لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽ شريف

موجوده پاٽ شريف واري شهر کي ٻي پاٽ يا نئين پاٽ به چيو ويندو آهي. هن پاٽ شريف بابت اڳتي آگاهي ڏنل آهي.

[b] پاٽ شريف جو موجوده شهر
[/b] پاٽ شريف جو موجوده شهر دادو کان اتر طرف 35 ڪلوميٽر ۽ سنڌو نديءَ جي ڪچي واري علائقي کان پڪي تي اولهه طرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، هي دادو شگرمل پيارو ڳوٺ کان 6 ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ دادو ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي واقع آهي. سن 1198هجري ۾ هن کان اڳ ۾ جيڪو شهر ڦٽي ويو، ان کي پاٽ پراڻي چيو وڃي ٿو، چون ٿا ته ان شهر جي ڦٽڻ بعد ٺيڪ چئن سالن کانپوءِ وڏيري محب النبي نئين پاٽ اڏڻ جي شروعات ڪئي ۽ سن 1202هجري کان وٺي هي شهر وجود ۾ آيو. شروعات ۾ وهندڙيءَ جي ڪپر تي ڪجهه گهرآباد ٿيا. هتي رهندڙ اوائلي قومن ۾ جوڻيجا، انصاري، ڀٽي، سيد، پنهور، لانگاهه، سومرا، صديقي، چنا، ڪنڀر، ڪلهوڙا، منگي، ميمڻ ۽ هندو گهراڻا شامل هئا ۽ ائين ئي پوءِ آهستي آهستي آبادي وڌندي وئي ۽ هي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان هزارن جي آباديءَ وارو شهر بڻجي ويو.

[b]پاٽ شريف بابت اهم معلومات
[/b] هڪ سروي مطابق پاٽ شريف جي ٽوٽل آبادي 10 هزار کان به مٿي آهي ۽ گهرن جو تعداد هڪ هزار کان مٿي آهي. گهٽين جو تعداد 25 کان مٿي آهي ۽ دڪان 300 جي لڳ ڀڳ آهن. هتي 20 سيڪڙو خوشحال ۽ امير ماڻهو رهن ٿا ۽ 80 سيڪڙو غريب، مسڪين ۽ پورهيت ماڻهو رهن ٿا. تعليمي شرح ۾ 70 سيڪڙو تعليم يافته ۽ 30 سيڪڙو گهٽ تعليم حاصل ڪندڙ ماڻهو آهن. ان کان علاوه 35 سيڪڙو سرڪاري ملازم آهن ۽ 15 سيڪڙو خانگي ملازمت ڪندڙ ماڻهو آهن، جڏهن ته 50 سيڪڙو نوجوان بيروزگاريءَ سبب پريشان آهن.

[b]پاٽ شريف جي نئين بازار
[/b] پراڻي بازار جي اوج ختم ٿيڻ کانپوءِ نئين بازار قائم ڪئي وئي، پاٽ شريف جي هن نئين بازار کي شاهي بازار به چيو ويندو آهي. هن بازار جي دڪانن جي شروعات رئيس نظر محمد برهماڻي جي اوطاق ڀرسان ٺهيل دڪانن کان ٿئي ٿي ۽ اوڀر طرف ڪرڙ چنڙ جي گهر وٽ ختم ٿئي ٿي. هن بازار جو ٻيو حصو چنڙ محلا واري گهٽي جي ڏکڻ طرف آهي ۽ لاهوتي قمرالدين چانڊيو واري امام بارگاهه تائين دڪانن جو سلسلو آهي. دادو ڪئنال واري موري جي اوڀر ۾ ٻاهريون اسٽاپ آهي جنهن کي پيٽرول پمپ وارو چونڪ به چيو وڃي ٿو ۽ اتي به ڪافي دڪان ۽ هوٽل آهن. ان کان علاوه شهر جي مختلف گهٽين ۽ پاڙن ۾ به دڪان آهن، هن بازار جي اهم دڪاندارن ۾ سيٺ الهڏنو ميمڻ، ماستر محمد عرس ميمڻ، سعيد خان برهماڻي، محمد رمضان ڪنڀر، ماستر ارباب علي عباسي، شير محمد ڀٽي، وڏيرو ارباب علي جوڻيجو، محمد جمن عباسي، عبدالرئوف چنا، خادم حسين چنا، مفيد احمد چنا، شعبان احمد عباسي، قمرالدين ملاح، نظير احمد چانڊيو، اياز علي ميمڻ کان علاوه رسولي ميربحر جي ٺهيل پن جون ٻيڙيون، چاچي قمن ميمڻ جا رڌل راهان ۽ چاپون، حاجي ڪنڀر جا بيهي منڱ، صدر ٿهيم جا ڇولا، آئيسڪريم ۽ برف جو ڳنڍو مشهور هو. ان کان علاوه ماستر گل محمد، سيڪريٽري محمد قاسم، سيٺ ڪنڊو خان برهماڻي، ارباب چنا، عباس علي پنهور، ماستر خالقڏنو چنا، رمضان ملاح ۽ چنيسر برهماڻي جا هوٽل مشهور آهن. سيٺ بشير عرف باشو چانڊيو ۽ ماستر پيارو خان چنڙ جا ان جي خريداري وارا مرڪز به هن ئي بازار ۾ آهن، مطلب ته هن بازار ۾ ضرورت جي هر شيءِ جا دڪان موجود آهن.

[b]پاٽ شريف جي پراڻي بازار
[/b] پاٽ شريف جي پراڻي بازار ميمڻ محلا ۾ آهي، هي بازار مدينا مسجد جي ڏکڻ طرف واري گهٽي ۾ واقع آهي. چيو وڃي ٿو ته پاٽ شريف جي موجوده شهر جي اڏڻ بعد هتي ڪجهه هندو واپارين سان گڏ مسلمانن به پنهنجا دڪان کولي واپار ۽ ڪاروبار شروع ڪيو. هن بازار جي ٻنهي پاسن کان ننڍا ۽ وڏا دڪان هوندا هئا. هندن جي لڏپلاڻ بعد هن بازار جي اها رونق ۽ عروج نه رهيو. تنهن هوندي به ميمڻ برادريءَ سان تعلق رکندڙ ڪجهه ڪاروباري ماڻهن هندن پاران ڇڏيل دڪان سنڀاليا ۽ هي پراڻي بازا ر1960ع تائين تمام گهڻي آباد رهي ۽ پوءِ آهستي آهستي نئين بازار ۾ دڪانن ٺهرائڻ جي شروعات ٿي ۽ پوءِ اتي ماڻهن پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو. پاٽ شريف جي پراڻي بازار مڪمل طور تي ختم نه ٿي آهي پر 1985ع کان 1990ع تائين بدامني ۽ ڌاڙيلن جي ڪاررواين جو اثر ايترو ته شديد رهيو جو هن بازار جا ڌنڌا وغيره بلڪل ٺپ ٿي ويا ۽ امن جي ڪجهه بحالي بعد هن پراڻي بازار ۾ دڪان کوليا ويا.

