوئچ جنهن جون معصوم شاخون جنهن جا ڳاڙها گل فلسطيني ٻارن جيان شهيد ٿي ويندا آهن . ڳالهائڻ بنا ٻانهون ڦلهوري ڪنڌ منهنجي ڪلهي تي لاڙي سڏڪي هئينءَ ۽ منهنجون اکيون سانوڻ رت ۾ ڪنهن ڇيڳري بادل جيان برسي پيون هيون. تنهنجي چپن تي زوري ٿڦيل رت هاڻي ڳاڙهي لپ اسٽڪ جي رنگ کي اورانگهيندا تنهنجا سڏڪا زهر جي قطري قطري جيان منهنجي دل جي تهه خاني ۾ جمع ٿيڻ لڳا هئا. ڪي پل ائين ئي سڏڪندا رهيا هئاسين. ٻئي ۽ پوءِ ڌار ٿيا هئاسين. هڪ ٻئي جي ٻانهن مان ڌار ٿيندي مون تنهنجي اکين مان ڳوڙهن وسيلي لڙهي آيل ڪاري ڪجل جا ڪارا ليڪا تنهنجي ڳاڙهي ڳلن تان پنهنجي هٿ جي آڱرين سان ڊاهيا هئا ۽ تنهنجي نراڙ جي ساڄي پاسي وٽان ڍرڪي پيل سوني نٿ جي بيلٽ کي سڌو ڪيو هيم. تون خاموش هئين اڃا به تنهنجي هٿ پڪڙيندي ڳالهايو هئم “اڄ رات تون هت ڪئين آئين.....؟”
“توسان ملڻ......” اندران سڏڪي ڳالهايو هيئي.
“اڄ رات توکي هت ڪو نه اچڻ گهربو هو ،اڄ رات ته تنهنجي شادي جي هئي.......؟”
“منهنجون ٻه سهيليون مون سان ٻڌل آهن مان پڪو بندوست ڪري آئي آهيان.”
“تون ڪنهن جي لاءِ هتي آئي آهين؟”
“مان تنهنجي لاءِ آئي آهيان شهڪي مان تنهنجي لاءِ آئي آهيان، مان هينئر تنهنجي سامهون آهيان، تون چاهين ته اسان هي شهر ڇڏي .....” جملي پوري ڪرڻ کان اڳ مون تنهنجن سنهڙن چپن تي پنهنجون آڱريون رکي ڇڏيون هيون.
“اسان بزدل محبت جيئڻ نٿا چاهيون، مون کي خبر آهي سومي اسان جي وڏڙن جي پوڙهن پٽڪن جي ورن ۾ ورهين کان لڪيل جيڪي ريتون ۽ رسمون آهن سي اسان جون قاتل آهن، توکي ۽ مون کي انهن جا ڪتا جبلن جي ٻرن مان به ڳولي ڪڍندا ۽ پنهنجي جسمن جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيندا، جي بچي به وياسين ته به هڪ خوف پاڻ سان گڏ جيئندو جيڪي خوشي جي لمحي لمحي جي پيرن ۾ زنجير وجهندو، پوءِ اهي خوشيون ڀلا توکي ۽ مون کي ڇا ڏينديون سومي.......؟؟
“ تون واپس موٽي وڃ ، سومي ڊاڪٽر منظر جون خوشيون تنهنجون منتظر آهن.
“۽ تون.....؟؟؟”
“۽ مان......تنهنجي خوشين کي جٽادار بنائڻ لاءِ دعائون گهرندس .انهيءِ جذبي سان ته اسان جسماني طور هڪ نه ٿي سگهياسين ته ڇا ٿي پيو. اسان دلي طور اسان روحاني طور ته هڪ ٻئي سان گڏ آهيون. اسان هڪ ٻئي جي دلين ۾ جيئنداسين، سئو صديون ۽ هڪ ٻئي کي هڏڪين جا تحفا ڏيئي سارينداسين، هزارين سال....” هڪ لمحي لاءِ تنهنجي چپن تي اداس مرڪ وکري ۽ وري گم ٿي وئي هئي.....ڳالهايو هيئي “شهڪي.....
