پاٽ شريف جا ماڳ مڪان
[/b]
هي درگاهه ميان صاحبن واري درگاهه به سڏبي آهي، هتان جي ڪامل ولي ميان صاحب مخدوم فضل الله صديقي جي نالي سان قائم هي قديمي درگاهه هنڌ سنڌ ۾ مشهور آهي، پاڪستان جي چئني صوبن کان علاوه ڪجهه ٻاهرين ملڪن ۾ به هن درگاهه جا ڪيترائي عقيدتمند آهن، سنڌ جي ڪيترين ئي مشهور درگاهن جي بزرگن کي هتان ئي روحاني فيض جاري ٿيو، اهو ئي سبب آهي جو انهن درگاهن جا گادي نشين اڄ تائين به جڏهن هن درگاهه جي حاضري ڀرڻ لاءِ ايندا آهن ته نهايت ادب، احترام ۽ عاجزيءَ مان درگاهه ڏانهن وکون کڻندا آهن، درگاهه مبارڪ جو روضو اندران ۽ ٻاهران نهايت دلڪش نظاري جو ڏيک ڏيندو آهي. ڪا شيءِ جي پراڻين سرن ۽ خوبصورت گلڪاري به ڏسڻ وٽان آهي. روضي جي اندر جن بزرگن جون مزارون آهن، انهن ۾ اولهه طرف کان ميان صاحب وڏا سائين مخدوم فضل الله صديقي، ان جي اوڀر ۾ ميان صاحب مخدوم نظام الدين صديقي وچان سائين، ميان صاحب مخدوم محمد صالح صديقي بنگلي ڌڻي، ميان صاحب مخدوم محمود احمد صديقي روضي ڌڻي شامل آهن، ۽ انهن بزرگن جي پيراندي ۾ ميان صاحب مخدوم محمودالحسن جي مزار آهي، روضي ٻاهران اوڀر طرف ميان صاحب مخدوم محمود احمد جي زوجه ۽ ان سان گڏ مخدوم ڊاڪٽر ظفرالحق صديقي، جيجي گاديءَ واري ۽ ان جي همشيره جون مزارون آهن، اتر ۾ ميان صاحب مخدوم فضل الحق، ميان صاحب مخدوم شمس الحق ۽ خاندان جا ٻيا فرد ۽ جوانيءَ ۾ ئي هي فاني دنيا ڇڏيندڙ نوجوان مخدوم نعيم الحق جي به مزار آهي، اتر ۾ ئي هڪ وڏي جامع مسجد به آهي، روضي جي ڏکڻ ۾ ميان صاحب مخدوم ممتاز احمد صديقي، سندس زوجه ۽ انهن جي ڀرسان مخدوم خميسو ۽ هنڌ سنڌ ۾ تحريرن ۽ فتوائن جي حوالي سان مشهور بزرگ مخدوم حسن الله شاهه پاٽائي جي مزار به اتي ئي آهي، درگاهه جي اڱڻ تي قديمي کوهه به آهي، ان کان علاوه وضو خانو ۽ مسافرن جي رهائش لاءِ مسافرخانو به آهي، اوڀر ۾ درگاهه واري حويلي ۽ باغ به آهي، 16 آگسٽ 2016ع تي هٿياربندن هٿان شهيد ٿيندڙ هن درگاهه جي سجاده نشين شهيد مخدوم افتخارالحق عرف پپو سائين جي مزار به اتي ئي آهي .
درگاهه واري حويلي مبارڪ تمام گهڻي قديمي تعمير ٿيل آهي، هيٺ ۽ مٿي ڪيترائي ڪمرا اٿس ۽ آڏو هڪ ڪشادو ورانڊو به آهي، ان کان علاوه جيجي گاديءَ واري جو اهو ڪاٺ وارو سندل به موجود آهي، جنهن تي هيءَ جيجي ويهي دعا تعويذ ڏيندي هئي ۽ پري پري کان آيل عورتن جي لاءِ ماني ۽ رهائش جو بندوبست ٿيل هوندو هو، حويلي مبارڪ جي درگاهه ۽ مسجد وغيره جو تعميراتي يا مرمتي ڪم به مخدوم خاندان جي ئي سپرد آهي، هر مهيني جي ٻئي ڇنڇر تي روحاني ذڪر جي محفل منعقد ڪئي ويندي آهي، هر سال صفر مهيني جي 4 تاريخ تي هنن مخدوم پاٽائي بزرگن جو ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي. جنهن ۾ پري پري جا مريد، خادم ۽ عقيدتمند هن عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ سنڌ جي وڏين وڏين درگاهن جا گادي نشين هن روحاني اجتماع کي خطاب ڪندا آهن.
هتي مخدوم فضل الاهي جي نالي سان قديمي مدرسو به هلندو رهي ٿو ۽ ڪيترائي معلم سڳورا پنهنجون ديني خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن.
تاريخي شاهدين مان ثابت ٿيو آهي ته پاٽ شريف، سيوهڻ ۽ هالا وارن مخدومن جو هڪڙو ئي خاندان آهي، ان کان علاوه هندستان جي شهر برهانپور ۾ رهندڙ صديقي پاٽائي به هن ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ انهن اتي سنڌي پوره جي نالي سان ڳوٺ قائم ڪري ورتو آهي ۽ بقول انهن جي ته انهن اتي هڪ ننڍڙي پاٽ اڏي آهي.
