(5)
سوچيم:
“تنهنجي گهر اڳيان ڪلفيءَ واري گاڏي جو هارن وڄائڻ به ڪيترو نه عجيب هوندو؟! شايد تون هارن ٻُڌي ٻاهر نڪري اچين! ۽ مهينن کان تو سان ڳالهائڻ جي اڻپوري آس، پورڻتا سان پرڻجي پوي!”
سوڙھين گهٽين مان ٽُٽل روڊن تان شارٽ ڪٽ ڪندو، ڪُلفي واري هوڪي جو ھارُن وڄائيندو، ايڪڙ ٻيڪڙ ٻارن کي ڪلفيون وڪرو ڪندو، تنهنجي گهر اڳيان اچي پهتو هئس.
آچر جو ڏينهن هو. آسپاس گلين ۾ ٻارڙا کيڏي رهيا هئا ۽ ڪنهن ڪنهن ويل ڪو گراهڪ ڪلفي وٺڻ لاءِ اچي رهيو هو. مون سوچي سمجهي، گاڏو اهڙي هنڌ تي بيهاريو هو، جيئن تون پنهنجي گهر جي مٿئين سيڙھي چڙھين ته هڪٻئي کي ڏسي سگهون.
ڪافي دير گذري هئي، پر تون نظر ڪون آئي هُئينءَ. بيقرار اکين کي ڏانوَڻ ڏيڻ جي ڪوشش باوجود، نظرن ڪوڏڙ ڪنواٽن جيان هرهر تنهنجي گهر جي دروازي ۽ مٿئين سيڙھيءَ ڏانهن ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هر ڀيري محرومين سان ملي موٽيون هيون!
سوچيو هئم:
“اونهاري جي تيز اُس ۾، هُن جي گهر اڳيان ڪهڙي آسري جو ڪشڪول کڻي بيٺو آھيان؟! هن سان ڳالهائڻ ٻولائڻ بنا ڪهڙي محبت جي هام هڻي، ڪهڙن پُرفريب رستن کي لتاڙي رهيو آھيان؟! طبقاتي سماج جي پُرسراب پيچرن تي، جتي برادريءَ ۾ غربت سبب، سڳن رشتن کي به وڃائي ويٺو آھيان، اتي دل جي دوکي ۾، هڪ ڌارئين عورت مان ڪهڙي اميد رکي رهيو آھيان ته هوءَ مونکي منهنجين سمورين اوڻائين سميت قبول ڪندي؟!”
تنهنجي گهر جي ڀرسان ڳاڙھي دروازي واري گهر مان هڪ ٻارڙو ڊوڙندو آيو هو ۽ چار ڪلفيون وٺي، ٺينگ ٽپا ڏيندو واپس موٽي ويو هو. تنهنجي گهر جي دروازي ۽ سيڙھيءَ کي بال جيان لڳي موٽ کائيندڙ نگاهن جا الاءِ ڪيترا ڪيچ ڊراپ ڪيا هئم! پر تنهنجو پاڇو به ڪٿي نظر ڪونه آيو هو. سوچيو هئم:
“آءٌ به ڪيترو نه اياڻو آھيان، جو سماجي طور معتبر گهراڻي جي عورت سان انوکي نموني اکيون اڙائي ويٺو آھيان. جنهن معاشري ۾ ڪم ڪار جي نوعيت، ظاهري ڏيک ويک، ٻُڌل ڳالهين جي اثرن ۽ خاندان جي بنياد تي شخصيتن جي تورتڪ ۽ تعلقاتن جا تعين ٿيندا آھن، اتي هڪ ڪلفي فروش جي روپ ۾ هُن کي ڪيئن متاثر ڪري سگهندس؟! مونکي گاڏو ڌڪيندو ڏسي هوءَ ڇا سوچيندي؟!”
سوچن جا سمورا سلسلا ذھن جي نرم واريءَ مٿان ٿوهر جا ٻُوٽا ٿي ڦُٽڻ لڳا هئا!
هڪ ٻارڙي کي ڪلفي ڏيئي تنهنجي گهر جي مٿئين سيڙھي ڏانهن ڏٺو هئم، ته حيرتن جي لامن ۾ لڙڪي پيو هئس. تون الاءِ ڪيتري دير کان اتي موجود هئينءَ ۽ مون ڏانهن ڏسي رهي هُئينءَ. دل چاهيو هو، وچيون ديوارون ٽپي سيڙھيءَ تي تنهنجي سامهون وڃي بيهان، پر نه ديوارون ايتريون ننڍيون هيون، نه آءٌ پکي هئس، نه وري تو اچڻ جو اشارو ڪيو هو ۽ نه ئي پرائي گهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو بنا اجازت وڃڻ، دل کان سواءِ ڪنهن ڪتاب ۾ جائز هو!
