خوشبوءِ جي خودڪشي
وراڻيم “ڪهڙي معاملي ۾؟”
رعب مان رڙ ڪري چيائين “پئسن ڏيڻ جي معاملي ۾ ٻيو وري ڪهڙي معاملي ۾”
کيس چيم، “مان دل ڏيڻ جي معاملي ۾ به دير ڪو نه ڪندو آهيان، تون پئسن جي ڳالهه ٿي ڪرين”
چيائين “اڄ تائين ڪنهن کي دل ڏني اٿئي ؟”
وراڻيم “تو جهڙي حُور” چپن تي هلڪي مرڪ وکري پيس، ڪنڌ خم ۾ هڻي ماٺ ٿي وئي ۽ مان سندس حجابي لهجو جهڪي پيل چڳن جون گنهگهور گهٽائون هڪ ٽڪ ڏسندو رهيس، کن ترسي ڳالهه بدلائيندي چيائين “تون واقعي به ڪنجوس آهين.”
وراڻيم، “ڪنجوس مان نه پر منهنجي ڏاڏي نوران آهي. 1947ع ۾ جڏهن ڀاڄ پئي هئي، تڏهن هڪ جهور واڻئي مکي درياني مل ڏاڏي نوران کي هڪ ٽيجوڙي ٻه روپيه ٽن آنن ۾ وڪڻي ڏني هئي، جيڪي هن وقت ۾ اهي ٻه روپيه ٽي آنا گهٽ ۾ گهٽ ٽن چئن سَون جي برابر ٿيندا..... منهنجي ڏاڏي ان وقت ۾ خوشنصيب به ڏاڍي هئي. تڙ تڪڙ ۾ واڻئي کي هڪ خانو کولڻ ئي وسري ويو، جنهن ۾ هڪ سون جي نٿ، ٻه سُون جون ڪيوٽيون ۽ ٻارنهن آنا سڪن جي صورت ۾ لڪائي رکيا هئا. جيڪي بعد ۾ منهنجي ڏاڏيءَ کي هٿ آيا ۽ ڏاڏي نوران اڄ تائين اهو سون ۽ اهي ٻارنهن آنن وارا سڪا ساڳي ئي خاني ۾ لڪائي رکيا آهن، جيڪي اڄ تائين به ڪنهن کي ڏنا نه اٿس.”
هڪ هلڪو ٽهڪ ڏيئي چيائين “تون ته بلڪل ئي پنهنجي ڏاڏيءَ تي ويو آهين.”
وراڻيم “مان پنهنجي ڏاڏيءَ تي بلڪل ئي نه ويو آهيان، چپ پيءُ جهڙا اٿم، نڪ ماءُ جهڙو ۽ اکيون نانيءَ جهڙيون اٿم.........” ڪاوڙجي پئي، منهن ڦٽائي منهن ڦيري ڇڏيائين، سندس ريشمي هٿن جون ڳاڙهن ننهن واريون ڊگهيون آڱريون پنهنجي هٿن جي آڱرين ۾ جڪڙيندي چيم “خوشبوءِ”
“هو ماٺ رهي”
ٻيهر ڀڻڪيم “خوشبوءِ؟”
“ هون.” ڀڻڪيائين.
“ناراض ٿي پئي آهين؟” پُڇيم.
چيائين “مون تي طنز ٿو ڪرين.”
چيم “خوشبوءِ طنز جي معنيٰ ڄاڻين ٿي؟” روح کي رانڀوٽا پائيندڙ نظرن جي تيز وار کي منهنجي منهن تي اڇل ڏيئي بغير ڳالهائڻ جي ئي ٻيهر منهن ڦيري ڇڏيائين.
کيس چيم “خوشبوءِ طنز مذاق جو ٻيو روپ اٿئي، ٺيڪ آ، مان آئينده لاءِ توسان مذاق نه ڪندس.” مان هٿن ۾ سندس جهليل هٿ ڇڏي گهڻو سنجيده ٿي ويس...... اوچتو ڀڙڪو کائي مُرڪي ڏنائين وراڻيائين “تنهنجي مذاق ۾ اتساهه آهي. مان تنهنجي مذاق کان ڌار ٿي نه سگهنديس.”
چيم “پوءِ ماڻا ڇا لاءِ ٿي ڪرين؟”
چيائين “توکي گهڻو سنجيده ڏسڻ ٿي چاهيم.”
“ڇو؟” پڇيم.
چيائين “سنجيدگيءَ ۾ مون کي توتي گهڻو رحم ٿو اچي ۽ اهو رحم جيڪو منهنجي پيار کي اتساهي ٿو ” موٽ ۾فقط اڇا ڏند ڪڍي کلي پيو هئس. هن بهار رت جهڙي شام جي منظر ۾ پوپرين هوائن جي هلڪن ڇڇڪن ۾ نرگس جي گل جيان لڏي روح کي لوڏي وڌو هو.
