پاٽ شريف جا علماءَ بزرگ
[/b] مخدوم فضل الله صديقي پاٽائي، سيوهڻ مان لڏي پاٽ شريف پهتو ۽ پاٽ ۾ تدريسي عمل ۾ مشغول رهيو، پاٽ شريف ۾ مڪمل سڪونت اختيار ڪرڻ سبب پاٽائي مشهور ٿيو، مخدوم فضل الله هڪ وڏو عالم، اهل دل بزرگ ۽ فارسيءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو، ابتدائي تعليم مخدوم محمد عارف سيوهاڻي ۽ عبدالواحد سيوهاڻي کان حاصل ڪيائين، طريقت ۽ خلافت جو خرقو مخدوم محمد يوسف کنيارويءَ کان حاصل ڪيائين، هي بزرگ فقه جو به وڏو ڄاڻو هو، سندس تحريرون پڻ مشهور هيون، سندس مختلف تحريرن جا مسودا سنڌ جي مختلف قديم ڪتب خانن ۾ موجود آهن، مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان سندس فارسيءَ واري لکيل ڪتاب ”اصلاح المصلح المفتاح“ تمام گهڻي شهرت ماڻي، سنڌي ۾ لکيل ”ترتيب الصلواته“ به سندس مشهور تصنيف هئي، ان کان علاوه مخدوم سليم الله صديقي به هن بزرگ جو هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جنهن جو نالو آهي ”مخدوم فضل الله جو ڪلام“، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي، مخدوم فضل الله صديقي پاٽائي پاٽ شريف جي بزرگن جو نالو روشن ڪيو ۽ اهڙن بزرگن جي ڏنل فيض سبب پاٽ علم جو شهر سڏجڻ لڳو، هن بزرگ سن 1290هجري بمطابق 1873ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه پاٽ شريف ۾ آهي ۽ سندس نالي سان ”درگاهه مخدوم فضل الاهي“ پاٽ شريف قائم آهي.
[b]مخدوم حسن الله شاهه پاٽائي
[/b] مخدوم حسن الله پاٽائي ولد وهب الله صديقي پاٽائي سن 1850ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، هن ننڍپڻ ۾ پنهنجي چاچي مخدوم فضل الله وٽ تعليم حاصل ڪئي، جيڪو پنهنجي وقت جو عارف بالله بزرگ هو، مخدوم حسن الله جي ابتدائي تربيت اهڙي ماحول ۾ ٿي جو علمي بحث، شريعت جي پابندي، روحاني محفلون ۽ اخلاقيات جا درس سندس زندگيءَ جي معمولات ۾ شامل هئا، مولانا نور محمد ۽ سندس فرزند مولانا گل محمد شهدادڪوٽي ۽ مخدوم محمد شفيع پاٽائي جهڙا وقت جا وڏا عالم سندس استاد ۽ رهنما هئا، هن بزرگ وٽ هميشه عالمن ۽ فاضلن جون مجلسون متل هونديون هيون، مخدوم حسن الله پاٽائي پاٽ شريف کانسواءِ سونو جتوئي، مٽياري، درٻيلي ۽ سيوهڻ وغيره ۾ درس و تدريس ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ گهڻو وقت اتي گذاريو، سڄي سنڌ ۾ اهڙا سوين نالا آهن جن مخدوم حسن الله پاٽائي کان فيض حاصل ڪيو، انهن مان ڪجهه نالا هي آهي پير غلام مُجدد سرهندي متعلوي مٽياري، مولانا دين محمد وفائي، مخدوم قاضي بصرالدين سيوهاڻي، مخدوم معين الدين سيوستاني، حافظ محمد صادق، مولوي محمد سليمان ٻنوي، مولانا بوالفيض غلام عمر جتوئي، مولوي شهاب الدين هالائي، مولوي محمد صديق سيتائي، مولوي خير محمد جوڻيجو، مخدوم محمد دائود درٻيلائي، مخدوم غلام احمد ملڪاڻي ۽ مخدوم قاضي نصرالله صديقي پاٽائي وغيره شامل آهن، مخدوم حسن الله پاٽائي مختلف علومن جو وڏو ماهر عالم ۽ فقهي مسائل جو محقق فاضل ۽ ڪامل هو، مخدوم صاحب ڏاڍو تکو لکندو هو ۽ ڪنهن به سوال تي جواب ڏيڻ دوران اهڙا ته شرعي دليل ۽ حوالا پيش ڪندو هو جو سوال پڇڻ وارو مطمئن ٿي ويندو هو، ان وقت جا ڪيترائي حڪمران، عالم ۽ ٻيا ماڻهو کائنس تحريرون ڪڍرائي مختلف مسئلن بابت فتوائون جاري ڪرائيندا هئا ۽ مخدوم صاحب ڪنهن به ڪاغذ تي ڪجهه به تحرير ڪندو هو ته ان جي آخر ۾ پنهنجي خاص مهر لڳائيندو هو، چون ٿا ته ان وقت جو واليءَ سنڌ مير شداد خان ٽالپر مخدوم حسن الله جي علمي قابليت مان ايترو ته متاثر ٿيو جو پاڻ پاٽ شريف ۾ هن ڪامل انسان سان خاص ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو. مخدوم صاحب جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جيڪي علمي ذوق ۽ فقهي ڄاڻ جو ثبوت آهن، سندس علمي تصنيفون اڄ به سنڌ جي قديم ڪتب خانن ۾ موجود آهن، مخدوم حسن الله پاٽائي جا فارسي زبان ۾ لکيل ڪتاب هي آهن (1) انساب مشائخ سيوستان، (2) نورالعينين في اثبات علم الغيب للسيد الثقلين، (3) اسماءَالحسنيٰ، (4) تحفته اوليٰ الالباب في رد علي طاعن الاصحاب، (5) ڪحل البصرته شامل آهن، هنن ڪتابن مان ڪجهه ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما پڻ سندس ڏوهٽي مخدوم علي گوهر صديقي ڪيا آهن ۽ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايا ويا آهن، مخدوم حسن الله پاٽائي کي مختلف لقبن سان سڏيو ويندو هو، سرتاج العلماءَ، مفتي اعظم، قاضي القضاته افقه الفقه في سند مخدوم حسن الله شاهه الصديقي الپاٽائي وغيره، درويشانه زندگي گذاريندڙ هر دلعزيز هن بزرگ مخدوم حسن الله پاٽائي 20 ربيع الاول 1339 هجري بمطابق 15 ڊسمبر 1920ع تي هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي، سندس آخري آرامگاهه درگاهه مخدوم فضل الاهي پاٽ شريف جي روضي ٻاهران پيرانديءَ ۾ آهي.