سج جي روشنيءَ ۾ تنهنجي سونهري چُوڙين جي اولڙن، منهنجي اکين سان کن پل شرارتون ڪيون هيون، ۽ پوءِ تون هيٺ لهي ويئي هُئينءَ.
انڊلٺ جيان تنهنجي وري ظاهر ٿيڻ جي اوسيئڙي کي ڀاڪر ۾ ڀري، الاءِ ڪيتري دير تتل ڏينهن جي منجهند ويل، تنهنجي گهر اڳيان بيٺو هئس. تنهنجي گهر جو دروازو الاءِ ڪيترا دفعا کُليو ۽ بند ٿيو هو.منهنجو هينئڙو به لوهي در جي کُڙڪي تي، الاءِ ڪيترا دفعا رِڻ جي هرڻ جيان ڇرڪيو هو، ۽ تنهنجي درشن جي اُڃ ۾ آسپاس ڀٽڪيو هو! پر تون سمنڊ ۾ ڪِري پيل هِيرَي جيان وري ڏسڻ کان مهانگي ٿي پيئي هُئينءَ!
هڪ موٽيل عمر شخص ٽو ڊي ڪار ڊرائِيو ڪندو، تنهنجي گهر جي ڪشادي گيٽ مان ٻاهر نڪتو هو ۽ ٿوريءَ دير بعد هڪ پوڙھِي به ٻاهر نڪري ڀر واري گهر ۾ گهڙي هئي. در مان ايندڙ ويندڙ تنهنجي گهر ڀاتين مون ۽ منهنجي گاڏي ۾ ڪا خاص دلچسپي نه ورتي هئي. البت هفتو اڳ توکي موٽر سائيڪل تي کڻي ويندڙ ڇوڪرو بئٽ ھٿ ۾ کڻي ڀرسان گذريو هو ته هن لمحن لاءِ مون کي چِتائي ڏٺو هو ۽ پوءِ هڪ طرف هليو ويو هو.
ٻنپهرن جي ساڙيندڙ سج جي گرمي چؤطرف پکڙي پيئي هئي. رستن ۽ گلين مان ماڻهن جا پاڇولا آهستي آھستي گهٽجڻ لڳا هئا. تنهنجي گهر اڳيان توکي وري ڏسڻ جي آس اکين ۾ سجائي، الاءِ ڪيترا هارن وڄايا هئم. هارن جي بٽڻ تي آڱر رکندي، انوکو ڇُهاءُ ڪتڪائي ڪندو هو ۽ هارن جي آواز سان گڏ گونگي دل جي صدا به همسفر ٿي پوندي هئي.
ختم ٿيندڙ ڪلفين سان گڏ، تنهنجي ديدار جا آسرا به کُٽڻ لڳا هئا، ته ٽپهريءَ جي ڊگهن ٿيندڙ پاڇن جيان نااميديون به وڌڻ لڳيون هيون ۽ مون به واپس ورڻ متعلق سوچيو هو. پر ان ئي ويل تون در جو طاق کولي ظاهر ٿي هُئينءَ. پيلو وڳو پاتو هيئي. اکين ۾ ڪجل نه هوندي به اکيون هرڻين جيان ڪجليون هُيون. چَپن تي سرخي نه لڳائڻ باوجود چپ ڳاڙھي ڳِر واري ڇانهينءَ جيان ڳاڙھا هُئا. ڀنڀن وارن ۾ سليقي سان بڪل هنيو هُيئي. پيلي ڪپڙي تنهنجي بدن تي سنهين ڪڪر پويان اڻپوري نظر ايندڙ چنڊ جهڙا روشن ڪرڻا پکيڙيا هئا!
باوقار هلڻين سان گاڏي وٽ هلي آئي هُئينءَ. تنهنجي بدن جي هڳاءُ ۾ سموري ڪائنات، گلابي جوانين جي رقص جهڙي هوشرُبا لڳي هئم! نيڻ، نيڻن سان ملائي، دلرُبا لهجي ۾ پڇيو هُيئي:
“ڪلفي ڏيندين؟؟
تنهنجي اکين ۾ ٻڏي ويل پنهنجي وجود کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، پر ميڙي نه سگهيو هئس. صدين جا سفر ساعتن ۾ پوئجي پيا هئا. روح جي ريلن، جسمن جي قيد جي ڪڙول ٽوڙي پنجن حواسن جي پابندي ختم ڪري وڌي هئي! جُڳن ۽ جنمن تي مشتمل رشتن جي شناسائيءَ ۾، الاءِ ڇو تون مونکي هر جنم ۾ هارايل منهنجي اها محبت لڳي هُئينءَ، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون وري وري جنم وٺڻ جو خفو کنيو هو!