خوشبوءِ هڪ ميراثي ڇوڪري هئي. ننڍي هوندي کان ئي سونهن جي ڪنهن ڳالهه ۾ ڪمي ڪانه رکي هئس پر جڏهن کان سرمئي جوڀن جي پهرين ڏاڪي تي پهريون قدم رکيو هئائين ته چوڏهين جي چنڊ جيان جرڪي پئي هئي. ائين ڄڻ ته ڪنول جو ڪو تازو نسريل گل ماڪ ڦڙن مان ڌوپي نڪتو هجي، ڳورو رنگ، گول بيضوي چهرو، ٻه وڏيون ڪاريون اکيون، جاڙا ڀرون، ڪنڍڙو نڪ، صوف جهڙا گول شوخ ڳاڙها ڳل، سنهڙا ناسي چپ، موتين جهڙن ڏندن جي قطار...... هيٺان کاڏي وٽان ڪڻڪ جي داڻي جيترو ڪارو تر، جڏهن به کلندي هئي ته اهو ڪارو تر جشن ملهائيندو هو. ڊگهن ڪارن وارن واري خوشبوءِ جڏهن به ڪنڌ جي هلڪي ڌوڻ سان پنهنجن زلفن کي هلڪو جهٽڪو ڏيندي هئي ته سندس زلف ڪنهن رهزن طوفان جيان اڀري وري ماٺ ٿي ويندا هئا. شادين ۾ عورتن ۽ گهريلو مردن جي اڳيان ڊانس ڪرڻ سندن اباڻو ڌنڌو هو پر هو ان ڌنڌي مان خوش نه هئي. شادين ۾ ڊانس ڪرڻ تي سندن مائٽن جو زور هو، نه ته هو هڪ سٺي زندگيءَ جي خواهشمند هئي پر جڏهن ڊانس ڪرڻ سندس مجبوري بڻجي پئي هئي. تڏهن ڪجهه وقت لاءِ دلي طور هو آماده به ٿي پئي هئي ۽ هاڻ هن باقاعده ڪجهه عرصي لاءِ ڊانس ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي، سندس ڊانس ۽ سونهن جي هاڪ پري پري تائين پکڙجي وئي هئي.
ماڻهو سندس هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ آتا هوندا هئا، کيس دعوتون ڏيئي پنهنجي ڪاڄن تي وٺي ويندا هئا. جڏهن به هوءَ رات جو راڳ رنگ جي رُت ۾ عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ پيل ڇيٽي تي پنهنجا ڊگها وار کولي پدمڙن ۾ ڇيرون ٻڌي ڊانس ڪرڻ شروع ڪندي هئي ته هن سان گڏوگڏ سندس ڊگها وار به سندس ئي پيرن جي پشم جهڙين کڙين تي ڊانس ڪرڻ لڳندا هئا. مردن جون دليون پاڻي پاڻي ٿي پونديون هيون. جڏهن به مرڪي سهڻي جسم کي لوڏو ڏيئي کانئن روپئي روپئي جا نوٽ وٺندي هئي ته ماڻهن جا وجود لڏي پوندا هئا، جڏهن ڇاتي جي ماسيرن ارهن کي هلڪو ڇڇڪو ڏيئي گهوماٽيون کائيندي هئي ته ڪيترن جي روح کي ڇڇڪو اچي ويندو هو، ذهن ذهن گهوماٽيون کائي ويندو هو. ڇير جي ڇم ڇم جي مڌم راڳ تي مرد کيسن منجهان پئسا نه پر ڄڻ ته پنهنجي جسم منجهان دل ڪڍي پنهنجي هٿ تي رکندا هئا ۽ خوشبوءِ به ڄڻ ته اهي پئسا نه پر انهن مردن جون دليون کڻي هلي ويندي هئي......۽ تقريبن ڪلاڪ کن ۾ ئي ماڻهن جا کيسا خالي ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ پنهنجن کيسن ۾ هٿ هڻندا خالي هليا ويندا هئا.
