غداري ءَ جي پُل تي بيٺل ڇوڪري
مان هاڻ هن دنيا ۾ رهي نٿو سگهان...........” اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيتريون ئي سوچون آهن، جيڪي ائين هن جي اندر ۾ ولوڙجنديون ٿيون رهن، پر هو ڪنهن سان به ڪجهه سَلڻ نٿو چاهي. سَلي به ڪنهن سان؟ ڪنهن کي ٻڌائي ته ايمن جي ڪٺور رويي سبب مان هاڻ معذور ٿي ويو آهيان؟ ۽ ڪنهن کان پُڇي ته ايمن جي بيوفائيءَ کي ڪيئن فيس ڪيان............؟؟ هر ڳالهه جو ته هو پاڻ ئي ڏوهاري آهي، هن پاڻ ئي ته ايمن سان پيار جي شادي ڪئي هئي، شروع وارو وقت هنن جو ڪيڏو نه سُٺو گذرڻ لڳو هو، هر شام هنن جي ڪلفٽن سي ويوز يا ڪڏهن ڪنهن رنگين پارڪ ۾ گذرندي هئي، ڪيڏا هو ٻئي زندگيءَ مان خوش ۽ مطمئن هئا، پر گذريل ٻن مهينن کان ايمن جي سئوٽ شيراز آمريڪا مان موٽندي ئي هنن ٻنهي جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪري ڇڏيا هئا. ايمن اڪثر هاڻ شيراز جي خيالن ۾ گم رهڻ لڳي هئي، اهو ئي سبب هو جو خالد جي شخصيت هوريان هوريان ايمن جي دل مان نڪرڻ لڳي هئي ۽ اها جاءِ هاڻ شيراز جي پُرڪشش شخصيت اچي والاري هئي. ٿورين ٿورين تلخين جو ذڪر هن سان خالد ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو هو، پر هوءَ اڪثر ڪو نه ڪو بهانو ٺاهي نٽائي ڇڏيندي هئي. اُن ڏينهن نيٺ خالد پاڻ کي مضبوط ڪري هن جي سامهون آندو ۽ چئي ڏنو ته “ايمن تون هاڻ بدلجندي ٿي وڃين.........!”
“ڇا ٿيو آهي مون کي......................؟” ايمن ڊريسنگ ٽيبل جي شيشي ۾ پَٺيان بيٺل خالد کي ڏسي رکائپ ۾ چيو هو.
“تون اهو ڪيئن ٿو چئي سگهين................؟؟ هڪ لمحي لاءِ هن وارن ۾ هلندڙ ڪنگو روڪي کانئس پُڇيو هو.
“مون وٽ انهن ڳالهين جو ثبوت آهي.................” خالد ڪمري جي ڇت ڏانهن نهاريندي وراڻيو هئس.
“ڪهڙو ثبوت......؟ ايمن بدستور وارن ۾ ڪنگو ڪندي پڇي ورتو هو.
“اهڙيون ڪيتريون ئي شامون آهن، جيڪي مون تنهنجي انتظار ۾ اڪيلي ئي گُذاري ڇڏيون آهن.....؟
“مان هاڻي گهڻي مصروف ٿي وئي آهيان......” ايمن ائين چئي ڪنگو هيٺ رکي ٽيبل جي خاني مان پن ڪڍي وارن کي قيد ڪرڻ لڳي هئي. “تنهنجي اهڙي ڪهڙي مصروفيت آهي، جيڪا گذريل ڪجهه ڏينهن کان وڌي وئي آهي.........“خالد مصروفيت جو سبب پڇيو هيس. “توکي چيو ڪونه هيم ته منهنجي سهيلي فرح هڪ اين جي او قائم ڪئي آهي، مان هاڻ اُن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهيان.............”
اهو محض تنهنجو بهانو آهي، حقيقت ڪجهه ٻي آهي.” خالد نيٺ ايمن کي پنهنجي شڪ جو واس ڏئي ڇڏيو.
“ڇا ........؟؟؟” ڊريسنگ ٽيبل جي شيشي ۾ پنهنجو چهرو ڏسندي ايمن کي ڄمڻ ته ڪرنٽ لڳي ويو.