[b]پاٽائي مخدومن جو سلسله نصب
[/b]مخدوم فضل الله صديقي بن
مخدوم عبدالواسع بن
محمد حسن قاري بن
مخدوم دين محمد بن
مخدوم عبدالواحد ڪبير بن
مخدوم عبدالرحمان بن
شيخ مخدوم محمود سهروردي بن
شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي بن
مخدوم محمد حسن قاري بن
شيخ شهرالله رمضان بن
مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله بن
شيخ قاسم بن
شيخ يوسف بن
شيخ رڪن الدين بن
شيخ معروف بن
شيخ شهاب الدين ثاني (باني پاٽ شريف) بن
شيخ نورالدين بن
شيخ سراج الدين بن
شيخ وجيهه الدين بن
شيخ مسعود بن
شيخ رضي الدين بن
شيخ الشيوخ عم شهاب الدين صديقي سهروردي بن
شيخ محمد بن
شيخ عبدالله بن
شيخ محمد بن
سيدنا شيخ عبدالله عموميه بن
شيخ سعد بن
سيدنا الحسين بن
سيدنا شيخ القاسم بن
سيدنا شيخ نضر بن
سيدنا شيخ القاسم بن
سيدنا شيخ نضر بن
سيدنا شيخ القاسم بن
سيدنا شيخ نضر بن
سيدنا عبدالرحمان بن
سيدنا شيخ القاسم بن
سيدنا ابي حفص محمد بن
سيدنا ابوبڪر صديق رضه
ڪتاب: ”ڪشف مبهم مشڪلات“ تان ورتل
[b]پاٽ شريف ۽ آس پاس واريون درگاهون
[/b] پاٽ شريف ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪيترن ئي بزرگن جون درگاهون آهن، شهر جي اتر ۾ مخدوم فضل الاهي جي درگاهه آهي ۽ وهندڙي ڀرسان قاضي شفيع محمد واري درگاهه آهي ۽ دادو ڪئنال لڳ مخدوم زين العابدين جي درگاهه آهي، شهر جي ڏکڻ ۾ سيد حسن علي شاهه المعروف سائين پپو جي درگاهه آهي ۽ اتي روضي اندر ٻين ساداتن جون به مزارون آهن، سيد حسن علي شاهه انتهائي نيڪ ۽ سٻاجهڙو انسان هو جيڪو جوانيءَ ۾ ئي الله کي پيارو ٿي ويو. شهر جي اوڀر ۾ پاٽ پراڻي تي مشهور بزرگ حاجي پير اسماعيل جي درگاهه سان گڏ اتر ۾ سيد معصوم شاهه جي به مزار آهي، ان کان علاوه مٽلي فقير جي به درگاهه رستي ۾ آهي، مٽلي فقير بابت چيو وڃي ٿو ته هي مشهور اولياءَ حاجي پير اسماعيل جي درگاهه جو خدمتگار هو ۽ مٽيون ڀريندو هو، پاٽ شريف جي اوڀر ۾ بچاءُ بند هيٺان الله جي ڪامل ولي سيد ناصر شاهه لڪياري جي درگاهه آهي، هن بزرگ بابت معلوم ٿئي ٿو ته سندس تعلق لڪي شاهه صدر جي خاندان سان آهي، سيد ناصر شاهه جي درگاهه ڀرسان ناصراڻي ڳوٺ به تعمير ٿيل هوندو هو، جتي لڪياري سيد ۽ ٻيون ذاتيون به رهنديون هيون، پاٽ شريف جي ڏکڻ ۾ سيد پنهل شاهه جي مزار آهي، جتي سيد خاندان جا ٻيا به ڪيترائي بزرگ هن درگاهه ۾ مدفون آهن، سيد پنهل شاهه جو تعلق نيوڪلري واري ڳوٺ سان هو ۽ پاٽ شريف جي قاضي قاسماڻي واري قبرستان ۾ سندن آخري آرامگاهه ۽ درگاهه آهي، پاٽ شريف لڳ ٻيون به ڪيتريون ئي درگاهون آهن، اولهه ۾ ڌيرڻ پير، ”سيد گلاب شاهه“، ڏکڻ ۾ بچاءُ بند لڳ ”دنبل پير“، اوڀر ۾ ”مسافر پير“، ”جيجي ستي جتي“، اتر ۾ ”پير شير“ ۽ ”پير ڪنڊو“ جون مزارون آهن، ان کان علاوه پاٽ شريف ۾ خليفه محمد جمن خاصخيلي، پاٽ پراڻي ۾ ميهر فقير ۽ قاضي قاسماڻي ۾ هڪ بنگالي ڪاجل فقير جا آستانه به آهن، جتي به ماڻهن جي اچ وڃ آهي.
[b]پاٽ شريف جون مسجدون
[/b]درگاهه فضل الاهي واري مسجد
پراڻي بازار واري مدينه مسجد
قاضي شفيع درگاهه واري مسجد
سومرا محلا واري مسجد
چنا محلا واري مسجد
چانڊيه محلا واري حسيني مسجد
برهماڻي محلا گل حسن فقير واري مسجد
پرائمري اسڪول واري مسجد
رڪشا اسٽاپ واري مسجد
پيٽرول پمپ اسٽاپ واري مسجد
جوڻيجا محلا واري مسجد
چانڊيا محلا روڊ واري مسجد
ملاح محلا واري مسجد
بازار واري لطيفي مسجد
پاٽ پراڻي واري مسجد
درگاهه پنهل شاهه واري مسجد
بچاءُ بند حافظ قاسم واري مسجد
[b]پاٽ شريف جا مدرسا
[/b]
پاٽ شريف جي مختلف پاڙن ۾ شروع کان وٺي مدرسن جو بنياد وڌو ويو هو، جتي شاگرد ديني تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ پاٽ شريف جي ڪجهه مشهور مدرسن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
[b]مدرسه فضل الاهي:[/b] هي مدرسو درگاهه فضل الاهي جي نالي جي نسبت سان قائم ڪيو ويو، جتي مخدوم پاٽائي بزرگ پنهنجي نگراني ۾ هي قديم مدرسو هلائيندا هئا ۽ ان وقت ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ديني ۽ دنوي تعليم جهڙي زيور سان نوازيندا هئا، يعني انهن ٻارڙن کي قرآن پاڪ پڙهائڻ سان گڏ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي مضمونن پڙهائڻ تي عبور حاصل ڪرائيندا هئا، سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ بزرگن هن مدرسي مان فيض حاصل ڪيو.
[b]مدرسه صديقين شُهداءِ:[/b] هي مدرسو وهندڙي ڀرسان قائم صديقين شهداءِ مسجد جي نالي جي نسبت سان هلندڙ آهي، جيڪو غني ٽرسٽ جي سرپرستن قاضي عبدالستار، قاضي عبدالجبار، قاضي سليم الله ۽ پروفيسر قاضي عبدالشڪور صديقي طرفان تعمير ڪرايو ويو آهي، هن مدرسي ۾ ماهر استادن جي نگراني ۾ شاگرد ديني تعليم پرائي رهيا آهن.
[b]مدرسه حسيني: [/b]هي مدرسو چانڊيا محلا ۾ قائم آهي ۽ قمبر واري سائين سيد غلام حسين شاهه جي خاص مريد فقير مينهون خان چانڊئي پنهنجي مرشد سان عقيدت طور هي حسيني مدرسو قائم ڪرايو آهي، جنهن ۾ هتان جا ٻارڙا صبح جو سوير روزانو قرآن پاڪ پڙهڻ لاءِ ويندا آهن.
[b]مدرسه عربيه محمديه فيضان القرآن:[/b] هي مدرسو چنا محلا ۾ تعمير ڪرايو ويو آهي، هن کان اڳ ۾ سن 1920ع ۾ هتي مدرسو هوندو هو، جيڪو 1973ع تائين هلندو رهيو، پاٽ شريف جي زميندار امير الدين چنا عرف گلزار چنا سن 2009ع ۾ نئين سر خوبصورت بلڊنگ تعمير ڪرائي پنهنجي وڏڙن جي ايصال ثواب خاطر هي مدرسو تعمير ڪرايو، جتي پاٽ شريف جي مشهور عالم حافظ عبدالرزاق ملاح کي معلم جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو، جنهن جي نگراني ۾ ڪيترائي شاگرد قرآن پاڪ پڙهي حافظ بڻجي ويا آهن، ان کان علاوه چنا پاڙي جي هڪ ٻي جاءِ تي نياڻين جي لاءِ به مدرسو تعمير ٿيل آهي.
[b]پاٽ شريف جا قبرستان
[/b]
درگاهه فضل الاهي وارو قبرستان: درگاهه فضل الاهي پاٽ شريف واري قبرستان ۾ مخدوم صديقي خاندان جا بزرگ ۽ خاندان جا ٻيا به ڪيترائي فرد دفنايل آهن.
مدينا مسجد وارو قبرستان: هي قبرستان پاٽ شريف جي پراڻي بازار لڳ آهي، هتي ڀٽي ذات وارن ماڻهن پنهنجي خاندان جا ماڻهو دفنائڻ شروع ڪيا ته هن قبرستان کي ڀٽين وارو قبرستان به چيو ويندو هو، حاجي محمد قاسم لوهر طرفان مدينه مسجد نالي هڪ خوبصورت مسجد به تعمير ڪرائي وئي، اها به هن ئي قبرستان جي ڀرسان آهي، ان کان علاوه هتي آخوند عبدالله ميمڻ ۽ ٻين جون تربتون آهن.