اسان جي ملاقات منهنجي چاچي جي هڪ شادي ۾ ٿي هئي. سندس سونهن ۽ ڊانس جي هاڪ ٻڌي، ان ڏينهن مان به پٽ سٽ ڪري پنهنجا کيسا روپئي روپئي جي نوٽن سان ڀري آيو هئس، پهريون ڀيرو ڪاري وڳي ۾ چنڊ جهڙو بدن ڍڪي ميڪ اپ ڪري ڪارن زلفن کي پنهنجن ڪلهن تي کليو ڇڏي، پدمڙن ۾ ڇيرون ٻڌي، جڏهن سامهون اچي بيٺي هئي. تڏهن مون کي خدا تي شڪ ٿي پيو هو. ڀانيو هئم خدا سواءِ ٻڌائڻ جي هڪڙي حور کي ڌرتيءَ جي ٻيٽ تي انسانن جي جهنگل ۾ لاهي ڇڏيو آهي. پهريون ڀيرو ڊانس جي لوڏن ۾ نمي مرڪي منهنجي هٿ منجهان روپئي جو نوٽ کنيو هئائين، تڏهن ائين ڀانيو هئم ڄڻ ته هوءَ منهنجي هٿ مان ڪاغذ جي ريت مان ٺهيل هڪ روپئي جو نوٽ نه پر منهنجي دل کسڪائي ويئي آهي. سندس گهور وجهندڙ نيڻن جو گهايل ٿي پيو هئس. روح کي ڇڪ اچي وئي هئي. ان ئي ويل پنهنجو پاڻ کي ڦرائي ويٺو هئس، پئسا، دل، سک چين ۽ سڀ ڪجهه جڏهن ماڻهن جا کيسا خالي ٿي ويا هئا ۽ پنهنجن پنهنجن کيسن کي هٿ هڻندا، پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن اسهي ويا هئا، تڏهن مان اتان اٿي گهر جي ورانڊي جي هڪ ڪنڊ ۾ لڳل هن جي بستري تي ويٺل اڌڙوٽ عمر هن جي ماءُ ٻن ٻين پوڙهين ۽ هن جي سامهون اچي ويٺو هئس،تڏهن هن جي ماءُ پتيءَ وارو پان وات ۾ ڦيرندي چيو هو “ابا پئسا واپس وٺڻ آيو آهين ڇا ؟” ان کان اڳ جو مان ڪو جواب ڏيان خوشبوءِ کان هڪ سنهڙو ٽهڪ نڪري پيو هو، اهو ئي سندس پايل جي آلاپ جهڙو مٺڙو ٽهڪ، سينو چيري منهنجي دل ۾ لهي ويو هو، گهڙي پل لاءِ اندر جو ساهه معطر ٿي موٽ کائي آيو هو. ماءُ ۽ ساڻس گڏ ٻه ٻيون پوڙهيون کريل نوٽن کي ٺاهي ٺاهي ڳڻي رهيون هيون ۽ ان وقت هن جي خوبصورت هٿن جي خوبصورت آڱرين ۾ گرم چانهن جي ڀريل هڪ ڇل هئي ۽ هو ان ڇل کي پنهنجي ڳاڙهن ڳٽن تائين آڻي سپ سپ ڪري چانهه پي رهي هئي. ان ويل مان سندس بدن تي پهريل ڪاري وڳي جي ريشمي تند تند پويان سج جي پهرئين ڪرڻي جيان جهوٽون پائيندڙ چنڊ جي چانڊاڻ جيان لياڪا پائيندڙ بدن کي گهور گهور سان ڏسي رهيو هئس......مون ڏي نهاريندي پڇيو هئائين “ ڇا ٿو ڏسين؟”
“ڪجهه به نه.......” وراڻيم هئم.
هوءَ وري سپ سپ ڪري چانهه پيئڻ لڳي هئي ۽ مان وري به کيس ائين جو ائين ئي تڪڻ لڳو هئس،
چيو هئائين “پيسا کلا ٿو ڪرائين؟”
“نه”
“پوءِ؟”
“چانهه پيئندس” وراڻيو هئم، لپ اسٽڪ ٿيل لبن تي هلڪي مرڪ وکيري هٿ ۾ جهليل چانهه جي ڇل مون ڏانهن وڌائي هئائين ۽ مان بي ڌڙڪ سندس هٿ منجهان چانهه جي اڌ ٿيل ڇل جهپي اتي پنهنجا ٺريل چپ رکي چانهه پيئڻ لڳو هئس، جتي پهرين هوءَ پنهنجا رتا چپ رکي چانهه پي رهي هئي، ان ويل مون کي چانهه منجهان چانهه جي خوشبوءِ نه پر خوشبوءِ جي خوشبوءِ اچي رهي هئي ۽ ڇل جي وٽ تي رکيل پهرئين خوشبوءِ جا لپ اسٽڪ ٿيل چپ جتي هينئر منهنجا چپ رکيل هئا، مون کي ڄڻ ته خوشبوءِ جي چپن جو آسيس ملي رهيو هو...... چانهه ختم ڪري خالي ڇل سندس اڳيان رکندي، سندس سمنڊ جهڙين گهرين اکين منجهه گهورڻ لڳو هئس.
چيو هئائين “اڃا پيئندين؟”
“ها .” وراڻيو هئم ، هلڪي کل کلي ٿرماس منجهان چانهه جي ٻي ڇل ڀري هئائين.
وراڻيم هئم “مان چانهه جو نه پر شراب جو موالي آهيان.”
