ڪھاڻيون

آئيني جي اوٽ

ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ لاڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار اصغر پتافي آھي.
اصغر پتافيءَ جي جديد ڪهاڻين جا موضوع جيترا خوبصورت آهن اوترو ئي انهن جي پيش ڪش به منفرد آهي. هي ڪهاڻيون سماجي بُراين کي نروار ڪن ٿيون ته محبتن جون ترجمان به آهن. سماجي اٿل پُٿل سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون اهميت جوڳيون آهن.ويساهه آهي ته هي ڪاوش مانائتي موٽ ماڻيندي.۽ سنڌي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائيندي.
  • 4.5/5.0
  • 2819
  • 572
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اصغر پتافي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آئيني جي اوٽ

محبتون کسجي وينديون آهن

اونداهيءَ رات جو پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهي بيٺو هئس. اهو سانجهي جو ٽائيم هو. مان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو رات جو پنهنجي گهر جي ڇت تي ڇو چڙهيو هئس. انهيءَ لاءِ ته خودڪشي ڪندم، خودڪشي ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو هئم ڇو ته اڄ بهار جي مائٽن طرفان صاف صاف انڪار آيو هو ته ان چرئي ليکڪ کي بهار جو سڱ ڪونه ڏينداسين، ٻيو ته ان جي ماءُ کي ڪينسر آهي، اسان جي ڌيءَ ان بيمار مريضه جي ڦٽن تي لپريون رکڻ نه ويندي”.
اهي لفظ بهار مُند جي گلابي ٻوٽن ۾ پيدا ٿيل ڪنڊن جيان لڳا هئا. تڏهن سوچيو هئم ته انهن ڪنڊن کي پنهنجي آتن هٿن ۾ چڀڻ ڏيندس رت وهڻ ڏيندس پر گلاب جو گل ضرور حاصل ڪندس، جيڪو منهنجي مرجهايل من جي مهڪ ٿيندو.......نه ڄاڻ ڪيترن ڏينهن تائين بهار جو انتظار ڪندو رهيو هئس پر بهار جي ديدار جو هڪ جهوٽو به نه مليو هئم.
تڏهن مون کي زندگي دٻي ۾ بند ناڪام فلم جيان لڳي هئي. ماچيس جي ننڍي کولي ۾ بند ان ڪاٺ جي تيلي جيان لڳي هئي، جنهن جي سيني ۾ مچ جو بارود ڀريل هوندو آهي، تڏهن سوچيم هئم ته حقيقت کي حقيقت ۾ تبديل ڪجي، فاصلن کي مٽائي ڪونه سگهبو ۽ وقت کي موٽائي ڪونه سگهبو........ساهن جي سر سر سيني ۾ سڏڪي رهي هئي گهٽجندڙ احساس التجائون ڪري واپس موٽي ويا هئا ۽ لڙڪ ڦاٽل اکين جي ٽٽل ڪنارن تي احتجاج جا جهنڊا کڻي ريهون ۽ ڪيهون ڪرڻ لڳا هئا، پر مون ڪجهه وڌيڪ ڪجهه بي مقصدو سوچڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ اڄ گهر جي ڇت تي چڙهي بيٺو هئس. سڄو ڳوٺ بلبن جي روشنيءَ سان مهڪي رهيو هو. ڪٿي ٽيپ رڪارڊ وڄي رهيا هئا. ڪٿي ٽي ويون هلي رهيون هيون ته وري ڪٿي هڪ بئنڊا ريڊيا وڄي رهيا هئا پر منهنجي گهر ۾ ماٺ هئي. ماٺ به ڪيئن نه هجي امان به مون جيان زندگي جي هٿان شڪستون کائي چڪي هئي. بابا گهڻو ڪري گهر نه رهندو هو. باقي هڪ ٻه ڀاءُ اٿم جيڪي به پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ غائب هئا. مون اڄ ڪنهن جو به نه سوچيو فقط پنهنجي ارادي تي اٽل هئس ته اڄ مان خودڪشي ڪندس......آپگهات ڪندس ۽ هي دنيا ڇڏي ٻي دنيا ڏانهن لڏي ويندس جتي ڏک نه هوندا، جتي انڪار نه هوندا...............جتي عيب، جتي ٺوڪرون، جتي للڪارون نه هونديون، هڪ وار لڙڪن سان سرشار نيڻن کي هڪ جهٽڪو ڏنو هئم. ڪجهه بي مندائتا لڙڪ پڪل ٻيرن جيان هيٺ ڇڻي پيا هئا. ڏندن ۾ آڱر ڏيئي سوچيو هئم ته “اسان انسان پيار ڇو ڪندا آهيون، محض انهيءَ لاءِ ته بدنام ٿيون، ناڪام ٿيون ۽ پنهنجن خوبصورت زندگين کي الوادع چئي هميشه هميشه لاءِ پنهنجن راهن ڏي واپس موٽي وڃون؟
پيار ۾ هميشه ماڻهو بدنام ٿيندو آهي، ذليل ۽ هڪ ٽڪي جو ٿيندوآهي. هن دنيا جي ساڳي انسانن مجنون ۽ فرهاد به پيار ڪيو هو، کين عشق جي آڳ وڪوڙي وئي هئي، تڏهن هو پيار ۾ سڀ کان وڌيڪ برباد ٿيا هئا. انهن جي حالتن جي تاريخ شاهد آ پر مان اڄ پنهنجي بربادي لاءِ وشال آڪاش کي شاهد بڻائيندس، ستارن کي شاهد بڻائيندس.