[b]پاٽ شريف جا بلاڪ
[/b] 1998ع جي گهر شماري يا آدمشماري مطابق هن شهر کي ٽن بلاڪن ۾ ورهايو ويو.
(1) بلاڪ نمبر 1، شمارياتي ڪوڊ 352020101
هي بلاڪ برهماڻي محلا جي پرائمري اسڪول کان اتر طرف شروع ٿئي ٿو ۽ روڊ جي اولهه پاسي وارو مڪمل حصو بلاڪ نمبر هڪ ۾ اچي وڃي ٿو. جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول، سرڪاري اسپتال، ايريگيشن آفيس، مين پرائمري اسڪول، يونين ڪائونسل آفيس کان علاوه پاٽ جي پراڻي بازار جي اولهه طرف وارا پاڙا ميمڻ محلا، انصاري محلا، صديقي محلا، لانگاهه محلا، چانڊيه محلا، ڀٽي محلا، ملاح محلا شامل آهن. دادو ڪئنال جي اوڀر ۾ واقع ڳوٺ ڪارڙا ماڇي به هن ئي بلاڪ ۾ آهن

[b]پاٽ شريف جا بلاڪ
[/b] بلاڪ نمبر: 2، شمارياتي ڪوڊ نمبر: 352020102.
هي بلاڪ شاهي بازار جي ڏکڻ طرف کان شروع ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن برهماڻي محلا واري پرائمري اسڪول کان شروعات ڪبي ته روڊ جي اوڀر پاسي وارو مڪمل حصو بلاڪ نمبر 2 ۾ اچي وڃي ٿو ۽ عيدگاهه تائين ويٺل ملاح محلي وٽ ختم ٿئي ٿو، هن بلاڪ ۾ برهماڻي محلا، روڊ وارا چانڊيا، جج امجد علي قاضي جو بنگلو، صدر ٿهيم جا دڪان ۽ هوٽل ٻاهرين چوڪ وارا، جوڳي محلا، سيد محلا، پياراڻي چانڊيا، نوناري محلا، سرائي، خاصخيلي محلا، ڀٽي محلا، جويا محلا، ملاح محلا، ڪلهوڙا محلا، پنهور محلا ۽ ٻيا پاڙا ۽ گهٽيون شامل آهن. سيد حسن شاهه جي درگاهه ۽ سيد نواب علي شاهه ناصراڻي جي شاندار اوطاق کان سواءِ شهر وارو مسڻن وارو قبرستان ۽ قادر بخش پاتڻي پرائمري اسڪول به هن ئي بلاڪ ۾ آهي.

[b]پاٽ شريف جا بلاڪ
[/b](3) بلاڪ نمبر 3، شمارياتي ڪوڊ: 352020103
هي بلاڪ شاهي بازار جي اتر طرف کان شروع ٿئي ٿو ۽ شهر جي مختلف پاڙن ۽ اهم جڳهين کان ٿيندو دٻيءَ واري روڊ وٽ ڳوٺ احمد آباد پلها وٽ ختم ٿئي ٿو، بلاڪ نمبر 3 ۾ صديقي، ميمڻ، انصاري، سيد، چنڙ، عباسي ڪلهوڙا، زرداري، خاصخيلي، چنا، سومرا، ٿهيم، پنهور ۽ چانڊيا محلا شامل آهن. هن بلاڪ ۾ درگاهه مخدوم فضل الاهي جو روضو، وهندڙي، پروفيسر امينه خميساڻي جو گهر، جسٽس زيڊ اي چنا جو بنگلو، سرفراز انصاري جو قديمي گهر، نامور پينٽر سائين عزيز الله سومري جو گهر ۽ سگهڙ فقير غلام نبي سومري جو گهر به هن ئي بلاڪ ۾ آهي.


[b]پاٽ شريف جي آسپاس وارا ڳوٺ
[/b]
[b]”اولهه طرف“
[/b] پاٽ شريف جي ڀرسان اولهه طرف ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ ڳوٺ مٺي واهڻ، رڪڻ، نئين ڪلري، مولوي تاج محمد چانڊيو، باغ حاضر چانڊيو، خدا بخش مهرائي، محمد قاسم چانڊيو، نوان چانڊيا ڪلر وارا، عبدالرحيم برهماڻي، سوجهرو چانڊيو، پلها، چڪڻ، شاهه آباد، ڇتو فقير چانڊيو، چهواڻ، اسلام پور، ڏاتاڻي، بهرام چانڊيو، آندل خان چانڊيو، حافظ عرض محمد کوسو، محب علي جوڻيجو، علي آباد، شريف آباد، پيارو ڳوٺ ۽ ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ شامل آهن.

پاٽ شريف جي آس پاس وارا ڳوٺ
”اوڀر طرف“
پاٽ شريف جي ڀرسان اوڀر طرف ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ پاٽ پراڻي، حافظ قاسم چانڊيو، دريائي ملاح، سيال، عرس ڀرٽ، مور ڀرٽ، رمضان ڪلهوڙو، گهلو، مرزو خان چانڊيو، گلشير ڀرٽ، ڪمدار حسن ڪلهوڙو، ميراڻي چانڊيا، يار محمد ڪلوئي، حاجي ڪنڀر، احمد ماڇي، غلام رسول ڀرٽ، ميهر ڀرٽ، يعقوب ماڇي، وزير لنڊ، ڀرٽ جي لانڍي، اندريون کاٽ، ڊکڻ ۽ هيٺ ڪچي طرف ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ شامل آهن، ڍنڍ جو وهڪرو به هن ئي ڪچي واري علائقي ۾ آهي.

[b]پاٽ شريف جي آس پاس وارا ڳوٺ
”ڏکڻ طرف“[/b]
پاٽ شريف جي ڀرسان ڏکڻ طرف ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ ڳوٺ اولڊ ڪلري، ٻڍاپور، حاجي بچل چانڊيو، حاجي فتح محمد چانڊيو، نور محمد ڀرٽ مورچو، ڪامل خان تيوڻو، محمد اسماعيل تيوڻو، عارب ڪلوئي، مشوري، علي بخش مهرائي، مظهر ماڇي، ٿلهو، کوکر، ڪمدار الهڏنو چانڊيو، علي خان کوسو، محمد ابراهيم کوسو، صادق کوسو، ڪمدار سومر کوسو، اسڪول وارا خاصخيلي، پڪيون لانڍيون، ڪيٽي جتوئي، گولي جو ڳوٺ، الهه آباد ۽ ڦلجي اسٽيسن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ شامل آهن.

[b]پاٽ شريف جي آس پاس وارا ڳوٺ
”اتر طرف“ [/b]
پاٽ شريف جي ڀرسان اتر طرف ڪيترائي ڳوٺ آهن جن ۾ ڳوٺ امير بخش سولنگي (ڪارڙا ماڇي)، عبدالله خان چانڊيو، احمد آباد پلها، ڪمال خان سولنگي، مخدوم ممتاز آباد، دٻي، پهلوان سيال، الهداد سيال، غازي خان چانڊيو فقير، دلاور چانڊيو، واريءَ جو ڳوٺ، خدا بخش پياراڻي چانڊيو، چڪ احمدي، پير شير، ڌڻي بخش چانڊيو، سعيد خان جوڻيجو، حاجي وزير چانڊيو، مير محمد چانڊيو، مير خان چانڊيو، پير ڪنڊو، ڊٻائي ڪلهوڙا، ڪمال خان چانڊيو، کاٽ ڪولاچي، ڪورائي ڪلهوڙا، حاصل چانڊيو، جعفر خان چانڊيو، خير محمد ڪٻڙا چانڊيا، ڀرٽ، مسو ڪنڍاڻي، امير بخش کوکر، ماڪوڙو ڪنڀر، گلڻ جا ڀاڻ، معروف جا ڀاڻ، ڏنڱر، ڪريمداد چانڊيو، گل محمد ڏوگر، راڄو ديرو، سيتا ننڍي، سيتا وليج، سيتا روڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ آهن.

