پاٽ پراڻيءَ جا روحاني بزرگ
[/b] پاٽ پراڻي تي ڪامل ولي ۽ روحاني بزرگ حاجي پير اسماعيل جي مزار آهي، حاجي پير اسماعيل بابت جيڪا معلومات ملي ٿي ته هي ذات جو جوکياڻي پنهور هو، ننڍپڻ ۾ رڍون چاريندو هو ۽ رب پاڪ کي ريجهائڻ لاءِ ذڪر ڪندو رهندو هو، ان مالڪ جي مهر سان پاڻ صاحب ڪرامت بڻجي ويو، چون ٿا ته پاڻ جڏهن پنڌ حج جي سعادت ماڻي موٽيو ته سندس ڌڻ مان هڪ رڍ چوري ٿي وئي ۽ پوءِ ته انهن چورن جي مال ۾ ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي چوپائي مال ۾ اچي بيماري پئي ۽ پوءِ ته اهي چور ڳچيءَ ڳارا ڪري ميڙ وٺي اچي هن بزرگ کان بخشرايائون ۽ هن بزرگ باقي بچيل ڍورن مٿان دعا جو هٿ گهمايو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين به پاٽ شريف ۽ آس پاس وارن ڳوٺن جي ماڻهن جي چوپائي مال ۾ ڪا بيماري ٿيندي آهي ته اهي هتي اچي درگاهه آڏو ڪشادي ميدان تي پنهنجو چوپايو مال ٻڌندا آهن، حاجي پير اسماعيل بابت سندس جنم جي ڪا تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، البته اهو معلوم ٿيو آهي ته هي بزرگ شيخ بهاءُالدين ذڪريا ملتان واري جو خليفو هو، حاجي پير اسماعيل جي ڀر ۾ اوڀر طرف کان پير ڀرڪيو جي مزار آهي، جيڪو ذات جو لانگاهه هو، هن درگاهه جي اتر ۾ معصوم شاهه جي مزار آهي، هر اسلامي مهيني جي 11 تاريخ تي هتي رات جو يارهين شريف ملهائي ويندي آهي ۽ هر سال 27 رجب تي ساليانو عرس ملهايو ويندو آهي، فقير عبداللطيف ڪلهوڙو، فقير محمد جمن ڪلهوڙو، فقير رجب علي ڪلهوڙو، فقير ياسين، مرحوم بخشڻ فقير، مرحوم گل محمد فقير، استاد محمد بخش عباسي ۽ سندس فرزند استاد اياز حسين عباسي هن درگاهه جا خاص خدمتگار رهيا آهن. هن بزرگ کي پنهور برادريءَ جا ماڻهو ڏاڏو حاجن ڪري پڪاريندا آهن، ڪيترا ئي عقيدتمند روزانو حاضري ڀريندا آهن ۽ سکائون ڏيندا آهن. هن درگاهه جي ڀرسان بزرگ مٽلي فقير جي به مزار آهي، جنهن تي دال مانيءَ جي باس ڏني ويندي آهي.
[b]پاٽ پراڻيءَ تي قلندر شهباز جي آمد ۽ بزرگ حاجي پير اسماعيل سان سندس ملاقات
[/b] ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته قلندر شهباز پنهنجو سير سفر جاري رکندي پاڻ عربي سمنڊ جي مڪران وارو ساحل ڏئي پنجگور، پسني ۽ لاهوت لامڪان کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو ۽ جڏهن پاٽ پراڻيءَ پهتو ته اتي 592هجري ۾ ڪامل ولي ۽ روحاني بزرگ حاجي پير اسماعيل سان سندس ملاقات ٿي، تاريخي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلندر شهباز جو پاٽ پراڻيءَ ڀرسان جڏهن به گذر ٿيندو هو ته پاڻ هن بزرگ حاجي پير اسماعيل سان سندس ڪچهريون ٿينديون هيون.