“ صحيح ٿو چوان..........تون ان بهاني شيراز سان ملندي آهين.......” خالد پٺڀرو ٿيندي نيٺ پنهنجي شڪ جو ڀانڊو ڦوڙيو.
“ته ڇا ٿي پيو، ڪزن اٿم، هما وارن وٽ ايندي ويندي ڪڏهن ملاقات ٿي ويندي اٿم ته ڏوهه ته ناهي، ۽ هونئن به شيراز توکان ته وڌيڪ تعليم يافته ۽ سُلجهيل ماڻهو آهي........”
“۽ وڌيڪ دولتمند به آهي.........”
“ها انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي.........”
“پر مون کي تنهنجو اُن سان ملڻ سُٺو نٿو لڳي........”
“ اوهين مرد ته هوندا ئي شڪي آهيو، منهنجو اُن سان ڪوبه اهڙو غلط تعلق ڪونهي.........”
“ڇا به آهي ايمن، پر...........ڪوبه مرد اهو برداشت نٿو ڪري سگهي ته اُن جي زال سڄو سڄو ڏينهن ڪنهن غير مرد سان ڪار ۾ چڙهي گُهمندي وتي، ۽ هو ڏسندو رهي......!؟
“شيراز ڪو غير ڪونهي، منهنجو سئوٽ آهي، هڪ اڌ دفعو جيڪڏهن ساڻس گڏ ويس ته ڏوهه ته ڪونه ٿي پيو........؟ ” ايمن جي نڙيءَ جون رڳون تنبوري جي تار جيان تاڻجي آيون هيون.
“هڪ اڌ دفعو نه، پر ڪيترائي دفعا تون هنن سان گڏ وئي آهين.”
“اهو تنهنجو الزام آهي......” ايمن هڪ وار خالد جي ڪاوڙ ڀريل چهري ۾ نهاريو، پر نهاري نه سگهي ۽ وڃڻ لڳي،
“الزام نه پر حقيقت آهي.......” خالد غُصي مان رڙ ڪئي. پر ايمن ڄڻ ته موضوع کي ٽارڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر وڃي چڪي هئي، اهو ئي ڏينهن هو، جنهن کانپوءِ ايمن کانئس گهڻي خفا ٿي وئي هئي، خالد کي نيچ ڪرڻ لاءِ، ايمن هاڻ گهڻو تڻو گهر ۾ رهڻ ڇڏي ڏنو هو. هوءَ اڪثر روزانو ماءُ يا فرح جو بهانو ڪري سڄو سڄو ڏينهن شيراز سان گڏ ٻاهر گمهڻ ڦرڻ لاءِ نڪري ويندي هئي.
سندس غير موجودگيءَ ۾ خالد اڪثر آفيس ۾ واندي ويهڻ وقت پنهنجي ساهورن فون ڪري ايمن جو پُڇي وٺندو هو، کيس اڪثر ٻُڌايو ويندو هو ته هوءَ فرح وارن وٽ وئي آهي. اهو ٻڌي خالد کي چڙ اچي ويندي هئي ۽ زور سان رسيور ڪريڊل تي اُڇلي ڇڏيندو هو. هن ڪيترائي ڀيرا فرح کي به فون ڪري چيو هو ته هو ايمن کي لفٽ ڏيئي شيراز سان ملڻ جا ڪي به موقعا فراهم نه ڪري، نه ته ٻي صورت ۾ سڄي ڳالهه جي ذميوار فرح هوندي........ پر فرح هميشه خالد جي ڌمڪين کان وڌيڪ شيراز ۽ ايمن جي دوستيءَ کي ترجيج ڏيندي هئي ۽ هن ڪڏهن به ايمن کي خالد جي باري ۾ نه ٻڌايو، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ خالد جي ڌمڪين جو ذڪر پنهنجي ڀاءُ شيراز سان ضرور ڪندي هئي. ائين خالد به وسان ڪونه گهٽايو، ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه تي هنن جون هلڪيون ڦلڪيون چڪريون به ٿيون پر ايمن هميشه کيس غلط فهمين ۾ مبتلا سمجهي مٿس تنقيد ڪندي رهندي هئي انهن ئي چڪرين ٻنهي کي ڪنهن واهه جي ٻن ڪنارن جيان پري پري بيهاري ڇڏيو هو. ان ئي سبب خالد اڪثر هاڻ اپ سيٽ رهڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو آفيس وڃڻ بجاءِ شهر جي سنسان روڊن ڏانهن نڪري ويندو هو ۽ جڏهن شام جو موٽندو هو. تڏهن ٿڪجي چُور ۽ بيزار ٿي پوندو هو. ڪمري ۾ اچي ڊهندو هو ته کيس ننڊ وڪوڙي ويندي هئي. ٽين ڌر جو ڪردار ادا ڪندڙ شيراز جي شخصيت هاڻ ايمن تي گهڻو حاوي ٿي چڪي هئي، شيراز به وسان ڪونه گهٽايو. پنهنجي گهر،ايمن جي مائٽن جي گهر يا ڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ ملڻ بجاءِ هاڻ ته هو سڌو سنئون ايمن سان ملڻ خالد جي گهر به اچڻ لڳو هو. اها ڳالهه ويتر خالد لاءِ جيءُ جلائيندڙ هئي. جڏهن به اها ڳالهه سندس ذهن ۾ قلابازيون کائڻ لڳندي هئي، تڏهن کيس محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ته هو فريب جي ڦندي تي ڦاهي چڙهندو ٿو وڃي ۽ مات جي پاتالن ڏانهن ڌڪبو ٿو وڃي، هو هاڻ اهڙي ڪشمڪش ۾ اچي ڦاٿو هو، جتي هن جا سڀ رستا بند تي چڪا هئا، پر پوءِ به هو انهن وڏين مشڪلاتن کي فيس ڪرڻ چاهيندو هو ۽ هر حالت ۾ پنهنجي محبت کي بچائڻ چاهيندو هو. پر ايمن جيڪا هن جي ازلي محبت هئي، سا بيوفائيءَ جي رستي تي هلندي هن کان ڪوهين ڏور نڪري چڪي هئي. هاڻ ته ايمن بهانا ڪرڻ ۽ نٽائڻ به ڇڏي ڏنو هو ۽ سڌو سنئون شيراز سان اٿڻ ويهڻ اڪيلو اڪيلو ڊرائنگ روم ۾ ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ڪرڻ يا ڪلاڪن جا ڪلاڪ شيراز سان فون تي ڳالهائڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ هن جو معمول بڻجي ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته شيراز خالد جي گهر ۾ موجودگيءَ وقت به ايمن سان ملڻ گهر هليو ويندو هو. پوءِ ته هو ڊرائنگ روم ۾ ويهي ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ڪندا، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئا. خالد ڪيترائي ڀيرا ايمن کي چيو هو ته شيراز کي سندن گهر اچڻ کان منع ڪري، خود خالد به شيراز کي فون ڪري چيو هو ته هو هن جي گهر نه اچي پر شيراز نه مڃيو ۽ هو ايندو رهيو. اها ڳالهه خالد جي برداشت کان ٻاهر هئي، ان ڏينهن به جڏهن هو طبعيت ٺيڪ نه هئڻ سبب آفيس نه ويو هو ته پنهنجي ئي بيڊ روم ۾ ليٽيو پيو هو ته ڪنهن مهل کيس شيراز ۽ ايمن جا گڏيل ٽهڪ سندس ڪنن تي پيا هئا، اهو سڀ ڪجهه هن کان برداشت نه ٿيو ۽ هو ڊرائنگ روم ۾ اچي نڪتو هو، جتي کيس اوچتو ڏسي شيراز ۽ ايمن جا چهرا اڌ لهي ويا هئا. خالد وڌي اچي شيراز جي گلي مان جهليو هو، “ڪميڻا، بي غيرت.......توکي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته منهنجي گهر نه ايندو ڪر.........”
“هيءَ منهنجي ڪزن جو گهر آهي، مان اچي سگهان ٿو................” شيراز به مٿس اکيون ڦوٽاريون هيون ۽ خالد کان پنهنجو گلو ڇڏائڻ لڳو هو.