لطيفي مسجد وارو قبرستان: پاٽ شريف جي شاهي بازار جي وچ تي لطيفي مسجد جوڙايل آهي ۽ ان جي ڀرسان هڪ ننڍڙو قبرستان آهي، جنهن ۾ هتان جو سينيئر صحافي مرحوم عبدالرحمان صديقي، طبي ماهر ميان امداد حسين صديقي ۽ محمد ڇٽل جون مزارون آهن، هن قبرستان ۽ ان جي ڀرسان قاضين واري اوطاق ۽ لطيفي مسجد جو خدمتگار مرحوم احمد فقير ملاح هو، ان جي وفات بعد سندس پٽ مبين احمد، نديم احمد، نعيم احمد ملاح ۽ ٻيا سار سنڀال ڪن ٿا.
مسڻن وارو قبرستان: مسڻن واري قبرستان کي شهر وارو قبرستان به چيو ويندو آهي، هي تمام قديمي قبرستان آهي، چيو وڃي ٿو ته ڪنهن دور ۾ هندو پنهنجي لاشن جون آخري رسمون به هن ئي قبرستان جي ڀرسان ادا ڪندا هئا، جنهن جا ڪجهه نشان اڃا تائين به موجود آهن ۽ پاسي ۾ پاڻي واري کڏ به موجود آهي، جنهن ۾ انهن لاشن جي خاڪ وڌي ويندي هئي ۽ مسلمانن جو قبرستان ان جي ڀر ۾ هئڻ ڪري هن کي اڄ تائين به مسڻن وارو قبرستان چيو ويندو آهي.
پاٽ پراڻي وارو قبرستان: پاٽ پراڻيءَ واري دڙي تي به وڏي ايراضيءَ ۾ قبرستان آهي، هن ئي قبرستان ۾ مشهور اولياءَ حاجي پير اسماعيل جي درگاهه آهي ۽ هن قبرستان کي ڪي ڪي ماڻهو حاجي پير اسماعيل وارو مقام به چوندا آهن، هن قبرستان ۾ تاريخ جون ڪيتريون ئي نامور هستيون دفن ٿيل آهن، هن ئي قبرستان جي اوڀر ۽ اتر واري ڪنڊ تي دري شاهه وارو به مقام آهي.
ناصراڻي قبرستان: هي قبرستان پاٽ شريف جي اوڀر ۾ بچاءُ بند لڳ ڪچي جي علائقي ۾ آهي، ڪنهن وقت ۾ ناصراڻي ڳوٺ جو وجود هوندو هو ۽ ان ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجي ميتن کي هتي دفنائيندا هئا، هن ئي قبرستان ۾ الله جي ڪامل ولي سيد ناصر شاهه لڪياري جي درگاهه آهي ۽ ان جي احاطي ۾ ڪجهه سيدن جون مزارون به آهن، هن قبرستان ۽ درگاهه جي سنڀال گادي نشين سيد سڪندر علي شاهه ڪندو آهي ۽ ارباب علي زرداري به خاص خدمتگار آهي.
انصاري مسجد وارو قبرستان: پاٽ شريف جي اتر ۾ انصاري محلا واري مسجد لڳ قبرستان آهي، جنهن ۾ جوڻيجا، انصاري، ميمڻ ۽ ٻين ذاتين وارن ماڻهن جا عزيز قريب دفنايل آهن، هن مسجد ۽ قبرستان جي سار سنڀال لهڻ لاءِ مرحوم مزاج حسين جوڻيجو اڪثر ڪري حيدرآباد کان ايندو رهندو هو.
سيد جان محمد شاهه وارو قبرستان: شهر ۾ سيد جان محمد شاهه واري قبرستان ۾ صرف ساداتن جون ئي مزارون آهن، جنهن ۾ وقت جي هڪ يگاني ڪردار ۽ مهمان نواز سيد جان محمد شاهه، تعليمي ماهر ۽ هڪ بهترين شخصيت سيد نور خان شاهه ۽ سيد حسن علي شاهه کان علاوه ڪجهه جيجين سڳورين جون به مزارون آهن ۽ هاڻي سيد نواب علي شاهه ۽ سيد جمال شاهه جي سرپرستي ۾ هنن مٿان مقبرو جوڙايو ويو آهي.
قاضي قاسماڻيءَ وارو قبرستان: پاٽ شريف جي شهر ٻاهران ڏکڻ طرف قاضي قاسماڻيءَ وارو قبرستان آهي، قاضي قاسماڻي پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي، هن قبرستان ۾ مشهور اولياءَ سيد پنهل شاهه جي به درگاهه آهي ۽ هتي گهڻي کان گهڻا حافظ سڳورا به دفنايل آهن، ان جي ڪري هن کي حافظن وارو مقام به چوندا آهن، چيو وڃي ٿو ته رات جو ڪيترن ئي ماڻهن هن قبرستان جي تربتن مان تلاوت ڪرڻ جا آواز به ٻڌا آهن، هن قبرستان ۾ سنڌ جي ڀلوڙ يڪتاري ۽ چپڙي جي مشهور فنڪار گلشير تيوڻي جي آخري آرامگاهه به هتي ئي آهي، هي تمام پراڻو ۽ قديمي قبرستان آهي، جنهن جي تمام وڏي ايراضي آهي، هن قبرستان ۾ پاٽ شريف کان علاوه آس پاس جي ٻين ڳوٺن نيو ڪلري، اولڊ ڪلري، مٺي واهڻ، بچل چانڊيو، اسماعيل تيوڻو، ڪامل تيوڻو، ناصراڻي ۽ ٻين ڳوٺن جا ماڻهو دفنايا وڃن ٿا.
دادو ڪئنال وارو قبرستان: پاٽ شريف جي اولهه ۾ دادو ڪئنال وارو قبرستان آهي، هي قبرستان لانگاهه پاڙي جي ڀرسان آهي، هي به تاريخي قبرستان آهي، جنهن ۾ مشهور اولياءَ مخدوم زين العابدين جي درگاهه آهي.
قاضي شفيع محمد وارو قبرستان: قاضي شفيع محمد وارو قبرستان شهر جي اتر ۾ وهندڙيءَ ڀرسان آهي، هي قبرستان به تمام گهڻو قديمي آهي، ڪنهن وقت ۾ هن قبرستان جي سار سنڀال مشهور قانوندان عبدالوحيد صديقي ڪندو هو ۽ ان کان پوءِ مخدوم عبدالجبار صديقي، عبدالستار صديقي، سليم الله صديقي ۽ پروفيسر قاضي عبدالشڪور پنهنجي وڏڙن جي قبرستان جي سار سنڀال لهن ٿا ۽ هن وقت هتي خوبصورت مسجد ۽ ان جي ڀر ۾ الله سائين جي نالن وارو هڪ وڏو مينار ۽ مدرسو به تعمير ڪرايو ويو آهي، مشهور بزرگن حاجي علي گوهر صديقي، حاجي شفيع محمد قاضي ۽ ٻين جون مزارون به هن ئي قبرستان ۾ آهن.
