کُليل دروازو
هيڏي سڄي دنيا جا ماڻهو ڄڻ ته سڀ هڪ ئي ڪمري ۾ هجن، هڪٻئي مٿي سٿا سٿ، هڪ ڊگهو کوڙ، هڪ ڊگهو انبار ۽ هي ان انبار جو پهريون ماڻهو ......ساهه جو گهٽجڻ پوءِ ريهون چيخون ۽ هر چيخ ايڏي خوفناڪ ۽ تيز جا ڪمري جي ديوارن کي لرزائيندي هجي پر ڪنهن به انساني ڪن کي لوڏيندي نه هجي، رتورت ٿيل هن جي هر چيخ دٻجي دٻجي سسڪي سسڪي مرڻ لڳي ٿي. اوچتو سڙيل سگريٽ جو گرم ڦلو هن جي آڱرين تي ڊهي ٿو. کيس هلڪو سيڪو محسوس ٿئي ٿو. هڪدم سگريٽ واري هٿ کي ڇڪي ٿو. ازخود سندس وات مان نڪري ٿو.
“سنجها.....سنجها ڪٿي هئي.......سنجها هئي هتي......سنجها هوندي اتي آسپاس.....نه سنجها ڪونه هوندي.........” ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو، پڪ ڪرڻ لاءِ کليل دروازي تائين اچي ٿو، ٻنهي پاسي دروازي جي نهاري ٿو، سامهون نهاري ٿو پر ٻاهر ڇا هو؟ ڪجهه به نه......ٺاپر هئي خالي هوا جا گهوگهٽ هئا. ڪوبه وجود ڪو به آواز ڪونه هو.....ڪو به پير ڪو به نشان ڪو نه هو.......ٿڌو شوڪارو ڀري واپس موٽي ٿو اچي ڪمري اندر.......اوچتو سنجها جي خط جو لفظ لفظ سندس ذهن ۾ واسو ڪندو ٿو وڃي.......شام جو ئي ته سنجها جو خط مليو هئس........سنجها لکيو هئس.....
“نه ڄاڻ ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن جو ملي ڪونه سگهيا آهيون پر ملون به ڪيئن......! مون تي بند ڪوٽ ۾ پهرا ۽ تنهنجي پيرن ۾ موت جي ڌمڪين جو زنجيرون، ڄاڻان ٿي ته توکان سونهن جيان سنجها کسڻ لاءِ معاشري هڪ نئين سازش کي جنم ڏنو آهي پر مان سنجها کان بيتاب کسڻ قطعي نه ڏيندس. تون حوصلو رکجان مان اڄ رات اينديس توسان ملڻ...... ضرور اينديس ، تون دروازو کليل رکجان......ها دروازو کليل رکجان.........” اوچتو سنجها جو اهو جملو سندس ذهن ۾ چڀي ٿو پوي، ڇرڪي دروازي ڏانهن نهاري ٿو ، دروازو کليل هو سوچي ٿو.
“هو ايندي ضرور ايندي، دروازو کليل آهي” هو ڪرسي تي اچي ويهي ٿو. سامهون رائٽنگ ٽيبل تي ڪتاب هڪٻئي مٿان سٿيا پيا آهن. ڪلپ بورڊ ۾ ڦاٿل سفيد پنا......خالي بال پئنون ...مختلف رسالن جا الڳ الڳ فائل.....جنهن ۾ پيل هر رسالي ۽ هر ڊائجسٽ ۾ سندس ڇپيل ڪا نه ڪا ڪهاڻي، سگريٽن جي ڦلهيار ۽ ٽوٽن سان ڀريل ايش ٽري ۽ ڪجهه ٻيو سامان، ٽيبل جي هڪ ڪنڊ تي رکيل سندس ئي مجموعي جون ڪجهه ڪاپيون، هو انهن ڪاپين مان هڪ ڪاپي کڻي ٿو، رنگ برنگي ٽائيٽل تي نظر وجهي ٿو. ٽائيٽل وشال سمنڊ جي ڳجندڙ ڇولين مٿان پريان ڏور ڳاڙهو سج لهي ٿو پيو، آڪاش ڏانهن پکين جو وڳر اڏامندو ٿو وڃي ۽ آلي ساحل تي ڪو ڪارو پاڇو گوڏن ۾ منهن وجهيو ويٺل آهي، ڄڻ ته پنهنجي مقدر تي روئيندو هجي. ان ڪاري پاڇي جي هيٺ ٿورو هيٺ لکيل آهي.
