لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽ شريف جا پتڻ ۽ ڍنڍون

[b] پاٽ شريف جي علائقي وارا پتڻ
[/b] پراڻي دور ۾ جڏهن ماڻهن کي روڊن ۽ پڪن رستن جي سهولت ميسر نه هئي ته اهي دريائي ٻيڙن ۽ ننڍين ننڍين ٻيڙين ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ واپار لاءِ گهربل سامان وغيره به ان ذريعي پهچائيندا هئا، درياءَ جي ڪنارن تي ٻيڙين جي بيهڻ وارين مخصوص جاين کي پتڻ چيو ويندو هو، پاٽ شريف جي ڀرسان دريائي ڪناري تي چار پتڻ هوندا هئا، جنهن ۾ (1) پراڻي رڪڻ وارو پتڻ، (2) ناصراڻي پتڻ، (3) گهلن وارو پتڻ ۽ (4) تڳرن وارو پتڻ شامل هئا.

[b]پراڻي رڪڻ وارو پتڻ
[/b] هي پتڻ پاٽ شريف جي ڏکڻ ۾ هوندو هو، جيڪو حافظ عرض محمد کوسي جي ڳوٺ جنهن کي پراڻو رڪڻ به چيو ويندو هو، ان جي سامهون پتڻ هوندو هو، جتي ڪيتريون ئي ٻيڙيون بيٺل هونديون هيون، جيڪي ماڻهن کي درياءَ جي هن ڀر کڻي وينديون هيون.

[b]ناصراڻي پتڻ
[/b] هي پتڻ پاٽ شريف جي سامهون اوڀر طرف ناصراڻي ڳوٺ جي ڀرسان هو ۽ هن کي ناصراڻين وارو پتڻ چئبو هو، جيڪو قادر بخش پاتڻي يا نائکي حوالي هوندو هو، هن پتڻ تان ٻيڙيون مال متاع، اناج وغيره ۽ ماڻهن کي کڻي درياءَ جي هن طرف پهچائينديون هيون، هن پتڻ تي جمع ملاح، محمد صالح ملاح، محمد بخش ملاح ۽ محمد صفر ملاح ٻيڙين هلائڻ جا ماهرهوندا هئا.

[b]گهلن وارو پتڻ
[/b] گهلن وارو پتڻ به پاٽ شريف جي اوڀر ۽ اتر واري ڪنڊ تي هوندو هو، گهلن جي ڳوٺ جي ڀرسان هئڻ سبب هن تي گهلن وارو پتڻ نالو پئجي ويو، هي پتڻ نائکي ڄام مير بحر حوالي هوندو هو، واحد بخش، محمد رمضان ۽ محمد عرس ملاح هن پتڻ تي ٻيڙيون هلائيندا هئا ۽ آس پاس جي ڪچي ۽ پڪي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڏي سهولت هوندي هئي.

[b]تڳرن وارو پتڻ
[/b] هي پتڻ سيتا وڏي جي ڀرسان هوندو هو، هن پتڻ جي سار سنڀال غلام حسين تڳرائي ملاح حوالي هوندي هئي، جيڪو هن پتڻ جو نائکو يا پاتڻي هو، هن پتڻ تي هلندڙ ٻيڙين جي سهولت مان نئين ڳوٺ تائين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا هئا.

