لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽ شريف جي ماڻهن جا هٿ جا هنر ۽ مشهور شيون

[b] هٿ جا هنر
[/b]
سنڌ جي ٻين علائقن جيان پاٽ شريف ۾ ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ پورهيت ماڻهو هٿ جي هنر ذريعي پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا، ڪي ڪي سگهڙ عورتون ۽ مرد حضرات هٿ جي هنر يا دستڪاري ۾ وڏي مهارت رکن ٿا ۽ قدرت طرفان مليل ان نعمت جو شڪر ادا ڪندي زندگيءَ جو ڪاروهنوار بهتر نموني هلائين پيا، هٿ جي هنرن بابت هيٺ ڪجهه ذڪر پيش ڪجي ٿو.

[b]ڀرت[/b]: پاٽ شريف جي ڪيترن ئي گهرن ۾ عورتون ڀرت ڀرينديون آهن، عام طرح ڀرت آر يا سئيءَ ذريعي ڀريو ويندو آهي ۽ فريم ۾ ٽاڪو ٽاڪو ڪري مڪمل ڪيو ويندو آهي، ڀرت ڀرڻ لاءِ رنگين ريلين جو ڌاڳو ۽ رنگين ڳوٽا استعمال ڪيا ويندا آهن، هن علائقي ۾ ڀرت جا جيڪي قسم يا نمونا تيار ڪيا ويندا آهن، انهن ۾ ڪينويز، هرمچو، ڪنڍي، ڪچو ٽاڪو، پڪو ٽاڪو، موتي ٽاڪو، بينظير ڀرت، ريوڙي ڀرت، گج ۽ اڀي سئي وغيره شامل آهن، هن ڀرت سان چولا، پهراڻ، پاچا، روا، وهاڻا، چادرون، رومال وغيره ڀريا ويندا آهن.

[b]سنڌي ٽوپي:[/b] سنڌي ٽوپي سنڌ جي ثقافت ۽ سونهن آهي ۽ سنڌي ٽوپي ٺاهڻ جو فن اڃا تائين سنڌ ۾ زنده آهي، پاٽ شريف ۾ به ڪيترائي مرد توڙي عورتون سنڌي ٽوپي ٺاهڻ ۾ ماهر آهن، هر علائقي جي سنڌي ٽوپيءَ جي ڊزائين ۽ بيهڪ پنهنجي پنهنجي آهي، هتي دادو ضلعي ۾ جيڪا ٽوپي پاتي وڃي ٿي، اها ئي ڊزائين هتي به تيار ڪئي وڃي ٿي، ٽوپي ٺاهڻ دوران جيڪي شيون استعمال ٿين ٿيون، انهن ۾ بڪرم، ڪپڙو، ڌاڳو، ڳوٽا، موتي، ستارا، هيرا، ٽڪون ۽ ڪلاباز شامل آهن.

[b]موڙ ۽ ڳانا:[/b] موڙن ۽ ڳانن جو ذڪر خاص ڪري سنڌي سهرن يا لوڪ گيتن ۾ ڪيو ويندو آهي، ڪنهن ننڍڙي گهوٽ جي طهر جي رسم هجي يا ڪنهن نوجوان جي شادي هجي، ان ۾ جڏهن گهوٽن کي نرڙ تي موڙ ۽ ٻانهن ۾ ڳانو ٻڌبو آهي ته سچ پچ اها رسم ان خوشيءَ ۾ چار چنڊ لڳائيندي آهي، پاٽ شريف جي ڪجهه گهرن ۾ اهي موڙ ۽ ڳانا ٺاهيا ويندا اهن، جوڳياڻيون عورتون هن هنر ۾ تمام گهڻيون ماهر آهن.