“هي تنهنجي ڪزن جو گهر ناهي، هي منهنجو گهر آهي.........” خالد کيس ڌونڌاڙڻ لڳو هو. ايمن فقط وچ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳي هئي، “پليز خالد.......پليز شيراز.......!! وڌيڪ هو هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهي هئي،
“مسٽر خالد، تون منهنجي بيعزتي ڪري رهيو آهين، مان توکي ڏسي رهندس.........” شيراز جي نڙيءَ جون رڳون ڦوڪجي آيون هيون، خالد کيس ڌنڌوڙي زور سان ڌڪو ڏيندي چيو هئس، “ڏسي رهجانءَ ڪميڻا.............. نڪر هتان..........” شيراز ذري گهٽ صوفي تي ڪرندي ڪرندي وڃي بچيو هو، “مان توکي زندهه ڪونه ڇڏيندس” شيراز پنهنجي قميص جا ڪالر ٺاهيندي ڌمڪي ڏني هئي ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو ڊرائنگ روم مان ٻاهر هليو ويو هو.
شيراز جي وڃڻ پُڄاڻان ايمن وڏي واڪي روئڻ لڳي هئي، روئندي روئندي خالد کي چيو هئائين، تو منهنجي ڪزن جي بي عزتي ڪئي آهي، مان هاڻ هتي هڪ منٽ به نه ٿي رهي سگهان. “ايمن ڌمڪي ڏني هئس، نه فقط ڌمڪي پر اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ هوءَ پنهنجي روم ۾ هلي آئي هئي، جتي هوءَ تڪڙ تڪڙ ۾ لڙڪ اُگهندي پنهنجا ڪجهه ڪپڙا، ٻيو ضروري سامان بريف ڪيس ۾ بند ڪري بريف ڪيس گهليندي ٻاهر آئي هئي. خالد صوفي تي مٿو ٽيڪي ڄڻ ته ڪجهه دير اڳ گذريل واقعي تي ڪجهه سوچي رهيو هو، گهلجندڙ بريف ڪيس جي هلڪي آواز تي هن صوفي تي ٽيڪيل ڪنڌ کڻي ايمن ڏانهن نهاريو هو. ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿيل ايمن ڊرائنگ روم جو درکولي ٻاهر وڃڻ لڳي هئي. خالد پٺيان کان ڀُڻڪيو هو، “ايمن .....ڇا اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي.........”
“ايمن.........مان اهو قطعي نٿو چاهيان ته تون مون کان ڌار ٿي وڃين......مون جيئن توکي پائڻ لاءِ وس ڪيا هئا، ائين ئي توکي وڃائڻ کان بچائڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهيان. پر تون منهنجي هر ڳالهه سمجهڻ کان ناڪام وئي آهين، مجبورن مون اڄ اهو ڪجهه ڪيو ، جيڪو نه ڪرڻ چاهيندو هئس” پر ايمن خاموش بيٺي هئي. خالد ٻيهر ڳالهايو هو، “ايمن ڏس، اسان لوَ مئريج ڪئي آهي، مان چاهيان ٿو ته لَو مئريج جي ان پاڪ ۽ عظيم رشتي کي بدنام ٿيڻ کان بچائي وٺجي، تون اهو ضد ڇڏ ۽ منهنجي ڳالهه مڃي وٺ.......”
“تو شيراز نه پر منهنجي بي عزتي ڪئي آهي ۽ مان پنهنجي بي عزتي ڪڏهن به برداشت نٿي ڪري سگهان ...........مان وڃي رهي آهيان” ايمن جا سخت لفظ خالد جي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا هئا ۽ ايمن بريف ڪيس گهليندي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي هئي.