رات جي سناٽي کي شاهد بڻائيندس ته واقعي مون به محبت ڪئي هئي. مجنون ۽ فرهاد جيان بدنام ۽ برباد ٿيو هئس. منهنجي محبت جي تاريخ به مجنون ۽ن فرهاد جي پيار جي پراڻي تاريخ جيان زوال تائين زندهه رهندي. مون کي به ناڪام پيار ڪندڙن ۾ شمار ڪيو ويندو ۽ جڏهن انهن جو ذڪر ٿيندو ته منهنجو نالو به مجنون ۽ فرهاد جي نالن جي پويان هوندو. مون عزم ڪري ڇڏيو ته من جي ميدان جي دکندڙ مچ تي لڙڪن جو پاڻي ڪونه هاريندس. وڏن ساهن جي ڦوڪن سان مچ کي ڪونه وسائيندس. مون عزم ڪري ڇڏيو ته سوڙهي بوٽ ۾ بند زندگي کي خلاصو ڪو نه رکندس. ڀل ته هو ٻوساٽجي ٻوساٽجي ڪنهن جي پيار ۾ دم ٽوڙي. اها ئي منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي فخر جي ڳالهه آهي. مان آهستي آهستي اٿيس ۽ گهر جي ڇت جي پوئين پاسي کان اچي بيٺس. پوئين پاسي کان ان ڪري بيٺو هئس ته گهر جي پوئين پاسي کان تمام وڏو هڪ کڏو آهي جنهن ۾ ٻٻرن ۽ ديوين جا ڪنڊا پيل آهن. مون کي پڪ هئي ته اتي ڪرڻ سان مان ڪڏهن به بچندس ڪونه، جلد مري ويندس. منهنجي خواهش پوري ٿي ويندي، پر جلدي ڪنهن کي خبر به ڪونه پوندي، جيسين وڃي لاش ڌپ نه ڪندو ۽ ڳجهون ڦيرا نه پائينديون. مون اکيون پوري جيئن ئي ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇت وٽان ڳڙکن مان مون کي امان جا ڪمزور ۽ سست آواز ٻڌڻ ۾ آيا. هوءَ مون کي سڏي رهي هئي، “جواز پٽ، پٽ جواز” امان جي ان آواز ۾ هاڻ ڪافي حد تائين ڏڪڻي ۽ لرزش پيدا ٿي چڪي هئي. جنهن تي منهنجي دل رحم کائي وئي هئي. منهنجي اٽل فيصلو به اڄ امان جي هڪڙي چنگهه تي ٽٽي پيو. سوچن تي محور جي نئون تصور چٽجي ويو ۽ مان سڄو پيلو ٿي، هڪدم گهر جي ڇت تان هيٺ لهي آيس. سامهون ورانڊي جي ڪنڊ ۾ پيل ڀڳل کٽ تي امان چنگهي رهي هئي. هن جو چهرو هاڻ هئڊو ٿي ويو هو. اکين ۾ ٻڏل لڙڪ آهستي آهستي عيان ٿيڻ لڳا هئس. شايد هينئر تڪليف جو شديد دورو پيو هئس، تڏهن هن مون کي سڏڻ ۽ چنگهڻ شروع ڪري ڏنو هو، پر آواز ۾ ڪافي درد جو زهر لهي آيو هو. اهو انهيءَ ڪري ته امان کي پهرين پهرين ڪينسر ٻٽيهه جي هيٺئين ڏاٺ ۾ ظاهر ٿي پوءِ آهستي آهستي سڄي ڄاڙي وڪوڙي وئي ۽ هاڻي نڙي ۾ هيٺ لهي آئي هئي، تنهن ڪري امان جو کائڻ پيئڻ ته حرام ٿي چڪو هو پر ڳالهائڻ ۾ به ڪيئي رنڊڪون پيدا ٿي چڪيون هيون. اڪثر هو منجهندي ۽ اٽڪندي هئي، جيڪو هينئر مون پري کان ئي محسوس ڪري ورتو هو. مان ڊوڙ ڪري امان جي سيرانديءَ کان اچي بيٺس . “امان......امان ڇا ٿي ويو؟” امان کان تڪڙو تڪڙو پڇي ويو هئس.
“ پٽ ................پٽ نڙي ۾ سور آ” امان جي آواز سان گڏ اکڙين ۾ لڙڪن جي ڌنڌ اڀري پئي هئي.
“امان نڙيءَ ۾ سور پنهنجو هٿ امان جي نڙي تي رکندي پڇيو هئم. امان ڍري ڪنڌ سان هاڪار ڪئي هئي. مون هڪدم ڀر ۾ ٽيبل تي پيل هڪ دوائن جي ڳوٿري کڻي ورتي، اُن مان هڪڙي سيرپ جو ڍڪ لاهي ٻه چمچا دوا جا امان کي پياريم.
