ڪھاڻيون

آئيني جي اوٽ

ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ لاڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار اصغر پتافي آھي.
اصغر پتافيءَ جي جديد ڪهاڻين جا موضوع جيترا خوبصورت آهن اوترو ئي انهن جي پيش ڪش به منفرد آهي. هي ڪهاڻيون سماجي بُراين کي نروار ڪن ٿيون ته محبتن جون ترجمان به آهن. سماجي اٿل پُٿل سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون اهميت جوڳيون آهن.ويساهه آهي ته هي ڪاوش مانائتي موٽ ماڻيندي.۽ سنڌي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائيندي.
  • 4.5/5.0
  • 2819
  • 572
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اصغر پتافي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آئيني جي اوٽ

ليکڪ پاران

پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ مون هن ڪائنات جون سموريون حسناڪيون ۽ سمورا منظر پنهنجي اندر ۾ سمائي ڏٺا آهن. مون ڪڏهن پاڻ کي موهن جو ڌڙو ته ڪڏهن ڀنڀور جو ڀڙو به محسوس ڪيو اٿم. مون ڪڏهن پاڻ کي ٿر جون اڃاريون ڀٽون ته ڪڏهن ڪاڇي جي ڪوسين هوائن ۾ اُڏامندڙ اُهي ڪک ڀانيا اٿم جيڪي چاهيندي به ڪنهن جو ڇانورو نه ٿي سگهيا آهن. مون پاڻ کي منڇر به محسوس ڪيو آهي ته ڪيٽي بندر جو اهو ملاح به سمجهيو اٿم جنهن جي هوڙي تي هاڻ واڳون چڙهي ويٺو آهي. مون پاڻ کي لاڙ ۾ سُڪندي ۽ اُتر ۾ ٻُڏندي به ڏٺو آهي.آئون گهڙي پل لاءِ پاڻ کي سُڪي ويل سنڌو لڳو آهيان. مونکي پنهنجو وجود ظالم شڪاري جي ڇيرن سان پروڻ ٿيل پکي جي ڦٿڪندڙ وجود جهڙو محسوس ٿيندو آهي. ڪڏهن ته مون پاڻ کي مختلف انساني درجن،مذهبن،ذاتين ۽ قومن کان بلڪل آجو آزاد پنڇي جيئن محسوس ڪيو آهي جيڪو مندر، مسجد ۽ ڪليسا تي ويهي ٿو.
آئون ڪڏهن ڪڏهن پارڪر جي پٽن تي پارڪريو ٿي رولان ٿو ته ڪڏهن منهنجي وجود ۾ ڌرتيءَ جو دراوڙ ڀيل پنڌ ڪر ي ٿو. منهنجو من ڪڏهن ڪڏهن گاڏوليو لوهار بڻجي ڀٽڪي ٿوجنهن جون باه جي اُلي تي ٺپيل ڪهاڙيون اهو حوصلو ڏينديون آهن ته هاڻ وطن جي ويرين جا ڪنڌ ڪپڻ گھرجن
اُهي سموريون شيون منظر، ڪيفيتون ۽ ڪردار منهنجي جسم جي مٽيءَ ۾ سمايل آهن تنهنڪري سمورين شين کي ڇڏي پاڻ کي هڪ ڪردار ۾ فٽ ڪري نٿو سگهان. جيڪو ڪجهه توهان کي نا پسند هوندو اُهو سڀ منهنجي اندر ۾ موجود آهي.منهنجي اندر جون ڪيئي ڪيفيتون ڪيئي رنگ آهن، مون هن سماج ۾ شودر قرار ڏنل معصوم انسانن سان گڏ کاڌو ۽ پيتو آهي جنهنڪري “مهذب” سمجهيو ويندڙ سماج مونکي نفرت جي نگاه سان ڏسڻ جو ثواب کٽي رهيو آهي. نفرتن ۽ ڪرهتن جا دُکندڙ سگريٽ منهنجي روح جي جسم تي اُجھاڻا آهن آئون سوين راتيون جاڳيو آهيان اونڌاهين ۾ لڪي لڪي رُنو آهيان ته چانڊوڪين ۾ چند کان سوال ڪندي ڪندي ڀنو آهيان.آئون ڪوسي ڪاڙهي ۾ ٿوڻي تي اُهو نڌڻڪو ٻار ٿي به لڏيو آهيان جنهن جي ماءُ اڌ ٿڃ پياري اڌ ننڊ ۾ سمهاري پاڻ لاباري تي هلي وئي. دوستو آئون ڳوڙهو ڳوڙهو ٿي ڳڙيو آهيان ۽ وڇوڙو ٿي وڇڙيو آهيان.