چيوهئائين “پر هيءَ ته چانهه آهي”
وراڻيو هئم “تنهنجي هٿ جي چانهه پيئندي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته مان تنهنجي ئي نيڻن جو شراب پي رهيو هجان.........” هڪدم شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين، هڪ وار سندس ماءُ ۽ ٻن پوڙهين جا نوٽن ۾ هلندڙ هٿ رڪجي پيا هئا. ٽنهي جي وات ۾ ڦرندڙ پتي وارا پان هڪ لمحي لاءِ ڳاڙهي زبان تي بيهي ٻيهر هلڻ لڳا هئا ۽ سچ پچ ان ئي وقت مان سندس نيڻن جي پيالن منجهه ڇلڪندڙ شراب جا وڏا وڏا ڍڪ ڀري مدهوش ٿي پيو هئس. ان ئي وقت مون پنهنجي دل کسڪندي محسوس ڪئي هئي. سوچيو هئم پنهنجي دل خوشبوءِ جي دل منجهه رکي ڇڏيندس، کيس ساهه منجهه سمائي ڇڏيندس ۽ کيس روح منجهه رلائي ڇڏيندس، ان ڏينهن جڏهن هن منهنجي دل چوري ڪري ورتي هئي ۽ بدلي ۾سندس دل چوري ڪرڻ لاءِ مان هن کي تمام گهڻو ويجهو ٿي پيو هئس ۽ هاڻ ته باقاعده هنن جي گهر به اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڏنو هئم. هڪ ڏينهن سندس ئي اڳيان سندس سونهن جي تعريف ڪندي چيو هئم “تون ڪنهن حور کان گهٽ ناهين.”
وراڻيو هئائين “ايڏي تعريف نه ڪر.”
“ڇو؟”
“مٿو خراب ٿي ويندم.”
هلڪو ٽهڪ ڏيئي کيس چيو هئم “تنهنجو مٿو خراب ٿي نه سگهندو، تون ٻين جا مٿا خراب ڪندي آهين. “ شرير نگاهن سان گهوري حجابي اکڙين کي ڦيري ڇڏيو هئائين تڏهن کيس چيو هئم “تنهنجي اها ادا مون کي وڻندي آهي.” ڳالهه بدلائيندي چيو هئايئن “تون هتي روز روز ڇو ٿو اچين؟”
“توکي ڏسڻ. ”
“ مون کي.........؟” حيرت منجهان هڪ هٿ پنهنجي ڇاتيءَ تي رکي چيو هئائين “مون ۾ ڇا رکيو آهي؟”
“ اهو سڀ ڪجهه جيڪو مون کي ٻيو ڪٿي نظر نٿو اچي”
چيو هئائين “وڏو ڪو پلستر آهين”
کيس موٽ ۾ چيو هئم “ تون منهنجي روح جي راڻي..........دل جي دنيا آهين. ”
حجابي مرڪ نارنگي جي ڦار جهڙن رسيلن چپن تان اٿلي پئي هئس، ڪنڌ جهڪائي ڪلهن تي وکريل وارن کي هڪ هٿ سان ٺاهيندي چيو هئائين “مان هلان ٿي؟”
“ڪيڏانهن.....؟”
“شهر ۾ شاپنگ ڪرڻ ”
“مان هلان؟“
“هل”
“دل سان ٿي چئين؟”
“نه وات سان....” هڪ هلڪڙو ٽهڪ چپن تان ڇڻي پيو هئم، خوشبوءِ اٿي بيٺي هئي، ڪاري رئي جو نقاب هڻي چيو هئائين “هلين ٿو نه ؟”
تڏهن اٿندي وراڻيو هئم “توکي اڪيلو ڇڏڻ منهنجي زندگيءَ جي پهريئن بيوقوفي هوندي” ۽ پوءِ مان خوشبوءِ سان گڏ يوٽيلٽي اسٽور ويو هئس وچ رستي ۾ کيس چيو هئم “تون ڊانس ڇو ٿي ڪرين؟”
وراڻيو هئائين “مجبوري اٿم ”
“ڪهڙي مجبوري؟”
“پوڙهي امان ۽ پوڙهي بابا کي پالڻ هاڻ مون تي فرض ٿي ويو آهي.”
کن ماٺ رهڻ کان پوءِ چيو هئم “ انهن کي مان پاليندس.”
جهڪيل ڪنڌ اڀو ٿي پيو هئس، اکيون حيرت منجهان ڦاٽڻ لڳيو هيون.
وراڻيو هئائين “خبر اٿئي مان ساليانو بابا وارن کي ڪيترو ڪمائي ڏيندي آهيان؟”
“نه پر ڪيترو ڪمائيندي آهين.......؟”
چيو هئائين “گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ۾ مان لک ڏيڍ ڪمائي وٺندي آهيان، جن مان هڪ سال جو خرچو آسانيءَ سان ٿي ويندو آهي.”
چيو هئم “اهي توکي مان ئي ڏيئي سگهان ٿو.”