“پٽ......پٽ......ڪڙي آهي.”
“امان” چيو هئم . “زهر کي زهر ئي وڍيندو آهي” امان ماٺ ٿي وئي هئي. ڪڙي ۽ زهريلي دوا هئڻ ڪري امان جي ڦاٽل اکين جي ٽڪر ٽڪر ۾ لڙڪن جا بادل ٺهي پيا هئا. دوائن جي ڳوٿري واپس ٽيبل تي رکندي امان جي سيرانديءَ کان اچي ويٺس ۽ پنهنجو هڪ هٿ امان جي ٺريل پيشانيءَ تي رکي ڇڏيم.
“پٽ......ڪيڏانهن ويو هئين؟”
“مان” چيم “مرڻ ويو هئس” امان سڪل ۽ پيلا دوڏا ڦيري مون ڏانهن ڏٺو ايئن محسوس ٿيم ته امان جون ليلائيندڙ اکيون مون کي روڪينديون ۽ مان رڪجي ويندس.
“پٽ مون کي مارڻ جون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين؟”
“امان.........” چيم “مان توکي مارڻ جون ڳالهيون ڪو نه ٿو ڪريان، مان پنهنجي اندر جي آڳ اُجهائيندس.........” امان روئڻهارڪي ٿي پئي هئي . پنهنجي پيشاني تي پيل منهنجي هٿ مٿان پنهنجو هٿ رکندي چيو هئائين “مون کي هن حال ۾ ڇڏي ڏيندين؟” ٿورو هٻڪي اکيون ڇنڀندي وري چيائين “يا مون مان بيزار آهين؟” انهيءَ جملي اوڳاڇڻ سان سندس ڏٻرين اکين جا لڙڪ وهي وهاڻي ۾ جذب ٿي ويا.
“نه نه امان نه........مون کي قسم آ تنهنجو مان بيزار ڪونه ٿيو آهيان، مان بيزار ڪونه ٿيو آهيان ” انهن لفظن تي منهنجين اکين ۾ ڳوڙها جاري ٿي پيا هئا. وڏ ڦڙن جيان وسندي چيم “امان تون مون کي غلط نه سمجهجانءِ، سچ اها حقيقت آ ته مون کي پنهنجي زندگيءَ سان ڪو چاهه ڪونهي!”
“پر...............پر تون ائين ته نه ڪندين نه ؟” اهو امان جو ليلائيندڙ آواز هنيانوَ ۾ چڀي پيو هو. امان جي وکريل وارن کي پوئتي هٽائيندي چيو هئم “نه امان هاڻ مان ائين نه ڪندس.....” مون پنهنجو ئي ڪيل اٽل فيصلو پاڻ ٽوڙي ڇڏيو. مون کي پڪ هئي ته امان جو ليلائيندڙ آواز منهنجي فيصلي ۾ دخل ڏيندو ۽ منهنجو اٽل فيصلو ڪنهن ناچو جي ڇير جيان ٽٽي ڪڙي ڪڙي ٿي پوندو. امان سرهي ٿي پئي هئي، منهنجي هٿ کي زور (اهو هلڪو ناڪام زور) ڏيندي چيو هئائين “پٽ شل سدائين زندهه هجين” .
“نه امان..........” چيم “ مون کي دعائون نه ڏيندي ڪر. دعائن جي ضرورت ته توکي آ.”
“مون کي دعائون ڪير ڏيندو؟” امان نهايت ئي اداس لفظن ۾ وراڻيو هو.
چيم “امان توکي دعائون مان ڏيندس.....رات ڏينهن جاڳندس پيرن ۽ فقيرن جي درگاهن تي جهوليون جهليندس. روئي رڙي الله اڳيان احتجاج ڪندس پر تنهنجي تقدير جي لکئي کي ضرور بدلائيندس........... “امان ماٺ ٿي وئي هئي.ڪجهه گهڙين تائين اندر ۾ گونگا لڙڪ پيئندي رهي هئي. نيٺ خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيائين “ڏس پٽ هاڻ رات ڪافي گذري وئي آهي، تون ڀلي وڃي آرام ڪر. مون کي سور ۾ هاڻ ڪجهه فرحت آهي.”
