ڪھاڻيون

آئيني جي اوٽ

ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ لاڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار اصغر پتافي آھي.
اصغر پتافيءَ جي جديد ڪهاڻين جا موضوع جيترا خوبصورت آهن اوترو ئي انهن جي پيش ڪش به منفرد آهي. هي ڪهاڻيون سماجي بُراين کي نروار ڪن ٿيون ته محبتن جون ترجمان به آهن. سماجي اٿل پُٿل سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون اهميت جوڳيون آهن.ويساهه آهي ته هي ڪاوش مانائتي موٽ ماڻيندي.۽ سنڌي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائيندي.
  • 4.5/5.0
  • 2819
  • 572
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اصغر پتافي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آئيني جي اوٽ

  رَکيل

رئيس رسول بخش جي گُذاريي کي 15 ڏينهن کن ٿي چُڪا هُئا، پر پوءِ به سويرا اڃان بدن تان ڪارا ڪپڙا نه لاٿا هُئا...... ڪارا ڪپڙا بدن تان لاهي به ڪيئن..........؟ هر لمحو رئيس جي موت جو سڏڪو لڳندو هو هِن کي، هر رات ڪاري ۽ سوڙهي قبر جيان لڳندي هئي. هن کي ۽ هر ڏينهن قبير شاهه قبرستان جو گرم ۽ ڪلراٺو پوٺو لڳندو هو هن، کي هُو ڳالهائي به ڪنهن سان................؟ ڪير هو هن جو هاڻي جيڪو هن جي اندر جا سُڏڪا ٻُڌي يا هن جا ڳوڙها اُگهي......؟ بس اڪيلي ئي ته رهجي وئي هئي پنهنجا ڳوڙها پاڻ وهائڻ واري ۽ پنهنجا ڳوڙها پاڻ اُگهڻ واري، هن جي ڪُل ڪائنات ، هن جي دنيا يا هن جو جيڪو ڪجهه هُيو ته رئيس رسول بخش ئي هُيو، جيڪو هن جي پيرن جي ڌرتي به هُيو ته هن جي مٿي جو آسمان به هُيو . هن جي روح جو چنڊ هيو ته هن جي اکين جي ديد جو سج به هُيو، جنهن جي روشني سان هن کي دنيا جي هر شيءَ خوبصورت ۽ روشن لڳندي هئي پر اهو سج لهي ويو ته اڄ هن کي هي هيڏي ساري دنيا بند ڪاري ڪوٺي جيان لڳي رهي هُئي. جنهن ۾ هن جو ساهه گهٽيو ٿي.
ايڏو وڏو ۽ وشال بنگلو جنهن جي هر رنگين ديوار هر وقت هن جا پئي نيڻ ٺاريندي هئي ۽ بنگلي اندر رکيل بيروني مُلڪن جون قسمين قسمين شيون هن کي جيئري ئي جنت جا تحفا پي محسوس ٿينديون هُيون. هُو رئيس سان کِلي کينچلون ڪندي هُئي ته شيشي وارين درين تي لڳل پردا پاڻ مرادو لُڏندا هئا. هو رئيس سان ملي ٽهڪ ڏيندي هُئي ته بنگلي جون ديوارون سندس ٽهڪن کي پڙاڏو بڻائي اندر جي ماحول کي وڻندڙ ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏينديون هُيون پر اڄ جڏهن رئيس هن جي دل سان ٻڌل محبتن واري ڏوري ڇني وڃي مٽي جي ڪُنڊ ۾ هميشه هميشه لاءِ آرامي ٿيو هو ته هن کي ڄڻ ته بنهه اڪيلو ڪري ويو هو. اڄ هن کي پنهنجن پيرن هيٺان ڌرتي کسڪندي محسوس ٿي رهي هئي آسمان ڄڻ ته هن مٿان ڦاٽي رهيو هو ۽ بنگلي جون ديوارون هڪ هڪ سِر ٿي هن مٿان ڪري رهيون هُيون. اڄ هُو صفا اُٻاڻڪي ٿي پئي هئي دل چيو هُيس ته ڍاڍون ڏئي روئي پر مسلسل 15 ڏينهن روئندي هاڻ ته هن جي نڙي ئي ڇلجي وئي هُئي ۽ اکين جا ڳوڙها ئي سُڪي ويا هئس. اڄ هُو بنهه اڪيلي ٿي پئي هئي رئيس رسول بخش ويو ته هن جا سمورا ناز نياز، محبتون ،خوشيون ۽ خواب ڄڻ ته پنهنجي ڪفن سان ڀري ٻڌي وڃي قبر ۾ سمهي رهيو هاڻي هن جو ڪير هو..........؟ ڪير ئي ته نه هو............