[b]ڪالونگو واڻيو پاٽائي
[/b] پاٽ پراڻيءَ تي هڪ وڏو ڪاروباري سيٺ ڪالونگو واڻيو رهندو هو، چون ٿا ته حضرت قلندر لعل شهباز جڏهن پاٽ پراڻي تي آيو ته ڪالونگو واڻيو کاڌي پيتي جو سيڌو سامان پنهنجي طرفان قلندر شهباز جي حوالي ڪندو هو ۽ قلندر شهباز سان گڏ رهندڙ فقير هڪ واڻئي جي ايڏي عقيدت ۽ محبت ڏسي خوش ٿيندا هئا، چيو وڃي ٿو ته جڏهن حضرت قلندر لعل شهباز پاٽ پراڻيءَ کان سيوهڻ وڃڻ جي تياري ڪئي ته ڪالونگي به ان فقرائي ٽولي سان وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ قلندر شهباز جڏهن سيوهڻ پهتو ته ڪالونگو به ٻين فقيرن سان گڏجي قلندر لعل شهباز جي خدمت ۾ لڳي ويو ۽ هميشه هميشه جي لاءِ اتي ئي سيوهڻ ۾ رهڻ لڳو، اڄ تائين به سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي ميلي دوران جيڪا لال داس جي ميندي نڪرندي آهي يا اتان جي رهندڙ هندن پاران جيڪي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن اهي سڀ هندو ڪالونگي واڻيي جي اولاد مان آهن.
[b]شيخ رڪن الدين پاٽائي ”خليفو بلاولي تحريڪ“
[/b] شيخ مخدوم رڪن الدين ولد شيخ معروف سن 1470ع مطابق 875هجري ۾ پيدا ٿيو، هي بزرگ بلاولي تحريڪ ۾ مخدوم بلاول جي سهرورديه ڪبريه طريقي جو خليفو هو، پاٽ جي قديم روايتن ۾ آهي ته پاٽ پراڻي ۾ جڏهن شيخ رڪن الدين پاٽائي جي دعوت تي مخدوم بلاول پهتو هو ته پاڻ پاٽ پراڻيءَ واري جامع مسجد ۾ واعظ ڪرڻ کانپوءِ باجماعت نماز ادا ڪيائين، چيو وڃي ٿو ته اهو دور سمن جو اختتامي دور هو، شيخ رڪن الدين پاٽائي گهڻو عرصو ٺٽي ۾ درس و تدريس جي پيشي ۾ پنهنجي ڄمار صرف ڪئي، پاڻ سن 1545ع بمطابق 952هجري ۾ رحلت فرمائي ۽ مڪلي جي ٽڪريءَ ۾ مدفون آهي.
[b]حضرت احمد ڄام پاٽائي
[/b] سن 441هجري ۾ پاٽ پراڻي تي حضرت احمد ڄام عرف زنده پير اويسي پڻ رهندو هو، هن جو شمار وڏن وڏن عالمن ۾ ٿيندو هو، جيڪي اهل علم، باشريعت ۽ ڪرامتن جا مالڪ هئا، هن بزرگ لاءِ اهو مشهور هو ته هن وٽ حضرت ابوبڪر صديق رضه جو خرقو يعني جبو مبارڪ موجود هو، جيڪو 22 اوليائن جي پائڻ کانپوءِ شيخ ابوطاهر، حضرت احمد ڄام حوالي ڪيو.
[b]شيخ طاهر محمد پاٽائي
[/b] شيخ طاهر محمد قدس سره جو وڏو عالم ٿي گذريو، هي بزرگ همايون شهنشاهه جي دربدري واري دور ۾ پاٽ پراڻي ۾ رهندو هو، علمي فيض ورهائڻ ۾ تمام وڏو سخي هو، تاريخ جي ورقن ۾ آهي ته شيخ طاهر محمد جو خاندان سن 950هجري ۾ مغل شهنشاهن جي جنگين ۾ مارجي ويو.