“ٺيڪ آهي امان” چيم هئم ۽ اچي پنهنجي ڪمري ۾ ستو هئس. ٻي ڏينهن صبح جو سويري چانهه ٺاهي ٺاري امان وٽ کڻي ويس، ٺريل چانهه چمچي سان آهستي آهستي امان جي وات ۾ وجهڻ لڳس، هڪ ڪوپ کن چانهه جو امان کي پياري خالي ڪوپ جاري تي رکي وري امان جي ڀرسان ويهي رهيس. امان اداس نظرن سان مون ڏي نهاريندي چيو. “پٽ بهار هاڻ ڇو ڪونه ٿي اچي؟” چهرو سڄو هئڊو ٿي ويو هئم، ٿڌو ساهه نڪري ويو هئم، اکيون بند ڪري وري کوليندي چيو هئم.“امان بهار هڪ موسم هئي جيڪا منهنجي دل جي گلشن مان گذري وئي. هاڻ جون اونهاري جي موسم آئي آ، جنهن ۾ منهنجا نيڻ بادل ٿي وسندا ۽ پوءِ جڏهن سرءُ جي موسم ايندي تڏهن پيلن پنن جيان پن پن ٿي ڇڻي ويندس ۽ ريت ۾ وکري ويندس”
“پٽ بهار وري به ته اچي ٿي” تڏهن فقط امان جي روڙيل دونهانٽيل چهري تي مايوس نظرن جو پاڇو اڇلي ماٺ ٿي ويو هئس. سوچيم ته امان کي ڪهڙو جواب ڏيان؟ کيس چوان ته امان هر بهار ٻي بهار کان الڳ هوندي آهي. سالن پڄاڻان سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي.هوائون......موسمون سڀ بدلجي وينديون آهن، ماڻهو بدلجي ويندا آهن ماڻهن جون تقديرون بدلجي وينديون آهن، پوءِ به تون اڃان مون کي ان آس تي زندهه رکڻ ٿي چاهين”؟ پر امان جون پيليون نظرون ۽ ليلائيندڙ آواز منهنجي آواز تي قابض ٿي پيو هو. مون سمجهيو هو هر ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويندي آ، انسان به خدا تعاليٰ جو هڪ شاهڪار ۽ حسين تخليق آ، جيڪا خود ڪڏهن ڪڏهن خدا جي هٿان ناڪام بنجي ويندي آ، ۽ پنهنجي لاءِ عذاب بنجي ويندي آ، سوچن جو ساگر ايڏو ته وسيع آهي جنهن جي نه ڪا شروعات آ ۽ نه ئي وري ڪا پڄاڻي......تنهن ڪري مان سوچن جي ساگر ۾ لهرن سان ٺهلجڻ کان اڳ ساحلن سان اچي ٽڪريس. مون اکين کي هلڪو جهٽڪو ڏنو ۽ امان جو هٿ پڪڙي ورتم جيڪو صبح جي ٿڌي پهر ۾ ڪافي حد تائين ٺري ٿڌو ٿي ويو هو. مان امان جا ٻئي هٿ پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ پڪڙي هلڪا هلڪا زور ڏيڻ لڳس، امان واجهائيندڙ نظرن سان مون کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ ٿوري ئي دير کان پوءِ روئڻ شروع ڪري ڇڏيائين.
امان جي اکين جا لڙڪ اگهندي چيم “امان تون روئين ڇو ٿي؟” امان ڏک منجهان ڪو جواب ڏئي نه سگهي هئي. ٻيهر خشڪ گلي کي آلو ڪندي پڇيو هئم “امان تون روئين ڇو ٿي ؟” تڏهن ڀڻڪي هئي “پنهنجن تي ڏک اٿم”.
چيم “امان ڪيترن جا ڏک ڳائبا، تون ٻين تي ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏي....هن ديس جو هر ماڻهو ڪو به ڪنهن جو نه آ، هر ڪنهن کي اڪيلي سر زندگيءَ جو بار ڍوئڻو ٿو پوي.” تڏهن امان ماٺ ٿي وئي هئي ڄڻ ته اندر جي طوفان ۾ ماٺار اچي وئي هجيس، اکيون پوري ڏٻرين اکين جي سڪل ٽٽل ڪنارن تي احتجاج لاءِ نڪري آيل لڙڪن کي ماٺو ڪرڻ لڳي هئي. درد جي داستان کي چپ چپ پڙهڻ لڳي هئي ۽ دٻجي ويل احساسن کي پري کان رهجي ويل نظرن سان ڏسڻ لڳي هئي. ڪي گهڙيون غم جو زهر پي سڪل نڙيءَ ۾ ڳيتون ڏيندي چيو هئائين “مون کان ماڻهو پُڇڻ ڇو ڪونه ٿا اچن؟” “امان ماڻهو خود غرض ٿي ويا آهن. نفرتن جا نانگ دلين جي کارين ۾ پاليندا آهن. تن کي ياد ڪرڻ ڇڏي ڏي.”
“ماڻهو مون کان نفرت ڇو ڪندا آهن؟” امان ڏکاري لهجي ۾ اچي هڪ ٻاراڻي ڳالهه ڪري ورتي هئي، جنهن جو مون وٽ ڪو جواب نه هو.دل چيو ته کيس ڪيئن سمجهايانس ته امان توکي وات ۾ ڪينسر آهي. تڏهن ماڻهو توکان نفرتون ڪندا آهن......پر ڪجهه چئي ڪو نه سگهيو هئس. خاموش خاموش هينئي ۾درد جا ڀالا چڀندي محسوس ڪندي رهي هئي.
چيائين “ مون اڄ بهار ڏي نياپو ڪيو آهي” .
