لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽ پراڻي

[b]پاٽ پراڻيءَ جي جاگرافيائي صورتحال
[/b]
تاريخي ورقن جي مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته پاٽ پراڻيءَ وارو شهر سن 403 هجري (1012ع) کان وجود ۾ آيو ۽ ٻين نالن سان سڏيو ويو، هي شهر موجوده پاٽ شريف واري شهر کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. پاٽ پراڻيءَ جو شهر هڪ مٿانهين جاءِ تي اڏيل هو. دڙي تي شهر اڏڻ جو اصل سبب اهو به هو ته جاگرافيائي لحاذ کان هي گول دائري نما مٿانهين جاءِ تمام خوبصورت ۽ اهم هئي. جنهن تي پهرين ننڍڙو ڳوٺ اڏيو ويو هو ۽ پوءِ اهو وڏو شهر بڻجي ويو. هي عربن جي حڪومت وارو دور هو ۽ ان وقت ڪيترائي عرب قبيلا به هت اچي آباد ٿيا هئا، پاٽ پراڻيءَ جي اوڀر ۾ ٿورڙي مفاصلي تي سنڌو درياءَ جو وهڪرو آهي ۽ ائين کڻي چئجي ته هي شهر سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي اڏيل آهي. تاريخي اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر 1198هه ۾ ڦٽي ويو. جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. هن شهر جي ايراضي 20x28 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 48x68 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ هئي. پنجويهه ايڪڙن تي مشتمل پاٽ پراڻيءَ وارو هي شهر هن وقت سنڌ جي تاريخي ماڳن مان هڪ اهم ماڳ آهي.

[b]پاٽ پراڻي جو سرسبز علائقو
[/b]پاٽ پراڻي جي هڪ خوبصورتي اها به هئي ته هن شهر جي چوڌاري تمام گهڻا باغ هوندا هئا ۽ انهن باغن ۾ ڏاڙهون، انگور، نير، انجير، انب ۽ توت جام ٿيندا هئا. هن شهر جي آس پاس ڪابه زمين غير آباد نه هئي ۽ انهن زمينن جي آباديءَ سبب هي علائقو تمام گهڻو سرسبز ۽ خوشحال هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو هتان گذرندڙ هر ماڻهو چاهيندو هو ته دل کي سڪون پهچائڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون هتي ترسجي.

[b]پاٽ پراڻي ڪڏهن کان ڪيستائين
[/b]
هر ماڻهو جڏهن پاٽ پراڻيءَ وارو تاريخي دڙو گهمڻ ايندو آهي ته سندس ذهن ۾ اول اهو سوال اڀرندو آهي ته هن تاريخي ماڳ جو وجود ڪڏهن کان ڪيستائين رهيو.
اچو ته معلوم ڪريون. شروع ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته پاٽ پراڻيءَ وارو قديمي شهر سن 403هجري ۾ قائم ٿيو ۽ 795 سال آباد رهڻ کانپوءِ سن 1198هجري ۾ ڦٽي ويو ۽ ان کانپوءِ هن جي صرف دڙي واري تاريخي حيثيت رهي ۽ هن ڪتاب جي ڇپجڻ تائين معلوم ٿئي ٿو ته هي دڙو هڪ هزار سال کان وڌيڪ قديمي آهي، ڪجهه محققن جو خيال آهي ته هن دڙي جي اوچائي ڪٿي ڪٿي 10 فوٽ، ڪٿي 30 فوٽ، ڪٿي 50 فوٽ ۽ ڪٿي 60 فٽ کان به مٿي هئي. ممڪن آهي ته درياءَ جي رخ مٽائڻ ۽ جنگين فسادن جي اثر سبب هيءُ تاريخي دڙو گهڻو متاثر ٿيو.

[b]پاٽ جي نالن بابت
[/b] تاريخي حوالن مان پاٽ جي نالي بابت جيڪا معلومات ملي ٿي، اها هيٺ ڏجي ٿي ته هن ڳوٺ يا شهر کي ماضيءَ کان حال تائين ڪهڙن نالن سان پڪاريو ويو.