“بيتاب” کيس لڳي ٿو هي ئي اهو پاڇو آهي، واحد ۽ اڪيلو سو به ڪارو پاڇو، جنهن جي نه شڪل نه سونهن آهي، جيڪو نه ته سڃاتو ويو آهي نه ته سڃاڻي سگهجي ٿو. هڪ سج، هڪ هو، هڪ آسمان ۽ هڪ سمنڊ جنهن جون بکيون ڇوليون ڄڻ ته ان واحد ڪاري پاڇي جي درد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ رنڀنديون ۽ رڙنديون هجن پر ڪنارو ڄڻ ته.......ڄڻ ته...کين گهوگها ڏيندو هجي ۽ سندن هر رڙ کي چٿيندو هجي، کيس لڳي ٿو هي اهو ڪارو پاڇو آهي، جنهن جو ڪنارو به ڪونهي، جنهن جو ڪير به ڪونهي.
لمحي لاءِ هو ٽائيٽل تان نظرن هٽائي ٿو. هڪ گرم ۽ گهرو ساهه اندر مان ڇڪي ٻاهر اڇلي ٿو ۽ ٻيهر ڪتاب تي نظرون آڻي ٽائيٽل اٿلائي ٿو، پهرين پني اٿلائڻ کانپوءِ سندس نظر “ارپنا” تي پوي ٿي. ارپنا سونهن جي نالي ٿيل هئي. سونهن جو نالو پڙهي هڪدم اندر ڀرجي آيو هئس.
“سونهن....سونهن....منهنجي مٺي سونهن......منهنجي زندگي........منهنجي محبت.........منهنجي ڪل ڪائنات........منهنجي سونهن.....نانءُ تي هن جو نظرون اٽڪي ٿيون پون. هو سونهن جي نانءُ تي آڱريون ڦيرڻ ٿو لڳي. کيس لڳي ٿو سونهن جو حقيقي وجود هن جي سامهون آهي ۽ آڱريون ڦيريندو ٿو رهي.....سونهن جي ڳلن تي آڱريون......سونهن جي اکين تي آڱريون ۽ پوءِ سونهن جي چپن تي آڱريون ۽ پوءِ هوريان هوريان هٿ سونهن جي زلفن ڏانهن هليو ٿو وڃي ۽ هي اوچتو جهڪي پوي ٿو. ڄڻ ته سونهن جي چپن کي چمندو هجي پر سونهن جا چپ ڪٿي هئا. هڪ ڪتاب، هڪ ڪاغذ جي ڳٺڙي جنهن ۾ صرف هڪڙو ڀيرو لکيل “سونهن” منهن ۾ ڪتاب ٿو لڳيس. هڪدم منهن مٿي ڪري ڪتاب ۾ ٿو نهاري .