وراڻيو هئائين “ماڻهو ڇا چوندا؟”
چيو هئم، “مون ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ سکي ناهي.” موٽ ۾ هو ماٺ ماٺ گونگيون وکون کڻندي اڳتي وڌندي رهي هئي، ٿوري دير ماٺ رهڻ کانپوءِ ڀڻڪيو هُئس.“پر توکي ڊانس ڇڏڻي پوندي.” پر هوءَ پوءِ به ماٺ رهي هئي، ٿورو اڳتي هلي کيس ٻيهر چيوهئم “خبر اٿئي جڏهن تون ڊانس ڪندين آهين، جڏهن تنهنجي پيرن جي ڇير وڄندي آهي، تڏهن ماڻهن جون دليون وڄي پونديون آهن ۽ تنهنجون مرڪون ورهائجي وينديون آهن.”
تڏهن ڀڻڪي هئي “اهي مرڪون جعلي نوٽن جهڙيون هونديون آهن، جن کي ماڻهو ڏسي گهڙي پل لاءِ خوش ته ٿي سگهي ٿو پر اُن مان ڪجهه خريد نٿو ڪري سگهي.”
چيو هئم “پر مون کي اهو سڀ ڪجهه پسند نٿو اچي ته تون ماڻهن سان مرڪين ۽ ماڻهو توسان مرڪن.”
چيو هئائين “اجايو شڪ نه ڪر، تنهنجي حصي جون مرڪون توکي ملنديون.”
چيو هئم “مان تنهنجي ڊانس جي ڳالهه ٿو ڪريان، جنهن کان پوءِ تنهنجون مرڪون خودبخود پس پرده ٿي وينديون.” پر پوءِ به هو ان وقت مون کي ڪو يقين ڏياري نه سگهي ته آئنده لاءِ ڊانس ڇڏي ڏيندس يا ڊانس ڪندي رهنديس. يوٽيلٽي اسٽور تان شاپنگ ڪرائڻ کان پوءِ جڏهن واپس موٽيا هئاسين، تڏهن چيو هئائين.
“ساگر منهنجو مڱڻو اڳ ئي ٿيل آهي.”
تڌهن وجود لرزي پيو هئم، ڌرتي پيرن هيٺان کسڪندي محسوس ڪئي هئم. حيرت منجهان اکيون ڦاڙي کيس چيو هئم “تو اڳ ته مون کي نه ٻڌايو آ.”
وراڻيو هئائين “ ٻڌائي ڇا ڪنديس، ان خصيص شخص جو نالو ئي زبان تي نٿي آڻڻ چاهيان.”
“ڇو؟”
“هو شرابي، نشائي، لوفر آ، منهنجي ڪمائي جو انگ ٻڌي ڇتو ٿي پيو آهي، چاهي ٿو ته جلد شادي ٿي وڃي.”
“پوءِ تو ڇا سوچيو آ ؟”
“مان ان ڪميڻي شخص سان شادي هرگز ڪرڻ نه ٿي چاهيان، مان چاهيان ٿي ته ڪو اهڙو سٺو جيون ساٿي ملي، جنهن جي پيار جي ڇانوري ۾ رهي مان ڊانس ناچ گاني کي وساري ڇڏيان........” مان ماٺ ئي رهيو هئس. ٿوري دير لاءِ هو به ماٺ ئي رهي هئي، ائين خاموش خاموش اڳتي وڌندا رهيا هئاسون، ٿورڙو اڳتي هلي خاموشيءَ جي تند ٽوڙيندي چيو هئائين.
“تون منهنجن مرڪن جي تحفظ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟”
“ها” وراڻيو هئم.
چيو هئائين “ڇا تون مون کي اهو تحفظ ڏيئي سگهين ٿو ؟” لرزي پيو هئس. وجود ڌڏي پيو هو، روح کي سٽ اچي وئي هئي، ڪنڌ هيٺ ڪري ماٺ ٿي ويو هئس.
ڀڻڪي هئي “ماٺ ڇو ٿي ويو آهين ؟”
وراڻيو هئم، “ تون ڪهڙي لحاظ سان ٿي چئين؟”
چيو هئائين “ان لحاظ سان جنهن سان منهنجن مرڪن کي حقيقي تحفظ ملي سگهندو.”
“مطلب؟” ڳالهه سمجهندي به ڄڻ ته اڻڄاڻ ٿي چيو هئم.
“ هاڻ ايڏو به صفا ڪو ٻار ناهين؟” اکيون ڪڍي ڪاوڙ منجهان چيو هئائين، کيس چيو هئم “ڪڏهن ڪڏهن اسان سمجهندڙ ڳالهه کي به نه سمجهي سگهندا آهيون.”
