بيوسيءَ جو زهر
سيما پنهنجي رئي جي پلئه سان لڙڪ اگھندي چيو. ڊاڪٽر آهي ئي ڪونه.
ڪيڏانهن ويو؟ منهنجون اکيون ڇلڪي آيون.
هنن جي هولي آهي سو مائٽن وٽ اوڏنهين انڊيا ويل آهن.
اهو ٻڌي منهنجي نڙي جون نسون ڦوڪجي آيون. وجود جو سنڌ سنڌ جلڻ لڳو. دل جي ڌڙڪن وڌندي وئي. ڇاڪاڻ جو اسان جي ننڍڙي شهر ۾ فقط اهو ئي هڪ ڊاڪٽر رهندو آهي. باقي ٻيا ڊاڪٽر ڪونه آهن. ۽ حڪيم ٻه رهندا آهن، جن مان هڪ جو نالو افٽ مار ۽ ٻي جو گھٽ مار آهي. جيڪي واڳون وانگر وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهن جي نظر مريض تي گھٽ کيسن تي وڌيڪ هوندي آهي. ته اهي ڪيترا طاقتور آهن. تنهن ڪري هاڻ هن سجاڳي جي دور ۾ ماڻهو هنن وٽ ڪونه اچن پر تنهن ڪري به جيڪڏهن ڪو اڻ واقف هنن وٽ ڀلجي سلجي اچي ڦاسندو آهي ته اُن کي به ڦري کڻي چٽ ڪندا آهن. باقي فائدو.... فائدو ته ٺهيو پر مرڳو الٽيون ، جلاب اهڙا ٿيندا اٿن جو مرڻ ڪنڌي تي وڃي لڳندا آهن. تنهنڪري اسان اهڙن حڪيمن کان دوا وٺون ئي ڪونه... هاڻي ته آئون وڌيڪ پريشان ٿي ويو هئس ته شفن کي ڪيئن ڪيان؟ ڪيڏانهن کڻي وڃان؟ اوچتو سيما جھيڻي آواز ۾ چيو “جي ڊاڪٽر ناهي ته مولوي محمد رحيم وٽ کڻي وڃينس ۽ ڦيڻا رکائي اچينس” مان خاموش ئي رهيس، چپ چچرجي ويا. ڏند هڪ ٻئي ۾چڪ پائيندا ويا. هٿن جون مٺيون پاڻهي بند ٿي پاڻهي کلنديون ويون، آڱرين جا ننهن تپي گرم ڏوڙا ٿي ويا.. مون وري هڪ نظر سيما جي چهري تي اڇلائي.هن جي چهري تي رت ۽ پونءَ ڀريون ننڍڙين ننڍڙيون ڦرڙيون اڀري آيون هيون ۽ وري انهن ڦروڙين مٿي گرم ڳاڙهن لڙڪن جا سنها سنها ڦڙا ٽڪي بيهي ويا هئا. هن هڪدم جھڪيل ڪنڌ اڀو ڪيو ۽ نظرون نظرن جي ڇيڙي سان ملائيندي چيائين “کڻي وڃينس نه” هنن لفظن ۾ ڪو درد هو، ڪا تانگھه هئي. اها تانگھه منهنجي وجود ۾ به هئي. اهو درد منهنجي سيني جي سمنڊ ۾ طوفاني لهرن جيان ڇوليون هڻي ڪپرن کي کائي رهيو هو ۽ اها دل جتي سورن جون سگريون دُکي رهيون