پاٽ شريف جا ميلا ملاکڙا، خفت ۽ رانديگر
[b]سيد ناصر شاهه لڪياريءَ وارو ميلو
[/b] پاٽ شريف جي مشهور درگاهه سيد ناصر علي شاهه لڪياري جو هر سال ساليانو ميلو ٿڌي موسم ڊسمبر ۾ لڳرايو ويندو آهي ۽ ٽن ڏينهن تائين لڳندڙ ان ميلي جي سرپرستيء درگاهه جو گادي نشين سيد سڪندر علي شاهه ڪندو آهي، ميلي جي پهرين ڌمال تي مزار تي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو ويندو آهي ۽ ان کانپوءِ ميلي ۾ باقاعده دڪاندار وڏيون وڏيون بازارون سينگاريندا آهن ۽ انهن دڪانن تي کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ٻارڙن لاءِ رانديڪا، چوپائي مال لاءِ سينگار جو سامان موجود هوندو آهي، ان کان علاوه تفريح لاءِ ميجڪ شو، جهولا، خوفناڪ جانورن جي نمائش سان گڏ ميوزيڪل پروگرام به ٿيندا آهن، جنهن ۾ هتان جا مقامي فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا آهن، ان کان علاوه ٽنهي ڌمالن تي ملاکڙو به ٿيندو آهي، جنهن ۾ اڪبر علي برهماڻي جي سهڪار سان ملاکڙي جو انچارج محمد بخش رستماڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ملهه پهلوان گهرائيندو آهي ۽ اهي ملهه پهلوان ملاکڙي جي ميدان ۾ لهڻ کانپوءِ زور آزمائي ڪندا آهن ۽ ماڻهن جو وڏو تعداد ان ملاکڙي ۾ گڏ ٿيندو آهي ۽ کٽيندڙ ملهه پهلوان کي روڪ انعام ڏنو ويندو آهي.
[b]سيد حافظ علي اڪبر شاهه جيلاني جو ميلو
[/b] پاٽ شريف لڳ ڳوٺ نيوڪلري ۾ هر سال شوال مهيني جي 11، 12 ۽ 13 تاريخ تي صوفي بزرگ سيد حافظ علي اڪبر شاهه جيلاني جو ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي، موجوده وقت ۾ درگاهه جو گادي نشين سيد پنهل شاهه آهي ۽ ان کان اول گادي نشين جون ذميواريون سيد سڪندر علي شاهه حوالي هيون، سيد حافظ علي اڪبر شاهه واري ميلي کي ماڻهو سيد پنهل شاهه وارو ميلو به چوندا آهن، سيد پنهل شاهه سيد علي اڪبر شاهه جو فرزند هو، جيئن ته ميلي جي پهرئين ڏينهن تي هن درگاهه جو گادي نشين ۽ سيد خاندان سان تعلق رکندڙ فرد ۽ مريد خادم دهلن شرنائين سان درگاهه جي بزرگن تي چادر چاڙهي افتتاح ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن، ياد رهي ته سيد علي اڪبر شاهه جيلاني جي درگاهه پاٽ شريف ڀرسان قاضي قاسماڻي واري قبرستان ۾ آهي پر هي ساليانو عرس مبارڪ يا ميلو سندن ڳوٺ نيوڪلري ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ پري پري کان خلق گڏ ٿيندي آهي، ميلي ۾ خوبصورت دڪان، جهولا، سرڪس، ملاکڙو ۽ محفل موسيقي به ٿيندي آهي ۽ ان کان علاوه ذڪر فڪر جي روحاني محفل به ٿيندي آهي، هن درگاهه اندر حافظ سيد غلام حيدر شاهه ۽ حافظ سيد ڏنل شاهه جيلاني جي مزار به آهي، جن جا هنڌ سنڌ ۾ مريد هئا.
