ڪھاڻيون

آئيني جي اوٽ

ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ لاڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار اصغر پتافي آھي.
اصغر پتافيءَ جي جديد ڪهاڻين جا موضوع جيترا خوبصورت آهن اوترو ئي انهن جي پيش ڪش به منفرد آهي. هي ڪهاڻيون سماجي بُراين کي نروار ڪن ٿيون ته محبتن جون ترجمان به آهن. سماجي اٿل پُٿل سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون اهميت جوڳيون آهن.ويساهه آهي ته هي ڪاوش مانائتي موٽ ماڻيندي.۽ سنڌي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائيندي.
  • 4.5/5.0
  • 2819
  • 572
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اصغر پتافي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آئيني جي اوٽ

  وڏو ڏوهاري

شام جو ٽائيم هو. مان پنهنجي بيڊ روم ۾ پلنگ تي سڌو سڌو ليٽيو پيو هوس. نيسلي پيور لائيف منرل واٽر جي بوتل هڪ شيشي جي گلاس سميت منهنجي ڀر ۾ ئي پئي هئي. منهنجو ٻيو نمبر نوڪر مولا بخش عرف مولو (جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن مان چمچو به سڏيندو آهيان) مون کي ٽنگن ۽ پيرن تي هلڪا هلڪا زور ڏيئي رهيو هو. پر مون کي الائي ڇو سندس زور بي مزا لڳي رهيا هئا. شايد انهيءَ ڪري جو اڳي اهو ڪم منهنجي پرسنل سيڪريٽري مس نائمه ڪندي هئي ۽ اڄ صبح جو فون تي ٻڌايائين ته اڄ هوءَ ڪونه ايندي.تنهن ڪري مجبورن پنهنجي عادت پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻي نمبر نوڪر مولابخش عرف مولو کي هن ڪم تي لڳايم پر سندس ڪم مان مطمئن ناهيان. هٿ هٿ جو فرق آهي نه ته عورتن کان وڌيڪ طاقت مردن ۾ هوندي آهي. مون هڪ وار ڪڙي نظر مولو تي وڌي ته مولو جا هٿ ڪنبڻ لڳا. ساهه سڪڻ لڳس، ڪوشش ڪري هٿن کي تڪڙو هلائڻ لڳو پر ناڪام ويو. مون کي اڳي جھڙو سڪون پهچائڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. مون ڪاوڙ منجھان هن کي ٿُڏو هڻي چيو... وڃ، چمچا وڃي ڪنهن شهزاديءَ کي وٺي اچ، هي ڪم تنهنجي ڪرڻ جو ناهي.مولو ڏڪي ڏڪي اٿي بيٺو ۽ هٿ جوڙيندي چيائين حاضر سائين حاضر مان اجھو ٿو ڪنهن کي وٺي اچان. ائين چئي هو ٿورو اڳتي وڌيو منهنجي پهرين نمبر گارڊ دروازو کوليو هو ٻاهر هليو ويو۽ دروازو پهرين جيان لاڪ ٿي ويو. بدن تي بي چيني جو وڏو قبضو هو. پاڻ ڇڏائڻ جي ڪابه راهه نه هئي ۽ ائين پوري پلنگ تي اٿلي پٿلي رهيو هوس، ايتري ۾ دروازي جي ٻاهران ٺڪ ٺڪ ٿي دروازو کليو ۽ منهنجي ٽيون نمبر گارڊ رائفل سميت اندر داخل ٿيو ۽ جھڪي عرض ڪندي چيائين؛ سائين ٻاهر هڪ فقير گھوڙي تي چڙهي آيو آهي، جيڪو توهان سان ملڻ ٿو چاهي.
چيم کيس چوينس تون در ڀلجي آيو آهين. خيرات هتان ڪونه ٿي ملي، سامهين در مان ٿي ملي، جنهن جو مالڪ حاجي غلام الله آهي. جنهن ست حج ڪيا آهن. ٽي مسجدون ۽ ٻه مدرسا ٺهرايا اٿائين. ان کان علاوه غريب عورتن جي اوگھڙ ڍڪي اٿائين. بکايل ماڻهن کي ماني کارائي اٿائين ۽ بيمارن جي مدد ڪندو آهي.... گارڊ اهو ٻڌي هليو ويو. مون اکيون پوري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي. گارڊ وري آيو ۽ چيائين، سائين هو چئي ٿو ته مان صاحب سان روبرو ملڻ چاهيان ٿو.
مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي گارڊ کي چيم ته پوءِ وٺي اچينس ڏياريانس ٽنگن تي زور... پر ها پهرين مڪمل تلاشي وٺجانس. گارڊ هليو ويو.۽ ٿوري دير کان پوءِ ان فقير کي وٺي بيڊ روم ۾ داخل ٿيو. ان فقير جي شڪل اکين ۽ ڪپڙن کي ڏسي مون کي ائين لڳو ته پڪ سان هيءَ فقير ٻهراڙيءَ جو ڄٽ آهي. ساڻ هڪ پڃرو به هوس. جنهن جي مٿان هڪ اڇو ڪپڙو ڏنل هو. منهنجي مڪمل جائزي وٺڻ تائين نه هن مونکي سلام ڪيو ۽ نه وري ڳالهايائين.. مون کي ڪجھه ڪاوڙ لڳي، اٿي پلنگ تي وهاڻي جي ٽيڪ تي ويهندي چيم،
تو مون کي سلام ڇو نه ڪيو آ.
چيائين اسان سلام فقط خدا کي ڪندا آهيون. چيم هن ملڪ جا سمورا ماڻهو مون کي سلام ڪندا ۽ پير چمندا آهن پر تون ڪهڙي ملڪ جو آهين؟
هو منهنجي بغير چوڻ جي ئي ڏاڍي اطمينان سان اولهندي ديوار لڳ ايراني صوفي تي ويٺو ۽ پڃرو ڀر ۾ ڏاڍي احتياط سان رکندي چيائين،
“مان خدا جي ملڪ مان آيو آهيان.”
چيم “نالو ڇا اٿئي؟”
چيائين، “نالو ٻڌي تنهنجو ساهه ذري گھٽ لُڪيءَ (نڙي) تي اچي بيهندو” مون کان هڪ طنزيه ٽهڪ نڪري ويو.
چيم، پڪ سان وتائي فقير جو وڏو ڀاءُ آهين، نه ته حافظ غلام الله جو ننڍو ڀاءُ پڪ سان آهين.
چيائين، ڀليو آهين. مان انهن ٻنهي مان نه آهيان، مان انسانن مان به ناهيان.
مون کي ڪجھه شڪ ٿي پيو. اکين منجھه گھوريندي کيس چيم. تون خدا ته ڪونه آهين؟
چيائين مان حضرت عزرائيل آهيان..... منهنجو ساهه وجود جي پڃري ۾ ڦڙڪي هڻي وجود جي الئي ڪهڙي حصي ۾ گم ٿي ويو. مان رڦڻ لڳس، ايتري ۾ منهنجي پهرين نمبر گارڊ مون کي نيسلي منرل واٽر جي بوتل مان پاڻي جو گلاس ڀري ڏنو. پاڻي پي مون ٿڌو شوڪارو ڀريو ته ساهه وري آهستي آهستي منهنجي پوري وجود ۾ ڦهلجي ويو.حضرت عزرائيل کان پڇيم؛
“تون هن وقت مون وٽ ڇو آيو آهين؟”
چيائين “تو سان ملڻ لاءِ، تنهجي وڏي هاڪ ٻڌي هيم.”
چيم ته پوءِ پڪ سان توکي خدا مون وٽ موڪليو هوندو.
چيائين، نه خدا کان چوري آيو آهيان. تڏهن سمجھيم ته پڪ سان هيءُ منهنجو ساهه قبض ڪرڻ نه بلڪه هڪ عظيم انسان جي حيثيت ۾ مون کي ڏسڻ آيو آهي. تڏهن پنهنجي پاڻ تي فخر محسوس ڪيم ۽ هوڏ مان کيس چيم؛ خدا جاڪهڙا حال آهن؟چيائين “خدا کي پنهنجي بادشاهي تي ناز آهي ۽ پنهنجي عظيم انسانن تي فخر آهي”.
چيم؛ “تون انهن عظيم انسانن جا نالا مون کي ٻڌائي سگھين ٿو؟”
چيائين؛ انهن نالن جي لسٽ خدا فقط پاڻ وٽ رکندو آهي. تڏهن مون کي ڪجھه سرهائي محسوس ٿي ۽ هوڏ منجھان کيس چيم؛
“پڪ اٿم ته انهن عظيم ٻانهن جي نالن جي لسٽ ۾ هڪ نالو منهنجو به هوندو.”