[b]پاٽ شريف جون امام بارگاهون
[/b]امام بارگاهه سيد محلا ”محبان قلندر“
امام بارگاهه لانگاهه محلا
امام بارگاهه پنهور محلا ”حيدري امام بارگاهه
امام بارگاهه فقير رجب ڪلهوڙو
امام بارگاهه لاهوتي قمرالدين چانڊيو ”سفينا شهباز قلندر“
امام بارگاهه علي نواز عباسي
امام بارگاهه شيخ محلا
امام بارگاهه جوڳي محلا
[b]عزاداري[/b]
پاٽ شريف ۾ عزاداري ته اصل کان ٿيندي پئي اچي پر اهلبيتن سان خاص عقيدت ۽ محبت رکندڙ هتان جي ڪجهه مومنن سيد پڃل شاهه، سيد نثار علي شاهه، غلام قادر ميمڻ، سيد زين العابدين شاهه، سيد ديدار علي شاهه، سيد ذوالفقار علي شاهه، سيد اظهار علي شاهه، لاهوتي شعبان پنهور، قمرالدين چانڊيو، راجا لانگاهه ۽ سيد فدا حسين شاهه اَهِلتَشِيع جي منظم تنظيم سازي جوڙي عزاداري جي شروعات ڪئي ۽ هتي هر سال محرم پاڪ ۾ ستين کان ڏهين تاريخ تائين مختلف امام بارگاهن تان ماتمي جلوس نڪرندا آهن ۽ انجمن قلندري پاڪستان يونٽ پاٽ شريف طرفان 7 محرم تي پنهور محلا مان ماتمي جلوس نڪرندو آهي ۽ سيد زاهد شاهه جي حويلي مبارڪ تي صرف عورتن لاءِ خاص مجلس ٿيندي، جنهن ۾ ذاڪرياڻيون شان اهلبيت بيان ڪنديون آهن، 8 محرم تي شيخ محلا واري امام بارگاهه تان سرائي علي اڪبر شيخ جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس نڪرندو آهي ۽ شيخ برادري جا ٻاهريان عزادار بسون ڀري اچي هن جلوس ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ بازار ۾ چاقن ڇرين ۽ زنجيرن سان مومن ماتم ڪندا آهن، 9 محرم تي سيد محلا واري امام بارگاهه تان سيد ذوالفقار علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس نڪرندو آهي ۽ 10 محرم تي لاهوتي قمرالدين چانڊيو واري امام بارگاهه تان ماتمي جلوس نڪرندو آهي، جيڪو بازار ۽ جوڳي محلا واري امام بارگاهه کان ٿيندو راجا لانگاهه واري امام بارگاهه وٽ نهر ٿيندو آهي، هنن سڀني ماتمي جلوسن ۾ مشهور نوحه خوان محمد يوسف سرهيو، اعجاز علي عباسي، سيد فدا حسين شاهه، سيد ذوالفقار علي شاهه، سيد جبار علي شاهه، عطر جوڳي، سيد الطاف شاهه، پنهل چانڊيو، لاهوتي غلام رسول چانڊيو، لاهوتي انور چانڊيو، سيد اظهار علي شاهه، سيد سجاد علي شاهه، قربان علي ڪلهوڙو ۽ محمد بچل ڪلهوڙو پنهنجي پرسوز آواز ۾ نوحه پڙهندا آهن، ان موقعي تي ميڊيڪل ڪئمپ به لڳائي ويندي آهي ۽ پوليس حفاظتي انتظام سنڀاليندي آهي.
[b]پاٽ شريف جون اوطاقون
[/b] سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جيان مهمان نوازيءَ جي حوالي سان پاٽ شريف ۾ به ڪيتريون ئي اوطاقون هيون، جتي مقامي ماڻهن جون هڪ ٻئي سان ڪچهريون ٿينديون هيون، حال آهر غريب مسڪين ماڻهن وٽ به پنهنجون پنهنجون بيٺڪون هونديون هيون پر پاٽائي زميندارن ۽ ڪجهه ٻين مهمان نواز ماڻهن جون جيڪي اوطاقون مشهور هيون، انهن ۾ ميان فتح محمد جوڻيجو جي اوطاق، رئيس انورالدين انصاري جي اوطاق، رئيس محمد عمر چنا جي اوطاق، خانصاحب عبدالله چنا جي اوطاق، ماستر خالقڏنو چنا جي اوطاق، رئيس عصمت الله جوڻيجو جي اوطاق، رئيس نظر محمد برهماڻي جي اوطاق، جسٽس زيڊ اي چنا جي اوطاق، ولي صاحب واري اوطاق، عمران انصاري ۽ رئيس عبدالغني انصاري واري اوطاق، عبدالعزيز انصاري واري اوطاق، سيد جان محمد شاهه واري اوطاق، سيد قاسم علي شاهه واري اوطاق، شانو لانگاهه واري اوطاق، شجاع احمد جوڻيجو واري اوطاق، مخدوم سڪندر احمد صديقي واري اوطاق، مخدوم افتخار الحق صديقي واري اوطاق، فهيم احمد ميمڻ جي اوطاق، حاجي ڪريم بخش صديقي واري بيٺڪ ”صديقي هائوس“، مرحوم سيد حسن علي شاهه عرف سائين پپو واري اوطاق سندس والد صاحب سيد جان محمد شاهه واري ساڳي اوطاق آهي ۽ ان ئي اوطاق تي جديد طرز تي سيد نواب علي شاهه خوبصورت ۽ پڪي بلڊنگ تعمير ڪرائي آهي، جتي آئي وئي مهمانن ۽ مسافرن کي ماني ٽڪي کارائي سندن خدمت ڪئي وڃي ٿي، ان کان علاوه هتي سيد رياض علي شاهه جي اوطاق، رئيس الهڏنو خان چانڊيو جي اوطاق، سيٺ ڪنڊو خان برهماڻي جي اوطاق، مرحوم محمد مٺل برهماڻي، لونگ خان برهماڻي جي اوطاق، علي گوهر چانڊيو جي اوطاق، رئيس نثار احمد برهماڻي جي اوطاق، عبدالغني سومرو جي اوطاق، منور حسين صديقي واري اوطاق، ميان امداد حسين صديقي واري اوطاق، سيد نورل شاهه واري اوطاق، سائين عزيز الله سومرو واري اوطاق، ارباب علي چنڙ واري اوطاق، محمد جمن خاصخيلي واري اوطاق، رئيس ذوالفقار چانڊيو واري اوطاق سميت ٻيون اوطاقون شامل آهن، هنن اوطاقن مان ڪيتريون ئي اوطاقون وقت ۽ حالاتن سبب اجڙي ويون آهن ۽ ڪي آباد آهن.