[b]سيد دنبل شاهه جو ميلو
[/b] پاٽ شريف لڳ اولڊ ڪلري واري بند جي ڀرسان سيد دنبل شاهه جي درگاهه آهي، جتي اڄ کان ڪيترائي سال اڳ هر سال وڏو ميلو ٿيندو هو، اهو ميلو شير محمد جتوئي جي سرپرستي ۾ لڳرايو ويندو هو، هن درگاهه جو خدمتگار فقير محمد رمضان ڪلهوڙو هوندو هو، ميلي لڳڻ سان هن علائقي جي رونقن ۾ اضافو ٿيندو هو، هن وقت ڪافي سالن کان اتي ميلو ڪونه ٿو لڳي.
[b]ڌيرڻ پير جو ميلو
[/b] پاٽ شريف جي ڀرسان اولهه طرف درگاهه ڌيرڻ پير جي مزار آهي، هن بزرگ تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ اهو ميلو درگاهه کان ٻه ڪلوميٽر ڏکڻ طرف رڪڻ جي ڳوٺ ۾ ٿيندو آهي، رڪڻ ۾ ميلي هڻائڻ جو سبب اهو آهي ته درگاهه جي چوڌاري پاڻي آهي ۽ زائرين مخصوص رستي ذريعي اتي پهچندا آهن ۽ ماڻهن جي سهولت خاطر رڪڻ ۾ شاندار ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سرڪس، جهولا، دڪان، ملاکڙو ۽ صوفياڻو راڳ ٿيندو آهي، سرپرستي لالو ولي ڪندو آهي.
[b]گهوڙن جون ميلون
[/b] پاٽ شريف ۾ ڀلن گهوڙن ڌارڻ ۽ انهن جون ميلون ڪرائڻ يعني گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرائڻ وارا به ڏاڍا يادگار ڏينهن ليکيا ويندا، جنهن ۾ مخدوم فضل الحق، مخدوم شمس الحق، قادر بخش جوڻيجو، ارباب علي جوڻيجو، ماستر ارباب علي عباسي، سيٺ محمد جمن عباسي، سيد جان محمد شاهه، خير محمد پنهور، قادر بخش ملاح، مٺل برهماڻي، علي نواز عرف بهارالدين عباسي، محمد خان پلهه، حاجي محمد قاسم لوهر ۽ منشي ليمون خان سولنگي ڀلن گهوڙن ڌارڻ جا شوقين ۽ مالڪ هوندا هئا ۽ انهن ڀلن گهوڙن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ خاص ماڻهو مقرر ٿيل هوندا هئا، جڏهن ٻن گهوڙن جي ميل ٻڌبي هئي ته مهينو کن انهن جي تات، مالش ۽ خاص خوراڪ کارائي ويندي هئي، ميل جي مقرر تاريخ تي صبح جو سوير شوقين ڪچي دڳ تي پيارو اسٽيشن کان نيوڪلري جنهن کي ملن واري ڪلري به چئبو آهي اتي پهچندا هئا، اوستائين ماڻهن جي ٻنهي پاسي کان ڪنڌي ٺهيل هوندي هئي ۽ پوءِ جڏهن ٽَڪَ تان گهوڙا ڀڄڻ شروع ٿيندا ۽ ٻي ٽَڪَ تائين جيڪو به گهوڙو اول پهچندو هو اهو کٽي ويندو هو ۽ پوءِ ماڻهو ان کٽيندڙ گهوڙي واري سوار کي روڪ انعام ڏيندا هئا ڪي کيس هار پارائيندا هئا ۽ ڪي وري سوار کي ڪلهن تي کڻي گهمائيندا هئا، ميوو چنڙ، نظر محمد پتوجو، مدد ڪلهوڙو، سٺي شاهه ۽ علي حسن شاهاڻي پنهنجي وقت جا سٺا گهوڙي سوار هئا، گهوڙن جا مالڪ پنهنجي کٽيندڙ گهوڙي جي خوشي ۾ پيا خوش ٿيندا هئا ۽ ڪيترن ڏينهن تائين پنهنجي اوطاق تي ايندڙ ماڻهن کان مبارڪون وصول ڪندا هئا، اتي ايندڙ ماڻهن جي لاءِ ماني ٽِڪي ۽ چانهه پاڻي جو بندوبست ٿيل هوندو هو.