[b]حضرت شيخ ظاهر محمد جي پاٽ مان برهانپور هجرت
[/b] حضرت شيخ ظاهر محمد جي باري ۾ تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته هي بزرگ وقت جو وڏو عالم ۽ باعمل انسان هو، کيس ٽي هزار حديثون بر زبان ياد هونديون هيون، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ ماڻهو وٽس درس و تدريس حاصل ڪندا هئا ۽ پاڻ بنا ڪنهن فرق جي هر هڪ سان هڪ جهڙو سلوڪ رکندو هو، حضرت شيخ ظاهر محمد کي روحاني طور اهو معلوم ٿيو ته هاڻي پاٽ جون حالتون سازگار نه رهنديون، ان ڪري پاڻ 992هجري ۾ پاٽ مان هجرت ڪري خاندان سميت برهانپور وڃي رهائش پذير ٿيا، هن بزرگ جي پاٽ مان وڃڻ کانپوءِ علم و حديث جي کوٽ محسوس ڪئي وئي، حضرت شيخ ظاهر محمد جي وفات سن 1006هجري ۾ ٿي.
[b]حضرت شيخ عبدالستار پاٽائي
[/b] پاٽ پراڻيءَ سان تعلق حضرت شيخ عبدالستار ابن حضرت مسيح الاولياءَ جو پهريون فرزند هو، سندس ولادت 983 هجري ۾ ٿي. حديث ۽ تفسير جي تعليم حضرت شيخ طاهر ۽ پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين. هن بزرگ لاءِ اهو عام مشهور هو ته هي جنهن کي به پاڻي دم ڪري پياريندو هو ته ان جو مرض ختم ٿي ويندو هو. هن بزرگ جو برهانپور ۾ هر سال 12 جمادالثاني تي ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي.
[b]حضرت شيخ رحيم پاٽائي
[/b] پاٽائي بزرگن سان تعلق رکندڙ حضرت شيخ رحيم جي والد محترم جو نالو بابا فتح محمد محدث هو. تعليم ۽ تربيت به پنهنجي والد صاحب کان ئي حاصل ڪيائين، حضرت شيخ رحيم خاص ڪري درويشن جو دوست هوندو هو، پاڻ قرآن پاڪ جو حافظ ۽ قرات جو مالڪ هو، پاڻ برهانپور جي جامع مسجد جو خطيب به مقرر ٿيو ۽ سندس وصال به اتي ئي ٿيو.
[b]حضرت شيخ غلام عيسيٰ پاٽائي
[/b] حضرت شيخ غلام عيسيٰ ابن شهاب الدين جو تعلق به پاٽ پراڻيءَ سان هو، سندس علمي خدمتون ملڪان ملڪ مشهور هيون، پاڻ حضرت سليمان عه جي زندگيءَ تي جيتريون به آيتون هيون انهن کي گڏ ڪري فارسي زبان ۾ لکيائين. الصديقي، الجعفري، النقشبندي، ال عيسوي، الفتحي، الشهابي، الپاٽائي ۽ البرهانپوري سميت سندس ڪيترائي لقب هئا.
[b]حضرت شيخ محمد قاسم پاٽائي
[/b] حضرت شيخ محمد قاسم جو جنم به پاٽ پراڻيءَ ۾ ٿيو، پاڻ علم حاصل ڪرڻ لاءِ پاٽ کان عربستان ويو ۽ علم حديث ۾ ڪمال جو درجو حاصل ڪيائين، ان جي ڪري کيس ”رئيس المحدثين“ جي لقب سان نوازيو ويو، سندس اولاد برهانپور ۾ وڃي آباد ٿيو ۽ سندس وفات عربستان ۾ ٿي.
[b]شيخ الاسلام يوسف سنڌي پاٽائي
[/b] شيخ الاسلام يوسف سنڌي پاٽائي بابت ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ذڪر ملي ٿو ته هي به وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو، مخدوم حسن الله پاٽائي جي لکيل فارسي ”انساب مشائخ سيوستان“ جو سنڌي ترجمو ڪندڙ مخدوم علي گوهر صديقي لکي ٿو ته شيخ الاسلام يوسف سنڌي جي هر ڪنهن سان عنايت ۽ شفقت رهندي هئي ۽ هن ويهه حج به ڪيا، پاڻ مسلسل هدايتون ڏيڻ کي به ترجيح ڏيندو هو ته جيئن ڪنهن ٻئي تي اثر ٿئي ۽ ان کي آخرت جو ذخيرو نصيب ٿئي، شيخ يوسف هندستان ۽ عرب ملڪن جا ڪيترائي دورا ڪري چڪو هو ۽ پنهنجي ان سفر دوران علمي ۽ روحاني فيض کي به جاري رکيو. هن بزرگ کي چار فرزند هئا، (1) شيخ طيب محدث، (2) شيخ طاهر محدث، (3) شيخ قاسم محدث، (4) مخدوم عباس پاٽائي ثم هنڱورجائي.