اکيون جهڪائي پڇيو هيئي:
“ڪٿي گم ٿي وئين؟”
وري حال ۾ موٽي آيو هئس. وراڻيم:
“اتي ئي، جتي پرهجوم بازار ۾ تنهنجين اکين آڻي اُڇليو هو.”
سوچ ۾ پئجي ويئي هئينءَ. مختصر ماٺ پڄاڻا پڇيو هيئي:
“رڪشا پويان ڊوڙڻ کان اڇليل ٽشو پيپر کڻڻ تائين، تنهنجون سڀ ديوانگيون ڏسندي رهي آھيان، ۽ هاڻ وري هي گاڏو گهيلڻ جو مقصد ڇا آھي؟”
اکين ۾ لڙڪ ڦُٽي آيا هئم. وراڻيم:
“ڪجهه به وس ۾ ناهي، سڀ ڪجهه بيساخته ۽ غير معمولي آھي. توسان نظرون ملن ٿيون ته الاءِ ڇاڇا محسوس ٿئي ٿو، جنهن جي اظهار لاءِ الفاظ اڻپورا محسوس ٿيندا آھن!”
وري سوچ جو سِڱ جهلي، پڇيو هيئي:
“فلمون ڏسندو آھين ڇا؟”
لڙڪ اگهندي، انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم. وري پڇيئي:
“ڪتاب پڙھندو آھين؟”
وراڻيم:
“ڪڏھن ڪڏھن!”
پُڇيئي:
“تعليم ڪيتري اٿئي؟”
“ماسٽرس آھيان.”
چيو هُيئي:
“پڙھيل ڳڙھيل ۽ سنجيده جوان ٿي ڪري گاڏو ڌڪيندي ۽ ڇوڪرين پويان آوارگي ڪندي سٺو ٿو لڳين؟”
جواب ديويءَ جو ڪنڊو بڻجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو. ان وقت پاڻ کي گوسڙو شاگرد محسوس ڪيو هئم. جنهن جي، تون پراڻي زماني جي استاد جيان هدايتن جي ڇُريءَ سان نڪ- وڍاڻي ڪري رهي هُئينءَ!
خاموش رهي، تنهنجين اکين ۾ نهاريو هئم.وري پراسرار نقطي تي پهتو هئس ته نظرون ٻي طرف ڦيري حڪم ڏنو هُيئي.
“منهنجي ۽ پنهنجي عزت جو خيال اٿئي ته اڄ کانپوءِ ڪڏھن به منهنجي گهر ويجهو گاڏو متان بيهارين.”
الاءِ ڪيئن ايترو چيو هئم:
“تنهنجي حڪم موجب گاڏو، توکان پري گهيلي سگهان ٿو، پر دل ريڙهو ناهي، جنهن کي توکان دُور ڌِڪي سگهان. توسان نظرون ملائيندي جيڪو ڪجهه محسوس ٿئي ٿو، ڪاش تون سمجهي سگهين!”
نرالي نموني نهاريو هُيئي. وري کن پل لاءِ اکين سان اکيون مليون هيون، پر الاءِ ڇو؟ جلد ئي ڇِرڪي ٻئي طرف ڏٺو هيئي ۽ مونکي وري تنهنجي اکين جي پاتال ۾ موجود پُراسرار نقطي وٽان واپس ورڻُو پيو هو!
چيو هئم:
“توکي ڏسي، منهنجون اکيون صدين جا ٿڪ ڀڃنديون آھن. جنم جنم جي وڇوڙن جا ڏُونگر ڏري پوندا آھن. حياتين جون حدون بي معنيٰ بڻجي پونديون آھن. موجود، عدم ۾ اوتجي پوندو آھي ۽ عدم، موجود ۾ ملي ويندو آھي! زمان ۽ مڪان جا مروجه تصور مٽجي پوندا آھن!”
مرڪي پيئي هيئينءَ. پڇيو هيئي:
“هندو آھين؟”
“نه مسلمان آھيان.”
“پوءِ به جنمن تي اعتبار ڪرين ٿو؟”
“تو کي ڏسي ڪرڻو پيو آھي!”