تڏهن مٿي تي هٿ رکي اکيون پوري منهن ۾ گهنج وجهي ڪاوڙ مان چيم “ ڇو ٿي امان بيوس ماڻهو کي مجبور ڪرين؟”
“ڇو بهار ڪا نه ايندي، پيليون اکڙيون ڏوريندي چيو هئائين “ايندي ضرور ايندي” مان ائين چئي ڪاوڙ مان هليو ويو هئس، ٻاهر سامهون بيٺل وڏن ٻٻرن ڏانهن جن جي ڇڊي ڇڊي ڇانوَ جو ڊگهو پاڇو صبح ويلي ڳپل ٽڪر تائين پکڙيل هو ۽ جهرڪيون ،ڪبوتر، ڪانو ۽ ڳيرا زمين جي اڀريل ڌوڙ ۾ چهنبون هڻي چڳي رهيا هئا. ڌوڙ ۾ رانديون کيڏي رهيا هئا. ٽولا ٽولا پکين جا محبتن جي ٻنڌڻي ۾ ٻڌجي هڪ ٻئي سان چهنبون ملائي پنهنجن مٺين، ٻولين جا گيت جهونگاري رهيا هئا. مون اهو ڏسي هڪ ٿڌو ساهه ڀريو. اکين جي ڪٽورين تي اڀري آيل ڳوڙهن کي ڊاٿو ۽ پولارن ڏانهن ڊٺل نظرون کڻي آهون ڀريندي چيم “اي خدا جڏهن هن ڌرتي تي پاڪ محبتن جا سفير پکي موجود هئا ته پوءِ انسان جهڙي ناپاڪ چيز کي تخليق جو روپ ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. محض انهيءِ لاءِ ته نفرت جا ٻج پوکي اختلافن جي ويڙهه ۾ پٽجي مري ۽ مٽجي وڃن” مون نظرون وري جهڪايون، ناڪام تمنائن تي ماتم ڪيو ۽ هار جي حالت ۾ مقدر جا پنا ڦاڙيندو وري گهر ڏانهن روانو ٿيس. ان دوران امان جي پيغام تي بهار به اچي چڪي هئي. بهار امان جي کٽ جي ڀر ۾ پيل هڪ ڪرسيءَ تي ويٺل هئي ۽ هن جي ٻنهي هٿن ۾ امان جون ڪمزور ۽ هئڊيون آڱريون جڪڙيل هيون ۽ امان جون بي قرار نظرون کيس چمڻ لاءِ آتيون هيون. مان خاموش خاموش قدمن سان امان جي پيرن کان اچي بيٺس، اوچتو بهار پنهنجي چهري تي وکريل وارن جي چڳ کي هٽائيندي مون ڏانهن ڏٺو ۽ هن جي ذهن جي ڪينواس تي هزارين سوال جنم وٺي خلا ۾ گم ٿي ڪنهن ٽٽل تاري جيان گردش ڪرڻ لڳا کيس ڇا چوان؟ چوان ته بهار ڇو آئي آهين؟ چوان ته بهار اميدن جي تربت تي ٿڌي پاڻي هارڻ مان ڪجهه ڪونه ورندو آهي؟ چوان ته بهار تمنائن جي مزار تي گلابن جي چادر چاڙهڻ سان دفن ٿيل تمنائن جي روح کي ڪا راحت ڪا نه ايندي آهي؟ چوان ته بهار پنهنجي ڇٽل وارن جي چڳ کي لوڏي وڌيڪ بيوس ۽ ابدال ڪرڻ نه ايندي ڪر........ڇو جو هاڻ تو مان منهنجن خواهشن جون چمنيون وسامي چڪيون آهن. چوانس ته بهار........چوانس ته بهار.....؟؟ پر ڪجهه ڪو نه چئي سگهيو هئس، خالي ٻانهون لوڏي ڪڇن ۾ وجهي بيٺو رهيس. بهار صوف جهڙن ڳلن کي شوخ ڪندي چيو “اچي وئين جواز؟”
“ها”
“ڪيئن آهين؟”
“ائين جيئن سمنڊ جي ڇولين کان آجي بلڪل اَجي ڀڳل ۽ ٽٽل سپي هوندي آهي .“ماٺ ٿي وئي هئي، ائين جيئن ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ جي ڊگهين ڇولين ۾ ماٺار اچي ويندي آهي. جيئن ڪڏهن ڪڏهن تيز هوائون اوچتو خاموش ٿي وينديون آهن. ائين جيئن ڪڏهن ڪڏهن تاڙي جي پياسي تنوار ۾ لڙڪ لهي ايندا آهن ۽ آواز ڳلي مان ئي غائب ٿي ويندو آهي........ اکيون جهڪائي ڇڏيائين. ڪنڌ نمائي ڇڏيائين، ائين جيئن شام ويلي ڊگهي ٽالهي جون سنهيون سنهيون ڪامون ليٽي پونديون آهن. فقط امان جي ڦٽل وارن کي ئي سنواريندي رهي.
“ڪيڏي مهل آئي آهين بهار؟” مون نه چاهيندي به هن کان پڇي ورتو. ڪنڌ کي هلڪو جهٽڪو ڏئي بلوري اکين تي وري وارن جي چڳ کي هٽائيندي چيائين “هينئر ئي” .
“امان کي ڏسي ڇا پئي محسوس ڪرين؟”
“منهنجي خيال ۾ اڳي کان ڪجهه بهتر آهي.” ٿورو ترسي وري پڇيو هئائين.