هيون، جتي آلي ڪاٺي جي دونهين جيان دردن جا دونها بادل ٺاهي ناسن کي چيري ٻاهر نڪري رهيا هئا. مون ڳيت ڏئي اٿاهه لڙڪن جي سمنڊ مان ڪي ٻڪ لڙڪن جا پي پنهنجا هٿ ڪنبي ڪنبي اڳتي وڌايا ۽ سيما آهستي آهستي شفن جو ننڍڙو پتڪڙو معصوم ۽ ڏکايل وجود منهنجي ٻانهن ۾ وجھي ڇڏيو.۽ مون جھڪي شفن جي نرڙ تي هڪ مٺي ڏني ۽ مون کي ائين لڳو ڄڻ ته مون پنهنجا چپ دکندڙ اڱارن تي رکي ڇڏيا هجن... مونکي روئڻ اچي ويو، پر دل تي پٿر رکي ڇڏيم، اگر مان روئي پوان ها ته سيما به روئي پوي ها ۽ ايتري قدر روئي ها جو وري ماٺ به نه ڪري ها. تنهنڪري مان ٿڪل ٿڪل پيرن سان گھر کان ٻاهر نڪري آيس ۽ پوءِ پيرن تي زور رکي سڌو مسجد ڏانهن وڃڻ لڳس، جيڪا اسان جي پاڙي جي ٻي گھٽيءَ ۾ ڏکڻ طرف هئي. جتي مولوي محمد رحيم رهندو هو. هو ننڍڙن ننڍڙن معصوم ٻارن جي دردن ، تڪليفن کي مٽائڻ لاءِ ڦيڻا جھاڙون وغيره رکندو آهي پر پئسا به گھري وٺندو آهي ۽ فائدو.... فائدو به وري گھڻن کي ڪونه ٿئي پر مون لاءِ ته هاڻي آخري راهه اها ئي بچي هئي. تنهن ڪري مان شفن کي پنهنجي ٻانهن جي هندوري ۾ لوڏيندو لوڏيندو هن ڏانهن هليو آيس. ان وقت مولوي محمد رحيم پنهنجي اڇي مٿي ۽ اڇي ڏاڙهي کي مهندي لڳايو ويٺو هو. هن جي قميص لٿل هئي ۽ هن کي هڪ گري ٽوال جي گوڏ ٻڌل هئي. هڪ رٻڙ جو ڪوئنرو پاڻي سان ڀريل هن جي ڀر ۾ پيل هو. هن جو ڪنڌ جھڪيل هو ۽ هو پنهنجن ڪارن پيرن کي ڪِلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مان تڪڙُو تڪڙو وڃي هن جي مٿان بيٺس، هن پنهنجو جھڪيل ڪنڌ اڀو ڪيو ۽ مون تڪڙو تڪڙو چيو ، “سائين... سائين منهنجي پٽ شفن تي ڦيڻو رکو.”
“ڇا ٿيو آ تنهنجي پٽ کي؟” هن ڏاڍي بيزاري مان وراڻيو ۽ وري پنهنجو ڪنڌ جھڪائي پنهنجي پيرن کي صاف ڪرڻ لڳي ويو.
“سائين شفن کي ڪجھ ڏينهن کان وٺي تيز بخار آهي، ڪالهه کان هن پنهنجي ماءٌ جي ٿڃ به ناهي پيتي ۽ ڳالهائيندو به گھڻو ناهي، مون هن جي اڳيان ويهندي چيو.