[b]پاٽ شريف جو پوليس ٿاڻو
[/b] پاٽ شريف ۾ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سال 1990ع ۾ پوليس پوسٽ قائم ڪئي وئي، اول هي ٿاڻو شهر ۾ قائم ڪيو ويو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ سرڪاري اسپتال جي خالي پيل ڪجهه ڪوارٽرن ۾ هن ٿاڻي کي شفٽ ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي، پوليس پوسٽ پاٽ شريف تي جيڪي انچارج اڄ تائين ڊيوٽي سرانجام ڏئي چڪا آهن انهن ۾ پنهل خان سولنگي، غلام نبي سولنگي، اعجاز احمد سمون، محمد ايوب بروهي، اعجاز علي سولنگي، امداد علي پتافي، مظفر مهدي، روشن علي ساهڙ، محمد صديق ملاح، مظهر علي جهتيال، نظام الدين برهماڻي، نبي بخش سولنگي، بخت حسين ٻگهيو، مظهر علي پتافي، احمد خان ملاح، غلام مصطفيٰ ابڙو، طارق علي کهڙو، سيد مرتضيٰ شاهه، لشڪري خان پنهور، لونگ خان سولنگي، رجب علي برهماڻي، عبدالستار چانڊيو، علي نواز برهماڻي، غلام حسين برهماڻي، نياز احمد چانڊيو، اڪبر علي چانڊيو، غلام سرور برهماڻي، روشن علي بروهي، علي گل قريشي، قربان علي چانڊيو، محمد رمضان برهماڻي، نثار احمد برهماڻي ۽ ڪليم الله پنهور شامل آهن، هي پوليس پوسٽ رڪڻ پوليس اسٽيشن جي ماتحت ۽ ان جي حد ۾ آهي.
[b]يونين ڪائونسل پاٽ شريف جي آفيس
[/b]
يونين ڪائونسل پاٽ شريف 1945ع کان قائم آهي ۽ 1962ع ۾ لوڪل گورنمينٽ جي تحويل هيٺ اچڻ کانپوءِ هر يونين ڪائونسل با اختيار ٿي ڪم ڪيو، يونين ڪائونسل پاٽ شريف جو آفيس ڪوڊ نمبر 32 آهي، هن آفيس ۾ انتظامي حوالي سان سرڪاري ملازم به مقرر ڪيل آهن ۽ وقت بوقت ملڪ ۾ ٿيندڙ بلدياتي يا مڪاني اليڪشن ۾ عوامي نمائندا چونڊجي اچڻ کانپوءِ يونين ڪائونسل جا انتظام سنڀاليندا آهن. ڄمڻ جي سرٽيفڪيٽ کان ويندي رهائشي سرٽيفڪيٽ، نڪاح نامو، فوتگي سرٽيفڪيٽ پڻ يوسي آفيس مان جاري ڪيا ويندا آهن ۽ شهر جي صفائي سٿرائي سميت ٻيا ڪيترائي ڪم هن ئي آفيس جي ذمي آهن.
1970ع کان 2017ع تائين مليل رڪارڊ مطابق يونين ڪائونسل پاٽ شريف جا انتظامي سربراهه

[b]صحت مرڪز پاٽ شريف
[/b]
پاٽ شريف جي ماڻهن کي علاج جي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ هتي 1980ع ۾ سرڪاري پراجيڪٽ تحت صحت مرڪز قائم ڪيو ويو ۽ هن کي عام طرح سرڪاري اسپتال به چوندا آهن، 1985ع ۾ هن کي ”BHU“ بيسڪ هيلٿ يونٽ بنايو ويو ۽ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان هڪ ايڪڙ کان وڌيڪ پلاٽ تي هن اسپتال جي بلڊنگ تعمير ڪرائي وئي، جنهن ۾ 25 ڪمرا شامل آهن ۽ انهن ۾ 14 بيڊن لاءِ الڳ الڳ بلاڪ، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي اسٽاف لاءِ رهائشي ڪالوني ۽ ايڊمنسٽريٽر بلاڪ شامل آهن، هن اسپتال ذريعي يونين ڪائونسل پاٽ شريف جي اٽڪل چاليهه ڳوٺن جي ماڻهن کي علاج جي مفت سهولت ملي ٿي پر جيتري هن اسپتال جي وڏي بلڊنگ آهي، افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته اعليٰ اختيارين ۽ سياستدانن جي بي ڌياني سبب هن کي اپ گريڊ نه ڪيو ويو آهي، اپ گريڊ ڪرڻ سان هن کي ”RHC“ رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ملندو ۽ هي صحت مرڪز چوويهه ڪلاڪ عوام کي صحت جي حوالي سان علاج جي سهولت فراهم ڪندو. جنهن ۾ هر وقت عملو موجود هوندو، ميل ۽ فيميل ڊاڪٽر موجود هوندا، ان کان علاوه ايڪسري پلانٽ ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ آپريشن ڪيا ويندا، هن وقت تائين اسپتال جي ڪجهه حصي جا ته ڪمرائي ڊهي ويا آهن، بهرحال هن اسپتال تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن اسپتال جي ميڊيڪل آفيسرن ۾ ڊاڪٽر امام بخش چنا، ڊاڪٽر مقصود احمد عباسي، ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي، ڊاڪٽر غلام الله سمون، ڊاڪٽر محمد نواز کوکر، ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير، ڊاڪٽر شعيب قاضي ۽ ڊاڪٽر يامين ٻٻر شامل آهن، جڏهن ته فيميل ڊاڪٽرس ۾ ڊاڪٽر شبنم ڳورڙ، ڊاڪٽر امينه ٻگهيو، ڊاڪٽر صبيحه خاصخيلي، ڊاڪٽر مينا ڪماري ڊيوٽي سرانجام ڏئي چڪيون آهن، ان کان علاوه 20 ليڊي هيلٿ ورڪر، ليڊي هيلٿ سپروائيزر نسيم ميمڻ ۽ شازيه پنهور جي نگراني ۾گهر گهر وڃي علاج فراهم ڪن ٿيون ۽ ان کان علاوه ميل نرسنگ اسٽاف ۾ امير علي پنهور، افضل ملاح، عنايت الله چنا، پير مٺل مليريا سپروائيزر ۽ مفيد احمد چنا شامل آهن، سنڌ جي ٻين اسپتالن جيان هن صحت مرڪز کي به 2008ع کان وٺي (PPHI) جي ماتحت اسٽاف ۽ دوائون ڏنيون وڃن ٿيون.