“توهان ڪيئن ٿا ڀانيو؟”
“مان به ائين ئي ٿو محسوس ڪيان .” مون ڪلهن کي هلڪو جهٽڪو ڏيندي وراڻيو.
“پٽ ويهه نه ؟” امان مون کي پنهنجي مٿان بيٺل ڏسي وراڻيو.
بهار ڪرسي تان اٿي هڪدم امان جي سيرانديءَ کان وڃي بيٺي.هن شرير نگاهن سان مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ آڇ ڪئي. مان به ڍرا قدم کڻي ڪرسيءَ تي اچي ويٺس. بهار امان جي سيرانديءَ کان اچي ويٺي.
“ڏس پٽ بهار اچي وئي نه ؟” امان بهار ڏي ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
“ها، امان ڇو ڪونه ايندي؟” مون آڏين نظرن سان بهار ڏي ڏٺو. جنهن تي بهار جي گلابي ڳلن تي صبح جهڙي تازگي وکري وئي هئي، اکين ۾ انڊلٺ جهڙيون شرير چمڪون لڏڻ لڳيون هئس ۽ لبن تي ڪنواريون مرڪون رقص ڪرڻ لڳيون هئس.
“ڌي اڄ تنهنجي هٿ جي چانهه پيئندس.” امان بهار کي اڃان به گهڻو خوش رکڻ چاهي رهي هئي، جيڪو هن جي خواهش مان عيان ٿي رهيو هو بهار اٿڻ جي ڪئي. مون هڪدم اٿي هن جي ٻانهن مان جهلي ورتو، ڇرڪي پئي. هڪ قسم جي گهري ڏڪڻي اڀري سڄي سنڊول جسم ۾ لهي ويس، چيم اڄ چانهه مان ٺاهيندس.”
“نه مان ٺاهينديس”
چيم “مان مهمانن جي خدمت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪندو آهيان.”
“مان مهمان نه آهيان.”
“ڪوڙ نه ڳالهائيندي ڪر” چيم مون کي خبر آهي، اڄ تون منهنجي گهر آخري ڀيرو آئي آهين......۽ ان کان پوءِ تون مون کان پنجاهه سال اڳتي نڪري ويندينءَ ۽ مان توکان پنجاهه سال پوئتي رهجي ويندس.” خاموش ئي رهجي وئي هئي. ان ديوارن جيان جنهن جا ڪن ته هوندا آهن پر زبان نه........ان وڻ جي ٿڙ جيان جنهن مان ڦٽڻ جي ڪا اميد ناهي هوندي، مان هليو ويس ڪچي رڌڻي ڏانهن ، ڪچي چلهه ۾ ڪاٺيون ۽ سڪل ڇيڻا وجهي ٽانڊو ٻاريم پوءِ ڪنٽر ڌوئي ٽن چئن ڪوپن جيترو پاڻي وجهي ڪنٽر کي کڻي چلهه تي رکيم، تجربي مطابق کير کنڊ پتي وجهي ڪاٺين کي اڳتي ڌڪي ڪجهه گهڙيون رڌڻي جي چائنٺ تي اچي بيٺس. هڪ هٿ ڪڇ ۾ ڏئي ۽ ٻئي هٿ جي اشهد آڱر ڏندن ۾ ڏئي سوچڻ لڳس “انساني زندگيءَ جي ڪهڙي بقا آهي؟ ڪهڙي خبر ته وقت جو ظالم هڪ پل منهنجي امان مون کان کسي وٺي.......... ڪهڙي خبر ته هوا جو هڪ جهوٽو بي درديءَ سان امان کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ۽ منهنجي روح تي هزارين ڏنڀ ڏيئي وڃي، امان جي طبعيت هاڻ ڏينهنون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. جن ماڻهن کي ڪينسر وات، نڙي، رت يا وري ڪنهن نازڪ عضوي ۾ ٿيندي آهي، تن کي پيڙي پيڙي ختم ڪري ڇڏيندي آهي.
امان مون کي ڇڏي ويندي........پر......پر مان ائين ٿيڻ نه ڏيندس.مان احتجاج ڪندس،خدا اڳيان، مان رڙندس مان روئيندس، مان جهوليون جهليندس پيرن ۽ فقيرن اڳيان ۽ امان جي زندگيءَ جي خيرات گهرندس، امان جي تقدير بدلائيندس، مقدر جي محور تي گردش ڪندڙ زندگي جي ٽٽل تاري کي نئين موڙ ڏانهن موڙيندس، ڦٽل بخت سان بحث ڪندس پر رات کي رات ۾ تبديل ٿيڻ ڪونه ڏيندس، امان کي مٽي جي آغوش ۾ سمهڻ ڪونه ڏيندس، اوچتو چلهه تي چڙهيل چانهه جو ڪنٽر شون شون ڪري اٿلڻ لڳو. ڊوڙ ڪري چانهه جو ڪنٽر چلهه تان لاٿم. ٽي ڪوپ ڌوئي شيشي جي پليٽ تي رکي منجهن چانهه لڳائي بهار ڏانهن کڻي آيس ، مون مرڪي چانهن واري شيشي جي پليٽ بهار جي اڳيان جهلي، مرڪي چانهه جو ڪوپ کڻندي “ٿينڪ يو” وراڻيائين مان هڪ ڪوپ پنهنجو کڻي باقي هڪ ڪوپ امان لاءِ پليٽ سوڌو جاري تي رکي ڇڏيو ته جيئن چانهه ٺري وڃي ڇو ته گرم چانهه پيئڻ سان امان کي وات ۾ تڪليف ٿيندي هئي.تنهن ڪري هو ٺريل چانهه ئي پيئندي هئي.