چڱو پرين بئنچ تي هلي ويهه مان اچان ٿو. هن پيرن مان هٿ ڪڍي سامهون پيل ڀڳل بئنچ تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪندي چيو ۽ مان بئنچ تي وڃي ويهي رهيس. مون هڪ نظر وري پنهنجي هنج ۾ ستل شفن جي چهري تي وڌي، هن جون اکيون هاڻي پيليون پيليون ٿيڻ لڳيون هيون. چپ سڪل ٺڪر جيان ٿي ويا هئس، مون پنهنجي اشهد آڱر جي چوٽي وارو حصو شفن جي سڪل چپن تي رکيو ۽ چيم شفن..شفن تون ڳالهائين ڇو نٿو... ٻڌاءِ تون ڳالهائين ڇو نٿو؟ پر شفن اک به نه کولي. شفن هڪ وڏو ساهه به نه کنيو. جيڪو اڃا جيئڻ جو دلاسو ڏي ها... مون کي ائين لڳو سچ پچ شفن هي دنيا ڇڏي ويو آهي... هو سيما کي ڇڏي ويو آهي... هو مونکي ڇڏي ويو آهي. هن پنهنجي مٿي تي زندگي جو بار کڻي دنيا جي ڪڙين ڏکين راهن تي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي... پر... پوءِ هن پنهنجي ساڄي ٽنگ کي ٿورو چوريو، منهنجي جان ۾ ساهه پيو. ايتري ۾ مولوي محمد رحيم گوڏ سوڌو مون ڏي آيو. هن جي هڪ هٿ ۾ هڪ گلاس پاڻي جو هو ۽ ٻي ۾ هڪ قلم ۽ ڪجھ اڇي ڪاغذ جو ٽڪرو هو، هن ڀر ۾ بئنچ تي ويهندي ئي چيو ڇوڪري کي ڪجهه ويجھو ڪر، مان شفن سوڌو ويجھو ٿيس ۽ پوءِ هن پنهنجي ساڄي هٿ ۾ شفن جو ساڄو هٿ پڪڙيو ۽ چهري ۾ گھوريندي ڪجھه پڙهندو رهيو. ڪجھه لمحن تائين هو ائين پڙهندو رهيو ۽ پوءِ هن شفن جي چهري جي ويجھو هڪ وڏو ڦوڪو هنيو ۽ پوءِ شفن جو هٿ ڇڏي ڏنو.ڀر ۾ پيل پاڻي جي ڀريل گلاس مان هن پنهنجي ساڄي هٿ جو پنج ئي آڱريون ٻوڙيون ۽ پوءِ هن شفن جي چهري تي ڇنڊي ڇڏيون ان کان پوءِ هن اهو گلاس پاڻي جو پٽ تي رکيو ۽ هڪ تعويذ لکڻ شروع ڪيو. هن اهو تعويذ لکي مون کي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيائين گھر وڃي جلد ئي ڇوڪري کي هن تعويذ جي پاڻي مان وهنجاري ڇڏجئين.”
چيم “جي سائين،” هن قلم بند ڪري پنهنجي چيلهه وٽان گوڏ جي وٽ ۾ هڻي ڇڏيو ۽ پوءِ ترڇي نظر سان ڏسندي چيائين ، هاڻي ڀلا چانهه.....؟
مون هن جي ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو ها....سائين، گھڻا ڏيانو....؟
هن وات ۾ زبان ڦيريندي چيو، چاليهه رپيا.
مون شفن کي پنهنجي هڪ ٻانهن تي ليٽائي ٻيو هٿ پنهنجي پاسي واري کيسي ۾وڌو.. اهي ئي وٽيل سٽيل چاليهه رپيا کيسي جي ڪنهن ڪنڊ مان نڪري آيا. مون اهي چاليهه روپيه پنهنجي مُٺي ۾ پڪڙي هڪ نظر هن جي مهندي لڳل ڏاڙهي تي وڌي. جيتوڻيڪ هن جي ڏاڙهي جو ڪو به وار ظاهر نه هو پر تنهن هوندي به مون کي ائين لڳو ڄڻ هن جي سڄي ڏاڙهي جا وار شرمائي لڪي ويا هجن، پر پوءِ به هن جي اکين ۾اهي نظرون گھمي رهيون هيون، جيڪي ڄڻ ته ڪنهن کي ڳولي رهيون هجن. ڪنهن ڪچڙي معصوم وجود کي.ڪنهن حساس بدن کي، مون ٻيهر ان کي ننهن چوٽي تائين ڏٺو ۽ پوءِ هڪ نظر شفن جي چهري تان گھوري مون اها چاليهن روپين واري مٺ هن ڏانهن اڳتي وڌائي. هن پنهنجي ٻنهي هٿن کي هڪدم ٿورو ويجھو وڌايو. مون مٺي کولي اهي چاليهه روپيا هن جي هٿن ۾ رکيا.۽ پوءِ مان شفن کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي سڌو گھر هليو آيس. مان جيئن ئي گھر پهتو هئس ته سج لهي چڪو هو. هلڪي هلڪي ميرانجھڙي اونڌهه ڌرتي جي وجود کي ڍڪڻ لاءِ آسمان تان هيٺ لهي آئي هئي. ان وقت سيما گھر جي گھٽي تي بيٺل هئي. هن جون نظرون راهن تي وڇايل هيون.مون کي ڏسندي ئي ڊوڙ ڪيائين ۽ شفن کي منهنجن ٻانهن مان کسي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي ڇڏيائين، شفو....شفو ڪيئن آهي..... شفو ٺيڪ ته آهي..............؟.هن مون کان آلين اکين سان تانگھ واري لهجي ۾ پڇيو.