آئون پنهنجي ان محبوب کان به وسري چُڪو آهيان جنهن منهنجي چپن کي روهيڙي جي گل جيان رتو ڪندي چيو هو “تون وڃ تنهنجي منزل اڃان به اڳتي آهي جيستائين تون موٽندي نه تيستائين تنهنجي محبت جو ڳاڙهو گُل منهنجن چپن تي ڦڙڪندو رهندو” آئون زمانن پڄاڻا موٽيو آهيان پر ڏٺو اٿم هن جي چپن جي لالي لهي چُڪي آهي، هو مونکي وساري چُڪي آهي. پر مونکي هن جي اُها پهرين ۽ ڪنواري چُمي اڃا وسري ناهي سگهي جيڪا هن منهنجي ڳل تي ڏيندي وڏي فخر سان چيو هو هي باک اٿئي هن کي سنڀائي رکجان هي تنهنجي زندگي ۾ روشني آڻيندي تنهنجي جسم جي رڳ رڳ ۾ عشق جا نوان باغ پوکيندي.
مون هن بي وفا جي ڳالهه تي زندگي جون ڪيتريون ئي موسمون مٽايون ڪيتريون ئي بهارون لٽايون آهن، نوان باغ ته ٺهيو پر عشق جا پراڻا باغ به ڀيلجي ويا، منهنجي جسم تي جتي چميون ڦٽڻيون هيون اُتي هاڻ رڳو پٺاڻن جي بٺن جون چمنيون دکي رهيون آهن آئون سرن جيان سيڪجي ۽ ٻري رهيو آهيان آئون دونهو ٿي رهيو آهيان آئون دز ٿي رهيو آهيان ۽ ائين ديس جي هوائن ۾ وکري رهيو آهيان.
منهنجي واٽن تي ڪانڊيرا ڦٽا آهن انهن کي لڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ته پنهنجا هٿ رت ڪيا اٿم ظالم وڏيراشاهي جي ظلمتن جو شڪار ٿيو آهيان. تذليلون ۽ صعوبتون برداش ڪيون آهن. اگهاڙن پيرن سان ڪراچي جي رتائين روڊن جا پنڌ ڪيا اٿم، گولين جا آواز ٻُڌا اٿم، ماڻهو ڪرندي پنهنجي اکين سان ڏٺا اٿم، ڳاڙها رت اورانگهيا اٿم، گولين جا خالي کول ٽپيا اٿم.آئون صوفين جي پيلي پوشاڪ ٿي نچيو آهيان، آئون ڀڳتن جي ڀڳتي تي ڪُڏيو آهيان. ڪيترائي دفعا مونکي پنهنجي بدن تي بدنصيبي جي مر چهٽيل محسوس ٿي آهي. اها مر لاهڻ لاءَ آئون ڪيترائي دفعا سمنڊ تي ويو آهيان پر سمنڊ جي هر ڇولي مونکي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو آهي. مون واريءَ سان پير اُگهيا اٿم پر هر ڪوڏ ۽ سپي منهنجي پيرن جون آڱريون ڦٽيون آهن. جڏهن آئون اُهي سڀ تجربا ڪري چُڪو آهيان ۽ ڪجهه حاصل ٿيڻ بجاءَ گهڻو ڪجهه وڃائي چُڪو آهيان ته سوچن جي تسلسل واري هڪ اهڙي باه جي آوي ۾ اچي پيو آهيان جتي ڀڄي ڀُري سيڪجي رهيو آهيان.اهو قلم جيڪڏهن هاڻ ڪنهن کي تير تلوار يا ڪات ڪهاڙو محسوس ٿئي ٿو ته ڀل ٿئي. آئون هاڻ هن قلم جي نب کي تلوار جي ڌار جهڙو تکو ۽ تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندس. هن قلم سان هاڻ گهڻن حرام خورن جا سر ڪٽڻا آهن. منهنجي ڪهاڻين جو پهريون ڪتابي مجموعو “آئيني جي اوٽ” منهنجي معمولي ادبي ڪوشش آهي. ڪتاب "آئيني جي اوٽ" ۾ شامل منهنجون سموريون ڪهاڻيون لڳ ڀڳ ويهه سال اڳ جون لکيل آهن جيڪي ان وقت جي نڪرندڙ مشهور رسالن هالار،سنڌ رنگ،۽ عبرت مئگزين ۾ ڇپيون هُيون. ان وقت طويل ڪهاڻيون لکيون ۽ پڙهيون وينديون هيون اسان جيڪو پڙهيو ۽ ڏٺو پوءِ ان جهڙوئي لکڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهنڪري منهنجي هن مجموعــــــــي ۾ گهڻيون ڪهاڻيون طويل آهن ۽ هن وقت پڙهڻ وارن جو معيار ڏيڍ سِٽ واري ڪهاڻي تي اچي بيٺو آهي