[b]پاتر:
[/b] درياءَ جي ڪناري تي آباد هجڻ ۽ ٻيڙين جي اچ وڃ سبب ڪنهن خاص پتڻ جي نالي سان هن شهر کي پاتر سڏيو ويو.
پاتر لفظ بابت هڪ ٻي معلومات ملي ٿي ته اوائلي دور جي هڪ هندو حڪمران راجا پاتر پنهنجي نالي سان هي شهر آباد ڪرايو پر ڪٿان به راجا پاتر جو احوال ڪونه ٿو ملي. ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جي تحقيق مطابق پاتر لفظ جي فارسي زبان ۾ معنيٰ آهي ”تخت“ ۽ ٿي سگهي ٿو ته ماضيءَ ۾ هي شهر ڪو تختگاهه هجي ۽ ڪتابن ۾ ڪٿي ڪٿي اهو ذڪر به ملي ٿو ته هتي ماضيءَ ۾ ڪو وڏو پاتر بندرگاهه به هو شايد ان ڪري هي نالو پئجي ويس.

[b]پواترا[/b]:
ڪجهه تحقيق مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته شروع شروع ۾ هن شهر جو نالو پواترا رکيو ويو هو پر اڪثر ماڻهو پواترا نه بلڪه پاترا لفظ اچاريندا هئا، پواترا اصل ۾ سنسڪرت زبان جو لفظ آهي، جيڪو اڳتي پاترا سڏجڻ لڳو ۽ پوءِ پاتر جي نالي سان مشهور ٿيو. اصل ۾ ”پاتر“ سنڌيءَ جي لفظ پاٽ جي فارسي صورتخطي آهي. ان ڪري ان جو نعم البدل ”تر“ استعمال ڪيو ويو، جيڪو ٽ جو قريب ترين اچار آهي. يعني معلوم ٿيو ته هن شهر جو اصلو نالو پاٽ ئي آهي.

[b]پاٽ:
[/b] تاريخ جي ورقن ۾ هن شهر جي نالي بابت اها ڄاڻ ملي ٿي ته مختلف نالن کانپوءِ هي شهر ”پاٽ“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو، جنهن جو سبب اهو هو ته هن شهر جي نقشي جي بيهڪ ٺڪر جي ٿانو پاٽ وانگر گولائيءَ ۾ هئي.

[b]پاٽ شريف:
[/b] هن شهر جو نالو پاٽ شريف جڏهن به وٺبو آهي ته اڪثر ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال اڀري ايندو آهي ته هن کي پاٽِ/شريف ڇو ٿو چيو وڃي. اصل ۾ هي شهر علم ادب جو ڳڙهه رهيو آهي، هتي اوليائن ۽ بزرگن جو فيض عام رهيو آهي.
هتان جا ماڻهو ڪنهن به انتهاپسنديءَ ۾ ملوث نه رهيا، هن خطي جا ماڻهو پرامن ۽ صوفياڻو مزاج رکندڙ هئا، ماضي ۾ حڪمرانن هن ئي شهر ۾ روحاني سڪون حاصل ڪيو.
ان کان علاوه عورتن جو ايترو ته احترام ڪيو ويندو هو جو ڪابه عورت گهٽيءَ مان گذرندي هئي ته سامهون ايندڙ ماڻهو ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهندو هو ۽ جيستائين ڪا عورت اتان گذري نه ويندي هئي تيستائين اهو مرد پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسندو هو. هن شهر جو اهڙو احترام ۽ شرافت ڏسي ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جا ماڻهو هن شهر کي پاٽ شريف جي لقب سان سڏڻ لڳا.

[b]پَوِترِ:
[/b] هن شهر جي نالي بابت اهي به شاهديون ملن ٿيون ته هن جو نالو پوتر به رکيو ويو، لفظ پوتر جي معنيٰ آهي پاڪ ۽ ممڪن آهي ته ڪنهن مذهبي عقيدي جي برتري سبب هن شهر جو نالو پوتر رکيو ويو.

[b]رسول آباد:
[/b] هڪ روايت ۾ اهو به آهي ته هن شهر جي ماڻهن جي رسول پاڪ صليٰ الله عليه وسلم جن سان انتهائي خاص عقيدت هئي ۽ ان بنياد تي هنن رسول آباد جي نالي سان شهر اڏيو.

[b]قُبة الاسلام:
[/b] مذهب اسلام جي خاص سرگرمين جي عروج سبب هي شهر قبة الاسلام جي نالي سان سڏجڻ لڳو ۽ هن ئي شهر جي ڀرسان قائم دريائي بندر جو نالو به قبة الاسلام بندر رکيو ويو هو، آڳاٽي زماني ۾ هن دريائي بندر ذريعي بمبئي، سورت، سريلنڪا ۽ بنگال سان سامونڊي ٻيڙن ذريعي واپار هلندو هو.