[b]دادو تعلقي جي تپن ۾ پاٽ تپو به شامل
[/b] روينيو رڪارڊ مطابق دادو تعلقي ۾ جيڪي تپا شامل آهن، انهن 22 تپن ۾ پاٽ تپو به شامل آهي، هيٺ انهن تپن جا نالا پيش ڪجن ٿا.
(1) دادو (2) اي دادو (3) مخدوم صاحب
(4) اي مخدوم صاحب (5) باغبان (6) اي باغبان
(7) موندر (8) باداڻي (9) بکراڻي
(10) اي بکراڻي (11) خداآباد (12) اي خداآباد
(13) نورجا (14) اي نورجا (15) پاٽ
(16) اي پاٽ (17) پراڻو ديرو (18) اي پراڻو ديرو
(19) رپ (20)اي رپ (21) جُبيرجي
(22) اي جُبير جي

[b]سرڪلون[/b]
1. سرڪل دادو 2. سرڪل باداڻي 3. سرڪل پاٽ

[b]دادو تعلقي جي ديهن ۾ پاٽ ديهه به شامل
[/b] هتي دادو تعلقي جي 60 ديهن جا نالا پيش ڪجن ٿا، جيڪي روينيو رڪارڊ مطابق نمبر وار ڄاڻايل آهن ۽ انهن ديهن ۾ پاٽ ديهه به شامل آهي.
1. دادو 2. چوئي 3. ٻيلو چوئي
4. سيال 5. سنڌ واهه 6.مخدوم صاحب
7. خاصا چانڊيا 8. مرکپور 9. پيرڳڻيو
10. باغبان 11. ڪنڊي 12. جُنگُ
13. موندر 14. شاهاڻي 15. خشڪ
16. ڏاوڇ 17. باداڻي 18. ڦڪا
19. بٺي 20. پيرپنجاڻ 21. بکراڻي
22. وارياسو 23. سونهيون 24. پپري
25. دواٻو 26. خداآباد 27. خداآباد رعيتي
28. ڀنڊ 29. بٺ مالهو 30. ڪلهوڙا
31. ڪورپور 32. نورجا 33. ملڪاڻي
34.چرڻاٺ جاگير 35. نَوَ لکو 36 . دبي رعيتي جاکير
37. پاٽ 38. ڍورو ڏمريو 39. پڪو سيتا
40. ڪچو سيتا 41. پنبي 42. گهلو
43. پراڻو ديرو 44. پير ترهو 45. رعيتي جاگير
46. ماروي 47. کارڙو 48. ڪچو کارڙو
49. پڪو کارڙو 50. رپ 51. سامهين
52. ڪچو رپ 53. پڪو رپ 54. پلها
55. ٽڳا 56. جبير جي 57. سچارو
58. کيڙو 59. ڪينجهر 60 جاکپاري

[b]دادو تعلقي جون يونين ڪائونسلون جنهن ۾ يونين ڪائونسل پاٽ شريف به شامل آهي
[/b]1. پاٽ شريف 2. پيارو ڳوٺ
3. الهه آباد 4. موندر
5. مخدوم بلاول 6. يار محمد ڪلهوڙو
7. ڦڪا 8. سيال
9. پپري 10. مرادآباد 11. خدا آباد
10 جون 2015ع کانپوءِ جوڙيل نيون يونين ڪائونسلون
12. پير شاهنواز 13. پڪو سيتا
14. جبيرجي 15. پير ترهو
16. خاصا چانڊيا 17. نَوَ لکو
18. يوسي رَپُ

[b]پاٽ شريف جي آمد رفت جا ذريعا
[/b] پاٽ شريف جا ماڻهو مختلف هنڌن ڏانهن اچ وڃ لاءِ آمدرفت جا مختلف ذريعا استعمال ڪن ٿا. جيئن ته اڳ ۾ ڏورانهين سفر ڪرڻ لاءِ ٽرين يعني ريل گاڏي جو سفر آرامده ۽ سٺو لڳندو هو. پاٽ شريف جا ماڻهو به پنهنجي ڳوٺ کان ٽانگن ۾ چڙهي پراڻي ڪچي دڳ سان پياري ڳوٺ واري اسٽيشن تي پهچندا هئا ۽ پوءِ اتان ئي ٽرين ۾ چڙهي پنهنجي پنهنجي منزل طرف روانا ٿي ويندا هئا ۽ ٽرين مان لهندڙ ماڻهو وري ٽانگن ۾ چڙهي اچي پنهنجي ڳوٺ پهچندا هئا. وقت گذرڻ سان گڏ هر شيءِ تبديل ٿيندي پئي وڃي، خاص ڪري 1990ع کانپوءِ روڊ رستا پڪا ٿيڻ سان ماڻهن پنهنجي سهولت لاءِ موٽرسائيڪلون ورتيون، ان کان علاوه هتي ڊاٽسنون، وينون ۽ بسون به هلڻ شروع ٿي ويون، پاٽ کان دادو تائين هڪ مني بس به هلندي هئي جيڪا اشتياق انصاري جي هئي ۽ ان کانپوءِ استاد اميد علي واري جان جاني بس به ڪيترائي سال هلي، هاڻي ته چنگچي رڪشا نڪري پيا آهن، جن جي اچڻ کانپوءِ ٽانگن وارو دور پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، وڌيڪ سهولت ته ڪارن جي اچڻ کانپوءِ ٿي آهي. هن وقت پاٽ شريف ۾ به هي ٽيڪسي جي سهولت موجود آهي. هتان جا شهري خاص ڪري ڊرائيورن کي فون ڪري گهرائي وٺندا آهن ۽ ان کان علاوه پيارو اسٽيشن تي به ڪارن جو اڏو آهي، جتان ايمرجنسي ۾ ڪار ڪرائي تي ملي ويندي آهي. هتان جو واپاري، دڪاندار ۽ زميندار طبقو اناج وغيره ۽ ٻيو سامان وعيره شهزور گاڏي، ٽريڪٽر ٽرالي، ٽرڪ، اٺ گاڏي ۽ گڏهه گاڏي ذريعي موڪلي ٿو ۽ گهرائي ٿو. جنهن سان ڪيترن ئي پورهيتن جو روزگار ٿئي ٿو، موجوده دور ۾ ڏاند گاڏي به نه رهي آهي ۽ وقت گذرڻ سان سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي.

[b]آس پاس وارن ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا
[/b] پاٽ شريف جي چوڌاري مختلف رستا نڪرن ٿا، جيڪي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن وڃن ٿا، پاٽ شريف کان اولهه طرف ڇهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پيارو ڳوٺ آهي، جتي پيارو ڳوٺ ريلوي اسٽيشن ۽ دادو شگر مل آهي، هن وقت لنڪ روڊ آهي پر هتان اڄ کان 30 سال پهرين ڪچو دڳ هوندو هو. پاٽ شريف جي اوڀر ۾ ڪچي دڳ ذريعي هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي رستو آهي، جيڪو ايل ايس بچاءُ بند تائين پهچي ٿو. پاٽ شريف جي اتر ۾ ڳوٺ دُٻيءَ وارو لنڪ روڊ نڪري ٿو جيڪو مختلف ڳوٺن کان ٿيندو سيتا وليج تائين پهچي ٿو ۽ پاٽ شريف کان اتر طرف پاٽ واري موري (پل) کان به هڪ لنڪ روڊ نڪري ٿو جيڪو ڳوٺ ڏاتاڻي، بهرام خان چانڊيو ۽ آندل چانڊيو کان ٿيندو سيتا روڊ وٽ ختم ٿئي ٿو. پاٽ شريف جي ڏکڻ طرف ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولڊ ڪلري ڳوٺ وارو لنڪ روڊ نڪري ٿو، جيڪو ڳوٺ اولڊ ڪلري جي بچاءُ بند وٽ ختم ٿئي ٿو. جڏهن ته پاٽ واري موري جي ڏکڻ ۾ دادو ڪئنال واري ٽاپ سان به ماڻهن جي اچ وڃ آهي ۽ هن ٽاپ سان ڦلجي اسٽيشن ۽ ٻين ڳوٺن تائين آساني سان اچي وڃي سگهجي ٿو، پاٽ واري موري جي اتر طرف دادو ڪئنال واري ٽاپ سان شاه پنجون ۽ ٻين ڳوٺن تائين اچ وڃ جاري آهي.