مون زندگي جي هن ٿوري عرصي ۾ وڏا ثواب جا ڪم ڪيا آهن. ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ خلاف سنڌين جو وڏو ساٿ ڏنو اٿم. ايڏو وڏو ماڻهو هجڻ بوجود به جلسن جلوسن ۾ شريڪ ٿيو آهيان. هن علائقي جي سمورن ماڻهن جون شڪوه شڪايتون ٻڌيون اٿم. وي آئي پي هوٽلن ۾ ناجائز ۽ ڳرن بلن خلاف هڪ رپورٽ حڪومت کي موڪلي اٿم ۽ هينئر تازو اسلامي جماعت وارن سان گڏجي شريعت بل پاس ڪرائڻ لاءِ هڪ سٺو ۽ مؤثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.
ايتري ۾ دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي، منهنجي پهرين نمبر گارڊ دروازو کوليو، منهنجو ٻيو نمبر نوڪر مولا بخش عرف مولو هڪ الهڙ ۽ خوبصورت ناري کي وٺي اندر داخل ٿيو... ان خوبصورت ناري مرڪي نهايت ادب منجھان مون کي سلام ڪيو، مون سندس اکين ۾ ٻڏي کيس چيو؛ سهڻي نه.... هينئر نه تون ڊرائنگ روم ۾ منهنجو انتطار ڪر، جيئن ئي فارغ ٿيس تو کي سڏائي وٺندس.
ڇوڪريءَ جو منهن آهستي آهستي ڳاڙهو ٿيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳي، سائين مجبوري ۾ آئي آهيان، اڄ منهنجي ماءُ گھڻي ٺيڪ ڪونهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي. مون کي گھڻن پئسن جي ضرورت آهي پر اهو به جلدي... ڇوڪريءَ ائين چئي روئڻ لڳي.
نه نه، تون روءِ نه مان توکي پئسا ڏيندس، پر تون ڊرائنگ روم ۾ هلي انتظار ڪر، مان اجھو ٿو تو کي گھرايان.
ڇوڪريءَ منهنجو اهو حڪم ٻڌي پنهنجو هئنڊ بيگ کڻي پنهنجون پُسيل اکيون اگھندي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي ۽ مان ذري ساعت ماٺ رهڻ کان پوءِ ٻيهر حضرت عزرائيل سان مخاطب ٿيس.
معاف ڪجانءِ حضرت عزرائيل اهڙن ننڍڙن ۽ ضرورت مند ماڻهن کي به وقت ڪڍي منهن ڏيڻو ٿو پوي.
حضرت عزرائيل بغير ڳالهائڻ جي ئي خالي ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ منهنجي ڪمري جو پوري طرح سان جائزو وٺڻ لڳو، ان دوران منهنجي ذهن ۾ هڪ ننڍڙو سوال اڀريو.
حضرت عزرائيل کان پڇيم؛ “مان خدا کي ضرور ياد هوندس؟”
وراڻيائين، جيڪو خدا کي ياد ڪندو آهي خدا ان کي به اوترو ئي ياد ڪندو آهي.
تڏهن خوشيءَ منجھان ڀڙڪو کاڌم ۽ چيم؛
مون خدا کي ڏاڍو ياد ڪيو آهي، روزا نمازون ۽ حج ادا نه ڪيا اٿم ته اها ٻي ڳالهه آهي. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته ... “روزا ۽ نماز، اي پڻ چڱو ڪم.... او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسين پرين کي.”
اهڙي طرح مون به خدا کي ٻي رستي ۾ ڏاڍو ياد ڪيو آهي... حضرت عزرائيل ڪجھه حيران ٿيو ۽ پوءِ چيائين اهو ڪهڙو رستو آهي؟
چيم؛ اهو رستو عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، مون عوام جي ڏاڍي خدمت ڪئي آهي تڏهن ته هر اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي بنا کٽڪي چڙهي ويندو آهيان. حيراني جھڙي ڳالهه اها آهي ته مان ورڪ به ناهيان ڪندو ۽ هر اليڪشن ۾ مخالف پارٽي کي وڏي شڪست ڏيندوآهيان. انهيءَ مان سنئون سڌو نتيجو اهو ٿو نڪري ته مون کي عوام دل جي گھراين سان چاهي ٿي ۽ جڏهن عوام مون کي ايترو چاهي ٿي ته خدا به ضرور مون کي چاهيندو هوندو.... منهنجي اهڙي حقيقي ڳالهه ٻڌي حضرت عزرائيل کي نرڙ تي پگھر اچي ويو. مون گارڊ کي چيو؛ حضرت عزرائيل کي روز پيٽل جي دٻي مان هڪ ٽشو پيپر ڪڍي ڏي.