انهيءَ ڏينهن کانپوءِ خالد ڄڻ ته بيمار ٿي پيو هو، ڪافي ڏينهن هو آفيس ئي نه ويو هو. فقط پنهنجي ڪمري ۾ ئي اونڌو ليٽيو پيو هوندو هو . آفيس مان کيس ڪيئي فون اچڻ لڳا. ڪڏهن دل چاهيندي هئس ته فون اٽينڊ ڪندو هو ، نه ته رنگ وڄي وڄي پاڻ ئي بند ٿي ويندي هئي. خالد منجهي پيو هو ته هو هاڻ ڪهڙو فيصلو ڪري، کيس پورو پورو يقين هو ته گهر ڇڏڻ کان پوءِ ايمن جا هاڻ سڀ رستا صاف ٿي ويا آهن. جيڪو شيراز جي ڌن،دولت ، ڪار ۽ بنگلي جو جيڪو نشو ايمن جي اکين تي چڙهيل آهي. سو هن گهر ۾ کيس ڪڏهن به آزاديءَ ۽ محبت سان رهڻ نه ڏيندو . ٻيو ته هو ايمن کي وڃائڻ به نٿو چاهي ، پنهنجي مٽن مائٽن کان وڙهي ته هن ايمن سان شادي ڪئي هئي، اڄ جي هو ايمن کي ڇڏي ٿو ڏي ته ٻنهي طرفن کان وڃي ٿو. ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان علاوه پنهنجا ڪيل غلط فيصلا سڄي عمر لاءِ مٿس غذاب بڻجي ويندا ۽ هو احساس محروميءَ جو شڪار ٿي ويندو . هاڻ هن لاءِ هر ڳالهه ڏکي هئي، هو ڪهڙو فيصلو ڪري ڪهڙو نه، اهو معاملو هاڻ سندس لاءِ ڄڻ ته پهاڙ ڪٽڻ برابر هو، پر پوءِ به هن اهڙي حالت ۾ ايمن جي مائٽن کي فون ڪئي هئي، اُن وقت ڊرائنگ روم ۾ ايمن جي وڏي ڀيڻ ثومن موجود هئي، تنهن اچي فون رسيو ڪيو هو، هيلو ڪير........؟؟”
“ مان خالد آهيان.......” خالد هوريان وراڻيو هئس.
“او ادا خالد ڇا حال آهن، خوش ته آهيو نه.......؟ هڪ وار خالد کي لڳو ڄڻ ته ثومن به مٿس طنز ڪندي هجي پر ٻي وار هن سوچيو ته ائين به ٿي سگهي ٿو ته ثومن شايد ان ڳالهه کان بي خبر هجي ۽ هن ائين ئي پڇيو هجي. سوچڻ لڳو ته هو ثومن کي ڪهڙي ورندي ڏي، ڇا ڪنهن جي گهر اُجڙڻ کان پوءِ ڪو ماڻهو خوش رهي سگهي ٿو؟ پر محض ثومن جي جملن کي ڳنڍڻ لاءِ وراڻي ٿو. “ ها.........”
“ٻڌايو ادا ڪيئن فون ڪيو..........؟”
“ادي توهان کي ته اسان جي معاملي جي پوري پوري خبر هوندي...........” خالد ثومن جي دل جي انت وٺڻ لاءِ پڇيو هو.
“ها ادا. هتي ته مان رات ئي آئي آهيان ، پر زاهد مون سان رات ڳالهه ڪئي هئي.........”
“ادي مان نٿو چاهيان ته منهنجو گهر اُجڙي وڃي، مان ته گهر کي آباد ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري رهيو آهيان، توهان کي ته خبر ئي آهي، اسان جي شادي ڪيئن ٿي هئي، مون ذري گهٽ ايمن لاءِ خودڪشي ٿي ڪئي ۽ ايمن به پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو، تڏهن وڃي اسان هڪٻئي جو پيار پاتو هو. هاڻ جڏهن هو آمريڪي شيراز هتي پهتو آهي ته ايمن سڄي جي سڄي شيراز جي ٿي وئي آهي. ڪزن آهي ته پنهنجي جڳهه تي، پر ان سان ايتري گهرائپ رکڻ جو ڪهڙو مقصد؟ مون ڪافي ڀيرا شيراز کي چيو آهي ته هو ايمن کي لفٽ نه ڏي ۽ نه ئي ان سان ملڻ منهنجي گهر اچي، پر منهنجي ڳالهه مڃڻ لاءِ ڪو تيار ئي ناهي........مجبورن جڏهن شيراز کي هڪ دفعي گهر مان بي عزتو ڪري ڪڍيو اٿم ته ايمن هرو ڀرو گهر ڇڏي هلي آئي آهي. ڀيڻ مون ته ايمن کي الف به ڪونه چيو هو........” ٻئي طرفان خالد جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌندڙ ايمن جي وڏي ڀيڻ ثومن وراڻيو هو. “ها ادا توهان صحيح ٿا چئو......سچ پڇو ته مان هتي فقط ايمن کي ئي سمجهائڻ لاءِ آئي آهيان. رات کان وٺي سمجهائڻ پئي آهيانس پر منهنجي ته هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اڄ صبح جو جڏهن سندس ڪمري ۾ ويس ۽ توهان جي باري ۾ چيم ته چيائين ته “کڏ ۾ وڃي پئي تنهنجو خالد، مون کي هاڻ اُن سان گڏ رهڻ جو ڪوبه شوق ڪونهي” ادا پوءِ جيڪا پهتم سان ڪيم، پر هن همت ڪري وري ڳالهايو “ ڀلا ڀيڻ چاچي ڇا ٿي چئي.........؟”
“ادا، امان جي باري ۾ ته توهان کي سڄي خبر آهي هوءَ ته سڄو پاسو ڌيئرن جو کڻندي آهي”
“ڀلا ڀيڻ ايمن هن وقت گهر ۾ موجود آهي......؟” خالد ٻيهر همت ڪري ايمن جي باري پڇيو.