[b]پاٽ شريف ۾ رهندڙ ماڻهن جون ذاتيون
[/b] پاٽ شريف ۾ مختلف قومن ۽ ذاتين وارا ماڻهو آهن ۽ هتي انهن ذاتين جو به ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي ماڻهو هاڻي هتان لڏي ويا آهن، پر ماضيءَ ۾ هتان جا رهاڪو هئا، هتي سيد، صديقي، هندو لهاڻا، جوڻيجا، انصاري، سومرا، چنا، ڀٽي، زرداري، پنهور، رند، پلهه، تيوڻا، ميمڻ، عباسي، ڪلهوڙا، مڱڻهار، چنڙ، جويا، پتوجا، لانگاهه، سولنگي، ملاح، ٿهيم، خاصخيلي، منگي، ڪنڀر ”گلال“، انڙ، شاهي، مهرائي، سنڌي بروهي، سنڌي پٺاڻ ”لوهر“، جوڳي، شاهي، چانڊيا، برهماڻي، ڏاهري، سرائي ”شيخ“، ڀرٽ، جانوري، لاهوري ميمڻ، سما، اوڏ، پنجابي، باگڙي، ملاح، پاتڻي ملاح، لاڙڪ ملاح، تيوڻا، نوناري، چاڪي، چارڻ، دايا ۽ ٻيون ذاتيون شامل آهن. هتي گهڻي ڀاڱي سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.

[b]پاٽ شريف جي وهندڙيءَ جو ذڪر
[/b] پاٽ شريف جي اتر ۾ وهندڙي آهي، جنهن مان ڍنڍ وانگر پاڻي جو وهڪرو آهي، هي وهندڙي دادو ڪئنال کان شروع ٿئي ٿي ۽ سومرا محلا وٽ ختم ٿئي ٿي، هن وهندڙيءَ بابت معلوم ٿيو آهي ته ماضيءَ ۾ درياءَ جڏهن پنهنجو رخ مٽائي اوڀر کان اولهه طرف وهڻ شروع ڪندو هو ته اهو پاڻي هتان پاٽ شريف جي وهندڙيءَ وٽان ٿيندو چڪڻ ڍنڍ ۾ پوندو هو ۽ چيو وڃي ٿو ته هتي هڪ پتڻ به هو جتان ٻيڙين ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ به هوندي هئي، هن وهندڙيءَ ۾ ڪنهن وقت ۾ بيهه، پٻڻ، لوڙهه، ڪوڻيون ۽ قُمَ ٿيندا هئا، جيڪي ماڻهو شوق سان کائيندا هئا ۽ هن ۾ جيڪا پن بيٺل هوندي هئي ان ۾ وري موسم آهر ٻوري ٿيندي هئي ۽ اها ٻُوري وري ڳوٺ دٻي جا ماڻهو پٽي خاص تيار ڪندا هئا. ڇو جو انهن کي ٻُوري ٺاهڻ جو خاص طريقو هوندو هو ۽ اها ٻُوري ڏاڍي ذائقيدار هوندي هئي. هن وهندڙيءَ جي پاڻيءَ ۾ مڇي به مرندي هئي ۽ وهندڙيءَ جي ڪجهه حصي ۾ جڏهن ماڻهن پاران ساريون يا گاهه وغيره پوکيو ويندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪنهن سائي چادر وڇائي ڇڏي هجي. مطلب ته تفريح جي حوالي سان هي وهندڙي هڪ خوبصورت جاءِ هئي. هن وقت وهندڙيءَ ۾ اهي رونقون ناهن ۽ شهر جي ڊرينيج سسٽم وارو پاڻي هن ۾ پوي ٿو جنهن سان اهو بيهندڙ پاڻي ڪڏهن ڪڏهن پوري شهر واسين واسين لاءِ بدبوءِ پيدا ڪري ٿو. اهڙي پاڻي جي نيڪال لاءِ هتي هڪ اسڪيم به جوڙائي وئي پر اها به ناڪام ٿي وئي.

[b]پاٽ شهر جا کوهه ۽کوهيون
[/b] پاٽ شريف ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻئي استعمال لاءِ اول هتي ڪجهه پاڙن ۽ محلن ۾ کوهه ۽ کهيون هونديون هيون خاص ڪري هتي ٽي وڏا کوهه مشهور هئا، هڪ چنا پاڙي ۾ هوندو هو، جنهن کي چنن وارو کوهه چوندا هئا، ٻيو درگاهه مخدوم فضل الاهي وارو کوهه هوندو هو، جنهن مان نارَ ذريعي پاڻي ڪڍيو ويندو هو، هن کي درگاهه وارو کوهه چوندا هئا ۽ اهو اڄ تائين به موجود آهي، ان کان علاوه سائين حبيب الله صديقي وارو کوهه ۽ شهر ۾ ميان امداد حسين قاضيءَ جي اوطاق تي به کوهي هوندي هئي. جنهن مان بازار جا ماڻهو ۽ پاڙي وارا پاڻي ڀريندا هئا، هيءُ کوهي لطيفي مسجد جي ڀرسان هوندي هئي ۽ قاضين واري کوهي سڏبي هئي. بازار ۾ هڪ ٻي کوهي به هوندي هئي جيڪا ماستر گل محمد عباسي جي هوٽل جي سامهون هوندي هئي، اهڙي طرح ڪافي پاڙن جي گهرن ۾ به ماڻهن جون کوهيون هونديون هيون، ان کانپوءِ نلڪن جي سهولت ٿي ۽ هاڻي ته بجلي تي هلندڙ پاڻيءَ وارن موٽرن ذريعي به ماڻهن کي آسانيءَ سان پاڻي فراهم ٿئي پيو، وقت گذرڻ سان ڪيتريون ئي شيون تبديل ٿينديون رهن ٿيون، هاڻي ته گهر گهر ۾ ٺڪر جي دلن ۽ مٽن جي جاءِ تي پلاسٽڪ جا ڪولر رکيا وڃن ٿا، هاڻي ته اهي کوهه ۽ کوهيون به لٽجي ويون آهن، جيڪي ماضيءَ جو ورثو هيون.