[b]ڏاندن جي گوءِ
[/b] سنڌ جي ٻين شهرن جيان پاٽ شريف ۾ به ڪيتري وقت کان ڏاندن جي گوءِ يعني ڏاندن جي ڀڄائڻ وارو مقابلو ٿيندو رهندو آهي، هن کي ڏاندن جي ميل به چوندا آهن، هن وقت امن امان جي صورتحال بهتر نه هجڻ سبب ڏاندن جي گوئين ۾ به ماٺار اچي وئي آهي، ڏاندن جي گوءِ جيڪا تفريح سان گڏ ڏاندن جي سٺي نسل کي متعارف ڪرائي ٿي، ڏاندن ڌارڻ جا شوقين خاص ڪري ڀلي نسل جا گابا وٺي انهن کي پالي وڏو ڪن ٿا ۽ ڪي شوقين وري ڳري قيمت تي سٺا سٺا ڏاند خريد ڪندا آهن ۽ ڀلن ڏاندن جون هي خوبيون هونديون آهن، سڱ ننڍا، پڇ سنهو ۽ ننڍو، اک وڏي، ڄنگهون وچوليون نه تمام وڏيون نه ننڍيون، سنبين چڙهيل، رنگ سائو تمام ڀلو ۽ ڪنهن هڪ رنگ وارو به سٺو ليکيو وڃي ٿو، ڊوڙڻ وارو سٺو ڏاند جڏهن گوءِ ۾ ڀڄڻ ڇڏي ڏيندو آهي ته پوءِ ان کي يا ته هرن ۾ وهايو ويندو آهي يا کيس کپايو ويندو آهي ۽ ڪي ڪي شوقين واري الله پاڪ جي راهه ۾ خيرات به ڪري ڇڏيندا آهن، ڏاندن تي مختلف قسمن جا دلچسپ نالا به رکيا ويندا آهن ۽ ڏاند جتي ڊوڙايا ويندا آهن انهيءَ رستي کي چارو چيو ويندو آهي، جتي مخصوص مفاصلي تي ڏاند ڊوڙايا ويندا آهن، ڏاندن جي ڊڪائڻ لاءِ واٺا، سوار، مٺڙيا ۽ اماني مقرر ڪيا ويندا آهن ۽ حد جي پوليس کي به اطلاع ڪيو ويندو آهي، ڏاندن جي گوءِ ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو گڏ ٿيندا آهن ۽ انهن مان ڪي ته ڀلن ڏاندن تي شرطون به رکندا آهن، ڪي شوقين ته تعويذ ۽ ابجد وارا حساب ڪتاب به ڪرائيندا آهن، ڪڏهن هن ميل تي جهيڙا وغيره به ٿيندا آهن ۽ وڙهندڙ شوقين وري جلدي هڪ ٻئي سان ٺهي ويندا آهن، هتان جي مشهور شوقينن ۾ ماستر علي احمد چانڊيو، محمد مٺل چانڊيو ڪمدار، حسن پنهور، ڊاڪٽر نظير احمد چانڊيو، شمن علي چنا، بهادر علي چنڙ، حاڪم علي چانڊيو ٽپالي، شهبيگ، ڏتل چانڊيو، سڪندر علي بٺڙ، ماستر نور محمد چانڊيو، مولا بخش چانڊيو، ماستر خالق ڏنو چنه، بخشل ڀرٽ، حافظ لعل بخش، رشيد احمد چنڙ، شريف چانڊيو، رمضان چانڊيو، الهورايو ڀٽي، اڪبر ماڇي، حاجي انور چانڊيو، وزير علي چانڊيو، صاحب خان چانڊيو، وڏيرو مظهر علي چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي ڀلا ڀلا ڏاند ڌاريندا رهيا آهن، پاٽ شريف ۾ ٿيندڙ ڏاندن جي گوءِ ۾ ضلعي دادو کان علاوه ٻين شهرن مان به شوقين شريڪ ٿيندا آهن.