سندس گهر طرف مڙندي چيو هئائين .“تون مون سان شادي ڪري ڇڏ.” دل شروع ۾ هڪ تيز ڌڌڪو کائي ۽ پوءِ ٻيهر پنهنجي اصل رفتار تي اچي بيٺي هئي، ساهه سر سر ڪري نڙي منجهه اٽڪڻ لڳو هو. ڪنڌ خم ۾ هڻي ماٺ ئي رهجي ويو هئس، کيس ڪجهه چئي نه سگهيو هئس، ٻيهر هو به پڇي نه سگهي هئي. ماٺ ماٺ سندس گهر منجهه پيل کٽ تي اچي ويٺا هئاسين، چند لمحن بعد هوءَ اٿي منهنجي لاءِ هڪ اسپيشل چانهه جو ڪپ ٺاهي کڻي آئي هئي. سپ سپ ڪري چانهه پيئندو رهيو هئس ۽ سوچيندو رهيو هئس خوشبوءِ جي باري ۾، پر خوشبوءِ مون کان ايترو مٿي هي جيترو ڌرتي کان آسمان، ايترو پري هئي جيترو سج کان چنڊ....... چانهه ختم ڪري خالي ڪوپ کٽ جي ايس تي رکي اٿندي کيس چيو هئم “مان هاڻ هلان ٿو.”
خم ۾ پيل سندس ڪنڌ اڀو ٿي ٻيهر جهڪي ويو هو، اکڙيون اداس هيون، ڪجهه چوڻ چاهيندي به ڄڻ ته ڪجهه چئي نه سگهي هئي، مان هلندو گهر جي دروازي جي چائنٺ تي اچي بيٺس، پٺيان کان ڀڻڪائين “ساگر.......”
“هون.” وراڻيم.
“تو مون کي ڪا ورندي نه ڏني ؟”
ترسي ترسي کيس چيو هئم “خوشبوءِ نه تون منهنجو نصيب، نه مان تنهنجو مقدر آهيان.........” چيو هئم “مان تنهنجو ٿي نه سگهندس”. پير ٺپ ٿي ويا هئس، وجود ڪنبي پيو هئس، اندر جي سمنڊ مان اڀري آيل سڏڪن جي طوفان کي نڙيءَ منجهه روڪي کيس ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳي هئي ۽ ٻري ٻري جيئڻ لڳي هئي. ساهه منهنجو به منجهڻ لڳو هو، دل گهٻراهٽ جو غم کڻي نه سگهي هئي ۽ ريزه ريزه ٿي وکري پئي هئي. وڌيڪ هو ڪجهه پڇي نه سگهي هئي. ڪجهه چئي کيس مان نه سگهيو هئس ۽ ائين ئي ماٺ ماٺ جي مئل سمنڊ جون گونگيون ڇوليون لتاڙيندو هليو آيو هئس.
ان ئي ڏينهن منهنجي سسٽر بيمار ٿي پئي هئي، جنهن کي حيدرآباد کڻائي ويو هئس، ڏيڍ مهيني کان پوءِ جڏهن واپس آيو هئس، تڏهن خبر پئي هئم ته خوشبوءِ جي شادي ٿي رهي آهي، پڄري پيو هئس، روح رهڙجي رهڙجي سڏڪڻ لڳو هو، پر ان جرم جو مجرم مان پاڻ هئس، ان ڏوهه جو ڏوهي مان پاڻ هئس. گلا ڪجي ته ڪنهن سان؟ شڪوه شڪايت ڪجي ته ڪنهن سان؟ ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر ويس، ان ڏينهن هوءَ ونواهه ۾ ويٺل هئي، سندس گهر جي هڪ ڪنڊ ڄڻ ته هن لاءِ هڪ ننڍڙي قبر هئي، جنهن ۾ هن پنهنجون مرڪون هڪڙي پاسي رکي ڇڏيون هيون. سندس هئڊو چهرو خزان رت جي پونياڙي ويل جهڙو اداس منظر ڀانسي رهيو هو.
چيو هئائين “ ڇو آيو آهين؟”
“توکي ڏسڻ ” وراڻيو هئم.
“مان هاڻ تنهنجي ڏسڻ لائق ناهيان.” موٽ ۾ ڪجهه ڪڇي نه سگهيو هئس، فقط ماٺ ئي بيٺو رهيو هئس.
چيو هئائين “وساري سگهيو آهين؟”
کيس چيو هئم “وسارڻ چاهيندي به توکي وساري نه سگهندس.” سندس پيلن چپن تي طنزيه مرڪ اچي ويئي هئي چيو هئائين” نه وسارڻ جو سرٽيفڪيٽ کڻي آيو آهين؟”
موٽ ۾ ڪجهه چئي نه سگهيو هئس، فقط ڪنڌ خم ۾ ڏيئي ويران مندر جي خاموش مورتي جيان خاموش خاموش رهجي ويو هئس. چيو هئائين “تنهنجي حصي جون مُرڪون اڳ ئي توکي ڏيئي ڇڏيون اٿم، هاڻ واپس هليو وڃ.”
کيس چيو هئم “خوشبوءِ مان پنهنجن واعدن مطابق نه لٿو آهيان ان جي هڪ مجبوري به هئي.”
“ڪهڙي مجبوري هئي توسان..........؟”
“مان اڳ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو مڱيندو مقرر ٿي چڪو آهيان.”