“هون....؟”
“مان اڄ پنهنجي محبت کي آخري اعزاز ڏيڻ آئي آهيان”
اسان جون هڪ ٻئي جي بخت جي بابن ۾ چٽيل تصويرون ڌنڌليون ٿي ويون آهن، اسان جا هٿ خالي ٿي ويا آهن، اسان محبت کي آخري اعزاز ڪهڙو ڏيئي سگهون ٿا....؟ اکين ۾ ڳوڙها هوندي به مرڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هيئي، اسان محبت کي آخري اعزاز ڏيئي سگهون ٿا بلڪ مون محبت کي آخري اعزاز ڏيئي ڇڏيو آهي، تو وٽ شادي رات ڪنوار جي روپ ۾ اچي....... مان خاموش ئي رهجي ويو هئس. ڳالهايو هيئي “تنهنجي دل ۾ منظر جي باري ۾ نفرتون کٽڪي رهيون هونديون.....؟”
“منهنجي منظر جي خوشين سان ڪهڙي دشمني آهي، ڏک آهي ته بس تون ۽ مان هڪ ٿي نه سگهياسين.....پر.....سومي تون جلدي واپس موٽي وڃ.......”
“مان هڪ شرط سان وينديس....”
“ڪهڙي شرط.....؟”
“توکي منهنجي شادي جي رسم ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو.....”
“تون جي دل سان چئين ٿي سومي ته مان ايندس، صبح جو دل تي پٿر ٻڌي اکين جا لڙڪن سان ڀريل جام هاري ۽ چپن تي تنهنجي خوشي جو تصور ڌاري.......” کلڻ جي ڪوشش ڪئي هُيئي، پر کلي نه سگهي هئين. فقط ڪمزور مرڪ جي هلڪي جهلڪ تنهنجن چپن تي اچي ۽ وري گم ٿي وئي هئي. ٻيهر تون منهنجن ٻانهن ۾ ڪري پئي هئين سڏڪي هئين ۽ توسان گڏ مان به سڏڪيو هئس ۽ پوءِ تنهنجا لڙڪ اگهڻ جي رسم ڪيڏو نه درد ناڪ منظر هئي، جنهن جي سيڪنڊ سيڪنڊ ۾ پاڻ واري جي مٺ جيان اندارن وکريا هئاسين ۽ ڪچي ميڻ جي ڪچي وجود جيان وگهريا هئاسين ۽ پوءِ تو وڃڻ جي ڪئي هئي. ويندي دروازي وٽ بيهي پُٺ ڏي مڙي تو ڳالهايو هو “تون صبح جو ايندين نه محبت کي آخري اعزاز ڏيڻ....؟”
“ها......” چيو هئم ۽ پوءِ تون هلي وئي هئين، ٻه چار مئل قدم کڻي دروازي وٽ اچي بيٺو هئس پر توکي هيٺ ڇڏڻ لاءِ ڪونه لٿو هئس، ڇو جو منهنجي جسم ۾ سگهه ڪونه هئي. چاڙهي جا 15 ڏاڪا چڙهڻ جي ڪي پل دروازي تي ئي بيٺو هيو هئس، ۽ پوءِ دروازو بند ڪري پلنگ تي اچي ڪري پيو هئس. انهيءَ آس ۽ انهيءَ جذبي سان ته مان صبح جو سومي ۽ منظر جي نڪاح جي رسم ۾ شريڪ ٿيندس. سومي کي هڪ خوبصورت گفٽ ڏيندس ۽ هڪ گفٽ منظر کي به ڏيندس ۽ منظر کي ڀاڪر پائي شاديءَ جون واڌايون ڏيندس. کلندس ۽ خوش ٿيندس ۽ پوءِ ائين محسوس ڪندس ڄڻ ته مون به محبت کي آخري اعزاز ڏيئي ڇڏيو آهي............