وري سوچ ۾ پئجي ويئي هُئينءَ.
“آءٌ هندو آھيان،تون مسلمان آھين. پنهنجون سماجي ۽ مذھبي مجبوريون، پاڻ کي ملڻ ڪونه ڏينديون. بهتر آھي ته منهنجو پيڇو ڇڏي ڏي.”
“مذھبن جون مُهرون، وڇوڙن جي دائمي تصديق ڪري ناهن سگهنديون. سماجي مجبوريون محبتن کي مستقل قيد رکي نٿيون سگهن؟! ڇا تون حالتن تي الزام هڻي، هن جنم به هٿڙو ڇڏائي هلي ويندينءَ!؟”
منجهي پيئي هئينءَ، ٻرندڙ عمارت جي ڇت تان ٽپو ڏيڻ جو فيصلو ڪري نه سگهندڙ شخص جيان!
چيو هئم:
“توکي ڏسي جن احساسن جي شاور هيٺيان اچي بيهندو آھيان، تن جي تشريح ممڪن ناهي! ڪاش تون ان مام کي سمجهي سگهين؟! ڪاش تون ان رشتي کي سمجهي سگهين، جنهن کي ڳنڍڻ لاءِ اونهاري جي گرمي ۾ گاڏو ڌڪڻ مجبوري بڻيو آھي؟! ڪاش تون، تنهنجي اکين ۾ مون لاءِ موجود پُراسرار درشن جي ديڳ جو ڍڪڻ لاهي سگهين!؟ ڪاش تون روح جي ريلن جو اهو انوکو رقص ڏسي سگهين، جنهن ۾ ڄمڻ ۽ مرڻ جي ماهيت اُبتي معلوم ٿيندي آھي!؟ ڪاش تون هار ۽ جيت جي انوکي فلسفي ۾ ڦاسي پيل، منهنجي غير معمولي محبت کي دل جي دُوربين سان ڏسي سگهين!؟”
آسپاس نهاريو هيئي. سامهون وارو دڪاندار پنهنجي دڪان مان نڪري ٻاهر ٿَلهي تي اچي بيٺو هو. پريشان ٿي چيو هيئي:
“تنهنجو هتي بيهڻ سٺو عمل ناهي. مون سان سچ پچ محبت ڪرين ٿو، ته منهنجي عزت خاطر اڳتي لاءِ هتي اچڻ ڇڏي ڏي!”
خاموشيءَ جي سپاري کائيندو رهيو هئس. ٻه لڙڪ اکين جي آڙلي تان لڙي آيا هئا، جن کي اُگهڻ، نه مون ضروري سمجهيو هو، ۽ نه ئي تو؟!
چيو هيئي:
“هٿين خالي واپس وڃڻ سٺو نٿو لڳي. ڪلفيون ڏي ته هتي اچڻ جو بهانو ٺهي سگهي.”
باقي بچيل چار ڪلفيون شيپر ۾ لڳائي ڏنيون هئم. سئو جو نوٽ ڪولر مٿان رکيو هيئي.
“نه نه ......!!” ڪئي هئم، پر تون نوٽ اتي ئي ڇڏي، بقايا وٺڻ بنا لاپرواهيءَ سان ڪلفيون کڻي هلي ويئي هُئينءَ.
آئي به هئينءَ، ويئينءَ به هلي. محبت جو اظهار به ڪيم، وري گهر جي آسپاس نه اچڻ جو فرمان به جاري ڪري ڇڏيئي، مگر نه مون تنهنجو نالو پڇيو هو ۽ نه ئي تو منهنجو نالو پڇڻ ضروري سمجهيو هو. شايد پنهنجي محبت روايتي تعارف کان مٿانهين هئي، يا وري نالن ۾ رکيل ئي ڇا هو؟! منهنجو نالو شرجيل عرف شرلُو نه هجي ها، ڪو ٻيو هجي ها، ته به منهنجو تنهنجي گهر اڳيان بيهڻ توکي سٺو نه لڳي ها. دڪاندار سماجي قدرن جي ڪمداري ڪري، جاسوسي ڪندو رهي ها ۽ منهنجي لڙڪن جو رنگ به ساڳيو هجي ها!
گاڏو واپس ڌڪڻ لڳو هئس. دڪاندار دڪان مان نڪري ويجهو هليو آيو هو. نڪ ۾ الاءِ ڪيترا سر وجهي چيائين:
“تون اڳ به شڪي لڳو هئين ۽ اڄ به رميش صاحب جي گهر اڳيان صبح کان گاڏو بيهارڻ ۽ لوفرن وارا لوڻا هڻڻ مان صاف سُٿرو ماڻهو نٿو لڳين. آءٌ اڄ رميش صاحب کي تنهنجي باري ۾ ٻڌائيندس. پاڻ ئي تنهنجو بندوبست ڪندو!”
