ڪارو ڏينھن
پر اڄ آواز غائب هو ۽ ٺُڪ ٺُڪ ڏاڍي اوپري لڳي رهي هئي، چُلهه جي ڀر ۾ لاٿل چانهه جي ديڳڙي جي ڀر ۾ ويٺل خاتون جُمن جي چانهه ڪوپ ۾ ڀرڻ کان اڳ جمن ڏانهن ڏٺو، جمن دروازي ڏانهن ڏسي کٽ تان اُٿڻ جي ڪئي ته ٻيهر زور زور سان ٺُڪ ٺُڪ ٿي ۽ دروازي کي لتن لڳڻ جو آواز به آيو. جمن تڪڙي وڃِي دروازو کوليو ته هڪ رائيفل جو نال هن جي ڇاتي تي اچي بيٺو ٻه سپاهي تڪڙا اندر گهڙي آيا، باقي ٻيا اٺ ڏهه ڄڻا هٿيارن سان ليس ڪوٽ جي چئوگرد گهيرو ڪري بيهي رهيا. جمن جو ساهه اندر جو اندر ۽ ٻاهر جو ٻاهر رهجي ويو. خاتون کان ڇرڪ نڪري ويو “هاءِ گهوڙا” .
ايتري ۾ هڪ پوليس واري جمن کي ٽنگ ۾ ٿڏو هڻندي چيو “ٻڌائي ڪامريڊ ماڻهو ڪٿي لڪايا اٿئي.............؟
“ماڻهو.........ٰ پر ڪهڙا ماڻهو............؟؟ جمن خوف ۽ حيرت مان ڳالهايو. ٻي پوليس واري کيس ڇاتي ۾ رائيفل جو ڪنڌاق زور سان هڻي ڪڍندي چيو “ماڻهن کي گهرن ۾ پناهه ٿو ڏين ۽ وري اسان کان ٿو پُڇين ڪهڙا ماڻهو..........؟؟ اڙي اُهي ماڻهو جيڪي نبي سر روڊ تان جلوس مان ڀڄي هيڏانهن آيا آهن. جلدي ڪر گهر مان ماڻهو ٻاهر ڪڍ نه ته سموريون گوليون تنهنجي سيني ۾ لاهي ڇڏينداسين” جُمن کي ڇاتي ۾ ڪنڌاق واري ڌڪ صفا ٻوڙي وڌو هو، هُو ڪجهه ڳالهائي ان کان اڳ خاتون ڊوڙي هنن وٽ آئي ۽ پنهنجي رئي جو پلاند وجهندي چيائين “ادا مون نياڻي جو هي پلاند اٿؤ.............جمن کي ڇڏيو اسان جي گهر ۾ ڪوبه ماڻهو ڪونهي...............” خاتون هنن جي اڳيان پلاند ڇا جهليو هو ڄڻ ته هنن کي ماءُ تي گار ڏئي ڪڍي هئي. هڪڙي پوليس واري اکيون ڦڙڪائيندي خاتون جي جهليل پلاند کي جهلي ڌڪو جو ڏنو ته خاتون ٿڙي ٿاٻڙي ڀر ۾ پيل ٽٽل کٽ جي پائي کي وڃي لڳي ۽ هن جي نرڙ مان رت نڪري آيو ۽ خاتون کي ٻوڏار اچي ويا. جمن خاتون جي نرڙ تي رت ڇا ڏٺو، بس هن جي جسم جي وار وار جي پاڙ غيرت مان ٻرڻ لڳي هئي، اکين مان ٽانڊا لهي آيا هئا. هاڻي هن جو خوف غيرت ۾ تبديل ٿي چڪو هو. هن پنهنجي ڇاتي تي رکيل پوليس واري جي رائفيل جو نال زور سان هٽائيندي، اُن جي گلي ۾ وڃي هٿ وڌا................“اڙي ڪميڻا.....بي شرم.....اوهان کي اسان جي عزتن جو به حيا ڪونهي ڪو...........”