ان کان اڳ جو گارڊ حضرت عزرائيل کي دٻي مان ٽشو پيپر ڪڍي ڏي، حضرت عزرائيل هٿ جي اشاري ساڻ چيو؛ مون کي ٽشو پيپر جي ضرورت ڪانهي. گارڊ ٿورو چري ۽ وري پنهنجي جڳهه تي کپ ٿي ويو. مون وري گارڊ کي اشارو ڪيو، “ٿڌو کڻي اچ” حضرت عزرائيل ٿڌي لاءِ به انڪار ڪيو چيائين؛
“مون کي ٿڌو به نه کپي.” هو ائين چئي ڪنڌ جھڪائي ڪنهن وڏي سوچ ويچار ۾ پئجي ويو. مون کان رهيو نه ٿيو. ڳالهايم.
“قيامت جي ڏينهن خدا کان قومي اسيمبلي جو ٽڪيٽ وٺندس، جي مخالف شيطانن جي پارٽي کي وڏي شڪست ڏئي چڙهي ويس ته جنتين جي خدمت ڪندس.”
چيائين: “هوڏ ٿو ڪرين.”
چيم: “هوڏ نه پيو ڪريان سچ ٿو چوان عوام جي ايڏي خدمت ڪئي اٿم، ان جو صلو خدا ضرور مونکي ضرور ڏيندو.”
چيائين “مون کي تنهنجي خدمت خبر نٿي پوي تو عوام جي الائي ڪهڙي نموني سان خدمت ڪئي آهي ۽ خدا کي الائي ڪهڙي نموني سان راضي ڪيو اٿئي.”
هڪ هلڪو ٽهڪ ڏيئي وهاڻي جي ٽيڪ تي سولو ٿي ويهندي چيم.
خبر به ڪيئن پوندي، حافظ غلام الله وانگي جي بکايلن کي مانيون کارايان ها. ڏيکاءُ لاءِ غريبن جا اگھاڙا انگ ڍڪيان ها، مسجدون مدرسا ٺهرايان ها، روزا نمازون حج ۽ زڪواتون ادا ڪيان ها ته پوءِ تون ڇا پر خدا جي هر ننڍي وڏي ملائڪ کي منهنجن ڪمن جي چڱي طرح ڄاڻ هجي ها پر مون ائين نه ڪيو، ائين ڪرڻ وارا فقط ڏيکاءُ ڪندا آهن.... حضرت عزرائيل منهنجي ڳالهه ٻڌي صفا چُپ ٿي ويو، چپ ٺري ويس. مون نيسلي جي بوتل ۾ هٿ وڌو، پاڻي بوتل سميت گرم ٿي چُڪي هُئي.
مون بوتل واپس بيڊ تي اڇلائي ۽ گارڊ ڏانهن ڪُرڙيون اکيون ڪري ڏٺم. گارڊ سمجھي ويو، ڪمري جو در کولي ٻاهر هليو ويو. منهنجي اها به خوشقسمتي رهي آهي ته منهنجن سمورن نوڪرن ۽ گارڊن کان وٺي پرسنل سيڪريٽري مس نائمه تائين سڀ جا سڀ هٿ وات ۽ اک جا اشارا جلدي سمجھي ويندا آهن. منهنجو پهريون نمبر گارڊ فرج مان نيسلي جي بوتل ڪڍي آيو. بوتل جو ڍڪ لاهي ائين جو ائين ٻوٿ تي رکيم. پهرين ٻي ۽ ٽئين ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ بوتل واپس بيڊ تي رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر حضرت عزرائيل سان مخاطب ٿيس.خير هن سال ڪوشش ڪري به وقت ڪڍي خدا جي درٻار ۾ هڪ دفعو ضرور ايندس. ننڍڙن ننڍڙن گناهن جو بار لاهي ثواب جون ڀريون ٻڌي ويندس. جي خدا ملئي ته چئي ڇڏجانس. حضرت عزرائيل خالي ڪنڌ لوڏيو ۽ مٿي تي هٿ ڏيئي وري ڪنهن گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو. ايتري ۾ منهنجو ٽيون نمبر گارڊ تڪڙو ڪمري ۾ داخل ٿيو چيائين.