[b]شيخ طيب محدث سنڌي پاٽائي
[/b] شيخ طيب محدث پاٽائي جو تعلق به پاٽ شريف جي صديقي گهراڻي سان هو. علم، حديث ۽ تصوف جو وڏو عالم هو. پاڻ شيخ شهاب الدين واصل وٽ جڏهن تصوف جا ڪتاب ”منهاج العابدين“ ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيائين ته ان کانپوءِ پاٽ مان نڪري سفر ڪندي گجرات، برار ۽ پوءِ برهانپور اچي رهيو. هن بزرگ سن 1543ع بمطابق 950هجري ۾ وفات ڪئي.
[b]شيخ طاهر محدث پاٽائي:
[/b] عارف، عالم، محدث ۽ صوفي بزرگ شيخ طاهر محدث جو جنم پاٽ شريف ۾ ٿيو، ابتدائي ڪجهه علم پنهنجي والد شيخ يوسف سنڌي پاٽائي کان حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ مخدوم ميران ۽ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ وٽ پڙهيو. هي بزرگ به پنهنجي والد صاحب ۽ ڀاءُ شيخ طيب سان گڏجي پاٽ کان هجرت ڪري مختلف ماڳن کان ٿيندو ڏکڻ هندستان پهتو ۽ اتي مرشد پير مخدوم شيخ محمد ملتانيءَ جي حلقه ارادت ۾ داخل ٿيو. اتان موٽي اچي ايرج پور ۾ ماڻهن کي درس و تدريس ڏيندو رهيو ۽ کين تصوف جي تلقين به ڪندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ احمد نگر جي حاڪم مرتضيٰ نظام الملڪ ايرج پور تي ڪاهه ڪري اچي قبضو ڪيو ته ملڪ ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ان وقت خانديش جي حاڪم شيخ طاهر کي برهانپور اچي برهانپور ۾ رهڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ شيخ طاهر هميشه هميشه لاءِ اچي برهانپور رهيو، جتي علي عادل شاهه کيس خانقاهه تيار ڪرائي ڏني، جتي هن بزرگ ديني ۽ روحاني فيض کي جاري رکيو، شيخ طاهر محدث سن 1595ع بمطابق 1004هجري ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه سنڌي پوره برهانپور ۾ آهي، شيخ طاهر ڪيترائي ڪتاب تصنيف فرمايا.
شيخ طاهر محدث پاٽائي جا لکيل ڪتاب
تفسير مجمع البحار طاهري
مختصر قوت القلوب
انتخاب مواهب لدنيه
ملتقط جمع الجوامع سيوطي
صحيح بخاري جي شرح قسطلاني جو اختصار 12 جلد
تفسير مدارڪ
اسماءَ رجال صحيح بخاري
رياض الصالحين.
[b]مخدوم عباس پاٽائي
[/b] مخدوم عباس پاٽائي تفسير، حديث، فقه ۽ ٻين علمن ۾ وڏي اهليت رکندڙ هو، هر هڪ مسئلي تي تمام سهڻي نموني تحقيق ٿيل هيس، رات ڏينهن عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو. زهد ۽ پرهيزگاريءَ ۾ هن جهڙو ڪو ٻيو نه هو، حديث بيان ڪندي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هيس. هزارين شاگردن هن وٽان علمي فيض ۽ سندون حاصل ڪيون ۽ انهن مان ڪيترائي عالم بڻيا، جن مان حڪيم عثمان بوبڪائي ۽ قاضي عبدالسلام برهانپوري سنڌي قابل ذڪر آهن، مخدوم عباس پاٽائي پاٽ مان لڏي هنڱورجن ۾ اچي رهيو ۽ اتي به علمي روشنائي ڦهلائيندو رهيو، ڪيترن ئي جاين تي پاڻ مخدوم عباس پاٽائي ثم هنڱورجائي به سڏرايائين، هن بزرگ سن 1590ع بمطابق 998هجري ۾ وفات ڪئي.