جُمن پوليس واري جي گلي مان جهلي ڏاڍو ڌنڌوڙيو هو. ڀر ۾ بيٺل ٻي پوليس واري هن تي ڪنڌاقن جو وسڪارو لاهي ڏنو هو، ايتري ۾ ٻه ٽي ٻيا پوليس وارا به اندر ڪُتن جيان ڊوڙي آيا. سڀني ڄڻن گڏجي جُمن کي لتن مُڪن ۽ ڪنڌاقن سان ڪُٽيو، جمن رڙيون ڪيون “اڙي رمضان اڙي خيرل.......وارو ڪريو، آئون ڪُتن هٿان مارجي ويس.” گهر ۾ سُتل بُخاريل رمضان پيءُ جمن جي رڙين تي کٽ تان ٽپ ڏئي لٿو ۽ ٻاهر آيو، ٻاهر پيءُ کي پوليس وارن جي هٿان ڪٽجندي هيٺ ڏسي هن رڙ ڪئي ۽ هن جا هٿ پوليس واري جي وردي ۾ پون، اُن کان اڳ هڪ فائر ٿيو ۽ گولي جمن جي ڪلهي ۾ لهي وئي. جُمن رڙ ڪري اُڀ ڏانهن ڏٺو “هاءِ الله مارجي ويس.” جمن جي ان دانهن خيرل کي به جاڳائي وڌو، جيڪو پنهنجي گهر ۾ گهري ننڊ ۾ سُتل هو، خيرل ڊوڙي ٻاهر آيو ڀاءُ جمن کي رت ۾ لت پت ڏٺائين. هن جو هانوَ اڌواڌ ٿي پيو. هن ڀاءُ جمن کي ڀاڪر ۾ ڀري کڻڻ چاهيو پر پوليس واري جي هڪ اهڙي لت لڳس جو پٽ تي وڃي ڦهڪو ڪيائين. رمضان نوجوان هو هن کي مُڇن جي سانول اڃان هاڻي آئي هئي، تنهنڪري هن جو جوان رت غيرت مان ٽهڪي اُٿيو، هن جي اکين مان باهه جا شعلا ٻري ٻاهر نڪرڻ لڳا...... گهر ۾ ڪوبه هٿيار رکيل نه هو. تنهنڪري هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ورانڊي جي ڪُنڊ ۾ پيل هڪ کاهو هن کي نظر آيو. هن ڊوڙ ڪئي جيستائين موٽي تيستائين هڪ ٻيو فائر ٿيو، جنهن ڀر ۾ ڪکن جي ٺهيل منهي ۾ سُتل پوڙهي ڏاڏي خدابخش جي هڏن مان چيچاٽ ڪڍائي ڇڏيا......پوڙهي رڙ ڪئي “اباڙي” ۽ پوءِ ٽيون فائر ٿيو، جيڪو ديوي جي هيٺ ٻڌل هڪ ڀلوڙ مينهن جي جسم مان آرپار ٿي ويو........مينهن رنڀ ڪئي ۽ ڦهڪو ڪري پٽ تي ڪري زمين ڌُڏي.......هاڻي ته گهر ۾ ريهون ۽ ڪيهون هُيون. خاتون جُمن کي اچي چهٽي جيڪو گهڻي رت وهڻ سبب هاڻي بيهوش ٿي چڪو هو.........خيرل کي لڳو سندس ڀاءُ جمن مري چڪو آهي. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ڏنڊو هٿ ۾ کنيو ايتري ۾ پريان کان رمضان کاهو کڻي وريو ۽ هڪ پوليس واري کي مٿي ۾ هڻي ڊاهي وڌائين. خيرل به گهٽ ڪانه ڪئي، هڪ پاسي کاهو ۽ ڏنڊو ۽ ٻي پاسي رائيفلن جا کُليل منهن................ پوءِ ته گولين جي بوڇاڙ شروع ٿي وئي، من ڏاريندڙ آواز بارود جي بدبوءُ........
ڪيئي گوليون رمضان جي ڪچڙي وجود مان آرپار ٿينديون گهر جي ڪچي ديوار ۾ گم ٿينديون ويون. ڪچو اڱڻ رت جو تلاءُ ٿيندو ويو. ماءُ خاتون جي منهن تي سندس رت جا ڇنڊا ڪرندا ويا پر هن کي ڪا ڪل ئي نه پئي ته سندس جسم ٻرندڙ گولين سان پروڻ ٿي چڪو آهي. هو وڙهندو رهيو کاهي تي کاهو هڻندو رهيو ائين ڄڻ ته سندس ٻني مان ڪرڙ ڪانڊيرن ۽ ڪنڊين جا لاهه ڪڍندو هُجي. ڪجهه ئي دير ۾ هن ۽ خيرل ڪيترائي پوليس وارا ڦٽي ۽ ڊاهي وڌا ڏنڊي ۽ کاهي اڳيان هو هٿيارن سوڌا هيڻا ٿي ۽ پنهنجا زخمي ساٿي کڻي وٺي ڀڳا. رمضان هنن جي پويان لڳڻ جي ڪوشش ڪئي پر هاڻ سندس جسم ٿڌو ٿيڻ لڳو هو. هن جا پير ٿڙڻ لڳا هئا. پيٽ ۽ هينئي ۾ لڳل گولين کان پوءِ رت هاڻ سندس وات ۽ نڪ مان اچڻ لڳو................