اڃا ڪو فرق ڪونه پيو آهي. مان نا اميدي مان وراڻي گھر اندر هليو ويس. هو اڃا شفن جي اها حالت ڏسي ڇرڪي پئي. هن جي ڀنل سڏڪن جو آواز منهنجي ذهن جي پردن تي ٽڪرائڻ لڳو. مان گھر مان واپس ٻاهر نڪري آيس.... منهنجن اکين مان لڙڪ ٽم ٽم ڪري ٽمي پيا. مان سيما جي ويجھو آيس، هٿ هڻي پنهنجي کيسي مان اهو تعويذ ڪڍي ڏيندي چيم ، “شفن کي هن تعويذ مان وهنجاري ڇڏ.خدا ڪندو ته فائدو ٿي ويندو.”
سيما پنهنجا لڙڪ اگھندي منهنجن هٿن مان اهو تعويذ کنيو ۽ پوءِ شفن کي کٽ تي وڇايل هڪ رلي تي سمهاريندي چيائين تون هن جي ڀر ۾ ويهه ته مان تعويذ وارو پاڻي ٺاهي وٺان. هو ائين چئي رڌڻي ڏانهن هلي وئي.۽ رڌڻي مان هڪ ديڳڙي کڻي رڌڻي جي اڳين پاسي پيل هڪ دلي مان پاڻي ڀريائين ۽ پوءِ اهو تعويذ وارو ڪاغذ انهيءَ پاڻي ۾ وجھي ڇڏيائين. ڪجھه دير تائين هو ڪاغذ کي مهٽيندي رهي.. جڏهن ڪاغذ جا اکر ڊهي ويا، جڏهن ڪاغذ جو وجود ذرو ذرو ٿي پاڻي ۾ ملي ويو تڏهن هو شفن طرف آئي. شفن کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي وڃي ان پاڻي مان وهنجاريائين ... ڪجهه دير کانپوءِ هو واپس آئي. شفن کي نوان ڪپڙا پهرائي، هن پنهنجي ٿڃ پيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر شفن اڃا پنهنجي ساڳي حالت کان نه موٽيو. هو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ بخار ۽ بيماري ۾ گھيرجندو ويو. مان پنهنجي مٿي تي هٿ ڏئي سوچڻ لڳس ته هاڻي ڇا ڪيان؟ ڪيڏانهن کڻي وڃانس ... کيسي ۾ ٽڪو ئي ڪونهي. جيڪي چاليهه روپيه مليا هئا سي به مولوي محمد رحيم ڦري ويو ۽ فائدو ... فائدو ته وري به ٽڪي جو ڪونه ٿيو. شفن جي ته مرڳو وڌيڪ حالت خراب ٿي وئي آهي.... مان اڃا اهو ئي سوچي رهيو هوس ته مغرب جي اذان کانپوءِ مولوي محمد رحيم ساڳي ئي مسجد جي لائوڊ اسپيڪر تان اعلان ڪندي چيو ته منهنجا پيارا ڀائرو؛ السلامُ عليڪُم، هڪ اعلان آهي جنهن کي غور سان ٻڌجو. هن علائقي جو ايم پي اي جناب الهداد ٽالپر صاحب سڀاڻي صبح جو 10 بجي وڏيري هيبت خان جي اوطاق تي اچي غريبن ۽ مسڪينن ۾ امداد ورهائيندو، تنهن ڪري اوڙي پاڙي جي سمورن ماڻهن کي اتي گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪجي ٿو..... اعلان پورو ٿيو اهو ٻڌي جان ۾ ڪجھه ساهه پئجي ويو. چپن تي ڦڪي مرڪ آڻيندي سيما کي چيم ، “ٻڌئي سيما .. سڀاڻي سائين الهه داد صاحب ٿو وڏيري جي اوطاق تي اچي... پوءِ ته سڀاڻي... ڪجھه پئسا به جڙي پوندا.... پوءِ....پوءِ پاڻ شفن کي کڻي شهر هلنداسين ۽ اتي هلي علاج ڪرائينداسين” “ٺيڪ آهي، پر اڄوڪي رات الائي ڪيئن گذرندي؟” سيما مايوسي مان وراڻيو.