گرم چانهه سان بهار جي سنهڙن نازڪ چپن مان سپ سپ جا آواز ڦٽڻ لڳا. ٻي ٽي ۽ چوٿين سپ ڀرڻ کان پوءِ چيائين “ماشاءَ الله بورچي سٺو آهين” وات ۾ پيل گرم چانهه جي سپ کي اڳتي ڌڪيندي چيم “چرين سان ڀوڳ ٿي ڪرين” وات ۾ پيل چانهه سوڌو ٽهڪ نڪري ويس . چانهه جو ڦوهارو نڪري هٿن ۽ ڪپڙن تي هارجي ويس، ظالم دوڏا ڇڪيندي چيائين “وڏو ڪو احمق آهين؟“
ٽهڪن ئي ٽهڪن ۾ چيم “آهيان ڪو نه اڄ سڀاڻي سمجهه ته ايڪيهن صديءَ ۾ سڀ کان پهرين جوڙ جو هوندس.”
“ٻيو توکان ڇا پڄندو ؟” ٻيهر کٽ جي ايس تان رکيل ڪوپ کڻي وارن جي چڳ کي هٽائيندي چيائين ۽ وري سپ سپ ڪري چانهه پيئڻ لڳي. تڏهن ٿڌو ساهه کڄي ويو هئم. ٿڌي ساهه کڄڻ سبب اندر ۾ ڀرتي ٿي پئي هئم. دکندڙ سگريٽ جيان دکندي چيو هئم. “ها بهار تون سچ ٿي چئين مون کان ڪجهه ڪونه پڳو آهي. مان توکي به ته پنهنجو ڪري ڪونه سگهيو آهيان نه” اهي بي قرار لفظ سندس ڪنن مان بي وقتائتي خبر جيان گذري ويا هئس. چانهه جو ڪوپ هٿ مان ڇڏائجي ويو هئس. ڪنڌ بيد مشق جي ڊگهين پاڇن جيان نمي پيو هئس، اکين ۾ لهندڙ سج جي پيلن ۽ اداس پاڇن جيان پاڇا لهرائڻ لڳا هئس، امان جي چهري تان پنهنجون سنهڙيون ۽ ڊگهيون آڱريون ڦيريندي چيائين “چاچي مان هلان ٿي.
“پٽ ويهه نه ” امان التجائون ڪرڻ لڳي هئس.
“نه چاچي”
“وري ڪڏهن ايندين؟” امان پڇيو هئس ماٺ ئي رهجي وئي هئي، اندر مان اٿندڙ طوفاني لهرن کي دٻائڻ جو ڪيو هئائين، پر ناڪام وئي هئي ٻه ٽي هلڪا ڳوڙها روڪيندي به اکين جي پلڪن مان ڪري پيا هئس.
“بهار ڪڏهن ايندين؟” نه چاهيندي به مون پڇي ورتو هو.
“هه............هه.......هاڻي.......شايد.......؟” اندر جي ڳالهه اندر ۾ ئي ڪُتر ڪُتر ٿي وئي هئس پر مون کان اڳ امان ڳالهه کي سمجهي ورتو هو. اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي هئي . بهار جي هٿ جي ڊگهين اڱرين کي زور سان پڪڙيندي چيو هئس “ڌيءَ تون منهنجي آهين، تون منهنجي آهين...”
مون سٽ ڏئي امان جي ڪمزور هٿن ۾ جڪڙيل بهار جون آڱريون ڇڏائيندي چيو هو “ڇو ٿي امان بيوس ماڻهن کي مجبور ڪرين؟ ڀلا ڪڏهن پراوا ماڻهو پنهنجا ٿيا آهن؟ بهار مون ڏي ڏسندي روئي پئي هئي، پنهنجي رنگين چوڙين ۾ جڪڙيل ڳوري ٻانهن مون ڏانهن وڌائيندي چيو هئائين “هل جيڏانهن وٺي هلڻ چاهين ٿو، وٺي هل مون کي......ها وٺي هل مون کي مان تيار آهيان، “ اندر جي سڏڪن کي جهلي کانئس پٺيرون ٿيندي چيو هئم “نه بهار نه، دنيا جي تاريخ شاهد آ ته سچي محبت ڪڏهن بزدل ناهي ٿي. اسان پنهنجن پٺن تي بزدليءَ جا ٺپا هڻائي جيئڻ نٿا چاهيون....”