هُو آئي به ته رئيس رسول بخش وٽ اڪيلي هُئي، ڪير هُئي، ڪٿان جي هُئي، اهو سڀ ڪجهه هُو وساري چُڪي هُئي. پنهنجا مِٽ مائٽ ماري ڄڻ ته سمورا رشتا ناتا لتاڙي رئيس جي هٿ تري تي پنهنجي هٿن جون آڱريون اچي رکيون هُيس. رئيس رسول بخش به تڏهن جواني جي سنگت تي کنيل هو. هن جي جواني ڳوٺ جي هر خوبصورت ڇوڪريءَ کي پئي ٿونا هڻندي هئي ۽ هر ڇوڪريءَ پئي هن مٿان ولهار ويندي هئي پر قسمت ڀُلايس سمن سرڪار جي ميلي ۾ موت جي کوهه تي ڊانس ڪندڙ سويرا سان وڃي اکيون اڙايائين. اکيون ڇا اڙايائين، هن پنهنجي دل اُن مٿان گهور ڪري ڇڏي سويرا به ته صبح جي سج جو هڪ ڪرڻو هئي. ڊگهو قد ڊگهي ڳچي سنهڙو سنڊول جسم، گول بيضوي چهرو، وڏيون ڪاريون اکيون، ڳورو رنگ کاڏي وٽان ڪارو تر، ڏند موتين جي قطار کلندي هُئي ته شوقين جن دليون جسم مان ٻاهر نڪري پٽ تي اچي ڪرنديون هُيون. ڊگها ڪارا وار لوڏي موت جي کوهه تي ڪاٺ جي تختي تي بيهي نچندي هُئي ته گهڻن جا من سمن سرڪار جي ڪلراٺي پوٺي تي سيلاب وانگي وهي ويندا هئا....... رئيس رسول بخش هن جي حسن ۽ جواني مٿان اصل فدا ٿي پيو هو. ميلي جي آخري رات هو موت جي کوهه پويان رهڻ لاءِ لڳل تنبوءَ مان سويرا کي کسڪائي ڳوٺ وٺي آيو هو. ڳوٺ ڇا وٺي آيو هو ڄڻ ته ڀنڀور کي باهه لڳي وئي هئي. سندس پيءُ هيبت خان مڇرجي پيو هو. هن کي گهرائي چيو هئائين “ اسان خانداني ماڻهو آهيون ۽ ميلي جي ناچڻي اسان جي عزت نٿي ٿي سگهي.......... هُو ڪِني مڇي جيان آهي، ڪِني مڇي جنهن تلاءُ ۾ رهندي اُتي ٻين مڇين کي خراب ڪندي” چاچي ڏونگر خان به گهٽ نه ڪئي هُيس. جنهن هن کي پنهنجو ناٺي بنائڻ ٿي چاهيو.