سائين ڇوڪريءَ ڏاڍي تڪڙي آهي.
چيم “تڪڙي آهي ته پوءِ وٺي اچينس”. گارڊ ويو ۽ ٿوري دير ۾ ئي ان ڇوڪريءَ کي وٺي منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو. ڇوڪري اندر ڇڏي پاڻ واپس موٽي ويو. ڇوڪري وري به پهرين جيان پنهنجو پرس شوڪيس جي مٿان رکي منهنجي پلنگ تي چڙهي آئي چيائين: سائين ڪرڻو ڇا آهي؟ چيم توکي فقط ٽنگن، پيرن، رانن ۽ منهنجن ڪلهن تي زور ڏيڻو آهي. مان ٽنگون سڌيون ڪري ليٽي پيس، هوءَ منهنجي ٽنگن تي زور ڏيڻ شروع ٿي وئي. سندس ڪومل هٿن جي لذيذ ڇهاءُ دل کي جھٽڪا هڻڻ شروع ڪيا. دل ۾ چيم ته کائنس پنهنجي وجود جي انگ انگ تي زور ڏيارانس پر حضرت عزرائيل جي منهن تي ڪُڇي نه سگھيس. اکيون بند ڪري هڪ ڊگھو شوڪارو ڀري وري حضرت عزرائيل ڏانهن ڏٺم. حضرت عزرائيل جيڪو مسلسل بنا اک ڇنڀڻ جي ان ڇوڪريءَ جي اکين ۾ گھوري رهيو هو.
“ڇا ٿو ڏسين حضرت ؟”
چيائين “مان هن ڇوڪريءَ جون اکيون ٿو ڏسان، مون کي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هن ڇوڪريءَ جي اکين ۾ لڙڪن جو هڪ وڏو طوفان آهي. جنهن کي هو اندر ئي اندر نپوڙي ڀسم ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن ڪو لڙڪ ٻاهر نڪري متان سندس ڳاڙهين ڳلن تي زوري ٿڦيل ميڪ اپ جي تهه کي لوڙهي ڇڏي.”
چيم: “نه، هي پنهنجي ماءُ جي ڪري پريشان ٿي لڳي.”
چيائين “مون هن ڇوڪري کي به سڃاتو آهي، هي اُن عورت جي ٻي نمبر ڌيءَ آهي. جيڪا هن وقت سول اسپتال جي ليڊيز جنرل وارڊ جي هڪ بستري تي لاوارث ٿي زندگيءَ جا آخري ساهه کڻي رهي آهي. هاڻ مان هتان کان پوءِ سڌو ان اسپتال ويندس، جتي ان عورت جو به روح قبض ڪندس....”
ڇوڪريءَ کان رڙ نڪري وئي ۽ هڪدم منهنجي رانن مان هٿ ڪڍي اٿي بيهي روئڻ شروع ڪيائين. مان ڀڙڪو کائي وهاڻي جي ٽيڪ تي سڌو ٿي ويٺس. ڇوڪريءَ کي چيم تون روءِ نه، منهنجي ٻي نمبر گارڊ کان پئسا کڻي جلدي اسپتال پهچ. مان توکي يقين ٿو ڏياريان ته مان حضرت عزرائيل کي ائين ڪرڻ نه ڏيندس.
ڇوڪريءَ لڙڪ اگھي ڀڙڪو کائي پلنگ تان هيٺ لٿي ۽ تڪڙي تڪڙي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي. پريشاني ۾ هن کان پنهنجو پرس به وسري ويو. مون حضرت عزرائيل کي چيو، “تون گھٽ ۾ گھٽ اڄ ائين نٿو ڪري سگھين.”
چيائين: “مون لاءِ خدا جو حڪم آهي، مان ٽائيم کان هڪ سيڪنڊ به ليٽ نه ٿيندس.”
چيم “ان جي روح کي ڪهڙو ٽائيم ڏنو اٿئي.”