چيو هئائين “هاڻ اجايا قصيدا بيان نه ڪر، مان سمجهان ٿي، مان هڪ گهٽ ذات واري ميراثي ڇوڪريءَ هئس.
“تڏهن.................؟”
کيس چيو هئم “تنهنجن مرڪن جو قسم گهٽ ذات جي ڳالهه ناهي، مون کي تنهنجي قوم سان به ايترو ئي پيار آهي، جيترو توسان.”
ماٺ رهجي وئي هئي، ڪي پل ائين ئي ماٺ ماٺ ۾ هڪ ٻئي جا چهرا تڪيندي گذاري ڇڏيا هئائين، ٿوري دير بعد چيو هئائين “ تنهنجي لاءِ هڪڙو تحفو رکيو اٿم.”
“ڪهڙو تحفو؟” کانئس پڇيو هئم هو ماٺ ماٺ ڪنڊ مان اٿي هئي ۽ ڪاٺ جي الماڙي جو هڪ خانو کولي ۽ ان مان خاڪي رنگ جي هڪ ڪاغذ سان پئڪ ٿيل هڪ پئڪيٽ ڪڍي ڏيندي چيو هئائين “هن کي گهر وڃي کولجانءِ.”
“ هن ۾ ڇا آهي؟” سندس هٿن مان اهو پئڪيٽ وٺندي چيو هئم.
“ڪجهه به آهي پر گهر وڃي کولجانءِ.” چيو هئائين ۽ پوءِ ٻيهر هو مئل قدمن سان پنهنجي اونڌاهي پناهه گاهه ڏانهن هلي وئي هئي.
مون سندس چوڻ مطابق گهر اچي اهو پئڪيٽ کوليو هو، جنهن مان روپئي روپئي جي نوٽن جون ويهه دستيون نڪتيون هيون ۽ هر دستي هڪ سئو روپين جي هئي......ان مان اها خبر پئي ته هن مون کي منهنجا پئسا موٽائي ڏنا آهن، جيڪي مون هن کي سياري جي مند ۾ اتر جي سرد جهولن ۾ جهومندڙ مختلف شادين ۾ ڏنا هئا. دل باهه منجهان ڀڙڪو کائي اٿي. سوچيم کيس سڀئي نوٽ واپس موٽائي ڏيندس پر مان ائين ڪري نه سگهيو هئس، ٻيهر سندس در جي چائنٺ ۾ ٻڌل ڳاڙهي ڳاني کي لڏندو ڏسڻ جيتري همت نه هئم، سندس ڪينجهر جهڙين اکين جي ٽٽي پيل بندن مان وهڪرو ڪري ڳلن تي گسجندڙ لڙڪن جي سامهون بيهڻ جيتري جرئت نه هئم......هن جي شادي ٿي وئي، هو پوپرين هوائن جي ريشمي گيتن جهڙي نفيس ڇوڪري جي پيلي ڌنڌ جهڙي منظر ۾ ويڙهجي وئي. ڪجهه نه ڪرڻ چاهيندي به اهو ڪجهه ڪرڻ لڳي، جنهن کان هن کي نفرت هئي، هن جي ڊانس ٻيهر شروع ٿي وئي، هن جون مرڪون ٻيهر ورهائجي ويون. اهو هو سڀ ڪجهه پنهنجي رضا خوشيءَ سان نه پر پنهنجي مڙس جي دٻاءُ هيٺ دٻجي ڪرڻ لڳي، جنهن کيس ٻيهر سختيءَ سان ان عمل ۾ سرگرم ڪري ڇڏيو هو. گهڻن ڏينهن پڄاڻان هو مون کي پنهنجي ئي شهر جي ان يوٽيلٽي اسٽور جي شيشي لڳل در مان پار ٿيندي ملي هئي، جتان ڪڏهن ڪڏهن مان کيس شاپنگ ڪرائي موٽندو هئس، گهڻن ڏينهن پڄاڻان ائين لڳو ڄڻ ته هوءَ قبرستان جي ڪنهن پراڻي قبر مان اٿي آئي آهي. سندس وار اڻڀا هئس، اکيون آخري پساهن ۾ دم کڻندڙ ڏيئي جهڙيون مايوس نگاهون آڇيندڙ هيون........سندس چهري جي رنگت ۽ بدن جي مائونٽ ايورسٽ چوٽين تي وکريل برف ڄڻ ته آهستي آهستي وگهري ڳري وئي هجي، دل کي يقين نه آيو. حيرت منجهان کانئس اکيون ڦاڙي پڇيم “تون خوشبوءِ آهين؟”
ڪنڌ هيٺ ڪري سڏڪي پئي..........سندس سڏڪن جا سوڳوار آواز منهنجي روح ۾ لهي ويا.....کيس ٻيهر چيم “خوشبوءِ تنهنجي هيءَ حالت؟ ڇا ٿيو اٿئي؟”
وراڻيائين “توکي پڇڻ جو ڪو حق ناهي.”