[b]قِبلَةُ الاسلام:
[/b] ڪيترين ئي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته مذهبي رواداري ۽ علمي مرڪز هئڻ سبب هن شهر کي قِبلَةُ الاسلام جي نالي سان به سڏيو ويو.

[b]پاٽ پراڻيءَ تي عالمن جو اچڻ
[/b] چون ٿا ته محمد بن قاسم جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته ان کان پوءِ هن خطي ۾ گورنر مقرر ڪيا ويا جن سان گڏ عرب قبيلا به سنڌ ۾ آيا ۽ انهن ۾ وڏا وڏا عالم سڳورا پڻ هن شهر ۾ آيا ۽ هنن جي اچڻ بعد مسجدن ۽ مدرسن ۾ اضافو ٿيو ۽ انهن عالمن اسلام جي واڌاري لاءِ تبليغ شروع ڪئي ۽ اهڙي طرح علم پرائيندڙن ۾ اضافو ٿيندو ويو، هن شهر ۾ سمرقند، بخارا ۽ چين کان به عالم ايندا رهيا، جن پنهنجو علمي ۽ روحاني فيض جاري رکيو.

[b]پاٽ پراڻي ۽ علمي فيض
[/b] تاريخي ورقن ۾ ڄاڻايل آهي ته سما حڪمرانن جي دور م سنڌ جا هي شهر پاٽ، بوبڪ، ٽلٽي ۽ سيوهڻ علمي فيض ڏيڻ جي حوالي سان مشهور هئا ۽ هتان جو اهو فيض هندستان، خراسان، عراق ۽ ايران تائين مشهور هوندو هو، چيو وڃي ٿو ته پاٽ پراڻي تي ڪيترائي اهڙا غير ملڪي سياح آيا، جن کي هتي روحاني سڪون مليو ۽ ڪيترائي غير مذهب ماڻهو مسلمان ٿي ويا.

[b]ان وقت جو سڪو ۽ ڳالهائي ويندڙ ٻولي
[/b] قديم زماني جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ جيڪو سڪو رائج هو، ان ۾ سونيون اشرفيون، چانديءَ جا رپيا ۽ پتل جا سوراخ وارا پئسا شامل هوندا هئا، پاٽ پراڻيءَ ۾ پڻ اهو ئي سڪو هلندڙ هو، هن دڙي مان اهڙي قسم جا سڪا لڌا ويا، ان وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ کانسواءِ فارسي ۽ عربي ٻولي به عام ڳالهائي ويندي هئي.

[b]پاٽ پراڻي لڳ شاهي دڳ جو احوال
[/b] پاٽ پراڻي جو شهر درياءَ جي پتڻ ۽ شاهي دڳ جي ويجهو هئڻ سبب هي شهر سنڌ جي اهم تجارتي مرڪز هو، ان شاهي دڳ جا نشان ڳوٺ اميناڻي، نورجا، موندر، شيخ گلاب، جان محمد خشڪ، آرائين ۽ مهرائين جي ڳوٺ کان پاٽ پراڻيءَ تائين موجود هئا ۽ هاڻي اهي نشان ختم ٿيندي نظر اچن ٿا پر ڪٿي ڪٿي اڄ به اهي ان شاهي دڳ جا نشان موجود آهن، پاٽ پراڻيءَ جي ڀرسان درگاهه سيد ناصر شاهه لڪياري جي مقام کان اتر طرف سيتا وليج تائين اڄ به اهو شاهي دڳ ماڻهن جي استعمال هيٺ آهي، هن رستي کي شاهي دڳ ان ڪري چيو ويو جو ان دڳ جي ذريعي ئي اهم اهم حڪمران ٺٽي کان ملتان، ڪابل، قنڌار ۽ ايران ڏانهن سفر ڪندا هئا. آڳاٽي زماني ۾ هن دڳ تان گذرندڙ ماڻهن کان ”رائر“ يعني محصول اوڳاڙيو ويندو هو، هاڻي ته اهي سڀ آثار ختم ٿي ويا آهن، پاٽ شريف لڳ سيد ناصر شاهه جي درگاهه ڀرسان دلاه ڍورو هوندو ۽ ڍوري ۾ معروفاڻي، وهندڙي ۽ چڪڻ ڍنڍ ذريعي پاڻي پهچندو هو، ڍوري جي ڀرسان ڏاڙهن جا وڏا باغ هوندا هئا ۽ رستي ۾ پڪين سرن جي موري ٻڌل هوندي هئي، 1300 هه بمطابق 1882ع ۾ اها موري به ختم ٿي وئي.