[b]يوسي پاٽ شريف جا پرائمري اسڪول
[/b]
بوائز اسڪول گرلس اسڪول
1. GPS مٺي واهڻ 1. GPS مٺي واهڻ
2. GPS عبدالرحيم برهماڻي 2. GPS پرائمري گرلس اسڪول چنا محلا پاٽ
3. GPS قادر بخش پاتڻي پاٽ 3. GPS پرائمري گرلس اسڪول مخدوم محلا پاٽ
4. GPS برهماڻي محلا پاٽ 4. GPS اولڊ ڪلري گرلس اسڪول
5. GPS مين پرائمري اسڪول پاٽ 5. GPS سيتا ننڍي
6. GPS اولڊ ڪلري
7. GPS اسماعيل تيوڻو
8. GPS درگاهه حاجي پير اسماعيل
9. GPS غازي پلهه
10. GPS دٻي
11. GPS ساٿي پلهه
12.GPS آندل خان چانڊيو
13. GPS بهرام خان چانڊيو
14. GPS چڪ احمدي
15. GPS سعيد خان چانڊيو
16.GPS پهلوان سيال
17. GPS مير محمد چانڊيو
18. GPS کاٽ ڪولاچي
19. GPS جعفر چانڊيو
20. GPS ماڪوڙو ڪنڀر
21. GPS مسو ڪنڍاڻي
22. GPS راڄو ديرو
23. GPS گلڻ جا ڀاڻ
24. GPS سيتا ننڍي
25. GPS سيتا وڏي
[b]پاٽ شريف جا تعليمي ادارا
[/b]
علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول 1954ع سرڪاري
قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول 1915ع سرڪاري
گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول 1989ع سرڪاري
مخدوم شمس الحق پرائمري اسڪول 1959ع سرڪاري
چنا محلا پرائمري اسڪول 1991ع سرڪاري
برهماڻي محلا پرائمري اسڪول 1993ع سرڪاري
قادر بخش پاتڻي پرائمري اسڪول 1994ع سرڪاري
حافظ محمد قاسم پرائمري اسڪول پاٽ پراڻي 1985ع سرڪاري
اسلاميه هاءِ اسڪول 1954ع پرائيويٽ
مسلم هاءِ اسڪول 1966ع پرائيويٽ
فخر ڪريم ماڊل هاءِ اسڪول 2003ع پرائيويٽ
مخدومي پبلڪ اسڪول 2008ع پرائيويٽ
استاد محمد ذاڪر ٽيچرس انسٽيٽيوٽ 2010ع پرائيوٽ
[b]قاضي احمدي گورنمينٽ ماڊل مين پرائمري اسڪول پاٽ شريف
[/b]
قاضي احمدي گورنمينٽ ماڊل پرائمري اسڪول پاٽ شريف تمام قديمي اسڪول آهي، پاٽ شريف جي آنرري مئجسٽريٽ قاضي ميان احمدي صديقي 1915ع ۾ هي اسڪول تعمير ڪرايو ۽ لڳ ڀڳ هڪ ايڪڙ تائين هن اسڪول لاءِ پلاٽ عطئي طور ڏنائين ته جيئن هتان جا ماڻهو تعليم طرف راغب ٿين، هن اسڪول کان پهرين قاضي صاحب پنهنجي اوطاق واري بنگلي ۾ اسڪول کوليو هو ۽ ان کانپوءِ 1915ع ۾ هي بلڊنگ جوڙائي ۽ هن عظيم عاليشان عمارت جي نقاب ڪشائي ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي جي ڊپٽي ڪليڪٽر ”ميڪلن“ ڪئي ۽ ان کان علاوه ان تقريب ۾ سر شاهنواز ڀٽو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شمس الدين بلبل، سيد الهندو شاهه ۽ ڪجهه انگريز ڪامورن شرڪت ڪئي، هن اسڪول ۾ نم، ٻٻر، ٽالهي، آسرنهن ۽ انبن جا وڻ هوندا هئا ۽ اسڪول آڏو گول چڪري ۾ خوبصورت گلن جا ٻوٽا پوکيل هوندا هئا، جڏهن ته هتي ميندي به پوکيل هوندي هئي، هن اسڪول جي هيڊ ماسترن ۾ مسٽر جيئومل، احمد بخش ميمڻ، حاجي حسن علي شاهه، غلام مصطفيٰ صديقي، مخدوم شمس الحق صديق، محمد عارب ميمڻ، مولا بخش ملاح، محمد بخش ميمڻ، رجب علي سومرو، منظور علي چانڊيو، نور محمد چانڊيو ۽ سڪندر علي چانڊيو شامل آهن. سال 2006ع ۾ ان وقت جي چيف سيڪريٽري سنڌ متوڪل قاضي صاحب پنهنجي اباڻي شهر جي هن اسڪول واري ڪچي بلڊنگ ڊهرائي ساڳئي ئي نقشي سان پڪي عمارت جوڙائي، هن اسڪول کي مين پرائمري اسڪول به چوندا آهن، هن اسڪول ۾ اڄ تائين به اسڪولي شاگردن جي سراسري سٺي ۽ وڌيڪ آهي. هن اسڪول جي سينيئر استادن ۾ الهه بخش ميمڻ، سيد مظفر علي شاهه، غلام قادر عباسي، سيد انور علي شاهه، محمد صفر سولنگي، پيرل ميمڻ، گلاب ميمڻ، ارباب علي عباسي، منير احمد سومرو، فدا حسين چانڊيو، غلام حسين چنا مرحوم، غلام حسين ملاح، عشرت حسين خاصخيلي، عبدالخالق ميمڻ، غلام شبير ميمڻ، نورالنبي ميمڻ، اياز حسين عباسي، عبدالستار ميمڻ، صدام چنا، جميل احمد چنا، فدا حسين خاصخيلي، راهب خان چانڊيو، شامل آهن. اسڪول جو سيميز ڪوڊ 402010448 آهي ۽ اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي به ٺهيل آهي، هن اسڪول ۾ ڪيتريون ئي نامور شخصيتون تعليم پرائي چڪيون آهن، جيستائين هن اسڪول جو وجود آهي، تيستائين هن اسڪول جو بنياد وجهندڙ شخصيت قاضي ميان احمدي ولد مخدوم ميان علي گوهر صديقي کي شاگرد دعائون ڏيندا رهندا.
[b]گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول پاٽ شريف
[/b] پاٽ شريف ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ اول مڊل تائين هڪ اسڪول قائم هوندو هو ۽ اهو اسڪول رئيس انورالدين انصاري جي گهر ڀرسان گهٽيءَ جي اتر ۾ هوندو هو، ان اسڪول کي 1989ع ۾ اپ گريڊ ڪري هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽ ان گرلس هاءِ اسڪول جي بلڊنگ سيد محلا ۾ تعمير ڪرائي وئي، هن اسڪول ۾ پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جون نياڻيون تعليم پرائين ٿيون، هن اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس طور ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙن ۾ آپا شهمير انصاري، آپا منصوره چنا، آپا نزيده عباسي، آپا فرزانه چنا، آپا رشيده چنا، آپا تسليم آرائين، آپا افروز صديقي، آپا ڪريما پنهور، آپا شبينا آرائين، آپا ملڪه ناز سولنگي، آپا رشيده سمون، آپا رضيه سلطانه پنهور ۽ آپا ناهيد سومرو شامل آهن.
[b]علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف
[/b] علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف 1954ع ۾ قائم ٿيو، ان کان پهرين هي اسڪول اسلاميه هاءِ اسڪول جي نالي سان مشهور هو ۽ تعليمي ماهر سر ڪريم بخش چنا ان پرائيويٽ اسڪول جو ۽ هاسٽل جو بنياد وڌو ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن شاگردن جي رهڻ لاءِ پنهنجي ذاتي رهڻ واري جاءِ ۽ ان جو سمورو سامان هاسٽل کي عطئي طور ڏنو ۽ پري پري جا شاگرد ان پاٽ واري هاسٽل ۾ رهندا هئا، ڪريم بخش چنا صاحب طرفان اسلاميه هاءِ اسڪول جي استادن کي پنهنجي کيسي مان پگهار ادا ڪئي ويندي هئي، سندن لاءِ مشهور آهي ته هڪ دفعي پاڻ گهر جا سونا زيور وڪڻي استادن کي پگهار ڏنائون، چنا صاحب جي ئي ڪوشش سان هي اسڪول 1954ع ۾ گورنمينٽ ۾ ضم ڪيو ويو ۽ ڪريم بخش چنا صاحب جي ئي اسرار تي هن اسڪول جو نالو علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف رکيو ويو، هن اسڪول ۾ ڪيترين ئي نالي وارين شخصيتن تعليم حاصل ڪئي، هن اسڪول جي پراڻي بلڊنگ ايريگيشن آفيس جي ڀرسان هوندي هئي، سال 1988ع ۾ سرڪاري اسپتال ڀرسان نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي وئي، جيڪا اڄ تائين موجود آهي، هن اسڪول ۾ نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرميون به ٿينديون رهن ٿيون، اسڪول آڏو ڪشادو ميدان به آهي، جتي شاگرد رانديون کيڏندا آهن ۽ ان کان علاوه مذهبي ۽ ثقافتي ڏهاڙا به ملهايا ويندا آهن، جڏهن ته دادو ڪئنال ڀرسان هجڻ سبب انبن جي سيزن ۾ پڪنڪ به ملهائي ويندي آهي ۽ استادن طرفان شاگردن کي مختلف شهرن ۽ تاريخي ماڳن جو سير ڪرائڻ لاءِ ٽوئر جا پروگرام به جوڙيا ويندا آهن. اسڪول کي ملندڙ فنڊن ۽ ٻين معاملن تي نظرثاني لاءِ (SMC) اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي به جڙيل آهي.