“سونهن ڪٿي هئي.....سونهن هئي هتي......سونهن هوندي اِتي آسپاس” سونهن کي ڳولڻ ٿو لڳي....... هيڏي هوڏي.....ڪتاب ۾، ارپنا واري پني تي پر سونهن ڪٿي هئي.....سونهن جو ته فقط نانءُ لکيل هو. وجود ته ڪڏهوڪو مٽي جو ڍير بڻجي ويو هو. اکين مان لڙڪن جي لار ڪري ٿي پويس. سڏڪندڙ چپن سان ٿڙڪندڙ نانءُ “سونهن” چئي خاموش ٿي وڃي ٿو....ائين جيئن سندس ڪمري ۾ لڳل وال ڪلاڪ جا ڪانٽا هڪ سال کان ٺپ ٿي ويا آهن.....ڪجهه لمحن بعد هو وري ڪتاب جو ٻيو پنو اٿلائي ٿو. سندس نظر ڪتاب جي مهاڳ تي پوي ٿي جيڪو ڪنهن وڏي ليکڪ سندس فن ڏانو. سندس ذاتي شخصيت ۽ سندس مختلف ڪهاڻين تي تبصرو ۽ تعريف ڪندي لکيو هو. مهاڳ جو لفظ لفظ ڄڻ ته سندس دل ۾ ٿري ناٿ ٿري جي ٻرندڙ گولين جيان زوزاٽ ڪندو لهندو ٿو وڃي.
“بڪواس .......سڀ بڪواس ڪوڙ سراسر ڪوڙ.....هن بڪواس ڪئي آهي. ڪيڏو ڪوڙ......ها ها مان ڪٿي آهيان وڏو ليکڪ......منهنجي شخصيت.......؟ مون وٽ فن...... مون وٽ ڪوئي ڏانوَ ڪونهي..... هي سڀ بڪواس آهي. هي سڀ ڪوڙ اهي، جيڪڏهن .... جيڪڏهن مون وٽ فن هجي ها ته مان سونهن کي مرڻ نه ڏيان ها. ها مان سونهن کي بچائي وٺان ها........” اها سونهن جيڪا هن جي زال هئي پر زال کان وڌيڪ هن جي سٺي دوست هئي. هن جي زندگي هن جو پيار هئي. هن جي آڻپوري خواهش هن جو اڻپورو خواب هئي، جنهن کي بلڊ ڪينسر هو ۽ هي چاهيندي به کيس بچائي نه سگهيو هو.
اڙي..... مون ته ان گونگي عورت تي به لکيو هو جنهن سان ڪو به جوان مرد شادي نه ڪرڻ چاهيندو هو. مجبورن سندس مائٽن سٺ سال جي هڪ پوڙهي کي پرڻائي ڏني هئي ۽ شادي جي ٻي رات ان گونگي عورت گهر ۾ جيت مار دوا پي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو هو....مون ته رئيس جي ان وڏي ڌيءَ جي سگريٽ جي ڦليءَ جيان ڇڻندڙ وهي تي به لکيو هو. جنهن جي حصي جي ملڪيت جي ورهاست واري خوف سبب سندس پيءُ سندس شادي خاندان کان ٻاهر نه ڪرڻ چاهيندو هو ۽ ان جي خاندان ۾ ڪو اهڙو ڇوڪرو هو ئي ڪونه ۽ ائين سندس گلاب جي ڳاڙهن گلن جهڙو جوڀن خزان جي زرد پتن جيان هوريان هوريان ڇڻي ويو.....
اڙي.....اڙي مون ته ڏٻرين اکين واري پوڙهي ماءُ جي ان واحد سهاري تي به لکيو هو، جنهن کي پوليس وڏيري جي چرچ تي ڌاڙيل قرار ڏئي مارائي ڇڏيو هو....... مون ته معاشري جي هر ڪردار تي لکيو هو. اهو معاشرو.....ها اهو معاشرو جيڪو منهنجي سونهن کي بچائي نه سگهيو ......منهنجي مٺي سونهن کي.....ان ئي معاشري جي فرد دوست رجب وٽ به ويو هئس، جيڪو سڀ کان وڌيڪ منهنجي تخليقن جا گڻ ڳائيندو هو. کيس هٿ ٻڌي چيو هئم “پليز ........پليز رجب منهنجي مدد ڪر، مان سونهن جو مرڻ نه ٿو ڏسڻ چاهيان ....مان سونهن کي بچائڻ چاهيان ٿو....... وراڻيو هئائين.