[b]ڪڪڙن جو خفت
[/b] پاٽ شريف جا ماڻهو هونءَ ته گهر ۾ ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون پاليندا يا ڌاريندا آهن ۽ اهي پاليل ڪڪڙ وقت تي ڪهي کائبا به آهن ۽ وڪري لاءِ به ڪم ايندا آهن، ڪڪڙن ۽ ڪڪڙين ۾ به نسل جو فرق ٿئي ٿو، سٺي نسل وارين ڪڪڙين جي ٻچن کي پالي وڏو ڪري انهن ڏانهن خاص توجهه ڏجي ٿو، اگر انهن ٻچن ۾ مادي ٿي ته به ڌاربي آهي ۽ جي انهن ٻچن مان ڪو نر پيدا ٿيندو آهي ته خفتي يعني ڪڪڙ ويڙهائڻ وارا شوقين ان نر ڪڪڙ کي بادام وغيره کارائي تيار ڪندا آهن ۽ جڏهن اهو ڪڪڙ کڙهون ڪڍي تيار ٿيندو ۽ سندس پر ۽ چهنب به تيار ٿيندي ته پوءِ انهن ڪڪڙن کي ويڙهايو ويندو آهي، ڪڪڙن ۾ به مختلف رنگ ٿيندا آهن، جنهن ۾ ڳاڙهو، ڦڪو، ڪارو، اڇو، ڦليو ۽ جائو وغيره، خفتين کي وري اکين ۽ چهنبن ۾ جيڪو ڪڪڙ وڻندو آهي ان لاءِ چوندا آهن ته هي وصفين ڀلو ڪڪڙ آهي، ڪي ڪي خفتي ننڍڙي چوزي کي ڌاري جڏهن وڏو ڪندا آهن ته ان لاءِ چوندا آهن ته هي آني ٻچين پنهنجو آ، ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جيان پاٽ شريف ۾ به ڪڪڙن جي ميل ٿيندي آهي، هي ميل خاص ڪري سياري جي مند ۾ ٿيندي آهي، ڪڪڙن جا شوقين يا خفتي ڪنهن اوطاق تي يا هوٽل تي ويهندي ڪچهري ڪچهري ۾ ٻن ڪڪڙن جي ميل ٻڌندا آهن ۽ پوءِ لڳ ڀڳ پندرنهن ڏينهن جي مدي کانپوءِ انهن کي تيار ڪري ويڙهايو ويندو آهي، خفتي وڏي تعداد ۾ مقرر جاءِ تي پهچندا آهن، ڪي ڪي شوقين پنهنجي ڪڪڙن تي ناز ڪندي شرطون به رکندا آهن، ٻنهي ڪڪڙن لاءِ الڳ الڳ پاڻي وارا مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ پوءِ جڏهن ڪڪڙن کي ويڙهائڻ لاءِ ميدان تي ڇڏيو ويندو آهي ته اهي هڪ ٻئي کي کڙهون هڻي زخمي ڪندا آهن، ان ويڙهه دوران ڪي ڪي ڪڪڙ پهرين پاڻيءَ ۾ ئي ٻئي ڪڪڙ کي ماري ويندا آهن ۽ کٽيندڙ ڪڪڙ وارو مالڪ ۽ ان جا ساٿي پيا خوش ٿيندا آهن، هتي جيڪي خفتي ڀلي جنس وارا ڪڪڙ ڌاريندا هئا انهن ۾ محمد قاسم عباسي، مومنو ملاح، عبدالڪريم سومرو، جمال الدين جهتيال، محمد نواز برهماڻي، منظور زرداري، منظور برهماڻي، اعجاز ميمڻ، اڪبر چانڊيو، محرم علي ملاح، امام بخش چانڊيو، محمد ايوب برهماڻي، سيد نورل شاهه، سرائي غلام، شاهنواز پنهور، بنو پتوجو، حاجي علي شير برهماڻي، ثناءُالله چنا ۽ ٻيا شامل آهن.