ماٺ ئي ماٺ ۾ بيٺي رهي هئي. سوچون گهيرو ڪري ائين گهيري ويون هئس، جيئن سڪل پوڙهي ٻٻر کي بي پاڙي ويڙهي ويندي آهي. “بهار مون دنيا ۾ فقط ٻن ماڻهن سان محبت ڪئي آهي. هڪ امان سان ۽ ٻيو توسان.....مون کي خبر آهي اسان جون جذباتي محبتون اسان کان ائين ڦرجي وينديون آهن، جيئن ننڍڙي ٻار کان ڪانوَ ماني ڳڀو ڦري ويندا آهن، پر پوءِ به جيئڻ لاءِ جتن ڪرڻ ۾ اسان جهڙن مردن جو خاصو حصو رهيو آهي.......مون به جتن ڪيو هو، هاڻ جيئندس يا مرندس، اهو فيصلو اڃان قسمت ڪري ڪا نه سگهي آهي.”
بهار روئي سڏڪي پئي هئي، سندس هر سڏڪو دلين جي تهن کي ٽوڙيندو اندر لهندو ٿي ويو نه ڄاڻ ڪيترا پل ورانڊي جي گهٽيءَ ۾ ڪچي پيلر کي ڀاڪر ۾ ڀري روئيندي رهي هئي، جڏهن روئي ڀرجي پئي هئي، امان به روئي ڏنو هو، ان ڳالهه جو امان کي ڏاڍو ارمان ٿيو هو. پر امان ڇا ٿي ڪري سگهي. ڪي پل خاموش ڳوڙها هاريندي رهي هئي ۽ پوءِ ڳاڙهن اکين کي ڇنڀندي چيو هئائين. “پٽ جواز مون کي دعا ڪر ته مان ٺيڪ ٿيان، پوءِ مان توکي بهار ضرور وٺي ڏينديس، ضرور وٺي ڏيندس.....هيءُ ڏس ! ” پنهنجي مٿي جي اڇي سينڌ تي هٿ رکندي چيائين “هيءُ ڏس منهنجي عورتاڻي سينڌ آ، مان توکي بهار ضرور وٺي ڏينديس. “ناڪام حسرتن سان امان ڏي ڏٺو هئم، مون کي امان جي ويران اکڙين ۾ ناڪاميءَ جي رک اڏرندي نظر آئي هئي. رڳو ٺلها دلاسا،دل کي آٿتون ۽ سڪون لاءِ سوچون محسوس ڪيون هئم، تڏهن روئي پيو هئس، جهلي جهلي لڙڪن کي پيئڻ لڳو هئس ۽ سچ مون اهي لڙڪ ئي پيتا هئا، جن مون کي ڳچ مڌ جيترو نشو ڏئي ڇڏيو هو، کٽ تي ڪري پيو هئس ۽ ننڊ وڪوڙي وئي هئم. اها ظالماڻي ننڊ مون کي منهنجي گهر ۾ ايندڙ طوفان جي اطلاع کان محروم رکيو هو ، جنهن مون کي ايندڙ زلزلي جي خبر کان بي خبر رکيو هو، ڪيڏي نه اها ظالم ننڊ هئي، جنهن مون کي ايڏي ڏک جي سيلاب ۾ به ڳولي لڌو هو. ڪيڏو نه بدنصيب هئس، ڪيڏو نه بدبخت هئس....۽ پوءِ جڏهن هوش جي هوا لڳي هئي تڏهن منهنجي دنيا مون کان وڇڙي چڪي هئي. منهنجي جيجل امان مون کان ڌار ٿي چڪي هئي......مون کي افسوس آ، پنهنجي هر ڳالهه، پنهنجي هر هڪ واعدي تي جيڪي مون امان سان ڪيا هئا. مون خدا اڳيان احتجاج ڪونه ڪيو هو، مون پيرن فقيرن کي ڪون ستايو هو، مون امان جي تقدير جي لکئي کي ڪونه بدلاليو. مون رات کي رات ۾ تبديل ٿيڻ کان ڪونه روڪيو........مطلب ته ڪجهه ڪونه ڪري سگهيو هئس، ان سڄي رات عذر خواهي لاءِ پاڙي جا ماڻهو ايندا رهيا هئا. صبح کان وٺي شام تائين به اها ئي حالت رهي هئي.....جڏهن شام ٿي هئي هر ڪو ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي چڪو هو. سج پنهنجي ٿڪل پاڇن جا پيلا احساس ڇڏي جڏهن زمين جي هنج ۾ آرامي ٿيڻ وارو هو، تڏهن بهار سج جي اداس ڪارن پاڇن ۾ پاڻ لڪائيندي مون وٽ آئي هئي..... ورانڊي جي هڪ ڪنڊ ۾ وڇايل تڏي تي مان ويٺل هئس............ هو مون کان تڏي تي ڌار ڌار ويٺي هئي. ڪاري کٿي ۾ ويڙهيل هن جو ڪنڌ جهڪيل هو....نه ڄاڻ ڪيتري دير تائين ٻئي گونگا ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا هئاسين. چپ چپ، خاموش خاموش ۽ پوءِ جڏهن ٽائيم ڀرجي آيو هو، تڏهن ڪاري کٿي ۾ پاڻ لڪائيندي اٿي هئي. گهڻو ئي چاهيندي روڪي ڪونه سگهيو هئس. ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هئم، ٿوري دير کان پوءِ ڏٺو هئم هو سامهون بيٺل وڏن ٻٻرن جي هيٺيان اڪيلي ئي وڃي رهي هئي.