هن رت جي گُرڙي پٽ تي ٿُڪي ۽ کاهي کي اُڇلايو....................شديد سور جي سٽ هن کي پيٽ تي هٿ رکرائي ڇڏيا. هُو ٿڙيو، ٿاٻڙيو پوءِ به هليو ۽ اچي اندر رلي وڇايل کٽ تي ڪريو، هن جي اکين اڳيان هاڻي اونڌهه ڇائجڻ لڳي. ٻاهر پٽ تي ڪريل ۽ رت ۾ ٻُڏل جُمن کي خيرل پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر خيرل جي ٻانهن ۾ به هاڻي ست ڪٿي رهي هئي. سندس هڏ هنڌان هنڌان ٽٽي چُڪا هئا. خاتون مٿي اگهاڙي ٿي منهن مٿو پٽيندي چرين جيان رڙيون ڪندي هيڏانهن هوڏانهن ٿي ڀڳي پر ڪير هو جو سندس رڙيون ٻُڌي ۽ ڳوٺ کي ڄڻ ته ماٺ جو ڪڙو لڳي ويو هو ڄڻ ته ڳوٺ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جو زبانون خوف پنهنجي ترار سان ڪپي ڇڏيون هيون، ڪنهن به هنن جي دانهن ۽ ٻارن جي ڪيڪاٽن کي ڪونه ٻڌو.......خاتون ۽ خيرل بيوس هئا، چرين جيان ڊوڙيا ۽ رُنا ٿي، اوچتو خاتون کي ياد آيو رمضان ڪيڏانهن ويو...............؟ رمضان جيڪو هن جو ڪونڌر ۽ جوان پُٽ هو. جنهن لاءِ هن نوان موڙ ٺهرائي رکيا هئا ۽ سندس شادي لاءِ نوان ڳيچ سکيا هُئا. هن کي ڳولڻ لاءِ خاتون هيڏاهن هوڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ پٽ تي رت هاڻن ڳوڙهن پير جا نشان ڏٺا، خاتون ڳاڙهن پيرن تي ڊُڪي ۽ رانڀاٽ ڪندي اندر آئي. اندر رمضان کٽ تي ٻئي هٿ پيٽ ۾ وجهو اونڌو ليٽو پيو هو. کٽ هيٺيان زمين تي ڳاڙهي رت ٽُٻڪ ٽُٻڪ ڪري دُٻو ٺاهي ڇڏيو هو ماءُ خاتون “ابا رمضان” چئي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ منهن پنهنجي طرف ڪيو ته هن کان اُڀ ڏاريندڙ رڙ نڪري ويئي “هاءِ خدا ڦُرجي ويس” رمضان جو منهن ۽ اکيون هاڻي رت مان ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون. ساهه جون آخري هڏڪيون هاڻ هن جي نڙي ۾ اچي اٽڪيون هُيون.
“ابا رمضان............ ابا رمضان تون ٺيڪ ته آهين نه...............” ماءُ خاتون هن کي پنهنجي جهولي ۾ ڀري وڏي قرب سان مان پُڇي ورتو هو. پر رمضان جي زبان ۾ هاڻي ست ڪٿي رهي هُئي جو ماءُ کي ورندي ڏي. هن رڳو اُجهامندڙ اکين سان ماءُ جي اکين ۾ ڏٺو. جن مان پاڻي نه بلڪ رت جا ڳوڙها ٽمي رهيا هئا، جن ۾ رڙيون هيون دانهون هيون. “آهي ڪو منهنجي رمضان کي اسپتال ڀيڙو ڪري، منهنجي ڪونڌر کي بچائي وٺي” پر هنن لاءِ ڄڻ ته ڪير به نه هيو. شديد سور سبب رمضان جي هيٺين ڌڙ اوچتو بُل کاڌو ۽ نڙي جون رڳون ڇڪجي آيون، اکيون ٻاهر نڪري آيون ۽ پوءِ اکيون اُتي پٿرائجي ويون. هن جو جسم ٿڌو ٿي ويو، ماءُ خاتون هن کي ڀاڪر ۾ ڀري رڙيون ڪيون، اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪيون پر رمضان هاڻي هن جي جهولي ۾ هوندي هن کان جُدا ٿي چڪو هو.....کٽ جي هيٺيان پٽ تي رت جي دٻي ۾ رت اڃان ٽُٻ ٽُٻ ڪري ٽمي رهيو هو ڄڻ ته رمضان شهادت جو جام پيءَ رهيو هو. ٻاهر اڱڻ تي جمن ۽ خيرل ڌار ڦٽيا پيا هئا ۽ هنن کي کڻڻ وارو ڪير به نه هو.................