[b]مخدوم دين محمد پاٽائي ڀٽائيءَ رح جو دوست
[/b] مخدوم دين محمد ولد مفتي عبدلواحد ڪبير سن 1113هجري تي پاٽ ۾ ڄائو، هي بزرگ وڏو عالم ۽ فقيه هو، ڪتابن ۾ روايت آهي ته هي بزرگ مخدوم دين محمد پاٽائي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو دوست هو ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم دين محمد پاٽائي ۽ ڀٽائي رح سرڪار ٻنهي پنهنجون دستارون هڪ ٻئي کي پارايون هيون ۽ پڳ مٽ يار بنيا هئا، هي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ هڪٻئي جا دوست ٿيا، مخدوم دين محمد پاٽائي کي جڏهن سيوهڻ جو قاضي مقرر ڪيو ويو ته هن پاٽ مان لڏي سيوهڻ سڪونت اختيار ڪئي ۽ سن 1192هجري ۾ وفات ڪيائين.
[b]مخدوم حافظ شفيع محمد صديقي پاٽائي
[/b] مولانا مخدوم حافظ شفيع محمد صديقي ولد احمدي صديقي سن 1835ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، مخدوم حافظ شفيع محمد پاٽائي ابتدائي تعليم مخدوم فضل الله صديقيءَ کان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ ٻين مڪتبن ۾ درس حاصل ڪيائين، سورنهن سالن جي ڄمار ۾ قرآن شريف ياد ڪيائين، سندس ذهانت جو اعليٰ ثبوت اهو ئي ڪافي هوندو هو جو کيس تفسير، حديث ۽ فقه وغيره جي وڏن وڏن ڪتابن جا حوالا برزبان ياد هوندا هئا، کيس سنسڪرت زبان تي به عبور حاصل هوندو هو، مخدوم شفيع محمد پاٽائي سنڌ ۾ حق بخشائڻ ۽ قرآن پاڪ سان شادي ڪرائڻ جهڙين غلط ۽ غير اسلامي رسمن جي خلاف هو، جڏهن کيس معلوم ٿيندو هو ته ڪنهن امير ماڻهو يا وڏيري جي گهر ۾ غير شادي شده نياڻيون ويٺيون آهن ته پاڻ مختصر جماعت ساڻ ڪري انهن جي در تي پهچي کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ پوءِ نتيجي طور ڪيترائي امير ماڻهو پنهنجي نياڻين کي اٿارڻ جو پڪو واعدو ڪندا هئا، پاڻ پاٽ شريف ۾ مدرسو به قائم ڪيائين ۽ ڪيترن ئي طالب علمن جو خرچ پاڻ برداشت ڪندو هو، سندس تحريرن ۾ تفسيرالم، قصيده برده شريف جو منظوم ترجمو، فارسي ۾ لکيل دربيان اصول طريقه تصوف، تحف الهند جو سنڌي ترجمو ۽ المعاني مولف سعد الدين تفتازاني وغيره شامل آهن. صوفياڻي طبيعت رکندڙ هن باڪمال عالم سن 1898ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه پاٽ شريف ۾ دادو ڪئنال جي ڀرسان آهي.
[b]علامه مخدوم محمود صديقي پاٽائي
[/b] علامه مخدوم محمود صديقي پاٽائي ولد ميان مخدوم محمد صالح جي ولادت به پاٽ شريف ۾ ٿي، هي بزرگ به پنهنجي وقت جو وڏو عالم، مفتي ۽ صوفي منش انسان هو، شروعاتي تعليم حاجي حسن الله کان حاصل ڪرڻ بعد اجمير شريف ويو، جتي مولانا معين الدين چشتي وٽ درس حاصل ڪيائين، اتان موٽڻ کانپوءِ پاڻ به درس و تدريس سان وابسته رهيو ۽ حڪمت جو به وڏو ماهر هو، علامه مخدوم محمود صديقي عربي ۽ فارسي جو وڏو اديب هو، عام مسئلن تي سندس ڪتاب به لکيل آهن، هن بزرگ سن 1351هجري بمطابق 1932ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار درگاهه فضل الاهي پاٽ شريف جي روضي مبارڪ جي اندر آهي.
[b]قاضي احمدي ڪبير پاٽائي
[/b] قاضي احمدي ولد قاضي محمد سعيد ٽالپرن جي حڪمراني واري دور پاٽ شريف ۾ قضا واري منصب تي مقرر هو، قاضي مقرر ٿيڻ بعد هن پاٽ شريف واري علائقي ۾ بهتر نموني ۽ ايمانداري سان پنهنجو منصب سنڀاليو، سندس رحلت سن 1842ع ۾ ٿي، سندس سندس ٻه فرزند حاجي علي گوهر ۽ مخدوم حافظ محمد شفيع پڻ سندس وفات کانپوءِ قضا جي منصب تي مقرر ٿيا.