“ادا، ٿورو ئي اڳ فرح جو فون آيو هو، سو اوڏانهن هلي وئي آهي.......” اهو ٻڌي خالد کي سخت ڪاوڙ آئي، هو اندر جي باهه ۾ شوڪڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳو ، ٻيهر ثومن جو آواز سندس ڪنن تي پيس ، “ادا ، ٻيو ڪو ڪم ڪار................؟”
“نه ادي بس ....چڱو خدا حافظ........” خالد تڙ تڪڙ ۾ وراڻيو ۽ رسيور ڪريڊل تي رکي ڪنهن گهري سوچ ۾ پئجي ويو، پوءِ کيس محسوس ٿيو ته هو ڪنهن به طرح هاڻ پهرين جيان ايمن کي حاصل نٿو ڪري سگهي، ايمن هاڻ هن گهر ۾ واپس نه ايندي، ڪنهن به صورت ۾ ، ايمن کي طلاق گهرجي، پر ان ويل هو به پنهنجي پاڻ سان وچن ڪري ويٺو هو ته مرڻ گهڙي تائين به هو ايمن کي طلاق نه ڏيندو ۽ آخري حد تائين پنهنجي محبت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو. پر وري سوچي ٿو ته ايمن کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪيئن ڪندو؟ ايمن هن سان ملڻ لاءِ تيار به ناهي ۽ هن جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار به ناهي. پوءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ايمن کي مڃائيندو؟
ائين ڪيئي سوچون هن جي ذهن ۾ واسو ڪنديون رهن ٿيون ۽ ڪيترائي ڏينهن گذري وڃن ٿا، ائين سوچيندي سوچيندي........
۽ اڄ به هو سوچون ڀوڳي رهيو هو، پنهنجي بند ڪمري ۾ تنها ئي تنها ويٺو هو، ڪنهن ڪنهن لمحي هن ڪمري جي چئني ديوارن تي نظرون ٿي ڦيرايون ، ديوارن تي لڳل ننڍڙن ننڍڙن ٻارن جون خوبصورت تصويرون جيڪي اڳي کيس ڪيڏو سڪون بخشينديون هيون، پر اڄ ڄڻ ته هن جي اڪيلائي ۽ بيوسيءَ تي ٽهڪ ڏينديون هجن، هو ٻارڙن جي خوبصورت تصويرن کي ڏسي نٿو سگهي ۽ اتان نظرون ڦيرائي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو، ڪمري ۾ سمورو سامان ٽڙ پکڙ ٿيو پيو آهي. سگريٽن جا ٽوٽا ڪنهن ايش ٽري بدران ڪارپيٽ ٿيل فرش تي وکريا پيا آهن. بوٽ ۽ چمپلون شوز اسٽينڊ بجاءِ صوفي تي آڏيون اُبتيون پيون آهن، ميرا جوراب ٽيبل ليمپ جي ڀر ۾ پيل آهن ۽ ٻيو سڄو سامان الٽ بُلٽ ٿيو پيو آهي. جن تي هلڪي هلڪي مٽيءَ جي دز ڄمي وئي آهي. هو اکيون بند ڪري ٿو ڇڏي، پر ننڊ بجاءِ اکين مان ڪجهه لڙڪ نپوڙجي سندس اکين جي ڇپرن کي آلو ڪري ڇڏين ٿا ، پوءِ کيس محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ته بند ڪمري ۾ هن جو ساهه گُهٽجندو هجي،اُٿي پردو هٽائي ڪمري جي الهندي دري کولي ٿو، تازي هوا جا ڪجهه جهونڪا هن جي وکريل وارن کي لوڏي ڪمري اندر ڌوڪي اچن ٿا، پر کيس لڳي ٿو ته ڄڻ هوا هجي ئي نه، ۽ هن جو دم اڃان گُهٽجندو هجي، محسوس ڪري ٿو ته هن جي نڙيءَ ۾ ڪا شيءَ ڦاٿي پئي آهي، جيڪا هن جي ساهه کي گُهٽي رهي آهي. ائين هو دريءَ کان هٽي ڪمري کان ٻاهر نڪري اچي ٿو، ٻاهر هو نه ڄاڻ ڪهڙيون سوچون تاڻي روڊ وٺي هلڻ لڳي ٿو، پوءِ نه ڄاڻ هو سڄو ڏينهن ڪهڙيون گهٽيون ڪهڙا رستا لتاڙيندو شام ڌاري سمنڊ ڪناري اچي نڪري ٿو، ڪراچي جي هر شام ڄڻ ته سمنڊ جي خريد ڪيل هجي.