بس الله خير ڪندو. مون اُڀ ڏانهن اکيون ڇڪيندي چيو.۽ پوءِ اها سڄي رات شفن اک نه کولي هئي. شفن جيئڻ جو دلاسو نه ڏنو هو. سڄي رات ائين شفن جي مٿان ويهي اٻاسيون ڏيئي گذاري ڇڏيسين. صبح ٿيو ته مان سوير ئي وڏيري هيبت خان جي اوطاق ڏانهن هليو ويس. آهستي آهستي ماڻهو گڏ ٿيڻ لڳا تقريبن صبح جو ڏهين بجي ڌاري ڪافي ماڻهو گڏ ٿي چُڪا هئا ۽ تقريبن ڏينهن جو يارهين بجي ڌاري پورو هڪ ڪلاڪ ليٽ سان ايم پي اي صاحب جناب الهداد ٽالپر هڪ پيجارو مان لٿو هن سان ٻيا به ڪافي ماڻهو گڏ هئا. جيڪي پنهنجن پنهنجن گاڏين ۾ آيا هئا. هڪ ٻه گاڏي پوليس جي به هئي. وڏيرو هيبت خان هن جي آجيان لاءِ ٻاهر بيٺو هو. هن کي ڏسندي ئي هن ڏانهن وڌيو ۽ ڀاڪر پائي هن کي پنهنجي اوطاق اندر وٺي ويو ۽ پوءِ اوطاق جي هڪ ڪمري جو اندران در بند ڪيو ويو. ٻه پوليس وارا رائيفلون سڌيون ڪري ناسون ڦونڊاري اکيون ڦاڙي سيٽجي بيهي رهيا. تقريبن هنن جي پاڻ ۾ ٻن ڪلاڪن تائين گپ شپ هلندي رهي. تنهن کانپوءِ هنن هڪ هڪ نمبر وار حاجت مند اندر گھرائڻ شروع ڪيو. اڳ ۾ جيڪي 50 ماڻهو اندر ويا هئا، سي لٿل چهري سان خاموش خاموش واپس ايندا ويا. منهنجو ايڪونجھائون نمبر هو، جڏهن مان اندر ويس ته ايم پي اي صاحب وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ چيائين هيبت خان تنهنجي ننڍڙي شهر جا اهڙا ماڻهو به ڇتا ٿيا آهن ڏس ته سهي...جڏهن ٿا امداد ورهائڻ جو ٻڌن ته ڀڳا اچن. وڏيري به ٻاڪو ڦاڙي ٽهڪن سان ٽهڪ ملائيندي چيو هائو....هائو جڏهن پرائو ملي ته پنهنجي کي ڇو کائن هروڀرو اچي رت بتال ٿيو اٿن. منهنجو چهرو اڌ لهي ويو. مون پنهنجي بي عزتي محسوس ڪئي. ڀڳل ڪنڌ جيان منهنجو ڪنڌ هيٺ جھڪي ويو. دل چاهيو ته ساڳي ئي قدمن سان واپس وري وڃان پر اندر ۾ مجبوري جي چهنڊڙين مون کي چٿي ڇڏيو. مون بي شرمي جو سرمو اکين ۾ پائي پنهنجون اکيون سڌيون ڪري کيسي مان هڪ درخواست ڪڍي ۽ ٿڪل قدمن سان وڃي اها درخواست ايم پي اي صاحب جي اڳيان ٽيبل تي رکندي، ٻئي هٿ ٻڌي عرض ڪندي چيم “سائين .... سائين منهنجو ننڍڙو پٽ شفن ڪجھه ڏينهن کان وٺي سخت بيمار آهي... خدا جي واسطي منهنجي ڪجھه مدد ڪريو نه ته هو مري ويندو.”