چيائين “اڄ شام ستين بجي جو”... مون کي دل ۾ ڪجھه خوشي محسوس ٿي ۽ هوڏ منجھان چيم:
اها به تنهنجي مهرباني جو ايترو وقفو ته ڏيندين جو منهنجن ڏنل پئسن مان ان عورت جي ڪجھه نه ڪجھه دوا ته ٿيندي. ته ھڪ وڏو ثواب منھنجي کاتي ۾ لکيو ويندو.”
چيائين“خبر اٿئي ان عورت جي روح کي توکان شڪايت آھي” حيرانيءَ منجھان ڀڙڪو کائي چيم :
“ان عورت جي روح کي ........مون کان شڪايت؟ اھو تون ڇا ٿو چئين؟”
چيائين “جڏھن سندس جوان ڌيءَ شمائله کي ھڪڙي رات تو سان نه گذارڻ جي ڏنڊ ۾ تنھنجن ماڻھن رات جو ٻارنھن بجي سندس گھر ۾ گھڙي سندس عزت لٽڻ بعد جڏھن ھن جي سيني ۾ گولي ھنئي ھئي. تڏھن مون کي خدا آسمان تان ھيٺ موڪليو ھو ۽ مان سندس تڙپندي روح کي قيد ڪري جڏھن خدا وٽ واپس پھتو ھئس، تڏھن ان روح خدا اڳيان تنھنجي خلاف ڏاڍو دانھيو ھيو ۽ سندس ماءُ جو روح ان جوان ڌيءَ جي وڇوڙي تي اڄ تائين تڙپندو رھيو آھي، اڄ سندس روح جي تڙپ جو آخري ڏينھن آھي، جڏھن ان کي به قيد ڪري مان خدا وٽ حاضر ٿيندس ته اھو روح به تنھنجي خلاف ڀرپور شاھدي ڏيندو ۽ دانھيندو.........”
چيم “نه ائين ٿي نٿو سگھي، جيڪڏھن ڪنھن گلاخور روح منھنجي خلاف شاھدي ڏني به ھوندي ته خدا ان کي رد ڪري ڇڏيو ھوندو.....”
چيائين “خدا ڪنھن به روح جي شاھدي رد نٿو ڪري پر ھون به توکان ڪنھن ھڪ نه پر گھڻن روحن جي شڪايت آھي”
مون کان گھڻن روحن کي شڪايت؟ ” مون حيرانيءَ مان چيو.
چيائين “خدا تعالى اڄ مون کي جن ماڻھن جي روحن کي قيد ڪرڻ جي لسٽ ڏني ھئي، ان ۾ تقريبن سمورن روحن کي توکان شڪايت آھي.”
چيم، “انھن روحن جا نالا ٻڌڻ ٿو چاھيان.”
“چيائين مان تو کي انھن روحن سان مخاطب ٿو ڪيان، تون ھاڻ چگي طرح انھن کي ٻڌجان.” حضرت عزرائيل ائين صوفي تي ساڻس ڀر ۾ رکيل پڃري ڏانھن ھٿ وڌايو ۽ چپن ۾ ڪجھه چيائين ته پڃري مان آواز آيو:
“تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ “مون کي آواز بلڪل حافظ حاجي غلام الله جي آواز جھڙو لڳو چيم:
“لڳي ٿو ته تون حافط حاجي غلام الله جو روح آھين، پر صبح جو ته ھو ٺيڪ ھو، اوچتو ھيءُ ڇا ٿي ويس.”
وچ ۾ حضرت عزرائيل ڳالھايو “خدا کي ضرورت پئي سڏائي ورتائينس. “مان حضرت عزرائيل جي ڳالھه ٻڌي حافظ حاجي غلام الله جي روح سان مخاطب ٿيس “ڏٺئي حافظ ۽ حاجي ٿيڻ مان تو کي اھو فائدو ٿيو، ھونئن به تون مون کان ويھه سال ننڍو ھُئين پر اڄ مون کان پھرئين تون پيو وڃين، ننڍي ھوندي بابا مرحوم مون کي به ائين چوندو ھو ته تون وڏو ٿي حافظ ۽ حاجي ٿجانءِ، مدرسه ۽ مسجدون ٺھرائجان، پر مون ائين ڪونه ڪيو جي ائين ڪيان ها ته هينئر مون وٽ ڇا هجي ها؟ هينئر مون وٽ سڀ ڪجهه آهي، جي تون به مون وانگر سياست ۾ اچي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪرين ها، ملڪ جي تقريبن هر وڏي شهر ۾ پنهنجو بنگلو رکين ها ۽ هر بنگلي ۾ چار چار نوڪر چار چار گاڏيون رکين ها ته تنهنجو اسٽينڊر ٺهي ها ۽ شايد تون ويهه سال مون کان به پوءِ مرين ها..............”