[b]سڳيون ۽ اڳٺ[/b]: پاٽ شريف جي جوڳي پاڙي جون جوڳياڻيون فقير عورتون سڳين ۽ اڳٺ ٺاهڻ جون به وڏيون ماهر آهن، هو سڳين جا مختلف قسم تيار ڪنديون آهن، جنهن ۾ هڪڙيون سڳيون هلڪيون ۽ ساديون هونديون آهن ۽ ٻيون سڳيون وري سٺي ڪوالٽيءَ واريون هونديون آهن، جنهن ۾ سٺن ڳوٽن جو استعمال ۽ پٽ لڳايو ويندو آهي ۽ ان ۾ شيشا لڳائي رنگين زريءَ سان سجائي تيار ڪيون وينديون آهن، اڳٺ وري هڪ ڪاٺ جي خاص فريم تي ٺاهيا ويندا آهن، جنهن کي ڪارچو چئبو آهي ۽ هي به وڏي محنت سان تيار ٿيندو آهي.

[b]رِلي[/b]: پاٽ شريف جي ڪيترن ئي گهرن ۾ عورتون رليون ٺاهينديون آهن ۽ انهن رلين جا ڪيترائي نمونا يا ڊزائنون هونديون آهن، هنن رلين ۾ ڀلي ۾ ڀلي رلي ٽڪ واري رلي هوندي آهي، جيڪا گهوٽن جي سيج لاءِ خاص ڪري استعمال ڪئي ويندي آهي، ان کان علاوه پڙين واري رلي، ٽاپ واري رلي تيار ڪئي ويندي آهي، ڪي ڪي ماهر عورتون بال، گلاس ، پانو، جهاز وغيره جي ڊزائين واريون رليون به تيار ڪنديون آهن.

[b]دٻڪيون[/b]: پاٽ شريف ۽ ان جي ڪجهه آس پاس وارن ڳوٺن ۾ دٻڪيون به تيار ڪيون وينديون آهن، دٻڪيءَ کي پنڊي به چيو ويندو آهي، هيءَ ڪڻڪ جي تيليءَ مان ۽ کجيءَ جي ڦرهي مان به تيار ڪئي ويندي آهي، خاص ڪري عورتون هن جي ٺاهڻ ۾ وڏي مهارت رکن ٿيون، ڪڻڪ جي تيلين مان ڪي ڪي اهڙيون ته خوبصورت ۽ سينگاريل دٻڪيون تيار ڪيون وينديون آهن، جو ڪيترائي ماڻهو پنهنجي گهرن ۽ ثقافتي ڏهاڙن يا خاص موقعن تي اسٽيج تي به سجائي ڇڏيندا آهن، دسترخوان تي جيڪڏهن ماني کائڻ مهل دٻڪي نه هوندي آهي، اهو دسترخوان اڻپورو هوندو آهي.

[b]کارا[/b]: پاٽ شريف جي ڪچي ۽ پڪي جي علائقي ۾ رهندڙ ڪيترائي پورهيت کارن ٺاهڻ جا به ماهر آهن، هي جڏهن ٻني ٻاري تي يا مال چارڻ جي ارادي سان وڃن ٿا ته پنهنجي قيمتي وقت کي ضايع نٿا ڪن، هي پورهيت لئيءَ مان سنها ۽ ڊگها تلهڙ پٽي انهن مان ويهي کارا ٺاهيندا آهن، ڪي وري ٻهراڙيءَ جون ڪيتريون ئي عورتون گهرن ۾ ويهي ننڍا ۽ وڏا کارا ٺاهينديون آهن ۽ اهي کارا سندن گذر سفر جو به ذريعو آهن.