چيم “ ڪنهن کان پڇڻ هر ڪنهن جو حق آهي، مان توکان پڇڻ جو حق رکي سگهان ٿو.”
چيائين “مان توکي حق نٿي ڏيان.”
چيم “دنيا ۾ ڪنهن جي حق غضب ڪرڻ جي الزام ۾ کيس ظالمن ۾شمار ڪيو ويندو آهي.”
هوءِ منهنجي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري اڳتي لنگهي وئي. ٽريفڪ جي شور ۾ روڊ جي ڦوٽ پاٿ تي ڪنڌ جهڪائي ائين هلندي رهي ڄڻ ته هو وک وک تي پنهنجا سوڳوار لڙڪ ڳڻي هڪ هڪ ڪري رکندي ويندي هجي، ساڻس گڏ گڏ هلندي چيم “خوشبوءِ تو ۾ هاڻ اها خوشبوءِ ناهي، جيڪا پهرين هئي.”
وراڻائين “اها خوشبوءِ هاڻ ماڻهن جي ذهنن ۾ تحليل ٿي وئي آهي.”
چيم “انهيءَ خوشبوءِ جي تحليل ٿيڻ وارو داستان ٻڌڻ ٿو چاهيان.”
چيائين “ٻڌي سگهندين؟”
چيم “ٻڌڻ جيتري سگهه نٿو رکان، پر پوءِ به ٻڌڻ فرض ٿو سمجهان.”
چيائين “منهنجو مڙس........” هن داستان ٻڌائڻ شروع ڪيو “هڪ انتهائي بي غيرت لالچي انسان آهي، هن کي پنهنجي نشي پوري ڪرڻ لاءِ فقط ۽ فقط پئسا گهرجن، جيڪي هو مون مان وصول ڪندو آهي. مختلف شادين لاءِ اڳواٽ پئسا وٺي شاديون بڪ ڪري ڇڏيندو آهي. جتي ڊانس ۽ ناچ گاني ڪرڻ لاءِ مون کي وٺي ويندو آهي. محفل ختم ٿيڻ کان پوءِ هو مون کي وڏيرن جي اوطاق تي وٺي ويندو آهي. جتي وڏيرا شراب پي سڄي سڄي رات منهنجي جسم سان کيڏندا رهندا آهن ۽ هو منهنجو مڙس بي غيرت جو پٽڪو ٻڌي در جي ٻاهران بيهي ساوا ڳاڙها نوٽ ڳڻيندو رهندو آهي.”
هوءَ سڏڪي پئي، سندس زهر جهڙا سڏڪا نڙيءَ کي چيريندا جيءَ کي جهيرون پائيندا ويا.......منهنجو وجود لرزڻ لڳو. اکيون ٽمڻ لڳيون، سندس درد جو پلئه جهلي ساڻس به وکون به گڏ هلي نه سگهيس. وري ڪڏهن هو پنهنجي پوڙهي ماءُ جي گهر ننڍپڻ جو سندر يادون دهرائڻ نه آئي. هن جو نه اچڻ کيس نه ڇڏڻ جو پڪو ثبوت هو.......... گهڻي عرصي پڄاڻان سندس اوپري شهر جو گهٽيون گليون، روڊ رستا ماڻهو ۽ ديوارون ڏسندو سندس گهر ڏانهن وڌي رهيو هئس، ان ڏينهن ساڻس ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ جذبن جا جهول هئا. لفظن جا گلاب ۽ احساسن جون ڪنواريون مکڙيون هيون، سوچيو هئم اڄ خوشبوءِ کي پنهنجي هئڻ جو احساس ضرور ڏياري ايندس.
ڀر مان لنگهندڙ هڪ نوجوان هڪ ڪراڙي کي چيو “خوشبوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي.” منهنجي هوش کي جهٽڪو لڳي ويو، رڙ ڪري کانئس پڇيم “ڪهڙي خوشبوءِ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟”
چيائين “ان دريا خان واري ڇوڪري جي جيڪا شادين ۾ ڊانس ڪندي هئي.” منهنجي ذهن کي ڦيراٽيون اچڻ لڳيون، پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳي ۽ مان ڦهڪو ڪري هيٺ ڪري پيس ۽ پوءِ خبر ناهي ڪيتري دير کان پوءِ مون کي آهستي آهستي هوش آيو. ڏٺم پنهنجي پاڻ کي ماڻهن جي هڪ ميڙ جي وچ ۾. مان آهستي آهستي اٿيس، ماڻهن جو ميڙي چيري اڳتي وڌيس، مٿي نگاهه کڻي ڏٺم آسمان سڄو رت جيان ڳاڙهو لڳو پيو هو. ڳجهون ۽ ڪانوَ ڏور ڏور آسمان تي اڏامي رهيا هئا. ڳاڙهو سج شاهه زمان شاهه قبرستان جي وڏن وڻن مٿان لهي رهيو هو ۽ ڪانڌي خالي کٽولو کڻي واپس موٽي رهيا هئا.