حافظ حاجي غلام الله جي روح هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيائين “مون خدا کان ڏور وڃڻ نٿي چاهيو......”
چيم “مان وري ڪهڙو خدا کان ڏور ويو آهيان، مان اڄ به خدا جي تمام ويجهو آهيان، خدا جي وڏي مهرباني آهي، جيڪو چاهيندو آهيان اهو جلدي ملي ويندو آهي.”
چيائين “ پر مون کي توکان هڪ شڪايت رهي آهي”
“ڪهڙي شڪايت؟” کانئس ورائي پڇيم.
چيائين “مان هڪ دفعي پنهنجي اڇي ڏاڙهي کڻي تو وٽ آيو هيس، مدرسي لاءِ توکي ڪجهه قرآني سپارن جو عرض ڪيو هيم، توکي ڪجهه دين اسلام جون ڳالهيون ٻڌايون هيم ۽ عياشي ڪرڻ کان روڪيو هئم. تڏهن تون مون کي موٽ ۾ پنهنجن گارڊن جي هٿان بي عزتو ڪري روانو ڪيو هو ۽ هڪ دفعو تو مون تي قاتلاڻو حملو به ڪرايو هو پر ان ڏينهن منهنجو خدا مون سان گڏ هو ۽ تنهنجا ڀاڙيتا ڪتا منهنجو وار ونگو به نه ڪري سگهيا هئا.”
“خاموش...رڙ ڪري چيم”
“ذليل ڪميڻا تون ڪوڙو آهين، تون ڪوڙو آهين..........” مان سڄو ڳاڙهو ٿي پگهر ۾ شل ٿي ويس.حافظ حاجي غلام الله جو روح ماٺ ٿي ويو، هڪدم مون کي پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي هئڻ جو احساس ٿيو ته دل ۾ ڪجهه خوشي محسوسي ٿي ۽ فخر منجهان ڪنڌ کي لوڏي مون ڀر ۾ بيڊ تي پيل نيسلي پيور لائيف واٽر جي بوتل ۾ هٿ وڌو. بوتل جو ڍڪ لاهي ٻه ٽي ڍڪ پاڻي جا سڪل نڙيءَ ۾ لاهي، مون بوتل واپس بيڊ تي رکي ۽ پلنگ جي تختي تي رکيل روز پيٽل ٽشو پيپر جي دٻي مان هڪ گلابي رنگ جو ٽشو پيپر ڪڍي مون پنهنجي چهري جو پگهر صاف ڪيو ۽ پوءِ ناڪاره ٿي ويل ٽشو پيپر ردي جي ٽوڪريءَ ۾ اڇليندي حضرت عزرائيل ڏانهن ڏٺم، جنهن جي اکين ۾ ڪاوڙ جا عڪس ڏسجي رهيا هئا، اندر ۾ ڄڻ ته باهه ٻري رهي هئي، چيائين “اڃان به ٻه اهڙا روح مون وٽ آهن جن کي توکان شڪايت آهي.”
مون ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيم “انهن جو شڪايتون به ٻڌڻ ٿو چاهيان........” حضرت عزرائيل وري پنهنجو هٿ ان پڃري ڏانهن ڪيو ۽ چپن ۾ ڪجهه چيائين ته پڃري مان هڪ عورتاڻو آواز آيو “تون مون کي سڃاڻين ٿو؟”
“مان حيرانيءَ ۾ پئجي ويس، ڪجهه سوچي چيم نه مان توکي نٿو سڃاڻان؟”
چيائين “افسوس آهي، اڄ تون مون کي نٿو سڃاڻين، جڏهن تون مون سان راتيون گذاريندو هئين، تڏهن سڃاڻيندو هئين ۽ اڄ نه ڇو؟ مان ڪال گرل ڪائنات جو روح آهيان....”