دل چيو پڇانس:
“تون دڪاندار آھين يا پاڙيوارن طرفان مقرر ڪيل، ڏينهن واري ڊيوٽي ڪندڙ چوڪيدار؟” پر هن سان ڳالهائڻ فضول سمجهيو هئم. ڇو ته هو چهري جي شيپ مان ئي پراڻن اخلاقي قدرن جي ڪِلَئِي ٿيل شخص هو، جنهن کي سندس حدون ۽ شخصي حق سمجائڻ بنهه مشڪل هو!
خاموشيءَ سان گاڏو ڌڪي اڳتي روانو ٿيو هئس. هُن ڌڻ ماري ختم ڪندڙ بگهڙ تي، ٻڪراڙ جي وڌل پهرين نگاهه جهڙي ڪاوڙيل نظر مون تي اُڇلي هئي ۽ چپن ۾ ڪجهه چيو هو، انهن لفظن کي آءٌ سمجهي نه سگهيو هئس. پر چهري جي تاثرات ۽ جسماني ٻوليءَ مان محسوس ڪيم ته هُن انهن لفظن ۾ پڪ سان انهن اخلاقي قدرن جا ڇوڏا لاٿا هوندا، جن جي بظاهر هو پاڻ رکوالي ڪري رهيو هو!
واپس ايندي فيصلو ڪيو هئم ته وري ڪڏھن به تنهنجي گهر اڳيان ڪونه وڃبو. پر توسان جيئري سڀ تعلقات ختم ڪرڻ وارو تصور ايترو ته اذيتناڪ هو، جو اهو سوچيندي ايئن لڳو هو، ڄڻ ڳوٺاڻن ڪتن جي خوف ۾ اڻ ڇانگهيل ٻٻرن مٿي پُٺن اُگهاڙو چڙھڻو پئجي رهيو هو!
تو سان وري رابطو جوڙڻ جي امڪانن واري ڪتيءَ انڌا گُلر ڄڻيا هئا! گهر کان سواءِ تنهنجو ٻيو ڪٿي ڪٿي وڃڻ ٿيندو هو، ڪا خبر ڪونه هئم. نه خط پٽ، نه ڪانگ قاصد ۽ نه ئي فون نمبر!
انساني آباديءَ کان خالي جزيري تي تباهه ٿيل جهاز جي اڪيلي بچيل مسافر جهڙي بيوس ۽ بيساره محبت اندر ۾ لڪائي واپس وڃي رهيو هئس. سنسان گهٽين ۾ ڪٿي ڪي ٻارڙا ڪلفي جي پڇا ڪري ڊوڙي ويجهو آيا هئا ۽ ڪلفيون ختم ٿيڻ جو ٻُڌي مايوس ٿي واپس موٽيا هئا.
چوڌريءَ جي دڪان تي گاڏو ڇڏي، کيس حساب ڪتاب ڏيئي، گهر ڏانهن روانو ٿيو هئس ته هن پويان چيو هو:
“سڀاڻي مال وڌيڪ کڻي وڃجان، تون ڪامياب ڪلفي فروش آھين.”
چوڌريءَ جي واتان ٻُڌل پنهنجي تعريف جو سمورو سرور، توکان دوريءَ جي دردناڪ درياهه ۾ الاءِ ڪيڏانهن لڙھي ويو هو. توکي وري ڏسڻ جي سپني متعلق سوچيندو گهر پهتو هئس، ته امان سامهون اچي، چنيءَ جي پلئه سان منهنجو پگهر اُگهي چيو هو:
“پٽ اس ۾ چهري جو رنگ ئي بدلجي ويو اٿئي!”
ادڙين کي هڪ هڪ ڪلفي ڏيئي کٽ تي ويٺو هئس. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪمايل ڏھاڙي امان کي ڏيندي سٺو لڳو هئم.
امان ماني کڻي آئي هئي، پر مانيءَ جي وڻت ڪونه هئي. پاڻيءَ جو گلاس پِي، مينهوڳي رات ۾ ڏيڏرن جهڙيون ٻوليون ڪندڙ پنکو هلائي، ليٽڻ جي ڪوشش ڪئي هئم ته توکي وري ڏسي نہ سگهڻ واري نااميديءَ جو ڪاريهر ڏنگ هڻڻ لڳو هو!