[b]شيخ قاسم سنڌي پاٽائي
[/b] شيخ قاسم سنڌي پاٽائي جي پيدائش به پاٽ شريف ۾ ٿي، ننڍپڻ کان ئي سندس دل آويز گفتار ۾ صوفياڻا طبيعت ۽ نيڪن واريون علامتون ظاهر هيون، مطلب ته تقويٰ، توڪل، زهد ۽ تصوف واريون سموريون صفتون هن بزرگ ۾ موجود هيون، پنهنجي وڏڙن جي روايت کي قائم رکندي علمي فيض کي عام ڪيائين، هن بزرگ 1560ع بمطابق 968 هجري ڌاري پاٽ شريف ۾ وفات ڪئي، سندس مزار پاٽ پراڻي ۾ هئي، جنهن جا هاڻي آثار مٽجي ويا آهن، هن ئي بزرگ جي نالي سان پاٽ پراڻي جي ڏکڻ ۾ وڏو قبرستان آهي. جنهن کي قاضي قاسماڻيءَ وارو مقام به سڏيندا آهن.
[b]حضرت مولانا مبارڪ سنڌي پاٽائي
[/b] حضرت مولانا مبارڪ سنڌيءَ جو جنم به پاٽ ۾ ٿيو، ابتدائي تعليم حضرت مخدوم عباس بن شيخ جلالي سنڌي کان حاصل ڪيائين، پاڻ روحاني مجلسن ذريعي علمي ۽ عملي محبت ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پاڻ هڪ مدرسو به پاٽ ۾ قائم ڪيائين، قاضيءَ جي عهدي تي رهندي پاڻ عدل ۽ انصاف جي سچائيءَ سان پاسداري ڪيائين، پاڻ پاٽ مان هجرت ڪري برهانپور پهتو ۽ سن 978هجري ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس آخري آرامگاهه برهانپور ۾ آهي.
[b]شيخ لاڏ جيئو پاٽائي
[/b] سن 930هجري ۾ جنم وٺندڙ شيخ لاڌ جيئو جو تعلق به پاٽ جي صديقي خاندان سان هو، هي صوفي ازم سان واسطو رکندڙ هو، تمام گهڻيون ڪافيون ڳائيندو هو. سندس آواز سريلو ۽ ميٺان وارو هوندو هو، پنهنجي هٿن سان ٺاهيل يڪتاري ۽ ڇير تي ڳائيندي ڳائيندي وجد ۾ اچي ويندو هو، سندس ڪافين ۾ مجاز کان حقيقت تائين وارو درس شامل هوندو هو، چون ٿا ته جڏهن شيخ لاڏ جيئو مستيءَ ۾ ڳائيندو هو ته ٻڌڻ وارن تي سحر تاري ٿي ويندو هو. ٻڌڻ وارن تي ايترو ته اثر ٿيندو هو جو ڪيترائي بيهوشيءَ جي عالم ۾ ڪري پوندا هئا، ۽ ڪيترائي غير مسلم هوش ۾ اچڻ بعد ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويندا هئا، شيخ لاڏ جيئو 70 سالن جي ڄمار ۾ سن 1007هجري ۾ برهانپور شهر ۾ وفات ڪري ويو، کيس شيخ ابراهيم بن عمر سنڌيءَ جي مقبري ڀرسان دفنايو ويو.