“ٻي جيڪا به مدد چئين حاضر آهيان پر پئسو ڪونه اٿم...... دوست نواز به اهو ئي جواب ڏنم هئم.....اڙي حيف هجي انهيءَ دوستي کي..... ڀلا ٻي مدد سان....اڙي معاشرا......اڙي جسم جي ناسور ڦٽن جهڙا معاشرا توکي....... هر اداري جي پيرن تي مٿو رکيو هئم. هر ڊاڪٽر کي منٿون ايلاز ڪيون هئم پر ڪنهن به منهنجي ڪونه ٻڌي ۽ سونهن.......۽ سونهن اکيون بند ڪري.....“هڪ لمحي لاءِ ٻيهر ان سموري عذاب مان گذري ٿو وڃي، جڏهن سونهن سسڪي سسڪي هن جي هٿن ۾ دم ڏئي وئي هئي ۽ هي چاهيندي به کيس بچائي نه سگهيو هو....
هڪ ڊگهو ساهه ڀري ٿو ۽ اکيون ڇت جي ان پراڻي پنکي تي وجهي ٿو، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ڏسندي کيس خيال ايندو هو ته هو ان ئي پنکي ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ٽنگي ڦاهي ڏئي ڇڏي..... پر هن ويل سندس ذهن ۾ ڪالهوڪي ڳالهه ڦرڻ لڳي هئس.....ماهوار رسالي جي ايڊيٽر وٽ ويو هو....... کيس چيوهئائين.
“سائين شرٽ هاڻ گسي صفا اٽو ٿي وئي آ، مان هاڻ هن کي وڌيڪ نه ٿو پائي سگهان، ٻيو ته بوٽ جا ترا به صفا ٽٽي ٽڪر ٽڪر ٿي ويا آهن، موچي ته هاڻ ڳنڍڻ مهل به شرمندو ٿا ڪن چون ٿا صاحب! جيڪڏهن ڪا چانس ملي وڃئي ته بوٽ جا نوان ترا ضرور لڳرائجو....” ايڊيٽر کليو هو. ٻيهر چيو هئائين “سائين گذريل ٻن شمارن ۾ ڇپيل منهنجن ٻن ڪهاڻين جو معاوضو ڏيو ته نئين شرٽ ۽ نئون بوٽ وٺان .....” ايڊيٽر ٽهڪ ڏئي وراڻيو هئس
“اڙي يار بيتاب معاوضو..... هان معاوضو توکي ته خبر ئي آهي ته ادارو گذريل اٺن مهينن کان خساري ۾ آهي. اسان في الحال هر ليکڪ کي معاوضو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. بس هاڻ ئي ڪجهه ڪمپينن اشتهار ڏيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪجهه اشتهار مليا ته تو کي معاوضو......” ايڊيٽر مرڪي ساڄي اک کي مٿي ڇڪيندو ڳالهه کي معاوضي واري لفظ تي منجهائي کٽائي ڇڏيو هو. بيتاب جي اندران غصو ور وڪڙ کائي ٻاهر نڪتو هو.
“سائين اسان اشتهارن سان ٻڌل ناهيون، ڪهاڻيون شايع ڪيون اٿؤ ته اسان کي معاوضو ڏيو..... ” بيتاب جي اها ئي گرمي ايڊيٽر برداشت نه ڪري سگهيو هو. ٻئي بحث ۾ پئجي ويا هئا ۽ اهو بحث جيڪو بعد ۾ منهن ماري ۾ بدلجي ويو هو. اوچتو مٿان ليکڪ سرفراز ساگر اچي پهتو هو. جنهن هنن ٻنهي کي ماٺ ڪرائي هئي پر بيتاب ان ئي ويل ايڊيٽر کي هميشه لاءِ خيرآباد چئي هليو آيو هو.