[b]علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف جا هيڊ ماستر صاحبان
[/b]
علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف جو جڏهن به ذڪر ڪبو ته هن اسڪول جو بنياد وجهندڙ نامياري تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ ڪريم بخش چنا صاحب جو نالو فائونڊر آف اسڪول طور ورتو ويندو آهي، هتي 1954ع کان وٺي 2017ع تائين ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ انهن هيڊ ماستر صاحبان جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
عبدالقادر چنا ارباب علي شاهه
حبيب الله صديقي محمد بخش لاشاري
شهاب الدين عباسي محمد حسن انصاري
وقت احمد مرزا شرف الدين سومرو
امير بخش شيخ محمد اسماعيل پنهور
نندلال ناراني روشن علي صديقي
شفيع احمد چنا قمرالدين
عبدالحئي لوڌي محمد صالح راهوجو
نجيه الله بشير احمد سمون
محمد صالح سهتو علي اڪبر جهتيال
غلام محي الدين شاهه گل شبير پنهور
علي احمد چانڊيو مير نواز ملاح
عبدالله لاکير
غلام حيدر سولنگي
سبز علي ميمڻ
(هن اسڪول جي مثالي استادن ۾ عبداللطيف صديقي، شاهه محمد ڪولاچي، محمد حسين سومرو، رحيم بخش جوڻيجو، عبدالرحيم چنا، عزيز الله سومرو، حافظ مير محمد چنا، عبداللطيف چنا، دين محمد سومرو، روشن علي پلهه، محمد اڪرم سومرو، نياز احمد برهماڻي، محمد زمان چنا، غلام مصطفيٰ لهٻر،شاهد حسين پلهه، مسرور حسين عباسي، محمد زمان سومرو، رياض حسين چانڊيو، محمد اسلم چانڊيو، اختر عباسي، آصف علي قمبراڻي، علي اصغر ابڙو، محمد الياس آرائين، شفيق الرحمان شامل آهن).
[b]فخر ڪريم ماڊل هاءِ اسڪول پاٽ شريف
[/b] فخر ڪريم ماڊل هاءِ اسڪول پاٽ شريف 2003ع ۾ قائم ٿيو، نهايت ئي عاليشان بلڊنگ ۽ ڪشادي ميدان وارو هي اسڪول اول نامياري تعليمي ماهر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جو گهر هو، سندن فيملي شفٽ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ هن کي اسڪول ۾ تبديل ڪري ڇڏيائون ۽ حاجي ڪريم بخش صديقي جي گهرواري ميڊم فخر ڪريم صديقيءَ جي نالي سان منسوب هي اسڪول پرائيويٽ طور کوليو ويو ۽ بلڪل معمولي فيس تي ٻارڙن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. هن اسڪول جي پرنسپالن ۾ ميڊم شهزادي پنهور، آپا فرزانه ملاح، آپا سعيدان صديقي ۽ سر شهاب الدين لانگاهه شامل آهن. جن اسڪول جي تعليم جو معيار وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون، ان کان علاوه هن اسڪول ۾ استاد محمد ذاڪر صديقي انسٽيٽيوٽ به کوليو ويو آهي، جنهن ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۽ بيورو آف ڪريڪيولم سنڌ جي ذريعي استادن جا PTC ۽ CT وارا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا، هن انسٽيٽيوٽ جو پرنسپال ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب پاڻ آهي، هن ئي انسٽيٽيوٽ مان ڪيترائي شاگرد انٽر ۽ گريجوئيشن ڪري چڪا آهن.
[b]ٽيليفون ايڪسچينج پاٽ شريف
[/b] پاٽ شريف ۾ 1970ع کان ٽيليفون ايڪسچينج آفيس قائم ڪئي وئي ۽ پاٽ شريف جي ڪيترن ئي سرنديءَ وارن ماڻهن پي ٽي سي ايل جا ڪنيڪشن ورتا ۽ کين فون تي ڳالهائڻ واري سهولت گهر ويٺي حاصل ٿي ۽ جن ماڻهن وٽ فون ڪنيڪشن نه هوندو هو اهي ٽيليفون ايڪسچينج جي آفيس ۾ وڃي فون آپريٽر کي فون نمبر ڏيندا هئا ۽ پوءِ اهو کين ايڪسچينج سسٽم ذريعي نمبر ملائي ڏيندو هو، ٽيليفون ايڪسچينج پهرين سائين محمد بخش ميمڻ جي گهر جي اوڀر ۾ انصارين جي پلاٽ تي ٺهيل هڪ ڪمري ۾ هوندي هئي ۽ ان کانپوءِ پلهن جي پاڙي ۾ ۽ بعد ۾ بيسڪ هيلٿ سينٽر پاٽ شريف جي هڪ ڪمري ۾ آفيس قائم ڪئي وئي، هن ٽيليفون ايڪسچينج جي آپريٽرن ۾ غلام عباس پلهه، لياقت علي چنا، غلام سرور چنا، قيصر خان سامٽيو ۽ سڄڻ چنا مقرر ٿيل هوندا هئا، 98-1997ع کان پوءِ هي نظام آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو ۽ هن وقت موبائل فون جي سهولت عام بڻجي وئي آهي.