[b]پاٽ شريف جي مشهور برفي[/b]: پاٽ شريف جي برفي هندن جي وقت کان وٺي مشهور آهي، چون ٿا ته ماضيءَ ۾ پاٽ شريف جي پراڻي بازار ۾ ڪجهه هندن جا گهر به هئا ۽ اتي هڪ پوهو مل واڻيو به رهندو هو ۽ ان پوهومل جي گهر ڀرسان مندر به هو، جتي هندو پنهنجي پوجا پاٺ به ڪندا هئا، ان پوهومل بابت معلوم ٿيو آهي ته هي برفي ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر هو ۽ سندس برفي تمام گهڻي ذائقيدار هوندي هئي ۽ هي برفي پري پري تائين مشهور هئي، پوهومل کانپوءِ هتان جي ٻن ڀائرن خير محمد ۽ فيض محمد نوناري ”چنا“ به سٺي برفي ٺاهڻ سکي ويا ۽ هنن ٻنهي ڀائرن پوهومل کان ئي برفي ٺاهڻ جي سکيا ورتي هئي ۽ پاٽ جا ماڻهو هنن جي ٺاهيل اسپيشل برفي ٻين شهرن ڏانهن سوکڙي ڪري موڪليندا هئا، فيض محمد جا پٽ غلام رسول ۽ نبي بخش به برفي ٺاهڻ جا سٺا ڪاريگر رهيا ۽ هن وقت خير محمد جا ٻه پٽ روشن علي ۽ عاشق علي ۽ روشن علي جا پٽ اسد علي، ارسلان، آصف علي ۽ فهد به تمام سٺي برفي تيار ڪندا آهن، هنن پونئيرن پنهنجي وڏڙن جي برفي ٺاهڻ واري فن کي زنده رکيو آهي، هندن جي دور وارن ڪاريگرن هرو، ڀيرو ۽ پوهو واري برفي اڄ تائين مشهور آهي.

[b]هٿ واريون سيون:[/b] پاٽ شريف جي گهر گهر ۾ هٿ وارين سين ٺاهڻ جو رواج به عام هو، خاص ڪري عيد براد ويجهو ايندي ئي سين جي ٺاهڻ جي تياري ڪئي ويندي هئي، وڏڙيون عورتون پنهنجي گهر جي ٻين عورتن سان گڏجي ويهي اٽو ڳوهينديون هيون ۽ اهو اٽو ڪڻڪ جو خاص سنهو اٽو پيٺل هوندو هو، ان کي ٿالهه ۾ ڳوهي پوءِ سين واري مشين کي کٽ جي ٻانهيءَ سان مضبوط ڪري ٻڌندا هئا ۽ ان سين واري مشين کي کٽ سان ٻڌڻ ۾ مرد حضرات سندن مدد ڪندا هئا، ان مشين جي لوهي حصي جي پٺيان هڪ ڪاٺ جي تختي هوندي هئي، جنهن تي ڪوبه ماڻهو ويهي مشين جي هٿئي کي گول ڦيرائيندو هو ۽ ان دوران گهر جون مايون ان ڳوهيل اٽي مان پيڙا يا چاڻان ٺاهي انهن کي تيل هڻي مشين جي منهن ۾ وجهنديون وينديون هيون ۽ هٿئي گهمائڻ سان مشين جي هيٺان لڳل سنهن سوراخن واري ڇاڻيءَ مان سيون ڌاڳي وانگر نڪرنديون وينديون هيون ۽ انهن سين کي ڄاري مان هٿن تي ڇڏائي کٽ تي رکبو ويندو هو ۽ کٽ ڀرجي ويندي هئي ته وري ٻي کٽ تي اهي سيون رکيون وينديون هيون، کٽ تي رکڻ جو مقصد اهو هوندو هو ته جيئن اهي آليون سيون وائکيون ڪري سڪائجن، سين ٺاهڻ کانپوءِ پاڙي جون عورتون پڇا ڪنديون هيون ته ادي اوهان سين جا ڪيترا هٿ ٺاهيا، پوءِ انهن کي تعداد ٻڌايو ويندو هو، هنن هٿ وارين سين جو خاص ذائقو ۽ سواد هوندو هو، هنن کي اول پاڻي ۾ اوٻاري ۽ وري ڪنهن ۾ ڇاڻي پوءِ سيون ڪنهن ٿالهه ۾ وجهي انهيءَ ۾ مکڻ ۽ مٺائي جنهن کي مُستي به چيو ويندو هو، مِلائي پوءِ گهر جي ڀاتين کي کائڻ لاءِ اهي سيون ڏنيون وينديون هيون ۽ پاڙي اوڙي وارن ڏانهن به موڪلبيون هيون، هاڻي ته ٻهراڙي ۾ ڪٿي ڪٿي اهي هٿ واريون سيون ٺاهيون وڃن ٿيون، نه ته شهرن جيان دڪانن تان سيون ورتيون وڃن ٿيون، شايد اسان پنهنجي اصلي ريتن رسمن کان ڄڻ ته دوري اختيار ڪندا پيا وڃون، يا اسان مان محنت موڪلائي وئي آهي ۽ پڪي پڪائي ڏانهن ڊوڙ آهي.