هو وري سوچي ٿو....“هي ڪهاڻيون هي تخليقون جيڪي مون پنهنجي روح جو چين نپوڙي تخليق ڪيون آهن، اهي سڀ بڪواس آهن، سڀ بڪواس آهن پر هڪ نانءُ ضرور ڏينديون آهن، حيثيت ڀلي ئي نه....... ها پر اهو نانءُ ڪهڙي ڪم جو، جيڪو پنهنجي محبت کي بچائي نه ٿو سگهي. ها اها تخليق ڪهڙي ڪم جي جا پيٽ نه ٿي ڀري سگهي. جا ٽٽل بوٽن جا ترا به ٿي وجهرائي سگهي.
جا گٺل شرٽ نه ٿي بدلائي سگهي ...نانءُ.....نانءُ ته هڪ رنڊي به ڪمائيندي آهي. جيڪا هر رات هر نئين بستري تي چند پئسن عيوض ڪنهن نئين مرد جي هٿان پنهنجي عزت ليڙون ليڙون ڪرائيندي آهي..... اڙي نانءُ ته اهو ڌاڙيل به ڪمائيندو آهي، جيڪو نه ڄاڻ روز ڪيترين خواهشن ڪيترن خوابن ۽ ڪيترن سهارن جو قتل ڪندو آهي. اڙي نانءُ ته اهو سياستدان به ڪمائيندو آهي، جيڪو پوري ملڪ جي عوام کي بيوقوف بڻائي قومي خزاني کي لٽيندو آهي. .....پر ......هو پيٽ ته ڀري سگهندا آهن ۽ پئسو ايترو جو هر خواب خريد ڪري سگهبو آهي ۽ هي معاشرو انهن کي سائين سائين...وڏا......وڏيرا...رئيس ۽ هڪڙو ليکڪ جو سچ لکي ٿو، جيڪو هر ويڌن تي پنهنجو مٿو پاڻ سان ٽڪرائي ٿو، سو ان جو اندر ايڏو بکيو. غير محفوظ ۽ بي سهارا ڇو......؟ آخر ڇو.........؟ ! هي سڀ بڪواس آهي.........ها.....ها هي سڀ بڪواس آهي. مون معاشري کي ڇا ڇا ڏنو؟ ۽ معاشري مون کي ڇا ڏنو؟ ها ڇا ڏنو!؟ بکيون تخليقون هڪ بي حيثيت نانءُ ۽ اهو نانءُ جيڪو منهنجو بکيو پيٽ ڪونه ڀري سگهيو......جيڪو منهنجي محبت کي زنده ڪونه رکي سگهيو.........ها...ها هي ڪهاڻيون هي تخليقون ۽ هي نانءُ بڪواس آهي، سڀ بڪواس آهي.......هو جنون ۾ اچي ڪتاب کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري هيٺ اڇلي ڇڏي ٿو....اوچتو سنجها جا لفظ سندس ذهن ۾ ماڪوڙن جيان چهٽي پون ٿا.
“دروازو کُليل رکجان مان ايندس ضرور ايندس” هو ڀڙڪو کائي ڪرسي تان اٿي ٿو ۽ دروازي تائين هلي اچي ٿو. ڪجهه لمحن لاءِ دروازي جي چائنٺ کي جهلي بيهي ٿو ۽ سامهون نهاري ٿو.....نهاريندي نهاريندي پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿو.....“سنجها......چري ڇوڪري...دروازو کليل رکجان، مان ايندس ........صفا چري ڇوڪري.............”
هڪ ڊگهو ساهه کڻي ڪمري ڏانهن واپس موٽي ٿو...........موٽندي ئي سنجها جي وڏي ڀاءُ رئيس انور جي اها ڌمڪي سندس ذهن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳي ٿي ته “آئنده جيڪڏهن هن ٻنهي کي ڪٿي ملندي ڏٺو ته ٻنهي کي قتل ڪندو......”
“او............” ڇرڪ نڪري ٿو وڃيس.