[b]مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي
[/b] شيخ عيسيٰ جندالله ولد شيخ قاسم سنڌي پاٽائي سن 962هجري بمطابق 1555ع تي پاٽ ۾ ڄائو، شيخ عيسيٰ جندالله علم جي حصول لاءِ تمام گهڻو سفر ڪيو، پنهنجي مرشد لشڪر محمد عارف کان خرقو ڍڪي ڪيترن ئي ظاهري ۽ باطني علمن جو فيض حاصل ڪيائين ۽ پاڻ به علمي ۽ روحاني فيض حاصل ڪيائين ۽ پاڻ به علمي ۽ روحاني فيض ڏيڻ ۾ تمام گهڻو سخي هو. ماڻهو کيس مسيح الاولياءَ، مسيح الزمان، مسيح القلوب ۽ حبيب الله جي لقبن سان ياد ڪندا هئا. سندن معتقدن جو تمام گهڻو تعداد هوندو هو. شيخ عيسيٰ جندالله کي اولاد ۾ ٽي پٽ هئا، جنهن ۾ شيخ عبدالستار، شيخ شهرالله رمضان ۽ شيخ فتح محمد شامل آهن ۽ انهن مان شيخ شهرالله رمضان سنڌ ۾ ئي رهيو، جنهن جي اولاد مان پاٽ ۽ سيوهڻ جا صديقي مشهور آهن، شيخ عيسيٰ جندالله سن 1031هجري بمطابق 1621ع تي وفات ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه برهانپور انڊيا ۾ آهي.
[b]شيخ اسحاق سنڌي قلندري پاٽائي
[/b] شيخ اسحاق سنڌي قلندري پاٽائي به پاٽ پراڻيءَ ۾ ڄائو، هو دنيا جي سير واسطي قلندرانه صورت ۾ نڪري پيو، ڪيترائي ويران علائقا ۽ وسندڙ وسنديون به ڏٺائين. هر هڪ جاءِ تي پهچندي ان ملڪ کي پوري غور سان ڏٺائين ۽ انهن جي اهميت ۽ حقيقت کان واقفيت حاصل ڪيائين. 959هجري ۾ سير سفر ترڪ ڪري برهانپور ڏکڻ هندستان ۾ اچي رهيو ۽ اتي شيخ محمد طاهر جي صحبت ۾ رهي پيو، سندس تصوف وارو طريقو ارادي جي مضبوطيءَ ۽ استقامت تي ٻڌل هو، هن بزرگ سن 1010هجري ۾ وفات ڪئي.
[b]مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي
[/b] مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي ولد مولانا عبدالرحمان قاري به پاٽ ۾ ڄائو، هي بزرگ ڪلهوڙا حڪومت ۾ شرعي مشير، مفتي ۽ قاضي هو. هي تحرير جي فن ۽ فقه ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن بزرگ جي جڏهن سلطان اورنگزيب عالمگير سان دهليءَ ۾ ملاقات ٿي هئي ته سلطان اورنگزيب به سندس علمي لياقت کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ کيس جاگير جو پروانو عطا ڪيو. ان فرمان جو ڊاڪٽر گربخشاڻي 1915ع ۾ انگريزي ترجمو ڪري ايڊيشن طور سنڌ گزيٽ ۾ شايع ڪيو. سلطان اورنگزيب جي زماني ۾ پاٽ جي وسندڙ علائقي جي قضا ۽ فتويٰ سندس سپرد هئي. مفتي صاحب جي تصنيفات مان ”ڪشف الاسرار“ هڪ يادگار ڪتاب آهي. هن بزرگ سن 1123هجري بمطابق 1711ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي.