ڏيڍ سِٽ واري ڪهاڻي لکڻ وارو ڏيڍ سِٽ لکي پنهنجن ڪُلهن تان معاشري جي اوڻاڻين جا سمورا بار لاهي هڪدم ٿانيڪو ٿي ويهي ٿو ۽ پڙهڻ وارو به هڪ ئي ساهي ۾ پڙهي وڏو ڪمال ڪري ڏيکاري ٿو. آئون اهڙي ڪهاڻي لکڻ ۽ پڙهڻ واري کي رد ڪيان ٿو. جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته اسان جي ماڻهن وٽ هاڻ ٽائم ناهي. تنهن ڪري اسان ڏيڍ سِٽ تي اچي بيٺا آهيون. ائين سمجهو ته ڏيڍ ڄنگھه تي اچي بيٺا آهيون ۽ منڊا ٿي پيا آهيون.
طويل ۽ ڏيڍ سٽ واري ڪهاڻي بابت منهنجو خيال آهي ته ڪهاڻي اها آهي جيڪا پڙهندڙ جو ڪجهه وقت وٺي پڙهندڙ کي پنهنجي ڪردار ۾ گم ڪري ڇڏي، ۽ پڙهندڙ ڪهاڻي جي سمورن رنگن ۽ احساسن سان رچي پوي ته اها ڪهاڻي چئبي آهي. آئون هروبرو اها دعوى ڪونه ٿو ڪريان ته مون ڪهاڻي سان باقائدي نڀايو يا اهڙيون ڀلوڙ ڪهاڻيون لکيون آهن. ان جهڙيون ڪير ٻيو ڪونه لکي سگهندو؟ آئون ڪهاڻين جي دنيا ۾ بلڪل ئي نئون ماڻهو آهيان. هن مجموعي “آئني جي اوٽ” شامل منهنجيون سموريون ڪهاڻيون تجرباتي بنياد تي لکيل آهن. ڪهاڻين ۾ ڪيئي ڪچايون ڦڪايو شامل هونديون. آئون هنن ڪهاڻين جي هر سٽ ۽ جملي ۾ ٿڙيو ۽ ٿاٻڙيو هوندس .
اسان جي سنڌي ميڊيا ۾ ڪي ٽي اين جي اچڻ کان پوءِ آئون ڪهاڻين واري فيلڊ کي ڇڏي چمڪ ڌمڪ واري فيلڊ ۾ آيس. منهنجو پهريون ڊرامو ڪي ٽي اين تي هليو ان کان پوءِ جيئن ٻيا سنڌي چينل کلندا ويا ۽ آئون انهن تي به ڊراما لکندو تجربا ڪندو ويس، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مهراڻ ٽي وي ۽ ڌرتيءَ ٽي وي تي مون ڪيترائي ڊراما لکيا آهن. جن ۾ سوپ سيريل، سيريل، مني سيريل، سولو پلي، عيد پلي ۽ ڪاميڊي پلي شامل آهن. مون ريڊيوپاڪستان ڪراچي اسٽيشن تي به ڊراما لکڻ جو تجربو ڪيو. مون پي ٽي وي تي به ڊرامو “روشني” لکي مزو وٺي ڏٺو. پر ڊرامي جي دنيا مون کي گھڻي ڦِڪي لڳي. مون ڊرامي جي اندروني دنيا ويجهي کان ڏٺي آهي. جتي ڊرامي سان زوري زنا ڪيو وڃي ٿو. آئون هاڻ اهڙي دنيا ۾ نه چاهيندي به لاڳاپيل آهيان.
ادب ۾ ڪهاڻي منهنجي پسند جي صنف آهي جنهن ۾ مون ٻيهر جهاتي پاتي آهي. ڪچاين ڦڪاين سان هي ڪتاب توهان جي نظر ڪرڻ جي هجت ڪري رهيو آهيان. جس هجي ليکڪ دوست غلام شبير لغاري کي جنهن ڪتاب جي نظرثاني ڪرڻ سان گڏ مون تي ٻه اکر به لکيا. آئون پياري دوست ۽ ڀلوڙ شاعر، نثرنويس محترم ايوب کوسو صاحب جو به تمام گھڻو ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي قيمتي گھڙين مان ڪجهه گھڙيون مون لاءِ ڪڍي منهنجي هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو. آئون سينئر صحافي ۽ بهترين ليکڪ محترم عثمان راهوڪڙو ۽ ليکڪ دوست محب ڀيل جو ٿورائتو آهيان جن مون کي ان لائق سمجهي مون تي ٻه اکر لکيا. آئون هن وقت جي ننڍي عمر وراري وڏي ڪهاڻيڪار دوست اختر حفيظ جو به تمام گھڻو شڪرگذار آهيان، جنهن منهنجي هن ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل لکيو. ان سان گڏ آئون سامروٽي پبليڪيشن جي دوست پرڪاش ڪرمواڻي جو به تمام گھڻو احسانمند آهيان جنهن منهنجي هن ڪتاب کي شايع ڪرائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو.

نيڪ تمنائن سان

[b]اصغر پتافي
[/b]03033105371
ڳوٺ گل محمد پتافي بدين،
سنڌ هائوس، گلستانِ جوهر ڪراچي