[b]آبپاشي نظام ۽ پاٽ سب ڊويزن
[/b] پاٽ شريف جي اولهه ۾ دادو ڪئنال آهي ۽ هن مان ننڍيون ننڍيون شاخون ۽ واهه نڪرن ٿا جن جي ذريعي پاڻيءَ تي زمينون آباد ٿين ٿيون، دادو ڪئنال جي ڪپرن تي وڻ رکيل آهن، جنهن جي ڇانو مان ماڻهن توڙي جانورن کي فائدو پوي ٿو. دادو ڪئنال جي رينج سکر کان ڀانن تائين آهي. پاٽ شريف ۾ به 1930ع کان وٺي ايريگيشن آفيس قائم ڪئي وئي ۽ هن کي اپ گريڊ ڪري 1974ع ۾ سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. پاٽ سب ڊويزن جي حد شاهه پنجو کان دادو تائين آهي. پاٽ سب ڊويزن جي ايريگيشن آفيس ۾ ايڊمنسٽريشن جي لاءِ آفيسون ٺهيون جنهن ۾ آفيسر ۽ ٻيو مقرر ٿيل اسٽاف سرڪاري طور تي پنهنجو ڪاروهنوار هلائيندا هئا، ان کان علاوه هتي آفيسرن ۽ ٻين مهمانن جي لاءِ هڪ ريسٽ هائوس به ٺهيل آهي، پاٽ سب ڊويزن تي جيڪي آبپاشي کاتي جا ايس ڊي او رهي چڪا آهن انهن مان ڪجهه آفيسرن جا نالا هي آهن: نظير احمد آرائين، خداداد وڌو، نعمت الله جتوئي، عبدالواحد ميمڻ، عبدالمجيد پنهور، عطا محمد جوڻيجو، گلشير ڇڄڙو، عبدالرشيد عباسي ۽ قربان علي کوسو شامل آهن. 1985ع کانپوءِ ڌاڙيلن جي اغوائن ۽ ڦرن جي واقعن کانپوءِ پاٽ شريف جي هي ايريگيشن آفيس به اجڙي وئي ۽ هتي ماضي ۾ آرمي فوج، ايف سي اهلڪارن ۽ حر جماعت جي فورسن پنهنجون ڪيمپون قائم ڪيون هيون، هن ايريگيشن آفيس ۾ هڪ نلڪو لڳل هوندو هو ۽ اونهاري جي موسم ۾ ان جو تمام ٿڌو پاڻي نڪرندو هو، آفيس جي اڱڻ ۽ آس پاس ۾ ڪجهه ٽالهي، پپر، ليار ۽ انبن جا وڻ به هوندا هئا، هاڻي ته هي آفيس ۽ ريسٽ هائوس ڪنهن ڀوت بنگلي جو منظر لڳن ٿا.

[b]پاٽ شريف جي ماڻهن جا ڌنڌا
[/b] پاٽ شريف جا ماڻهو مختلف ڌنڌا ڪن ٿا، جنهن ۾ دڪانداري، اناج جو واپار، چوپائي مال جو واپار، کير جو واپار، بهه جو واپار، واڻ جو واپار، ڪاٺ جو واپار، سبزي ۽ ميون جو واپار، سِرن جو واپار، مڇي ۽ گوشت جي ڪاروبار وغيره، کان علاوه دڪانداري به عام آهي ۽ چانهه جي هوٽلن کان وٺي ڪڏهن ڪڏهن مانيءَ جا هوٽل به کلندا آهن، هٿ جي هنرن ۾ ڀرت ڀرڻ،، رليون ٺاهڻ، سنڌي ٽوپيون ٺاهڻ، هٿ جا پکا ”ونجڻا“، کجيءَ جون دٻڪيون، ڪڻڪ جي تيلين مان ٺهندڙ دٻڪيون، لئيءَ جا کارا، ڪانن واريون ڪِڙيون، ڪانهن جو واڻ، مڃ جو واڻ ۽ پيش مان واڻ وٽڻ، چوپائي مال لاءِ خوبصورت ڳانيون ٺاهڻ سميت ڪيترائي ماڻهو هارپو ۽ محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪن ٿا.

[b]پاٽ شريف جي علائقي ۾ ٿيندڙ فصل ۽ ڀاڄيون
[/b] فصل ڀاڄيون
ڪڻڪ پٽاٽا
ساريون ٽماٽا
چڻا مرچ
مٽر گوبي
ڪمند پالڪ
جوئر ڀينڊيون
ڄانڀو واڱڻ
سرنهن ڪدو
وونئڻ ولتور
ٻاجهري بصر
تِرَ گوار
مڱ ڪريلو
سورج مکي گوگڙو
موري
گجر

[b]پاٽ شريف ۽ آس پاس واري علائقي ۾ پوکيل وڻ ۽ ميوا
[/b] وڻ ميوا گل
نم انب گلاب جو گل
ٻٻر ليمان موتئي جوگل
کٻڙ زيتون سورج مکي جو گل
ٻير ڇاهيون ڇٻرو وارو گلابي گل
آسرينهن گدرا
ٽالهي ڪيلا
باهڻ ڄمون
ڪرڙ توت
کجي نارنگي
بيدمشڪ
عملداس
ليار
ليسوڙي
مانجهاندڙي
گدامڙي

[b]پاٽ شريف لڳ آيل 2010ع واري ٻوڏ
[/b] 2010ع ۾ آيل ٻوڏ کي مها ٻوڏ به چيو ويو، هي ٻوڏ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ 1942ع ، 1971ع ۽ 1976ع واري آيل ٻوڏ کان تمام وڏي ٻوڏ هئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ متاثر ٿي، هتي اسين پاٽ شريف لڳ آيل بچاءُ بند وٽ ٻوڏ جو جائزو پيش ڪري رهيا آهيون، پهرين آگسٽ 2010ع تي هميشه جيان آيل ٻوڏ جو پاڻي معمول موجب ايل ايس بچاءُ بند سان لڳو، واضح رهي ته پاٽ شريف جي اوڀر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي جيڪو بچاءُ بند ڏنل آهي، ان کي ايل ايس، يعني لاڙڪاڻو سيوهڻ بند سڏيندا آهن، ٻوڏ جو پاڻي جڏهن وڌڻ لڳو ته ڪچي جي ماڻهن پڪي تي اچڻ جو رخ ڪيو ۽ پنهنجو مال متاع ۽ ٻچڙا وٺي محفوظ هنڌن ڏانهن پهتا، ڪي سرڪاري اسڪولن جي رليف ڪئمپن ۾ ويٺا ته ڪي مٽن مائٽن ڏانهن ويا.

[b]ڪچي جا ٻڏل ڳوٺ
[/b] ان وقت ۾ پاٽ شريف جي ڀرسان جيڪي ڪچي وارا ڳوٺ ٻڏا انهن ۾ ڳوٺ حافظ قاسم چانڊيو، عثمان چانڊيو، اندريو کاٽ، راڄو ديرو، امير بخش کوکر، وزير لنڊ، يعقوب ماڇي، حاجي ڪنڀر، ڪمدار حسن ڪلهوڙو، گلشير ڀرٽ، مور ڀرٽ، عرس ڀرٽ، سيال، راڄائي ملاح، ناصراڻي، ٻڍاپور، نور محمد ڀرٽ، مورچو، ڪامل تيوڻو، اسماعيل تيوڻو، عارب ڪلوئي، ميهر مشوري، علي نواز مهرائي، مظهر ماڇي، ٿَلهو ماڇي، کوکر، ڪمدار الهڏنو، علي خان کوسو، ابراهيم کوسو، صادق کوسو، ڪمدار سومر کوسو، قاسم پير، اسڪول وارا خاصخيلي، پڪيون لانڍيون، ڪي ٽي جتوئي، عارب مشوري، هوت خان چانڊيو، ڪمدار مقبول ڀرٽ، بهادر چانڊيو، پڪو اسڪول، خميسو چانڊيو، صادق ڪلوئي، ڏاوڇ، گهلي، صادق چانڊيو، لاکير ۽ ٻيا ڳوٺ شامل هئا، هن آيل ٻوڏ دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي ٻڏي فوت ٿيڻ جا واقعا پيش آيا، ڪيترن ماڻهن جو چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ اچڻ ۽ ان جي تباهين جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ موسمياتي تبديليون، وڻن جو ڪٽجڻ، ڪچي جي آبادي وڌڻ، پاڻي کي صحيح رستو نه ملڻ، بندن جو ڪمزور هجڻ، ادارن جي لاپرواهي ۽ ٻوڏ جي اڳڪٿي جو ناقص بندوبست شامل آهن.