“مري ويو ته ڇا ٿي پيو ؟” ايم پي اي الهداد پنهنجي ڇٻر جھڙين مڇن کي وٽيندي چيو، منهنجي رڳ رڳ ۾باهه ڀڙڪي پئي. وجود جو وار وار اڀو ٿي پيو. چهري جون رڳون چمڙي مان ٻاهر نڪري آيون ... دل چاهيو ته ٻنهي جي چهرن تي ٿڪي ڇڏيان... ٻنهي کي گلي مان جھلي وٺان... ٻنهي کي گھٽو ڏئي ڇڏيان پر ... پر مان اکيون بند ڪري بي وسي جو زهر پي ويس. پنهنجي چپن کي سبي ڇڏيم۽ خاموش خاموش واپس ٻاهر وڃڻ لڳس ته ايم پي اي صاحب منهنجي درخاست جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري منهنجي پٺن ۾ هڻي ڪڍيا... مان ويهي درخواست جا ٽڪرا پنهنجي جھولي ۾ ميڙي کڻي ٻاهر هليو آيس ۽ پوءِ ٿڪل قدمن سان پنهنجي گھر هليو آيس... گھر پهچندي ئي سيما مون کان پڇيو، امداد ملي وئي؟ مون پنهنجي جھولي مان انهيءَ درخواست جي ٽڪرن جي مٺ ڀري هوا ۾ اڇلي ڇڏي. ڪاغذ جا اهي ٽڪرا هوا ۾ لڏندا لهرائيندا پٽ تي ڪري وکري ويا. سيما جي چهري تي ڪاراڻ لهي آئي چپ لُڏي ڪنبڻ لڳا. اکين مان ڳوڙها ٽم ٽم ڪري ٽمي پيا. روئي پئي، سڏڪي پئي. مان به روئي پيس گرم گرم ڳوڙها منهنجي ڇاتي تي ڪرڻ لڳا. مان لڙڪن جو مينهن وسائيندو شفن طرف هليو ويس، جيڪو ڪاٺ جي پينگھي ۾ مري ويل ٻار جيان پيو هو. مون جھٽ ڪري شفن کي کڻي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳايو ڪجھه گھڙيون مٿس روئيندو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندو رهيس ۽ پوءِ شفن جي سڪل چپن کي چمندي چيم، پٽ شفن... توکي هن دنيا ۾ اچڻ نه کپندو هو. هي دنيا ڏاڍي پٿر دل اٿئي...هتي جو هر ماڻهو تنهنجي ڪچڙي ماس جو ڳولهائو آهي. هتي ڪنهن کي ڪنهن جو احساس ناهي..... هتي تو جهڙا هزارين ٻار زندگيءَ کي الوداع چئي واپس موٽي ويا آهن... مان ائين چئي وڌيڪ روئي پيس ۽ ٿوري دير کان پوءِ سيما منهنجي ويجھو آئي ۽ چيائين ته مان ماسي حياتان وٽ وئي هئس. ان مون کي پندرنهن ڏينهن لاءِ پنجاهه روپيه اڌارا ۽ هڪ سئو روپيا وياج تي ڏنو آهي. هل ته هاڻي شفن کي شهر کڻي هلون. مان اهو ٻڌي سوچڻ لڳس ته ڏيڍ سئو مان ڇا ٿيندو، اسپتال جي فيس ڏيندس يا شفن جي دوا وٺندس يا وري ڊاڪٽرن کي ڏئي جان ڇڏائي واپس گھر ايندس ... پر مون کي وڃڻ ته کپي، پوءِ چاهي مان پاڻ سڄي عمر گروي ڇو نه ٿي وڃان....شفن تي ساهه به ڏيندس ، مون اهو سوچي سيما کي چيو ته ڇوڪريءَ کي کڻ ته هلون شهر. سيما اهو ٻڌي يڪدم شفن کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ چيائين، هلو، ان کانپوءِ اسين شهر آياسين شهر جي هڪ وڏي سول اسپتال جي ٻارڙن جي وارڊ ۾ شفن کي داخل ڪرائي مان ٻاهران بيٺل (نرسنگ) اسٽاف روم ڏي آيس. ان وقت اسٽاف روم ۾ فقط هڪ ئي نرس ڪرسيءَ تي آهليل هئي. هن جون اکيون بند هيون. ڄڻ ته ڪرسي تي ويٺي ئي ساهه نڪري ويو هجيس. مون هن جي ڀر ۾ بيهندي پٽ تي جُتي جو داڦوڙو هنيو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو. اکيون کولي ڪرسي تي سڌو ٿي ويهندي ۽ اکيون مهٽيندي چيائين.ڇا هي....ڇا هي.