ڏونگر خان جي جي ڌيءَ گل ناز به رڳو ويٺي رئيس رسول بخش لاءِ سينڌون ڦڻيون، ڪڍندي هئي. مامي محبت خان به مارڻ لاءِ بندوق کنئي هُيس. اُن کي وري پنهنجا سُور هُئا، هن جي ڌيءَ ماروي جوان ٿي رئيس رسول بخش سان لائون لهڻ لاءِ ڏينهن ويٺي ڳڻيا.........پوءِ ته مورڳو شور مان شورڳو ٿي ويو. گهر ۾ ڄڻ ته ماتم متل هو پر رئيس رسول بخش سويرا کي قطعي طور ڇڏڻ نٿي چاهيو. پوءِ مجبورن سڀني گڏجي ويهي اهو فيصلو ڪيو ته رئيس رسول بخش سويرا سان نڪاح نه ڪندو ۽ نه ئي وري ڪو اُن مان اولاد پيدا ڪندو. هُو سويرا کي فقط پنهنجي ٻني واري بنگلي تي رکيل ڪري ويهاريندو. پهرين شادي هو چاچي هيبت خان جي ڌيءَ سان ڪندو ۽ پوءِ ٻي شادي مامي محبت خان جي ڌيءَ ماروي سان ڪندو . ۽ ائين زندگي جو ڪاروهنوار هلائيندو. پوءِ ٿيو به ائين رسول بخش سويرا کي سندس ٻني واري بنگلي تي رکيل ڪري ويهاري ڇڏيو. نڪاح ڪيائين ته گل ناز ۽ ماروي سان وڃي ۽ لائون به انهن سان وڃي لڌائين. باقي رئيس رسول بخش جو پيار سمورو سويري جي ڀاڳ ۾ آيو. ڏينهن ۽ راتين جا گهڻا حصا سويرا جي قربت مٿان صدقي ٿيندا رهندا هئا. هُو گهر جي راڻي لڳي پئي هئي. گهر جا نوڪر چاڪر سڀ هن جي حڪم تي اُٿندا ويهندا هئا.......... اهو ٻڌي ڪڏهن ڪڏهن گل ناز ۽ ماروي کي ساڙ وٺي ويندو هو ته گهر جي نوڪرياڻين هٿان گاريون ڏياري موڪلينديون هُيون پر سويرا جي آڱوٺي کي پرواهه هئي رئيس رسول بخش لاٽون وانگي هن جي هٿ جي تري تي ڦرندو هو..........
ڪڏهن ڪڏهن هو رئيس رسول بخش کي چوندي هئي ته “سڀ ڪجهه هڪ زال ۽ مڙس وانگر ئي ته ٿي رهيو آهي پوءِ مون سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟
رئيس کِلي ڳالهه کي ٻي رُخ ۾ بدلائڻ جي ڪندي چوندو هو ته “اسان جي جان جسم ۽ روح هڪ آهي ته پوءِ نڪاح جي ڪهڙي ضرورت آهي.......”
سويرا ڪجهه اُداس ٿي چوندي هئي “آئون توهان مان ڪو والي وارث پيدا ڪرڻ چاهيان ٿي ته جئين پوڙهائپ ۾ اهو منهنجو ڀرجهلو ٿئي...........”
رئيس کان ٿڌو شوڪارو نڪري ويندو هو . سويرا کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪو خاص جملو چئي نه سگهندو هو سويرا سمجهي ويندي هئي ته رئيس منهنجي تخم مان ڪو گل پيدا ڪرڻ نٿو چاهي ۽ پوءِ ماٺ ٿي ويندي هئي.
۽ پوءِ ائين ڏينهن مان مهينا، مهينن مان ڪيئي سال گذري ويا. رئيس رسول بخش کي ناناڻي ۽ ڏاڏاڻي خاندان مان پرڻايل ٻنهي زالن گل ناز ۽ ماروي مان اولاد ٿيو ٻنهي مان ٽوٽل 6 پُٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. جيڪي هاڻ اچي جوان ٿيون هيون. رئيس رسول بخش جي جواني به اچي هاڻي پوڙهائپ جي ڪپ تي لڏو لاٿو هو. سندس مٿي جا اڇا وار ٽِڪڻ تان ڇڻي هاڻي رڳو ڪنن وٽان وهاڻي جي جهالر وانگي اچي بيٺا هئا. سندس منهن تي عمر جا گهنج شلوار جي اُبتاڻي جيان اچي ظاهر ٿيا هئا. ڏينهن به ڏينهن جسم ٿڪل ۽ ڏٻرو ٿيندو پئي ويو پر هن کي پنهنجي حياتي تي اڃان وڏو ڀروسو هو. پر اهو ڀروسو اوچتو ئي اوچتو هڪ رات جو هڪ وڳي ٽُٽي پيو. رئيس رسول بخش کي وڏي زال گل ناز جي گهر ۾ دل جو دؤرو پيو پُٽ ننڊ مان ئي ڪونه اٿيا ته رئيس رسول بخش جهٽ ۾ وڃي راهه رباني ٿيو.