[b]ڪي ٽي جتوئي واري بند کي ڏنل ڪٽ
[/b] 6 آگسٽ 2010ع تي پاڻي ۾ تمام گهڻو چاڙهه نظر آيو ۽ پاٽ شريف جي ڳوٺاڻن آبپاشي کاتي جي انجنيئر حبيب الله چانڊيو آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته درياءَ جي چاڙهه سبب بچاءُ بند کي مضبوط ڪيو وڃي، نه ته بند ٽٽڻ سان پاٽ شريف ۽ پڪي جي ٻين ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خطرو آهي، 10 آگسٽ 2010ع تي آرمي بچاءُ بند تي پهتي ۽ فوج بند جو ڪنٽرول سنڀاليو، پاٽ شريف جي هڪ رليف ڪيمپ ۾ امام علي چانڊيو کي پٽ ڄائو، 11 آگسٽ 2010ع تي سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق پاران ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو، 13 آگسٽ 2010ع تي ڪي ٽي جتوئي واري بند تي آرمي آفيسر جي او سي ميجر شوڪت اقبال پهتو، جنهن ٻوڏ بابت بريفنگ ورتي، ان موقعي تي ڊي سي او دادو اقبال ميمڻ، ڊي پي او دادو غازي صلاح الدين، ايگزيڪيوٽو انجنيئر آبپاشي حبيب الله چانڊيو ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ صحافي حضرات به موجود هئا، ان موقعي تي ڪي ٽي جتوئي جي زميندارن رئيس عاقب خان جتوئي، رئيس مصدق خان جتوئي، رئيس تعمور حسين جتوئي، رئيس فهد حسين جتوئي ۽ رئيس آصف خان جتوئي شرڪت ڪئي. آرمي آفيسرن، ضلعي انتظاميا ۽ جتوئي زميندارن گڏجي ڪي ٽي جتوئي واري بند جو جائزو ورتو ۽ جتوئي زميندارن چيو ته جيڪڏهن ڪي ٽي جتوئي واري بند کي ڪٽ ڏيڻ سان اسان جي زمينن کي نقصان رسي ٿو ۽ انساني جانيون بچي وڃن ٿيون ته ڀلي هن بند کي ٽوڙي پاڻي جي دٻاءُ کي گهٽايو وڃي، اسان کي زمينن کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون عزيز آهن، جتوئي زميندارن جي اهڙي فيصلي کي ساراهيو ويو ۽ 14 آگسٽ تي ڪي ٽي جتوئي واري بند کي ڪٽ ڏنو ويو.
سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي وڏي وهڪري جتي هزارين ڳوٺن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا، اهڙي صورتحال ۾ دادو تعلقي جي اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد شاهه پنهنجو ڳوٺ سيتا وليج کي بچائي ورتو، پاڻ ڳوٺاڻن کي چيائين ته اوهان مان ڪير به نه لڏي وڃي ۽ مان پنهنجي خاندان سميت اوهان سان گڏ آهيان ۽ پوءِ سيد محمد شاهه جي خرچ تي ڳوٺاڻن ڳوٺ جي چوڌاري رنگ بند ٻڌرائڻ ۾ سهڪار ڪيو ۽ ڳوٺ بچي ويو.

[b]۽ جڏهن پاٽ شريف جو شهر خالي ٿي ويو
[/b] 15 آگسٽ 2010ع بروز آچر تي شام جو چئين وڳي وارو اهو منظر وسري نه سگهندو، جڏهن اوچتو اها خبر پئي ته ڳوٺ حاجي بچل چانڊيو وٽان بند ٽٽي پيو آهي ۽ پاڻي پاٽ شريف جو رخ ڪيو آهي، بس پوءِ ته هر طرف افراتفري مَچي وئي ۽ گهٽين ۾ روڄ راڙو متل هو ۽ مٿان وري مينهن به وسڻ شروع ٿي ويو. مردن پاڻ کي حوصلو ڏيندي گهرڀاتين کي بچائڻ لاءِ محفوظ هنڌن ڏانهن رخ ڪيو، ٻارن ۽ عورتن ۾ دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون، ڪجهه ماڻهن جلدي جلدي پاٽ پراڻي واري دڙي جو رخ ڪيو، ڪجهه دادو ڪئنال واري ٽاپ تي نظر آيا ۽ ڪي وري پياري ڳوٺ ۽ سيتاروڊ واري رستي سان ويندي نظر آيا. هرڪو پنهنجي مدد پاڻ تحت نڪري رهيو هو، سرڪار پاران بچاءُ لاءِ ڪي خاص اپاءُ نه ورتا ويا، ڪي ٻڍڙا ۽ ٻڍڙيون جيڪي هلڻ ڦرڻ کان لاچار هئا، انهن کي پنهنجي جوان اولاد ڪلهن تي کنيو. ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي روئندي رڙندي ڏٺو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي پاٽ شريف جا گهر، گهٽيون ۽ ويڙها خالي ٿي ويا ۽ ڪنهن ڪنهن پاڙي ۾ ڪو ڪو ماڻهو گهرن جي حفاظت لاءِ نظر آيو، لڳ ڀڳ سج لٿي ڌاري اها خبر پئي ته بند کي لڳل روڻ بند ڪئي وئي آهي ۽ في الحال ڪوبه خطرو نه آهي، هوڏانهن ماڻهن جو اهو به چوڻ هو ته رب پاڪ پنهنجي مهرباني سان هن اوليائن جي شهر کي محفوظ رکيو، پوءِ ماڻهن گهرن ڏانهن واپسي ڪئي ۽ ڪيترائي ماڻهو ته پوءِ به خوف وچان سامان وغيره گاڏين ۾ کڻائي گهرڀاتين سميت مختلف شهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.

[b] بند کي خطرو ۽ ڳوٺاڻن جي همت
[/b] آبپاشي عملي مطابق رپورٽ ڏني وئي ته آر ڊي 57 سعيد خان چانڊيو جي ڳوٺ کان آر ڊي 62 حاجي بچل چانڊيو جي ڳوٺ تائين بند ڪمزور آهي، برسات پوڻ ۽ هوا لڳڻ سبب تيز ڇوليون بند کي پائي رهيون هيون، اهڙي صورتحال کانپوءِ پاٽ شريف، دٻي، پلها، رڪڻ، مٺي واهڻ، اولڊ ڪلري، سعيد خان چانڊيو، حاجي بچل چانڊيو ۽ حاجي فتح محمد چانڊيو جي سوين ڳوٺاڻن ڏينهن رات همت ڪري آبپاشي عملي سان گڏجي بند جون روڻيون بند ڪيون.