[b]پاٽ پراڻيءَ کي پناهه گاهه طور ڇو پسند ڪيو ويو
[/b] ان وقت سنڌ تي عربن جي حڪومت ۾ تمام گهڻيون جنگيون لڳيون، جهيڙا ۽ فساد عام هئا ۽ پوءِ ماڻهن ۾ جڏهن ڀاڄ پوندي هئي ته اهي پنهنجي بچاءُ خاطر محفوظ جايون ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پاٽ پراڻيءَ وارو شهر اهڙن ماڻهن لاءِ پناهه گاهه طور تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.
چون ٿا ته هن شهر جي چوڌاري هڪ وڏو ڪوٽ ڏنل هوندو هو، جنهن کي ڪوٽ وترو چوندا هئا، چئني پاسن کان وڏا دروازا هوندا هئا ۽ انهن تي پهريدار مقرر ٿيل هوندا هئا.

[b]پاٽ پراڻيءَ واري دڙي مان ملندڙ شيون
[/b] تاريخي ماڳ پاٽ پراڻيءَ واري دڙي مان مختلف وقتن تي ڪيتريون ئي شيون ظاهر ٿيون آهن، خاص ڪري جڏهن هتي قائم قبرستان ۾ ڳوٺاڻن ميتن لاءِ قبرن جي کوٽائي ڪئي ته انهن کي کوٽائي دوران آثار مليا آهن، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته هن دڙي جي مختلف هنڌن تي کوٽائي دوران ٽامي جي ديڳ، پتل جا لوٽا، چانديءَ ۽ پتل جا سڪا، ڪاشيءَ جون سرون، ڪاشيءَ جا ٿانو ۽ گلدستا، قيمتي ۽ خوبصورت پٿر، قيمتي ڪاٺ جا ٽڪرا، وڏي سائيز واريون ڪچيون ۽ پڪيون سرون، ٺڪر جا ٿانو، ٺڪر جا پاٽڙا، ٺڪر جا دلا، ٺڪر جا مٽ، ٺڪر جا لوٽا، ٺڪر ۽ پٿر جا جنڊ ۽ ان کان علاوه ٺڪر جا ڪجهه رانديڪا به مليا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن دڙي تي ڪيترن ئي ماڻهن علم ذريعي وظيفا ۽ چلا ڪٽيا ته جيئن کين هن دڙي مان سون وغيره يا ڪا ٻي ملڪيت حاصل ٿئي، اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪيترا ڪامياب ويا اها خدا پاڪ کي ڄاڻ آهي، هن دڙي مان مٽي به کوٽائي ڪري بيدردي سان کنئي وئي، جنهن سان هن تاريخي ماڳ جي سونهن متاثر ٿي آهي.

[b]پاٽ پراڻي تي تحقيق
[/b] سن 1961ع ۾ هتي آمريڪا کان آيل سياحن مسٽر ڊنڪن ۽ مسٽر جان هائنگ مئن پاٽ پراڻيءَ تي تحقيقي اڀياس ڪيو، هي ٻئي ڄڻا پاڪستان جي تاريخي ماڳن تي ريسرچ لاءِ آيا هئا ۽ پاٽ جي تعليمي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ چاليهن ڏينهن تائين سندن رهنمائي ڪئي، ان کان علاوه اڄ ڏينهن تائين پاٽ پراڻيءَ واري دڙي تي ڪيترين ئي اهم شخصيتن هن تاريخي ماڳ کي گهمي ڏٺو،،ڪيترن ئي ميڊيا چينلن پنهنجون ڊاڪيومينٽريز ٺاهيون، اخبارن ۽ رسالن ۾ هن بابت خاص مضمون شايع ڪيا ويا پر افسوس جو آثار قديمه وارن هن تي ڪا خاص يا جامع تحقيق ڪونه ڪئي آهي، جيڪا ٿيڻ گهرجي.