[b]مخدوم عبدالواحد صغير پاٽائي
[/b] مخدوم عبدالواحد ولد مخدوم دين محمد جو جنم سن 1150 هجري بمطابق 1737ع ڌاري پاٽ ۾ ٿيو، پاڻ هي نه صرف ظاهري علوم جو ماهر هو پر تصوف ۽ فقه حنفي ۾ به مهارت هئس. درس و تدريس سان نهايت دلچسپي هئس، مذهب جا ڪيترائي مسئلا شرعي ۽ قانون تحت حل ڪندو هو. فن تحرير ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کانپوءِ ماڻهو هن بزرگ سان رجوع ڪندا هئا. ان وقت جا وڏا عالم سندس فيصلن کي مڃيندا هئا، سندس فتويٰ نويسي وسيع پيماني تي جاري ٿيندي هئي. سندس شاگرد مولانا محمد افضل انهن فتوائن کي گڏ ڪندو رهندو هو، مخدوم صاحب جي عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ڪتابن کي بياض واحدي ۽ فتويٰ واحدي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. مخدوم سليم الله صديقي انهن جو سنڌي ترجمو ڪري 39 مجموعه ۽ رسالا ڇپرايا آهن. مخدوم عبدالواحد صغير جي والد صاحب مخدوم دين محمد پاٽائيءَ کي جڏهن سيوهڻ ۾ قاضي مقرر ڪيو ويو ته پاڻ پنهنجي پٽ مخدوم عبدالواحد سميت ٻين گهرڀاتين سان گڏ پاٽ کان سيوهڻ هجرت ڪيائين. مخدوم عبدالواحد صغير کانپوءِ پاڻ کي پاٽائي ۽ سيوستاني به سڏرائيندو هو. سندس وصال سن 1224هجري بمطابق 1809ع ۾ ٿيو. سندس مزار سيوهڻ ۾ ڇٽي عمراڻي ڀرسان آهي، جتي مخدوم عبدالواحد جو والد مخدوم دين محمد ۽ ڏاڏو مخدوم عبدالواحد ڪبير مدفون آهي.
[b]شيخ معروف پاٽائي
[/b] شيخ معروف پاٽائي هڪ وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي، پاڻ شيخ عيسيٰ ڪبير پاٽائي جو فرزند هو، شيخ معروف تصوف جو وڏو ڄاڻو هو، هن کان هميشه وحدت الوجود جون ڳالهيون ٻڌيون وينديون هيون، شاعريءَ سان به لڳاءُ هيس، پاڻ ان وقت جي سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي شاعر قاضي قادن بکريءَ واري جو همعصر ۽ دوست هو. ماڻهو هن بزرگ جي موجودگيءَ کي پنهنجي غنيمت سمجهندا هئا، هن بزرگ جي نالي سان پاٽ جي علائقي ۾ ”معروفاڻي ڍنڍ به هوندي هئي، ڏهين صديءَ جي هن بزرگ پاٽ هجرت ڪرڻ بعد سيتپور لڳ ملتان ۾ وفات ڪئي.
[b]شيخ شهرالله رمضان پاٽائي
[/b] شيخ شهرالله رمضان سن 976هجري بمطابق 1568ع ۾ ڄائو، هن بزرگ جي والد صاحب جو نالو شيخ عيسيٰ جندالله هو، پاڻ ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين پاٽ ۾ ئي رهيو، چون ٿا ته شيخ عيسيٰ جندالله کي وڏيءَ گهرواريءَ مان هي فرزند ماهِ رمضان ۾ پيدا ٿيو، ان ڪري سندس نالي پٺيان رمضان به سڏيو ويو. پنهنجي ئي وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي ديني ۽ دنوي تعليم حاصل ڪيائين ۽ والد صاحب جي وفات بعد سندس جانشين مقرر ٿيو. شيخ شهرالله رمضان ڪجهه وقت لاءِ برهانپور به ويو ۽ ٻيهر پاٽ وسائي خلق خدا جيءَ جا ڪيترائي اهم مسئلا حل ڪندو رهيو. شيخ صاحب جي هڪ فرزند مخدوم حسن قاري پاٽائي به ديني فيض عام ڪيو ۽ اهو به الله جو پهتل ٻانهو هو. شيخ شهرالله سن 1017هجري بمطابق 1608ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار پاٽ شريف جي قاضي قاسماڻي واري قبرستان ۾ آهي.
[b]شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي
[/b] شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي ولد مخدوم محمد حسن قاري پاٽائي سن 1044هجري بمطابق 1595ع ۾ پاٽ ۾ ڄائو. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ معلم هو. حديث فقه تفسير تي خاص عبور حاصل هئس. پنهنجي وڏن جي سند قائم رکيائين ۽ سندن علمي روايت جو وارث بڻيو.