[b]سيتا روڊ کان پاٽ شريف کي ٻوڙڻ جي ڪوشش
[/b] 2010ع واري ٻوڏ جي عجيب صورتحال اها هئي ته هن ٻوڏ ذريعي ڪچي کان به پاڻي ۾ چاڙهه ٿيو ته وري غوث پور وٽ سنڌو درياءَ جي ”ٽوڙي بند“ کي لڳل گهاري وارو پاڻي پڪي جي مختلف علائقن مان وڏي تباهي مچائيندو دادو ضلعي جي حدن ۾ پهتو ۽ جڏهن پاڻي ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه کان ٿيندو سيتا روڊ جي جوهي بئراج وٽ پهتو ته سيتاروڊ ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن جي ماڻهن ۾ ڳڻتي ڇانئجي وئي ۽ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا، پاڻيءَ جي مسلسل چاڙهه سبب آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر آغا اعجاز طرفان حڪم جاري ڪيو ويو ته سيتاروڊ واري پاڻي کي پاٽ شريف وٽان رستو ڏئي درياءَ ۾ پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. چيف انجنيئر جي اهڙي حڪم کي پاٽ شريف جي رهواسين رد ڪري ڇڏيو، 3 سيپٽمبر 2010ع تي پاٽ شريف جي رهواسين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ پنهنجي ڳوٺائي اعليٰ آفيسرن کي هن صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ پوءِ انهن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي هن پلان کي ناڪام بڻايو ۽ شام جو ڪجهه آرمي آفيسر ۽ آبپاشي عملدار پاٽ شريف پهتا ۽ انهن مٿي رپورٽ ڏني ته جيڪڏهن سيتا روڊ کان پاڻي پاٽ شريف ڏانهن روانو ڪيو ويو ته اهو درياءَ تائين نه پهچي سگهندو، ڇاڪاڻ ته درياءَ جي علائقي واري سطح مٿانهين آهي، ان ڪري سيتا واري پاڻي کي اوڏانهن نه پر ڪنهن ٻئي رستي ڏانهن روانو ڪيو وڃي، جيڪڏهن پاٽ شريف ڏانهن پاڻي نيڪال ڪيو ويو ته اهو نيڪال نه ٿي سگهندو ۽ رهندو ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويندا.

[b]ڊي سي دادو طرفان الرٽ رهڻ جو حڪم
[/b] 7 سيپٽمبر 2010ع تي ڊي سي او دادو اقبال ميمڻ طرفان ميڊيا ذريعي اطلاع پهچايو ويو ته ايف پي بند جي پاسي واري ڳوٺ ميان جي ڪنڊي وٽان گهارو لڳو آهي، جنهن سان دادو تعلقي جون يارنهن يونين ڪائونسلون پاٽ شريف، مخدوم بلاول، پيارو ڳوٺ، الهه آباد، يار محمد ڪلهوڙو، موندر، ڦقا، سيال، پپري، مراد آباد ۽ خداآباد يوسيز جا سمورا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويندا، ڳوٺاڻن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي اهڙي اطلاع ملڻ کانپوءِ پاٽ شريف جي ماڻهن ۾ هڪ دفعو وري بيچيني پيدا ٿي وئي پر انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن ان گهاري کي بند ڪري ڇڏيو.

[b]ڪنهن ڪنهن ٻوڏ جو جائزو ورتو
[/b] پاٽ شريف لڳ آيل 2010ع واري ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ چونڊيل نمائندن، سياسي شخصيتن، ڪامورن، سماجي اڳواڻن ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ رپورٽرن بچاءُ بند جو دورو ڪري همدردي ڏيکاري، هن تڪ تان چونڊيل ايم اين اي ۽ مملڪتي وزير رفيق احمد جمالي، سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق، صوبائي وزير امير نواب، ايم پي اي عمران ظفر لغاري، ايم پي اي فياض ٻٽ، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، ايم پي اي رشيده پنهور، اڳوڻو ايم پي اي سيد محمد شاهه، قمبر خان لغاري، اڳوڻو وفاقي وزير لياقت علي خان جتوئي، اڳوڻو صوبائي وزير عاقب خان جتوئي، رئيس بابن خان پنهور، ڊي سي او دادو اقبال احمد ميمڻ، ڊي پي او دادو غازي صلاح الدين، جي او سي حيدرآباد ميجر جنرل شوڪت اقبال، آبپاشي انجنيئر حبيب الله چانڊيو، ايس ڊي او عبدالرشيد عباسي، اي ڊي او هيلٿ رفيق احمد ڪولاچي، پي پي ايڇ آءِ انچارج مولا بخش سولنگي، ڊاڪٽر غلام الله سمون ميڊيڪل آفيسر، ليڊي ڊاڪٽر روبينا طاهر آريجو، فرزانا اسماعيل، الڪريم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ جو چيئرمين حاجي ڪريم بخش صديقي ۽ سندس گهرواري آپا فخر ڪريم صديقي، يوسي پاٽ شريف جو اڳوڻو ناظم عبدالغني انصاري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن محمد اعظم ميمڻ، علي نواز برهماڻي، حاڪم علي بٺڙ، آفتاب احمد پنهور، جاويد احمد پنهور، پيرل خان کوسو، ناميارو رائيٽر ۽ سوشل ورڪر لطيف جمال، ايم بچل ڪلهوڙو، ڪي ٽي اين رپورٽر دادو نظام شيخ، ڪي ٽي اين اسپيشل اسائنمينٽ انچارج فيض کوسو، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش سيتاروڊ جو رپورٽر الهورايو کوسو، اصغر کوسو، سيتاروڊ جي ٻين صحافين امتياز علي ٻگهيو، سليمان سومرو، نفيس احمد سولنگي، اظهر علي ميمڻ، علي دمساز لاکير، نصير چنا، پيارو اسٽيشن جي صحافي ماجد علي پنهور، ظفر احمد لهٻر، شاهنواز چانڊيو، منور علي چانڊيو، نظير ڪنڀر ۽ جبل سنڌي کان علاوه دادو جي ٻين صحافين ولي چانڊيو، رضوان منگي، ولي محمد لنڊ، نياز چانڊيو، گلڻ ڀنڊ، سعيد سنڌي، طارق لغاري، فتاح شيخ، ڦلجي اسٽيشن جي رپورٽرن رانا نصرالله، شاهنواز سومرو، خالد عباسي، يعقوب کهڙو، غوث علي جهتيال ۽ ٻين جائزو وٺي هن علائقي جي فل ڪوريج ڪئي ۽ ان کان علاوه ڪيترين ئي اين جي اوز پاران هي علائقو وزٽ ڪيو ويو.

[b]دادو ضلعو ڪيترو متاثر ٿيو
[/b] 20 سيپٽمبر 2010ع تي ڊي سي او دادو اقبال احمد ميمڻ پاران عالمي ادارن کي دادو ضلعي جي ٻوڏ بابت جيڪا بريفنگ ڏني وئي ان مطابق دادو ضلعي جو 5 لک 61 هزار 866 ايڪڙ علائقو ٻڏي ويو، 28 هزار 60 ڳوٺ پاڻيءَ جي اثر هيٺ رهيا. 9 لک 25 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، 2 لک 24 هزار ايڪڙ فصل تباهه ٿيو، هڪ لک 68 هزار گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، 23 هزار 5 سئو دڪان ڊهي ويا، 37 ماڻهو ٻڏي فوت ٿيا، 223 ماڻهو سخت زخمي ٿيا، 32 هزار ماڻهن کي ڊائريا، 22 هزار ماڻهن کي چمڙي جي بيماري، 9 هزار ماڻهن کي مليريا بخار، 6 هزار ماڻهن جون اکيون خراب، 48 ماڻهن کي نانگ جا ڏنگ لڳا، 10 هزار ماڻهن کي ڪاري ڪامڻ ظاهر ٿي ۽ هنن ماڻهن جو علاج ڪيو ويو ۽ ان کان علاوه هزارين جانور مري ويا ۽ ڪيترن ئي بيمار جانورن کي ويڪسين ڪئي وئي، ان کان علاوه 366 ڪلوميٽر روڊ ختم ٿي ويا، 37 پليون ڊهي ويون، 552 پرائمري اسڪول، 36 سيڪنڊري اسڪول، 5 ڪاليج، 31 صحت مرڪز ۽ 17 زراعت کاتي جا دفتر متاثر ٿيا، هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران امدادي سرگرمين لاءِ 9 ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنا ويا. جڏهن ته خرچ 13 ڪروڙ 95 لک رپيا آهي. ڊي سي او جي چوڻ مطابق پاڻي هيٺ آيل علائقن ۾ ڪيترن ئي سالن تائين فصل جي پوکائي به نه ٿي سگهندي.
( بهرحال هيءَ هئي 2010ع جي مها ٻوڏ جي رپورٽ جنهن سان سموري سنڌ جا علائقا متاثر ٿيا ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جا منظر ڪيترن ئي سالن تائين نه وسري سگهندا، هڪ سروي مطابق 2010ع واري ٻوڏ تقريبن پوري پاڪستان ۾ تباهي آندي، جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيا ۽ 1740 کان وڌيڪ انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون، لکين گهر مسمار ٿيا، لکين ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويا، اقتصادي حالت پنجاهه ورهيه پوئتي ٿي وئي).