[b]شڪار[/b]
پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن وارا ماڻهو مختلف قسم جي شڪارن سان دلچسپي رکن ٿا، ڪيترائي ماڻهو جهنگ ۾ تترن ڦاسائڻ ۽ ٻين پکين جو بندوق ۽ ٻين اوزارن ڪوڙڪي وغيره ذريعي شڪار ڪن ٿا، نشاني جي حوالي سان هن تر جا ڪيترائي توبچي مشهور آهن، جنهن ۾ سيد منظور علي شاهه، محمد رجب پنهور، ماستر ظفر علي چانڊيو، ماستر منظور علي چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.
[b]پاٽائي مالوند ماڻهو ۽ ڀليون مينهون ڌاريندڙ
[/b]سيد جان محمد شاهه، سيد ڪوڙل شاهه، سيد قاسم شاهه، سيد صالح شاهه، عرض محمد چانڊيو، رئيس جمعه خان برهماڻي، سيد جانل شاهه، رئيس انورالدين، محمد حسن پنهور، محمد حسين پنهور، عبدالرئوف چنا، محمد رمضان چنا، حاجي قادر بخش برهماڻي، محمد مٺل برهماڻي، محمد سليمان چانڊيو، محمد ساجن تيوڻو، ڇٽو تيوڻو، ڄام تيوڻو، جاڙو تيوڻو، الهبچايو تيوڻو، علي گوهر چانڊيو، بهادر چنڙ، مصري چنڙ، پيارو خان چنڙ، شانو لانگاهه، محمد حسن ميمڻ، استاد محمد بخش ميمڻ، قطب الدين صديقي، تڳيو چانڊيو، ڏتل چانڊيو، حافظ محمد قاسم چانڊيو، غلام حسين لانگاهه، عبدالستار ڪلهوڙو، ماستر خالق ڏنو چنا شامل آهن. کين ڀلين مينهُنِ ۽ ٻئي چوپائي مال ڌارڻ ۾ دلچسپي رهي.
[b]پاٽائي ملهه پهلوان
[/b] محمد قاسم دايو، محمد جمن دايو، محمد جمن زرداري، خميسو خان ڀٽي، مومنو ملاح، محمد جمن سمون، محمد عثمان چانڊيو، نياز ملاح، پٺاڻ خان تيوڻو، شهمير تيوڻو، احمد علي ملاح، محمد مٺل برهماڻي، لعل بخش برهماڻي پنهنجي وقت جا سٺا ملهه پهلوان ٿي گذريا آهن.
[b]پاٽائي ڪرڪيٽ رانديگر 1980ع کان 2016ع تائين
[/b] فقير محمد جوڻيجو، محبوب علي چنا، مير احمد چنا، عبدالحفيظ ميمڻ، آفتاب احمد ميمڻ، شهاب الدين ميمڻ، نياز احمد لانگاهه، مينهون خان برهماڻي، علي نواز برهماڻي، اظهار احمد ميمڻ، نصير احمد ميمڻ، محمد عالم ميمڻ، محمد اڪرم سومرو، مسرور حسين عباسي، الهبچايو برهماڻي، سراج الدين چنا، غلام مرتضيٰ چنا، مجاهد چنا، شڪيل احمد چنا، رياض احمد عباسي، اختر علي چنا، عبدالحميد عرف پپو پلهه، محمد اعظم ميمڻ، سليم رضا سومرو، منظور احمد برهماڻي، زاهد حسين سومرو، محمد زمان سومرو، شاهد حسين ميمڻ، زاهد حسين برهماڻي، علي مرتضيٰ سولنگي، آصف نواز برهماڻي، نعيم احمد ملاح، صدام حسين ملاح.