ڀيڻ ڊاڪٽر ڪٿي آهي؟ مون ڊڄي ڊڄي پڇيو.
مٿي آرام پيو ڪري ...ڇو؟ هن چيو.
ڀيڻ ڇوڪرو ڏاڍو بيمار اٿم... جي توهان.....؛ ڳالهه کي اڌ مان ڪٽيندي چيائين... هو هينئر ڪونه ايندو.. توهان وڃو منهنجو آرام ٿو ڦٽي... هن بيزاريءَ واري لهجي ۾ چيو۽ پوءِ وري اکيون بند ڪري ڪرسي تي آهلي پئي. مان جھڪيل ڪنڌ سان خاموش خاموش قدم کڻي اسٽاف روم مان ٻاهر نڪري آيس. ديوار جي ٽيڪ تي بيهي ڪجھه وقت سوچڻ کان پوءِ مان خود ئي مٿي ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ لڳس.. مئل مئل قدمن سان اڃا سيڙهي جا پنج ڇهه ڏاڪا مٿي چڙهيس ته ٻارڙن جي وارڊ مان ريهون ٻڌڻ ۾ آيون. سڄي اسپتال ۾ اهي ريهون گونجڻ لڳيون. مون اهو آواز سڃاڻي ورتو.... اهو سيما جو ئي آواز هو. مان هڪدم واپس هيٺ لهي آيس ۽ ڊوڙ ڪري وارڊ اندر هليو ويس. مون ڏٺو سيما شفن جي وجود تي پنهنجو مٿو رکي روئي رهي هئي ۽ چئي رهي هئي ... شفو... شفو تون اسان کي ڇو پيو ڇڏي وڃين. هن جو اهو آواز سڄي وارڊ ۾ گونجڻ لڳو هو. سڄي وارڊ جا معصوم ٻارڙا اهو آواز ٻڌي سڏڪي پيا هئا.۽ هنن جون دليون ڦاٽڻ لڳيون هيون.تڏهن مون ڊوڙ ڪئي ۽ اچي پنهنجي ننڍڙي شفن جي مٿان بيٺس هو واقعي سيما کي ڇڏي ويو هو. هو واقعي مون کي ڇڏي ويو هو۽ هن دنيا کي ڇڏي ويو هو. اهو ڏسي مون کان رڙيون نڪري ويون.... شفو... شفو وڌيڪ ڪجھه نه چئي سگھيس. باقي سڀ لفظ نڙي جي اونداهي غار ۾ لهي ويا. نيڻن جا نارا وهڻ لڳا. مان ڦهڪو ڪري پٽ تي ڪري پيس. منهنجو مٿو پڪي ديوار سان ٽڪرائجي ويو. سور جو هڪ هلڪو جھٽڪو محسوس ٿيو ۽ پوءِ رت ڦڙا ڦڙا ٿي هيٺ پٽ تي جمع ٿيڻ لڳو......