[b]پاٽ شريف ۾ ڌاڙيلن جون ڪارروايون
[/b] 1985ع کان 1990ع واري دور تائين پوري سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل هئي ۽ ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو هو، اهڙين وارداتن کان پاٽ شريف به بچي نه سگهي هئي، چيو وڃي ٿو ته هن تر جي مشهور ڌاڙيل پريل عرف پرو چانڊيو هڪ واردات دوران پاٽ شريف جي تعليمي ماهر ۽ استاد محمد بخش ميمڻ کي پراڻي پاٽ وٽان اغوا ڪري ويو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو پر ان کان اڳ ۾ پرو چانڊئي ڪڏهن به هن تر ۾ اغوا جي ڪابه واردات نه ڪئي هئي، ان کانپوءِ ڌاڙيلن جي ٻين ٽولن پاٽ شريف ۾ ڦرلٽ ۽ اغوائن جون وارداتون تمام گهڻيون ڪيون، جنهن ۾ رئيس سرفراز انصاري، نورالدين صديقي، منو ر حسين صديقي، رئيس سبزل جوڻيجو، بشير احمد ميمڻ، ماستر عبدالجبار چنا، ماستر فدا حسين خاصخيلي، ظهير الدين عباسي، ماستر پيرل ميمڻ، تاج محمد ميمڻ، محمد عالم ميمڻ ۽ هڪ معصوم نينگر پرويز احمد جوڻيجو سميت ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو. انهن مان گهڻن کان ڀنگ وٺي آزاد ڪيو ويو ۽ گهڻن کي مقامي ماڻهن جي سفارش تي فريءَ ۾ ڇڏيو ويو. هن تر جي مشهور ڌاڙيلن ۾ پريل عرف پرو چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، غلام قادر ملاح، وارث کوسو، امام بخش عرف امون کوسو، گل برهماڻي، واحد بخش عرف واحدو چانڊيو، عبدالڪريم عرف عدلو چانڊيو، صالح کوسو، گل حسن چانڊيو، کبڙ عرف کبڙو چانڊيو، مير چانڊيو، لطيف چانڊيو، آڍو ۽ ٽوهو ڌاڙيل سميت ٻيا به ڪيترائي هئا، جيڪي اڳتي هلي پوليس مقابلن دوران مارجي ويا ۽ ڪي ڌاڙيل ذاتي دشمنيءَ دوران مارجي ويا.

[b]پاٽ شريف تي بدامني جو اثر ۽ ماڻهن جي لڏپلاڻ
[/b] پاٽ شريف ۾ ڌاڙيلن جي ڦرلٽ ۽ اغوائن وارين وارداتن کان پوءِ هتان جي ماڻهن پاڻ کي محفوظ ڪونه سمجهيو ۽ پنهنجون عزتون بچائڻ خاطر هتان کان ٻين شهرن ڏانهن لڏڻ شروع ڪيائون، هتان اصلوڪن ماڻهن جي شفٽ ٿيڻ سان پاٽ شريف جي رونقن ۾ ڄڻ ته گهٽتائي ايندي وئي. هتان جا ماڻهو جڏهن مجبوري وچان پنهنجي اباڻي شهر کي جڏهن ڇڏي رهيا هئا ته هتان جي ڪيترين ئي فيملين کي روئيندي ۽ اوڇنگارون ڏيندي ڏٺو ويو، ڪي پنهنجي گهرن جي ڀتين کي چمندي موڪلائي رهيا هئا ته ڪي پاٽ جي عظيم مٽيءَ کي هٿن ۾ کڻي موڪلائيندا رهيا ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي اهي جايون، اهي گهٽيون، اهي اوطاقون ۽ آستانه ڄڻ ته ويران ٿيندا ويا. نوجوانن جي پڙهڻ واريون سرگرميون، انهن نوجوانن جون رانديون ۽ هڪ ٻئي سان چرچا ڀوڳ ۽ ٽهڪ به خاموش يادگار بڻجي ويا. هتان جي رئيسن ۽ نيڪ مردن جي اوطاقن ۽ بيٺڪن کي به ڄڻ نظر لڳي وئي، جتي ڪيترين ئي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويندو هو. نوڪري يافته ماڻهن جو صبح صبح سان تيار ٿيڻ ۽ سندن شانائتا لباس پائڻ به ڏسڻ وٽان هوندو هو. نياڻين جون هڪ ٻئي سان رانديون ۽ پڙهائي جون تياريون به ڄڻ ماضي جو قصو بڻجي ويا، ننڍڙن ٻارڙن جون ٻاتائي ڳالهائڻ واريون ٻوليون ۽ امڙين جون لوليون به ماٺار بڻجي ويون، سگهڙ جون ڪچهريون، راڳ رهاڻ ۽ ميلن ملاکڙن ۾ به گهٽتائي اچي وئي، الائي ڇو ڏسندي ڏسندي پاٽ کي ڄڻ ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي، ها هي اها ئي پاٽ آهي، جنهن جي گهٽيءَ مان جڏهن ڪا عورت گذر ڪندي هئي ته مرد ماڻهو شرافت وچان ڀت ۾ منهن هڻي بيهندو، ان کان علاوه شهر ۾ ڪو اوپرو ماڻهو ايندو هو ته ان کان پڇا ڪئي ويندي هئي، مطلب ته پاٽ شريف ۾ بدامني سبب ڪيترائي ماڻهو ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو ۽ ٻين شهرن ڏانهن لڏي ويا ۽ ڪيترن ماڻهن پنهنجي اباڻي ڪکن کي ناهي ڇڏيو، اميد آهي ته انشاءَالله هڪ ڏينهن پاٽ شريف جو اهو ساڳيو عروج واپس ورندو ۽ پاٽائي پنهنجي جنم ڀومي جي سار لهندا.

[b]مختلف برادرين جا خوني تڪرار
[/b] سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته شل جهيڙن جا منهن برن ڏي هجن، هلڪا ڦلڪا جهيڙا ته جتي ڪٿي ٿيندا رهن ٿا پر سنڌ جي جنهن به علائقي ۾ جڏهن ڪنهن به ذاتين وارن جا خوني تڪرار شروع ٿين ٿا ته ان علائقي جي زندگي ڏاڍي متاثر ٿئي ٿي، پاٽ شريف ۾ ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ به گذريل ڪيترن ئي سالن کان دشمنين جي باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ختم ٿي ويون، ڪي اپاهج ٿي ويا، ڪيتريون ئي عورتون بيواهه ٿي ويون، ڪيترين ئي امڙين کان پنهنجا ٻچڙا کسجي ويا، ڪيترن ئي پيئرن جا ڪونڌر پٽ ڪسجي ويا. ڪيترائي ڳوٺ ۽ ننڍا ننڍا شهر اجڙي ويا.