“ڪائنات............؟؟” سندس ڳالهه جاري هوندي به وچ ۾ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
“ها ائين سمجهه ته مان ڪائنات ئي آهيان، شروع شروع ۾ مان ڏاڍي سٺي ۽ اشراف ڇوڪري هيس. جڏهن کان تنهنجي ڪوڙي پيار ۾ ڦاسي پئي هئس تڏهن کان تو مون سان روحاني محبت جي بجاءِ جسماني محبتون وڌيڪ وڌائي ڇڏيون هيون ۽ منهنجي جسم کي ڪمند جي ڳتري جيان چوسي چوسي ڇوڏو ڪري اڇليو هو....... تڏهن کان غير مردن سان جسماني لاڳاپا قائم رکڻ منهنجي مجبوري ٿي پئي هئي، جڏهن مان اهڙن ڪمن ۾ ڪاهي پئي هئس ته ماڻهو مون کي ڪال گرل جي نالن سان سڏڻ لڳا هئا، چند پئسن جي عيوض پنهنجي بکئي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ مون سوين ماڻهن جي هٿان پنهنجي عزت نيلام ڪرائي آهي. مان دوزخ ۾ ته وينديس ئي سهي پر خدا اڳيان پنهنجن سمورن ڏوهن جو اصل مجرم توکي قرار ڏيندس...........ها تو کي قرار ڏيندس.”
“ماٺ ڪر..........” مون ببر شير جيان رنڀي رڙ ڪئي “تون هي ڇا ٿي چئينءَ” تون بڪواس ٿي ڪرين........تون به ڪوڙي آهين ، ها تون به ڪوڙي آهين.” منهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پگهر مان سڄو شل ٿي ويس، ڀر ۾ پيل ٽشو پيپرن جي دٻي مان وري هڪ ٽشو پيپر ڪڍيم، چهرو صاف ڪري نيسلي پيور لائيف واٽر جي بوتل مان ٻه ٽي ڍڪ پاڻي جا ڀري ڪجهه ٿڌو ٿيس ۽ وري حضرت عزرائيل ڏانهن ڏٺم چيائين “ تون مڃين نه مڃين پر هڪ روح اڃا به تنهنجي خلاف شاهدي ڏيڻ چاهي ٿو.”
چيم “ انهيءَ کي به ٻڌندس .” حضرت عزرائيل وري پنهنجو هڪ هٿ ان پڃري ڏانهن ڪيو ۽ چپن ۾ ڪجهه چيائين ته ان پڃري مان وري هڪ ننڍڙي تمام معصوم ٻار جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو “ تون مون کي سڃاڻين ٿو؟”
وراڻيم “لڳي ٿو ننڍڙو ٻار آهين ، پر مان توکي سڃاڻي نٿو سگهان.”
چيائين “مان تنهنجي ٻي نمبر ڌيءَ فرخ جو اهو معصوم پٽ آهيان ،جنهن کي هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ تنهنجي ڌيءَ دوائن جو زهر ڏيئي مون کي واپس موڪلي ڇڏيو.”
رڙ ڪري چيم “ هي تون ڪهڙي ٿو بڪ بڪين منهنجي ڌيءَ ته اڃان ڪنواري آهي............”
چيائين “نڪاح نه ڪيو اٿس ته اها ٻي ڳالهه آهي، رت جي رشتن جي حوالي سان بنگلي جو نوڪر لالڻ خان منهنجو بابا....................” سندس جملي پوري ڪرڻ کان اڳ مون رڙ ڪئي خاموش.......” مٿي کي چڪراٽيون اچڻ لڳيون، وجود جي رڳ رڳ ۾ باهه جا شعلا ٻرڻ لڳا، مون کي ائين لڳو ڄڻ ته مان ڪنهن گهري کاهي ۾ ڪري پيو هجان، لڙڪن جي ٽم ٽمان ۾ مان حضرت عزرائيل جي پيرن تي اچي ڪريس ۽ کيس چيم مون کي معاف ڪري ڇڏ. ها مان وڏو ڏوهاري آهيان، ها مان وڏو ڏوهاري آهيان، چئي سڏڪي پيس، سڏڪندي سڏڪندي ڪنهن دم اک پٽيم ڏٺم ته حضرت عزرائيل غائب هو، منهنجي چئني گارڊن جا هٿيار منهنجي ڀر ۾ پيا هئا، مون کي محسوس ٿيو ته منهنجي ڪنڌ ۾ ڪا رسي پيل آهي، اها گوگهي واري رسي جنهن کي مان ڇڪڻ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو پر اها جيئن پوءِ تيئن ڊگهي ۽ سوگهيءَ ٿيندي ٿي وڃي.