رئيس رسول بخش جي موت جي خبر رات جو دير سان جيئن ئي سويرا کي ملي ته سويرا جي مٿان ڄڻ ته اُڀ ڪري پيو هو ڍاڍون ڏئي رُني هئي.........هن کي رئيس رسول بخش جو آخري ديدار به نصيب ڪونه ٿيو. ڇاڪاڻ ته رئيس جي زالن ۽ پُٽن طرفان وڏي گهر اچڻ لاءِ هن مٿان پابندي وڌل هئي............... بس هُو رڳو اڪيلي اڪيلي گونگي ٿي رُني هُئي ۽ روئندي رهي هئي. مسلسل........اڄ کيس پندرهون ڏينهن هو ۽ هاڻ ته سندس اکين جو ڪجلاسر ئي سُڪي ويو هو. چاهيندي به اکين جي ڪنارن تي لُڙڪن جو ڦُڙو به آڻي نه سگهي. الاءِ ڇو اڄ هن کي پنهنجي اکين تان به اعتبار کڄي ويو هو.
کيس يقين ئي نه پئي آيو ته سندس اکيون به ائين دوکو ڪري ڳوڙهن وهائڻ کان سواءِ پڙ ڪڍي بيهي رهنديون. هُو اکين جو وشواس وٺڻ لاءِ سينگار ميز جي آئيني آڏو اچي بيٺي. ڇا ڏسي سندس اکين ۾ رُڃ پئي نظر آئي. چپن تي خشڪي جون ٺڪريون ڄميل هيون ۽ ڳلن تي وڏي عمر کان پوءِ رئيس جي ڏک وڏيون جهيرون پيدا ڪري ڇڏيون هيون. اهو ڏسي هن جو اندر ڀڄي ڀُري پيو، هن سُڏڪڻ چاهيو پر سُڏڪي نه سگهي. وري صوفي تي اچي ويٺي سامهون ٽيبل تي اڇي ڪاغذ تي لکيل هڪ نوٽس پيو هو. اهو ليگل نوٽيس هيو جيڪو رئيس رسول بخش جي سمورن پُٽن گڏجي هڪ وڪيل جي معرفت هن کي موڪليو هو ته هو هي بنگلو ٽن ڏينهن اندر خالي ڪري هِتان هلي وڃي، ٻي صورت ۾ زبردستي کانئس بنگلو خالي ڪرايو ويندو يا وري ڪا قانوني ڪاروائي ڪرائي ويندي.