[b]پيرون[/b]: پاٽ شريف جي اوڀر ۾ پاٽ پراڻي تي ۽ ستين واري درگاهه ڀرسان پلهن ۽ دٻي واري ڪچي دڳ سان کٻڙن جا وڻ هوندا هئا، جن ۾ مند آهر پيرون ٿيندا هئا ۽ اهي پيرون ڏاڍا مٺا هوندا هئا، ڪيترائي ماڻهو لوٽا هٿ ۾ کڻي انهن ۾ ٿورو پاڻي وجهي پيرون پٽي انهن لوٽن ۾ وجهي گهر کڻي ويندا، کٻڙ مان اهي پيرون پٽبا هئا جيڪي رسيل هوندا هئا، هاري ناري ايندي ويندي پيرون پٽي پاٽ جي زميندارن لاءِ سوکڙي طور کڻي ايندا هئا، هاڻي ته کٻڙن جا وڻ وڍجي ويا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي کٻڙ نظر اچن ٿا.

[b]کنڀيون[/b]: پاٽ شريف جي بچاءُ بند هيٺان اوڀر طرف ڪچي جو علائقو آهي، هتي جڏهن درياءَ جو چاڙهه ٿيندو آهي ۽ پوءِ وري جڏهن اهو درياءَ جو پاڻي بند سان لڳي وري واپس لهي ويندو آهي ته ڪچي ۾ ڄڻ رونق ايندي آهي، ڪٿي ڪٿي سڪي زمين يا وارياسي زمين تي قدرتي طور تي کنڀيون ڦٽي نڪري اينديون آهن، يا وري برسات پوڻ تي به کنڀيون نڪرنديون آهن ۽ ان اڇي رنگ وارين کنڀين کي ماڻهو پٽي ڪچيون به کائيندا آهن ۽ گهر ۾ پچائي ڀاڄي به تيار ڪئي ويندي آهي، مطلب ته کنڀي به قدرتي نعمتن مان هڪ آهي، جنهن جي کائڻ سان خاص ذائقو محسوس ٿيندو آهي.

[b]ماکي[/b]: پاٽ شريف لڳ ڪچي جي علائقي ۾ ڍنڍ جي اوڀر ۾ ڪيترائي وڻ آهن، خاص ڪري مختلف زميندارن وڏيري نورل ڀرٽ، سيد جان محمد شاهه، سيد نور خان شاهه ۽ ٻين زميندارن جي ٻنين ۾ گهاٽا وڻ آهن ۽ انهن ۾ جڏهن ماکي ويهندي آهي ته مقامي ماڻهو اتان اها ماکي لاهي پنهنجي ڪتب آڻيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو ته پڪي جي وڻن ۾ ويٺل ماکي به وڏي مهارت سان لاهيندا آهن، هن ماکي ۾ ڪابه ملاوٽ نه هوندي آهي، هن ماکي کي اصل يا نجي ماکي سڏبو آهي، جيڪا ڪيترين ئي بيمارين ۾ کائڻ سان فائدو ڏئي ٿي.