[b]پوسٽ آفيس پاٽ شريف
[/b] پاٽ شريف ۾ 1895ع کان پوسٽ آفيس جي سهولت ميسر ٿي جنهن ۾ سرڪاري طور تي اسٽاف مقرر ٿيل هوندو هو، ڪجهه ذريعن وٽان معلوم ٿئي ٿو ته پاٽ شريف جي پراڻي بازار ۾ پوسٽ آفيس قائم ڪئي وئي هئي ۽ ڪجهه مخصوص گهٽين ۾ پوسٽ وارا باڪس لڳل هوندا هئا ۽ ماڻهو پنهنجا خط پٽ انهيءَ باڪس ۾ وجهندا هئا ۽ ٽپالي روزانو انهيءَ مان اهي خط ڪڍي ويندو هو، ان کان علاوه مني آرڊرن ۽ ٻين ليٽرن جي موڪلڻ ۽ هتي پهچڻ جي سهولت به پوسٽ آفيس ذريعي هئي، خاص ڪري جڏهن پوسٽ ذريعي ڪنهن نوجوان جي نوڪري جو آرڊر پهچندو هو ته اهو خوشيءَ ۾ ٽپالي کي مٺائي کارائيندو هو. پاٽ شريف جي پوسٽ آفيس جو پوسٽ ڪوڊ نمبر (76230) آهي ۽ ايڊريس ۾ لکيو ويندو هو، پوسٽ آفيس پاٽ شريف وايه پيارو ڳوٺ، تعلقو ۽ ضلعو دادو، هن پوسٽ ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ عملي جو 1895ع وارو رڪارڊ يا نالا ته نه ملي سگهيا آهن، باقي 1970ع کان پوءِ مقرر ٿيندڙ پوسٽ ماسٽرن ۾ محمد خان جيهو، محمد رفيق پنجابي، غلام سرور چنا، غلام شبير سولنگي، غلام رسول سولنگي، شڪيل احمدپنجابي ۽ پوسٽ مين حاڪم علي چانڊيو ۽ اڪبر علي چانڊيو شامل آهن، بدامني سبب جتي پاٽ جا ٻيا ادارا آهستي آهستي ختم ٿيندا ويا، انهيءَ اثر سبب پوسٽ آفيس پاٽ شريف جو ڪاروهنوار به ٺپ ٿي ويو ۽ 1995ع کانپوءِ هن آفيس کي پيارو اسٽيشن ڏانهن شفٽ ڪيو ويو ۽ پاٽ شريف جي ٽپال اتي پهچندي آهي ۽ پوءِ خانگي طور تي هڪ رٽائرڊ ملازم اهاٽپال پاٽ شريف جي ماڻهن تائين پهچائيندو آهي.
[b]پاٽ شريف جي آسپاس وارا باغ
[/b]
ولي صاحب وارو باغ: پاٽ شريف جي موجوده شهر جي ڀرسان ڪيترائي باغ هئا جن مان ولي صاحب وارو باغ مشهور آهي، جيڪو تمام وڏي ايراضيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ انبن، زيتونن، املداس، ڄمون ۽ ليمن جا وڻ آهن ۽ ان کان علاوه موتئي ۽ گلاب جي گلن جا ٻوٽا به پوکيل آهن، زمين جي باقي ايراضي ۾ ڪڻڪ ۽ سارين کان علاوه گاهه به پوکيا وڃن ٿا.
رئيس محمد عمر چنا وارو باغ: پاٽ شريف جي دادو ڪئنال واري موري جي اولهه ۾ پاٽائي زميندار رئيس محمد عمر چنا جو باغ هوندو هو، جنهن ۾ انبن، ليمن ۽ زيتونن جي وڻن کان علاوه ٻيا وڻ به پوکيل هوندا هئا.
محمد پريل ميمڻ وارو باغ: پاٽ شريف جي دادو ڪئنال جي اولهه ۾ زميندار سيٺ محمد پريل ميمڻ جو باغ هوندو هو، جنهن ۾ انبن جي وڻن کان علاوه ڦارون جا وڻ به تمام گهڻا هوندا هئا، هن باغ ۾ ٻيا به ڪيترائي وڻ پوکيل هوندا هئا، جيڪي باغ جي سونهن بڻيل هوندا هئا.
فيض محمد عرف فيضو نوناري وارو باغ: پاٽ شريف جي دادو ڪئنال جي ڀرسان اولهه ۾ برفيءَ جي مشهور ڪاريگر فيض محمد عرف فيضو نوناريءَ جو به باغ هوندو هو، جنهن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ انبن جا وڻ هوندا هئا ۽ انبن لهڻ واري سيزن دوران ته هن باغ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ سبب وڏي رونق هوندي هئي، هاڻي ان جاءِ تي ان باغ جا ڪي به آثار ڪونهن.
انصارين وارو باغ: پاٽ شريف جي وهندڙي ڀرسان اتر طرف انصارين جو تمام وڏو باغ هوندو هو، هن باغ ۾ کجين جا تمام گهڻا وڻ هوندا هئا ۽ انهن کجين جا ڏوڏا ۽ ٻي پڪل کجور تمام گهڻي مشهور هئي.
پيسومل وارو باغ: پاٽ شريف لڳ ڳوٺ رڪڻ ڀرسان اتان جي هندو زميندار پيسومل جو به مشهور باغ هوندو هو، جنهن ۾ هر قسم جا وڻ ۽ ميوا ٿيندا هئا، هن وقت ان جاءِ تي باغ جا وڻ وڍرائي زمين تي آبادي ڪرائي وڃي ٿي.
حاضر چانڊيو وارو باغ: پاٽ شريف ڀرسان ڳوٺ نيوڪلري لڳ زميندار ۽ واپاري سيٺ حاضر خان چانڊيو جو مشهور باغ آهي، هن باغ ۾ انبن جا وڻ تمام گهڻا هوندا هئا ۽ هنن وڻن جون انبڙيون شڪارپور موڪليون وينديون هيون، جنهن مان آچار تيار ڪيو ويندو هو، هن باغ جي نالي سان باغ حاضر چانڊيو جو ڳوٺ به آباد آهي.
سرائي گلڻ چانڊيو وارو باغ: پاٽ شريف لڳ ڳوٺ رڪڻ جي رهواسي مشهور زميندار سرائي گلڻ چانڊيو جي زمين ۾ به باغ هوندو هو، جنهن ۾ ڪيترائي وڻ پوکيل هوندا هئا ۽ هن باغ ۾ هن وقت وڻن جو تعداد گهٽ آهي.
[b]پاٽ شريف جي ماڻهن کي ملندڙ سهولتون ڪڏهن کان ميسر ٿيون
[/b]پوسٽ آفيس جي سولت 1895ع
بجليءَ جي سهولت 1967ع
ڊرينيج سسٽم 1985ع
سوئي گئس جي سهولت 2005ع
واٽر سپلاءِ اسڪيم 1990ع
پاٽ، پيارو لنڪ روڊ 1986ع
لوڪل گورنمينٽ ڊسپينسري 1950ع
سرڪاري اسپتال BHU 1985ع
جانورن جي اسپتال 1985ع
ٽيليفون ايڪسچينج 1970ع
پيٽرول پمپ جي سهولت 2004ع
دادو ڪئنال واري پراڻي موري تعمير 1937ع ۽ رپيئر 1983ع
دادو ڪئنال واري نئين موري ڊسمبر 2016ع
اٽي جي چڪي اوائلي دور ۾ اٽي پيسجڻ لاءِ گهر گهر ۾ جانڊهه هوندي هئي.
گراهمون فون چينجر 1950ع
ريڊيو 1955ع
ٽيليويزن 1970ع
وي سي آر 1980ع
سي ڊي 1995ع
مووي رڪارڊنگ 1998ع
ڪيبل سسٽم 2004ع کان محمد يونس سمون مهراڻ ڪيبل شروع ڪئي
ايڪوسائونڊ سسٽم 2012ع مخدومي ايڪو سائونڊ
موبائيل ٽاور ٽيلينار ڪمپني 14 جنوري 2009ع
انٽرنيٽ 2009ع
ڪمپيوٽر 1995ع
ٿري جي سسٽم 26 مارچ 2016ع
سولر سسٽم 2010ع
ڊيڪوريشن 2001ع مهراڻ ڊيڪوريشن