[b]پتڻن جو نظام
[/b] پاٽ شريف جو هڪ جهونڙو پاڻيءَ جو ماهر چاچو محمد اسماعيل ملاح ٻڌائي ٿو ته درياءَ بادشاهه جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ پتڻن تي وڌيڪ ٻيڙيون گهرايون وينديون هيون، ڇو جو چاڙهه دوران ڪچي جي ماڻهن کي پڪي تي آڻڻ لاءِ وڌيڪ ٻيڙين جي ضرورت پوندي هئي، چاچو اسماعيل جنهن جي سڄي عمر پاڻي ۾ مڇي ماريندي گذري ۽ ان پاڻي ۾ ئي حادثاتي طور سندس ٻنهي اکين جو نور به ضايع ٿي ويو، هي ٻڌائي ٿو ته اڳ ۾ پتڻ سرڪاري طور تي نيلام ٿيندا هئا ۽ اتان مقامي ملاح اهي پتڻ ٺيڪي تي سال لاءِ کڻندا هئا ۽ پوءِ اهي ملاح سکر مان نيون ٻيڙيون خريد ڪري ايندا هئا ۽ پوءِ انهن ٻيڙين ذريعي پنهنجو گذر سفر به ڪندا هئا ۽ مڇي به جام مرندي هئي ۽ ان مان به آمدني ٿيندي هئي، هي ٻڌائي ٿو ته پراڻي وقت ۾ هندو واپاري سکر کان کارو ڇاڻ تائين ٻيڙين ذريعي ڪاروبار ۽ ڏيتي ليتي ڪندا هئا ۽ ٻيڙين جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، ڪي ته وڏا ٻيڙا هوندا هئا، جنهن ۾ کرارن جا کرار وزن رکيو ويندو هو ۽ انهن ٻيڙن ۾ ماڻهن جي ويهڻ جي به تمام گهڻي گنجائش هوندي هئي، باقي ننڍين ٻيڙين ۾ ڊونڊيون، هڙها، ڪٺارون، ساکرو ۽ لانچون هونديون هيون، جنهن جي ذريعي ماڻهن کي درياءَ جي هڪ ڪنڌيءَ کان ٻي ڪنڌيءَ تائين پهچايو ويندو هو، چاچو اسماعيل ٻڌائي ٿو ته هر هڪ ٻيڙي تي پنج کان ست ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جيڪي ويڻي، قلمي، ونجهه، رسن، لڪڙن ۽ سڙهه جي سار سنڀال لاءِ مقرر هوندا هئا، ڏکڻ جي هوا گهلڻ سان ٻيڙيءَ جو سفر آسان ٿيندو هو، درياءَ جي ڪن ۾ ٻيڙي ڦاسڻ سان يا گهڻي مينهن ۽ طوفان اچڻ سان ٻيڙين کي حادثا پيش ايندا هئا ته ملاح چوندا هئا ته ڦلاڻي نائکي جي ٻيڙي مارجي وئي، هي ٻڌائي ٿو ته دادو مورو پل قائم ٿيڻ سان پتڻ بلڪل ختم ٿي ويا.

[b]ڍنڍون ۽ ڍورا
[/b] پاٽ شريف جي آسپاس ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون ۽ پاڻي جا ڍورا آهن، ڪچي جي علائقي ۾ درياءَ جي چاڙهه بعد اهي ڀرجي وڃن ٿا ۽ پڪي جي علائقي واريون ڍنڍون ۽ ڍورا دادو ڪئنال جي پاڻي سان ۽ ڪي قدرتي طور تي سدائين پاڻي سان ڀريل آهن، جنهن مان ماڻهن توڙي جانورن کي فائدو پهچي ٿو، پاٽ شريف جي آسپاس وارن ڍنڍن ۾ ناصراڻي ڍنڍ، سنهڙي ڍنڍ، ميراڻي ڍنڍ، معروفاڻي ڍنڍ، گهلن واري ڍنڍ، مسڻن واري ڍنڍ، اٺ واري ڍنڍ، چڪڻ ڍنڍ، پرڻ ڍنڍ لڳ ٻڍاپور، بصر واري ڍنڍ، جيئو ڍنڍ، ڍورو واهه، تاڳر واهه، دلاهه ڍورو، منڇر ڍورو لڳ چڪڻ ڍنڍ، نئون واهه، دادن واهه، قاضي احمدي واهه، زيڊ اي چنا وارو واهه، ڊاڪٽر مخدوم ظفرالحق وارو واهه شامل آهن جن جي ذريعي زمينون به آباد ڪيون وڃن ٿيون. ان کان علاوه دادو ڪئنال مان نڪرندڙ ويٽنگ چئنل به هوندو هو ۽ پاٽ شريف شهر جي بچاءَ لاءِ چوڌاري رنگ بند به ڏنل هوندو هو. جيڪو هاڻي اهو نه رهيو آهي. باقي وڏو بچاءَ بند موجود آهي.

[b]مڇيءَ جي پيداوار
[/b] پاٽ شريف جي مختلف ڍنڍن، تلائن ۽ ماڻهن جي ذاتي فش فارمن ۾ جيڪا مڇي جي پيداوار آهي ۽ جيڪا مڇي ماري وڃي ٿي انهيءَ مڇي جا قسم هيٺ ڏجن ٿا.
ڪرڙو، موراکو، کڳو، ڄرڪو، ٿيري، سينگاري، ڪاري مڇي، فوجي کڳو، گندڻ يا ٻٽو، گانگٽ يا جهينگو، شاڪر، ڇلڙي، ڦاٻڻ، پوپري، ڏاهي، چٽي، گلفام، پلڙي.