نوٽ: هي رانديگر پنهنجي ڳوٺ ۾ روزانو شوقيه طور کيڏندا هئا.
[b] ڪوڏي ڪوڏيءَ جا پاٽائي رانديگر
[/b] سيد قاسم علي شاهه، محمد حسين پنهور، محمد رجب ڪلهوڙو، محمد بچل چانڊيو، سعيد خان برهماڻي، ماستر بخشل عباسي، محمد جمن چانڊيو، الهڏنو پنهور، محمد حسين لوهر، بهادر چنڙ، ماستر محمد مٺل چنا، مومنو ملاح، علي شير پنهور، پيرل تيوڻو، محمد رجب گڊو، محرم علي تيوڻو، سيد ڪليم الله شاهه، سيد مختيار شاهه، عباس علي پنهور، امير علي ٻاٽ، علي ملاح پٽيوالو، دلدار علي ڀٽي، مظهر علي پنهور، نورالدين پنهور، رستم علي چانڊيو، امير علي پنهور، معشوق علي نوناري، منٺار علي برهماڻي.
نوٽ: هي رانديگر پاٽ شريف ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ شوقيه کيڏندا هئا.
[b] پاٽائي والي بال رانديگر 1970ع کان 2016ع تائين
[/b] حاجي مظفر علي شاهه، محمد بخش عباسي، الهه بخش ميمڻ، حبيب الله صديقي، خير محمد ميمڻ، لياقت علي ميمڻ، غلام حسين ملاح، نصير احمد چنا، نظير احمد ميمڻ، بشير احمد ميمڻ، رحيم بخش جوڻيجو، انيس احمد ڀٽي، رياض حسين عباسي، مظهر علي پلهه، قمرالدين لانگاهه، محمد يونس ميمڻ، محمد صادق چنا، سرفراز احمد چنا، فريد احمد جوڻيجو، مير احمد چنا، محمد يونس عرف مرچ ميمڻ، فدا حسين ميمڻ، آفتاب احمد ميمڻ، مينهون خان برهماڻي، بشير احمد ميمڻ، عبدالستار ميمڻ، فدا حسين جوڻيجو، شهاب الدين ميمڻ، محفوظ احمد عباسي، شڪيل احمد چنا، سڪندر علي سولنگي، شاهنواز برهماڻي، شاهد حسين ميمڻ، عامر علي پنهور، محمد زمان پنهور.
نوٽ: هي رانديگر شوقيه طور روزانو پنهنجي ڳوٺ ۾ کيڏندا هئا.
[b]ٻاراڻيون رانديون
[/b]ننڍپڻ ۾ ٻارڙا رانديون تمام گهڻي شوق سان کيڏن ٿا، ائين ئي پاٽ شريف جا ٻارڙا پڻ مختلف راندين ۾ حصو وٺن ٿا. جيئن ڇوڪرن جي ٻاراڻي راند ۾ سٽ ڪٽ، لاٽون، بلور، ڏيڪي ڏڪر، ملهه، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهوٽي، لڪ لڪوٽي، چور پوليس، لغڙ اڏائڻ، والي بال، فٽ بال، هاڪي، ڪرڪيٽ، اسڪوائش، لوڊيو، ڪرم بورڊ، ۽ دور جديد جي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل گيم دلچسپ راند آهي، جڏهن ته ننڍڙين ڇوڪرين جي پسنديده راندين ۾ گڏين واري راند، ٺپلي، بال پٿر، ٽاپون، اک ٻُوٽَ، پڪڙ پائي، پينگهه، ڦر ڦر سوٽو ۽ نوڙيءَ واري راند شامل آهي ۽ نياڻيون اڄ به دلچسپي سان اهي رانديون کيڏن ٿيون پر وقت گذرڻ سان گڏ ڪيتريون ئي پراڻيون رانديون ختم ٿينديون پيون وڃن.