[b]حضرت شيخ اسحاق قلندري
[/b] حضرت شيخ اسحاق قلندري سنڌي پاٽائي جي طبيعت سير سفر ڏانهن گهڻي مائل هوندي هئي، هن ڪيترن ئي عالمن، بزرگن، درويشن ۽ مستن سان ملاقاتون ڪيون، پاڻ شيخ طاهر محدث جي صحبت ۾ اچي رنگجي ويو، صوفياڻي طريقي ۾ قلندرانه صفات رکندڙ هن بزرگ به ڪيترن کي فيض ڏنو، پاڻ سن 1010هجري بمطابق 1601ع ۾ وفات ڪيائين.
[b]حضرت بابا فتح محمد محدث پاٽائي
[/b] حضرت بابا فتح محمد محدث پاٽائي، شيخ عيسيٰ جندالله جو فرزند هو. هي بزرگ علم رياضي ۽ علم عروض ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو، علم تصوف ته سندس خانداني ميراث هو، عرفان ۽ وجدان جون سڀئي منزلون طئي ڪيائين ۽ فارسيءَ جي اهم ڪتابن جو درس ڏيندو رهيو. سندس لکيل ڪتاب خاص ڪري سنڌ جي عالمن جي مطالعي بعد تمام گهڻو مقبول ٿيا. هن بزرگ مدينه منوره ۾ سن 1080هجري بمطابق 1689ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه جنت البقيع ۾ آهي.
[b]حيدر ڪلوچ پاٽائي
[/b] حيدر ڪلوچ پاٽائي فارسيءَ جو مشهور شاعر هو، سندس اصل جاءِ پيدائش ”ڪلوچ“ نالي ڳوٺ ۾ ٿي، جيڪو طارم جي آسپاس خراسان ۾ آهي، حيدر ڪلوچ پوري طرح لکي پڙهي به نه سگهندو هو پر سندس شاعريءَ کي ٻيا قلمبند ڪندا ويندا هئا، هو شاعريءَ ۾ عروض جي بحرن جو واقف هو ۽ نهايت پڪو ۽ پختو شاعر هو، سندس سموري شاعري فارسي ۾ ٿيل آهي ۽ سندس شعرن جو تعداد ڏهن هزارن کان مٿي آهي. حيدر ڪلوچ پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڪلوچ“ ڪليچه ۽ ڪليچ، تخلص استعمال ڪيو آهي. هو شاهه اسماعيل ۽ شاهه طهماسب صفوي جي زماني جو شاعر هو. حيدر ڪلوچ پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻ کانپوءِ هرات شهر ۾ اچي رهيو ۽ اتي رهڻ دوران هن سنڌ جي حاڪم مرزا شاهه حسن بيگ جي هاڪ ٻڌي ۽ پوءِ تمام گهڻي شوق سان سندس دربار ۾ اچي حاضر ٿيو، مگر ڪجهه ئي وقت کانپوءِ درباري آدابن کان تنگ ٿي، آخر پاٽ ۾ اچي رهيو ۽ اتي جيرا پچائي پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هو، حيدر ڪلوچ وفات به پاٽ ۾ ئي ڪئي ۽ سندس تدفين به پاٽ پراڻيءَ واري قبرستان ۾ ڪئي وئي، حيدر ڪلوچ جيترو عرصو پاٽ ۾گذاريو پاڻ کي آخري دم تائين حيدر ڪلوچ پاٽائي سڏرائيندو رهيو.
[b]شيخ سليمان سيفي پاٽائي
[/b] شيخ سليمان سيفي ابن شيخ قاسم سنڌي پاٽائي سندس ولادت سن 966هجري بمطابق 1558ع ۾ ٿي، پاڻ مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله جو ننڍو ڀاءُ هو. صوفياڻي ماحول کان تمام گهڻو متاثر هو، رب پاڪ کي ريجهائڻ لاءِ زاروقطار روئيندو هو، عادل شاهه فاروقيءَ جي فوج ۾ شامل رهندڙ شيخ سليمان سيفي جنگي مهارت ۾ به مشهور هو ۽ پاڻ هڪ جنگ ۾ وڙهندي وڙهندي سن 1005هجري بمطابق 1596ع ۾ شهيد ٿي ويو.