ڪٿي............ڪٿي ائين نه ٿئي جو سنجها به مون کان سونهن جيان...............نه........نه..هوءَ ايندي ئي ڪونه............ڪو نه ايندي.........پر جي آئي ته.............ته.............نه هن کي اڄ رات ڪو نه اچڻ گهربو هو......” هو هلي وري ڪرسيءَ تي اچي ويهي ٿو .
سوچڻ لڳي ٿو معاشرو......آخر معاشرو ڇا آهي..........ڇا آهي معاشرو........” ڇا ڏنو آ معاشري ۽ هاڻ ته مون کان منهنجي سنجها به کسڻ ٿو چاهي......پر مان ته سنجها نه ڏيندس...........مون سونهن ڏني هئي.......ها پر مان سنجها نه ڏيندس. هو وري کليل دروازي ڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ يڪ ٽڪ نهاريندو ئي رهي ٿو. ڪنهن لمحي اوچتو هن جي ڪمري کان ٿورو ڏور هڪ بندوق جو فائر رات جي سانت کي چيريندو هن جي ڪنن ۾ لهي وڃي ٿو...........هو ڌڏي وڃي ٿو، کيس لڳي ٿو ڪجهه ٿي ويو آهي....ڪجهه نه پر گهڻو ڪجهه........ ڌرتي ڦاٽي وئي آهي......رات جي پرسڪون سناٽي ۾ خنجر ٽنبيو ويو آهي ۽ روشني کي گل ڪيو ويو آهي......سنجها ڪٿي سنجها......؟ نه ائين نه ٿو ٿي سگهي ...سنجها.....سنجها ” هو ڀڙڪو کائي ڪرسي تان اٿي ٿو ٿڙندو......ٿاٻڙندو...
“گولي منهنجي سيني ۾ لڳي آهي...هي ٿڙان ٿاٻڙان ڇو پيو.....ڪٿي منهنجون ٽنگون ...ڄڻ ته ڌرتي ڌٻي رهي آهي.............هو ٿڙي ٿڙي ڪمري جي دروازي تائين اچي ٿو. رت ۾ ليٿوڙيل سنجها پنهنجو زخمي وجود گهليندي هن جي پيرن ۾ اچي ڪري ٿي..........“سنجها”
“بيتاب.........” بيتاب جي واتان نڪتل رڙ کانپوءِ سنجها جا سڪل چپ چريا هئا..............“بيتاب سنجها کي ڀاڪر ۾ ڀري ڪمري اندر گهلي اچي ٿو....مون کي بچائي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو. هڪ ننڍڙي صندوق..هڪ ٽيبل هڪ ڪرسي هڪ رديءَ جي ٽوڪري هڪ جهولڻ جهڙي کٽ ....ٽٽل دري ڀڳل دروازو ۽ پوءِ ڪمري جي ڇت ڏانهن نهاريندي سنجهاکي چئي ٿو .
“ نه سنجها نه، مان توکي پناهه ڏئي سگهان ٿو، نه تون مون کي پناهه ڏئي سگهين ٿي. هڪ وڏو هڪ وسيع معاشرو........جنهن جا مرڪندڙ جنهن جا آزاد اربين کربين وجود فقط هڪ وجود کي پناهه ڪونه ڏئي سگهي..........اتي ان ئي معاشري جو هڪ ننڍڙو گهر پاڻ کي پناهه ڪٿي ٿو ڏئي سگهي..........ڪٿي ٿو.....پر پوءِ به سنجها کي ڇڏي کليل دروازي کي بند ڪرڻ لاءِ هو ڀڙڪو کائي اٿي ٿو پر تيسين ٻي فائر جا ٻرندڙ ڇيرا سندس سيني ۾ لهي وڃن ٿا ۽ کليل دروازي جيان سنجها جون ۽ سندس اکيون هميشه هميشه لاءِ کليل ئي رهجي ويون.