کاري پاڻيءَ جي ڇتين ۽ ڪڙڪيدار ڇولين مٿان لهندڙ ڳاڙهي سج جو اُداس منطر................انهن ۾ ويٺل پُرسڪون ملاح ۽ هندوري جيان انهن جا مٺڙا گيت...............پسيل ۽ ٿڌي واريءَ تي اڌ پانچا پُسائي هلندڙ رنگين جهمٽن وارين نارين سان گڏ ڳڀرو جوانن جا مست ٽولا، ٻارن جو ڊوڙون ۽ رانديون..................
ڪٿي دُور ڪنهن ڪنڊ پاسي ڪو جوڙو پيار جا نوان وچن ڪندڙ..............ڪٿي ڪو جوڙو ڳاڙهي ۽ لهندڙ سج جي گول لولي جهڙي چهري ۾ اکيون وجهي، وڇوڙي جا گيت ڳائيندي نمڪين لڙڪ، کاري واريءَ ۾ دفن ڪندڙ ........۽ هو اُن ماحول ۾ پيرن اگهاڙو هلندو، هر چهري ۾ گهور وجهي نهاريندو ڄڻ ته پنهنجي محبت ڳوليندو ٿو اچي، ڪنهن لمحي سچ پچ سندس نظر ايمن تي پئجي ٿي وڃي. جيڪا لهندڙ سج کي ڏسندڙ شيراز جي هٿ ۾ هٿ ڏئي پنهنجي ڪنڌ شيراز جي ڪلهي تي لاڙي ڄڻ ته وڏي توجهه سان سندس دل جي ڌڙڪن ٻُڌي رهي هجي. هن کي يقين نٿو اچي . هنن تان نظر هٽائي اکيون ڇنڀي ٿو پر ٻيهر وڏي همت ڪري پڪ ڪرڻ لاءِ ڏسي ٿو. کيس يقين ٿئي ٿو ته اهي واقعي شيراز ۽ ايمن ئي آهن.......اهو سڀ ڪجهه هن کان برداشت نٿو ٿئي ۽ ڊوڙ ڪري شيراز جي ڳٿڙ مان اچي جهلي ٿو، “ذليل، ڪميڻا .........گهڻا ڀيرا توکي چيو اٿم ته ايمن سان گڏ نه هلندو ڪر..................” خالد جو ڪاوڙ مان تتل ۽ سخت جملو ڄڻ ته شيراز جي ڪنن ۾ ٿري ناٿ ٿري جي ٻرندڙ گوليءَ جيان پڙاڏو بڻائيندو لهي وڃي ٿو. موٽ ۾ شيراز تپي ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو ۽ ڇڏائڻ جي ڪري ٿو پر ڇڏائي نٿو سگهي ۽ هيٺ ڊهي پوي ٿو، ايمن خوف منجهان ڪنبڻ ۽ خالد کي پَٽڻ لڳي ٿي.