هن وري اهو نوٽيس کڻي پڙهيو نوٽيس جو لفظ لفظ بندوق جي ڇيرن جيان هن جي اکين جي تارن ۾ لهي ويا. گهڙي پل لاءِ هي هڪ وڏي ڪرب مان گذري ۽ پوءِ سوچڻ لڳي ته هُو ڇا ڪري ڇا نه ڪري...............؟ نه ته هن وٽ رئيس رسول بخش جي زال هئڻ جو ڪو ثبوت هو ۽ نه وري ڪنهن ملڪيت بنگلي زمين زيورن توڙي گاڏين جي ڪاغذن جا ڪي دستاويز هن جي نالي ٿيل هئا.............. هُو هُئي هٿين خالي هُئي، بس رئيس رسول بخش جي محبت ئي هن جو ڪُل اثاثو هُئي هُو ويو ته اُها محبت به پاڻ سان گڏ کڻي ويو . پر هن کي الاءِ ڇو يقين نه پئي آيو. هو اُٿي اچي الماڙي جو در کوليائين. اندر رڳو رنگ برنگي ڪپڙا ئي رکيل هئا. الماڙي سڄي ڪپڙن سان سٿيل هئي.......... هڪ هڪ ڪپڙو ڪري بيڊ تي اُڇلائيندي رهي. ٿوري دير ۾ هن سڄي الماڙي خالي ڪري ڇڏي پر هن کي ڪو به اهڙو دستاويز يا ڪاغذ نه مليو. جنهن ۾ گهر يا ٻي ملڪيت جو ڪجهه حصو هن جي نالي ٿيل هُجي. پوءِ به هن کي وشواس نه آيو، هن وري الماڙي جا خوفيه خانا ڦلهوريا اُتي به ڪجهه نه هو سواءِ مردانگي طاقت وڌائڻ وارن ايڪسپائر ٿيل ڪيپسولن، خالي ٿيل ٽيوبن ۽ ٻين دوائن گورين جي، جيڪي رئيس رسول بخش روز رات جو استعمال ڪري هن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ قرب واريون ڪچهريون ڪندو هو. اُهي سڀ شيون ڏسي گهڙي پل لاءِ هن کي ڏاڍي بُڇان لڳي. هن زور سان الماڙي جا کُليل خانا بند ڪيا ۽ اچي پنهنجي پاڻ کي بيڊ تي پيل ڪپڙن جي ڍڳ مٿان اُڇلايو اکيون ڪمري جي ڇت ۾ کُپائي هو وري سوچڻ لڳي ته رئيس رسول بخش جي پُٽن کي هو ڪهڙو قانوني جواب ڏي..........؟ پنهنجي بقا جي جنگ قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهي رئيس رسول بخش جي پُٽن سان آخر ڪهڙي آڌار تي لڙي.......؟؟ هُو زبردستي هن ئي گهر ۾ ويٺي رهي يا چُپ چاپ ڪري ڪنهن نئين منزل ڏانهن هلي وڃي. وڃي به ته ڪيڏانهن وڃي.......؟ هن جو ڪير هُيو به ته ڪونه...................
جواني ۽ حُسن کي دنيا جي بازار ۾ کپائي اها ملڪيت به هاڻ هن وٽ نه رهي هئي. سندس مٿي جي ڪارن وارن ۾ هاڻي پڪي چاندي لهي آئي هُئي.......... هو انهن زلفن جو واپار هاڻي ڪري ته ڪري به ڪنهن سان ۽ هن ٽائيم ڪير به هآڻي هن جي انهن وارن جو خريدار نٿي ٿي سگهيو. هو ڪيتري ئي دير تائين انهن سوالن ۾ ٻڏي بيڊ تي ڪپڙن جي ڍڳ مٿان آهلي رهي. ايتري ۾ ٻاهر مين دروازي تي زور زور سان ٺُڪاءُ ٿيو. جنهن هن جي جسم کي ڇرڪائي وڌو. اوچتو هن کي ياد آيو نوٽيس جي آئي کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. ڪٿي رئيس رسول بخش جي پُٽن ته نه اچي دروازو کڙڪايو آهي. هن سوچيو ايتري ۾ ٻيون ڀيرو زور زور سان دروازي کڙڪڻ جو آواز آيو، جنهن هن کي صفا ڌوڏي وڌو. جسم ۾ سگهه نه هُيس، پيرن ۾ ست نه هُيس. پوءِ به اُٿي ۽ ٻاهر اچي بنگلي جو مين دروازو کوليائين ته سامهون رئيس رسول بخش جا ٽي پُٽ جبار خان..... سڪندر خان ۽ انور خان پنهنجن ڪجهه هٿيار بندن سان گڏ سامهون بيٺا هئا. هنن کي اوچتو ڏسي سويرا جي جسم مان ڄڻ ته ساهه ئي نڪري ويو. هن دروازو بند ڪرڻ چاهيو پر جبار خان دروازي کي ٿڏو هنيو ته سڀئي اندر هليا آيا. سڀني جون اکيون دهشت مان ڦڙڪي رهيو هيون. سويرا ڪنبڻ لڳي هئي. ڪنبدي هن ڳالهائڻ چاهيو “آئون اوهان جي ماءُ برابر آهيان.....” سويرا وڌيڪ ڪجهه چئي ها يا نه پر سڪندر خان رڙ ڪري چئي ڏنو “شٽ اپ ................ڪِني رن...........تون اسان جي ماءُ جي پاڇي برابر به نٿي ٿي سگهين ”.