[b]پاٽ پراڻيءَ جوشهر ڪيئن ختم ٿيو
[/b] تاريخ جا ڪتاب لکن ٿا ته پاٽ جي اڳوڻي شهر پاٽ پراڻي کي جيڪو عروج ۽ ڪمال حاصل هو، ائين ئي هي تاريخي شهر مختلف سببن جي ڪري ڦٽي ختم ٿي ويو، خاص ڪري ان وقت جي حڪمرانن جون هڪ ٻئي سان لڙايون ۽ لشڪرن جون ڪاهون به هن شهر جي خاتمي جو سبب بڻيون، چون ٿا ته وقت به وقت ٿيندڙ حملن جو اثر هن شهر جي ماڻهن تي ايترو ته ٿيو جو هن پرامن ۽ خوبصورت شهر جا رهواسي پوءِ هميشه ڊنل ۽ خوفزده رهندا هئا. آخري ڀيرو جڏهن ميان غلام شاهه جو لشڪر هن شهر ۾ آيو ته هتان جي ڪيترن ئي ماڻهن مختلف هنڌن ڏانهن هجرت ڪرڻ شروع ڪئي، ڪي برهانپور انڊيا ويا ته ڪي حيدرآباد دکن ۽ ڪجهه ٻين شهرن ڏانهن لڏي ويا ۽ انهن جي لڏي وڃڻ جو مقصد اهو هو ته هاڻي اهي پاڻ تي ظلم برپا ٿيندي نه پئي ڏسي سگهيا ۽ ائين ئي هي پاٽ پراڻيءَ جو شهر سن 1198هجري ۾ آهستي آهستي خالي ٿي ويو ۽ وڏيون وڏيون جايون ۽ عمارتون مٽيءَ جو ڍير بنجي ويون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي شهر دڙي جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ هتان جي باقي رهيل ماڻهن نئين پاٽ جي اڏڻ جي ڪوشش ڪئي.

[b]پاٽ پراڻي لڳ لوهم جو دڙو
[/b] پاٽ شريف جي اولهه ۾ 7-6 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پيارو ڳوٺ اسٽيشن جي اتر ۾ ريلوي لائين کان اٽڪل هڪ فرلانگ اوڀر ۾ هڪ تاريخي لوهم جو دڙو واقع آهي، هي دڙو هن وقت پنهنجي اصل شڪل و صورت ۾ ناهي رهيو، دادو شگر مل جي قائم ٿيڻ کان پهرين 1977ع تائين ته هي صحيح سلامت هو، آباديءَ جي وڌي وڃڻ سبب هاڻي اتي شريف آباد جي نالي سان هڪ ڳوٺ قائم آهي ۽ آرڪيالاجي کاتي جي بي ڌياني سبب هي اهم ماڳ ميسارجي ويو. 1930ع ۾ قديم آثارن جي ماهر ”اين جي مجمدر“ هن دڙي جي کوٽائي ڪندي تحقيق به ڪئي هئي ۽ ان موجب لوهم جي دڙي جا مختلف حصا يا ٻيا دڙا اوڀر کان اولهه طرف ست سئو فوٽ ڊگها ۽ اتر کان ڏکڻ طرف ڇهه سئو فوٽ ويڪرا هئا ۽ هي دڙا ان وقت آس پاس جي زمين کان 23 فوٽ مٿي اوچا هئا، هن تحقيق دوران وڌيڪ معلوم ٿيو ته هن دڙي سان ڪنهن هٿ چراند ڪندي دڙي جي کوٽائي ڪئي، سائنسي فني ڄاڻ نه هئڻ سبب دڙي کي فائدي بجاءِ نقصان رسيو، هڪ ٻئي ماهر مسٽر ڊڪشٽ کي هن لوهم جي دڙي مان سپين جا ذرڙا، پٿر مان گهڙيل کرپيون، چقمق جا ٽڪرا ۽ ٽامي جون ڪجهه شيون هٿ آيون، جنهن مان ثابت ٿيو ته هي دڙو موهن جي تهذيب واري دڙي سان تعلق رکي ٿو، ان کان علاوه هن دڙي مان مٽيءَ جا ٿانو، تصويري خاڪا، خنجر، چاڪو، مهرون، گاڏين جا ننڍڙا ڦيٿا ۽ ڍڳن جا مجسما به مليا آهن. ان کان علاوه سن 1979ع، 1980ع، 1983ع، 1986ع ۾ به ماهرن هي دڙو گهمي ڏٺو ، دادو ضلعي جي مهان اديب ۽ آثار قديم جي ماهر تاج صحرائي هن دڙي جي نالي بابت هڪ هنڌ لکيو آهي ته ممڪن آهي ته هن ماڳ جو نالو اول لوهڻ هو ۽ پوءِ لوهم جي نالي سان مشهور ٿيو، جيڪو دريائي وهڪري سبب ويران ٿي ويو. نامور محقق ڊاڪٽر حبيب الله صديقي وري هن لوهم جي دڙي بابت لکي ٿو ته پاٽ شريف کان 7 ڪلوميٽر اولهه طرف دادو شگر مل پيارو اسٽيشن جي ڀرسان لوهم جو دڙو هوندو هو، جيڪو هن وقت دڙي واري شڪل وڃائي چڪو آهي، ان دڙي بابت معلوم ٿئي ٿو ته هي دڙو به موهن جي دڙي ۽ پاٽ پراڻيءَ واري دڙي وانگر قديمي هو. هي دڙو آريا قوم جي قبضي هيٺ رهيو، اها قوم ڀونچ سمنڊ کان اچي سنڌ ۾ آباد ٿي هئي، دولتمند هئڻ سبب عياشي ۾ هنن پنهنجو پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيو. ان وقت ۾ ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا ان کي سامي زبان چيو ويندو هو. هتي وڏين وڏين ديوين ۽ ديوتائن جا مندر ۽ لوهم جا وڏا وڏا مندر هوندا هئا، ان وقت ۾ درياءَ جو وهڪرو چڪڻ ڍنڍ رستي اولهه طرف هوندو هو ۽ اها چڪڻ ڍنڍ اڄ به ڳوٺ رڪڻ ۽ پلها جي وچ تي موجود آهي ۽ ان مان ڪيترائي پورهيت ڪاري مڇي ماري پيٽ گذر ڪن ٿا ۽ قديمي ماڳ لوهم جي دڙي تي هن وقت پنجابي برادري جو شريف آباد نالي ڳوٺ آباد آهي.