“بي حيا، بي شرم.......مان توکي اڄ نه زندهه نه ڇڏيندس.........” خالد ڪاوڙ مان ڏند ڀيڙي کيس ٽنگن ۾ ٿُڏا هڻڻ لڳي ٿو، هو چاهيندي به ڪجهه ڪري نٿو سگهي،ايمن خوف ۽ حراس مان رڙيون ڪرڻ لڳي ٿي.........“شيراز کي بچايو، پليز شيراز کي بچايو. هي ظالم هن کي ماري ڇڏيندو،”
ايمن جي رڙين تي آسپاس ڦرندڙ ڪجهه ماڻهو هنن ڏانهن وري پون ٿا ۽ وڏي ڪوشش کان پوءِ خالد جي هٿن مان شيراز کي آزاد ڪرائين ٿا. شيراز هڪدم اُٿي ڪپڙا ڇنڊي اکڙيل ڪالر کي ٺاهڻ لڳي ٿو. ايمن به اُن وقت خالد جي طرفداريءَ کان دُور غداريءَ جي پُل تي بيهي شيراز جي پُٺي تي لڳل آلي واريءَ کي ڇنڊڻ لڳي ٿي ۽ هو هڪدم ڪپڙا ڇنڊيندي ڇنڊيندي ماڻهن جي ميڙ کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا.
رهجي وڃي ٿو ميڙ کان ٻاهر فقط خالد ئي جيڪو جنونيت جي لهر سبب ڪنهن حد تائين تپي ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو. “شرم نٿو اچي، ڪنهن جي پيار ۽ امن واري زندگيءَ جي وچ ۾ ٿو اچين.......پاڻ کي وڏو فلمي ولن ٿو محسوس ڪرائين، هو شريف خاندان جا ماڻهو هئا، تڏهن ڇڏي ڏنائون ، نه ته.......؟”
ميڙ ۾ بيٺل ڪجهه ماڻهن جي واتان اهڙا ڪيئي جملا نڪري ڄڻ ته مارٽر گولن جيان خالد جي ڪنن ۾ لهي وڃن ٿا ۽ کانئس سمورو ست کسي وڃن ٿا، هن ۾ هاڻ اها همت نه ٿي رهي جو هو وڏي واڪي رڙيون ڪري ماڻهن جي ميڙ کي ٻُڌائي ته “شرم ڪنهن کي اچڻ گهرجي” مون کي يا انهن کي......؟ فلمي ولن ڪير ٿو محسوس ڪرائي، مان يا هو.....؟ ۽ شريف ڪير هو.....؟؟؟” پر هو ڪجهه چئي نٿو سگهي، فقط ميڙ ۾ بيٺل سمورن ماڻهن جي چهرن تي مايوس نظرون وجهي ميڙ کي چيري ٻاهر هليو اچي ٿو، پر ماڻهن جا تکا جملا سندس پيڇو نٿا ڇڏين..........۽ ور ور ڏئي پڙاڏو بڻجي سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ٿا.
سندس ذهن ڄڻ ته چاغي پهاڙن جي پٿرن جيان باهه ٿي رک ٿي وڃي ٿو. هو اگهاڙن پيرن هلندو اتي اچي بيهي ٿو، جتي سمنڊ جي هر ڇولي ريهون ڪندي ڪنارن سان مٿو ٽڪرائي خودڪشي ڪري ٿي ڇڏي سامهون ڏسي ٿو ڳاڙهو سج زخمي ٿيل پکيءَ جيان سمنڊ ۾ ڪري رهيو آهي، هو وري هر ڇوليءَ ڏانهن ڏسي ٿو، گجندڙ هر ڇولي ڄڻ ته کيس سڏيندي ۽ چوندي هجي ته “انهيءَ ظالم دنيا مان تنهنجو هاڻ جيئڻ ختم ٿي ويو آهي، تون اچ اسان توکي پنهنجين پُرسڪون ٻانهن ۾ گهري ننڊ سمهاري ڇڏيون.......” پوءِ هو ڇولين ڏانهن هلڻ لڳي ٿو ۽ هلندو ٿو وڃي. هر ڇولي سندس پير چُمندي اڳتي هلندي ٿي وڃي.
ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڇوليءَ پٺيان ڇولي ٻانهون ڦهلائي کيس سڏيندي هجي ۽ ڪا مٺڙي لوري ڏيندي هجي ۽ هن جو بي چين روح ڪنهن پُرسڪون منزل جي ڳولا لاءِ ڇولين جي تهه خاني ۾ لهندو ٿو وڃي.