ايتري ۾ انور به اکيون ڦوٽاري ڳالهائي وڌو “سڄي زندگي تو اسان جي بابي جي ملڪيت اکيون ٻوٽي لُٽي آهي. هاڻي اسين توکي هِتي هڪ منٽ به رهڻ نه ڏينداسين.” جبار خان به ڳالهائڻ کان ڪونه مڙيو رُعب مان چيائين “عزت انهي ۾ اٿئي ته چُپ چاپ ڪري هِتان هلي وڃ نه ته اسان جا گارڊ توکي ڄُنڊن مان جهلي پنجاب جي سرحد ٽِپائي ايندا”
سويرا وٽ هاڻي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه بچيو هو پر پوءِ به هن وڏي همت ڪري ڳالهايو چيائين “اوهان کي پنهنجي بابي رئيس رسول بخش جي ڇڏيل امانت جي حفاظت ڪرڻ کپندي هئي پر جيڪڏهن صفا نامُراد ٿي بيٺا آهيو ته پوءِ مون کي اتي ئي گولي هڻي ماري ڇڏيو آئون رئيس رسول بخش جي ڀر ۾ وڃي ڊگهي ننڊ سمهڻ چاهيان ٿي............
پر جبار خان، سڪندر خان ۽ انور خان ته هن کي مارڻ چاهيو ئي نٿي، هنن ته رڳو سويرا کان بنگلو خالي ڪرائڻ چاهيو، تنهنڪري جبار خان ٿورو اڳتي وڃي هٿياربندن کي حڪم ڏنو ته سويرا کي گهلي بنگلي مان ٻاهر ڪڍي دروازي ٻاهران ڦِٽو ڪريو. هٿياربندن دير ئي نه ڪئي. ڪنهن سويرا جي ٻانهن مان پڪڙيو ڪنهن سويرا جي ڄُنڊن مان جهليو گِهلي اچي سويرا کي بنگلي ٻاهران ڦِٽو ڪيائون ۽ پاڻ اندر ويهي رهيا. سويرا روئيندي رهي سُڏڪندي رهي. مٽي مان چنبا ڀري پنهنجن وارن ۾ وجهي ماتم ڪندي رهي پر وريو سريو ڪجهه به نه......................
شام جو هُو رئيس رسول بخش جي قبر جي ڀر ۾ ويٺي هُئي. ڳچ دير تائين رُني هُئي، لُڙهيل ۽ ٿڪل ٽٽل آواز ۾ رئيس رسول بخش کي سندس پُٽن طرفان ڪيل تذليل جا ڏک ڏوراپا ڏنا هئائين. پر رئيس رسول بخش مڻين مٽي هيٺ دفن ٿيل هو. سو ڪٿي ٿو هن جون ڳالهيون ٻُڌي هن لاءِ دلاسا ۽ آٿتون ورنائي....؟ اُن وقت سويرا کي ڪيل پنهنجون سموريون غلطيون پڇتاءُ وانگي سامهون آيون هيون. گهڙي پل لاءِ کيس خيال آيو هو ته هو رئيس رسول بخش جي قبر جي آلي مٽي جي چپٽي ڀري پنهنجي پيٽ ۾ وجهي پنهنجي لاءِ ڪو والي وارث پيدا ڪري پر ائين هاڻ ڪٿي ممڪن هو.