[b]پاٽ پراڻي لڳ ماڻڪٽاري جو دڙو
[/b] پاٽ پراڻيءَ وارتي دڙي جي ڏکڻ ۾ ڦلجي اسٽيسن ڀرسان هڪ قديمي ماڳ ”ماڻڪٽاري“ وارو دڙو به موجود آهي، هن دڙي جي پکيڙ تقريبن 22 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ سندس اوچائي ڪٿي 5 فوٽ ۽ ڪٿي 40 فوٽ به آهي، هي دڙو درياءَ جي اولهه ۾ واقع آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ هتي دريائي بندرگاهه هو ۽ ٻيڙن رستي وڏو وڻج واپار هلندو هو. ماڻڪٽارو ڪڏهن کان وجود ۾ آيو ۽ ڪڏهن کان ميسارجڻ لڳو ان بابت قديم آثارن جي ماهر سائين تاج صحرائي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي، ان کان علاوه ڪتاب تحفة الڪرام ۽ جنت السنڌ ۾ پڻ هن دڙي بابت حوالا ملن ٿا ته آڳاٽي زماني جي سلطان آرام شاهه جي وقت ۾ بادشاهت چئن حصن ۾ ورهايل هئي. ملتان، اُچ ۽ ساري سنڌ تي ناصرالدين قباچه جا حڪم جاري ٿيندا هئا ۽ ان وقت ۾ سنڌ جون ست رياستون قائم هيون. جن مان ٽين رياست ”ماڻڪٽارو“ تي جيسر ولد ججه ماڇي سولنگي حڪومت ڪندو هو. تاريخن ۾ سولنگين يا ماڇين جي حب الوطني ۽ قومپرستيءَ جو ذڪر ملي ٿو. هن دڙي جي برباديءَ بابت معلوم ٿئي ٿو ته شاهه حسن ارغون، جيسر ولد ججه ماڇي سولنگيءَ تي باغبان جي ڀرسان قائم هن شهر تي حملو ڪيو ۽ سندن ملڪيتون لٽيون ويون. مرد، عورتن، ٻڍن ۽ ٻارن کي قتل ڪيو ويو ۽ ماڻڪٽاري واري شهر کي باهه ڏني وئي، جيڪا مسلسل ساڍا ٽي ڏينهن جاري رهي. تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن ڀائرن عارف علي جهتيال ۽ آصف علي جهتيال هن تاريخي ماڳ ۾ خاص دلچسپي وٺندي آرڪيالاجي کاتي کي دڙي جي تباهي بابت نوٽيس وٺڻ جي اپيل به ڪئي، هتي هن دڙي جي ذڪر ڪرڻ مان مراد اها هئي ته پاٽ پراڻي وارو دڙو، لوهم جو دڙو ۽ ماڻڪٽارو ۾ هڪجهڙائي آهي.