لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽ شريف جا شاعر، اديب، سگهڙ ۽ فنڪار

[b] پاٽ شريف جا شاعر، اديب ۽ ليکڪ
[/b] ادبي حوالي سان پاٽ شريف جي ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، جن مختلف صنفن تي لکيو آهي، مخدوم فضل الله، حاجي حسن الله پاٽائي، مخدوم محمود احمد صديقي پنهنجي وقت جا وڏا شاعر ۽ بزرگ به ٿي رهيا، جن عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب لکيا، ان کان علاوه مخدوم زين العابدين، مخدوم مشتاق احمد، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، مخدوم سليم الله، مخدوم سڪندر احمد صديقي، سيد جلالي شاهه، عبدالغفور چنا، مخدوم عبدالجبار صديقي، پروفيسر عبدالشڪور قاضي، ميڊم تنوير جوڻيجو، ميان نور محمد انصاري، نظير حسين انصاري، نصير ميمڻ، سهيل احمد صديقي، خليل الله ميمڻ، ذاڪر حسين ميمڻ، شاهده ميمڻ، خالد منگي، شبيرڻ پاٽائي، ارشد لطيف چنا، سليم چنا، مولا بخش ملاح، محمد زمان سومرو، مير ممتاز پاٽائي، مير شاهنواز برهماڻي، اسلم پاٽائي، ايم بچل ڪلهوڙو، عبدالحميد چنا، پريمي شاهد خاصخيلي، خادم ممتاز پاٽائي، سجاد چنا، مومل چنا، مخدوم ضياءُالحق، الهبچايو برهماڻي، عبدالحميد ميمڻ، عطيه جوڻيجو، شيخ يوسف سنڌي، شيخ مبارڪ، مقبول انجم، عبدالغني انصاري، آپا زينت چنا، پروفيسر آمنه خميساڻي، حيدر ڪلوچ پاٽائي، ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن، پاٽ شريف لڳ ڳوٺ اولڊ ڪلري ۾ به ڪيترائي لکيڪ آهن جن ۾ فدا ڪلرائي، صابر حسين، شاهد حسين، رياض حسين ملاح ۽ حاڪم علي بٺڙ سٺو لکن پيا، ان کان علاوه ڳوٺ دٻي سان تعلق رکندڙ لطيف جمال به هن وقت سٺن رائيٽرن ۾ ليکيو وڃي ٿو، ان کان علاوه نوجوان ڪالم نويس محمد عثمان جانوري ۽ نويد علي جوڻيجو به پنهنجي لکڻين ذريعي پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪا آهن، پيارو اسٽيشن جا ساٿي هارون احسن ابڙو، همدرد اوڏ، امان الله لهٻر، جبل سنڌي ۽ ظفر احمد لهٻر به ادبي ميدان ۾ سرگرم آهن.

[b]پاٽ شريف جا مشهور سگهڙ
[/b]هتي پاٽ شريف ۽ ان جي آسپاس وارن ڀلن سگهڙن جا نالا پيش ڪجن ٿا.
فقير غلام النبي سومرو، ڪمدار امير بخش چانڊيو، امير بخش سولنگي، غلام قادر چانڊيو، مير محمد چانڊيو، محرم علي تيوڻو، ميرل فقير چانڊيو، محمد ٻڍل لانگاهه، محمد يوسف سولنگي، حاجي عبدالقادر پاٽائي، سڪندر علي ملاح، مظهر علي پنهور، گولو خان برهماڻي، مولوي بخشل برهماڻي، نواب علي ڀرٽ، محمد مٺل چانڊيو، محمد سليمان ڀرٽ، شير محمد پنهور، سوڀو چانڊيو، محمد بخش ميربحر، قادر بخش چانڊيو، احمد فقير چانڊيو، غلام علي ميربحر، خميسو ڀٽي، موريو خاصخيلي، بخشل ڪنڀر ۽ محمد مٺل پاتڻي شامل آهن.

[b]پاٽ شريف جا فنڪار
[/b] پاٽ شريف جي ماڻهن جي سر سنگيت سان اصل کان وٺي دلچسپي رهي آهي، نه صرف ٻڌڻ جي حد تائين پر گائڪي ۾ به ڪيترائي فنڪار پيدا ٿيا، جن فن موسيقيءَ ۾ نالو پيدا ڪيو، اهڙن فنڪارن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا، جن جو پاٽ شريف ۽ ان جي ڀر وارن ڳوٺن سان تعلق آهي.
خانصاحب نظر محمد چنا (پاٽ شريف)، خانصاحب جيئندو خان لانگاهه (پاٽ شريف)، گلاب فقير ملاح (پاٽ شريف)، گلشير تيوڻو ۽ دلشير تيوڻو، (ڪامل تيوڻو)، سيد فدا حسين شاهه (دٻي)، سڪندر علي ملاح (اولڊ ڪلري)، عطر فقير جوڳي (پاٽ شريف)، چيز علي فقير جوڳي (پاٽ شريف)، واجد علي صديقي (پاٽ شريف)، لياقت علي چنا (پاٽ شريف)، غلام رسول ڪنڀر (مٺي واهڻ)، وقار علي ملاح، اڪبر علي ملاح (اولڊ ڪلري)، شاهد حسين چانڊيو (اولڊ ڪلري)، سجاد علي ڪلهوڙو (پاٽ شريف)، راڻو خان تيوڻو (اولڊ ڪلري)، رسول بخش سولنگي (نيو ڪلري)، سيد مختيار علي شاهه (پاٽ شريف)، اڪبر علي گڊو (اولڊ ڪلري)، ساجد علي تيوڻو (اولڊ ڪلري)، رفيق احمد تيوڻو (اولڊ ڪلري)، شهزادو تيوڻو (اولڊ ڪلري)، نظير احمد چانڊيو چڪائي (چڪ احمدي)، بشير احمد چانڊيو (ڀنڊ ماڙي)، وزير علي سولنگي (سيتا وليج)، عبدالرئوف سولنگي (دٻي)، ميهر علي لانگاهه.

[b]سازندا[/b]
وسايو فقير جوڳي (مرلي وڄائيندڙ)، محمد ايوب سولنگي (الغوري نواز)، حاڪم علي تيوڻو (الغوزي نواز)، بخشل چانڊيو (الغوزي نواز)، ميهر فقير چانڊيو (بينجو نواز)، روشن علي چانڊيو (بينجو نواز)، جڙيل خان چانڊيو (بينجو نواز)، وحيد علي ڪلهوڙو (ڍولڪ نواز)، پيرل خان سولنگي (ڪلارنٽ ماسٽر)، سڪندر علي سولنگي (ڍولڪ نواز)، محمد عمر فقير (شهنائي نواز)، محمد عثمان فقير (دهلاري)، محمد رمضان فقير (دهلاري)، لعل بخش فقير (شهنائي نواز)، ڪانڊيرو فقير (شهنائي نواز)، علڻ فقير (شهنائي نواز)، قربان علي (دهلاري)، خان محمد لانگاهه (ڍولڪنواز).