پاٽ پراڻيءَ جا تاريخي واقعا ۽ قصا
[/b] سن 752هجري ڌاري سومرن جي حڪمراني ختم ٿيڻ کانپوءِ سمن جي شهنشاهيت قائم ٿي، همير سومري کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڄام انڙ پهريون حڪمران مقرر ٿيو. سن 790هجري ۾ فيروز شاهه تغلق جي وفات بعد تمام گهڻيون جنگيون لڳيون. سن 800 هجري ڌاري ڄام فتح خان جي وقت ۾ امير تيمور هندستان تي ڪاهه ڪئي ۽ ڦرن لٽن کان علاوه هن ٻيا به ايترا ته ظلم ڪيا جو ڳوٺ ۽ شهر ويران ٿي ويا ۽ پاٽ پراڻي پڻ اهڙي لپيٽ ۾ اچي وئي.
[b]شيخ شهاب الدين سهروردي پاران پاٽ پراڻي کي آباد ڪرڻ
[/b] حڪمرانن جي لڳل جنگين ۽ فسادن کانپوءِ پاٽ پراڻي اجڙي وئي، شهنشاهه اورنگزيب جي پرواني ۾ ڄاڻايل آهي ته سما حڪمران ڄام نندي پاٽ جو شهر شيخ شهاب الدين صديقي سهرورديءَ کي جاگير طور ڏنو، ڇا جي ڪري جو سما حڪمران هن شخصيت مان تمام گهڻو مطمئن هئا، شيخ شهاب الدين صديقي صوفي سهروردي طريقي جي تبليغ ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ڪامياب ويو ۽ هِنَ 844هجري ۾ پاٽ پراڻيءَ واري شهر جي نئين سر تعمير ڪرائي ۽ اجڙيل رونقن کي بحال ڪيو.
[b]مرزا عبدالرحيم شاهه بيگ خان ڪابلي جي پاٽ پراڻيءَ مان ڦرلٽ
[/b] سن 998هجري ۾ خان خانه مرزا عبدالرحيم شاهه بيگ ڪابلي سيوهڻ جي قلعي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ لشڪر سميت جڏهن پاٽ پراڻيءَ واري شاهي دڳ سان هتان گذريو ته پاٽ پراڻي واري شهر مان به ڦرلٽ ڪيائون، هن لشڪر جي هڪ اڳواڻ مرزا سڪندر بيگ هن شهر ۾ جنگين فسادن جهيڙن ۽ ڦرلٽ جي ايتري ته باهه ڀڙڪائي جو هتان جي اهم شخصيتن مجبور ٿي خان خانه مرزا عبدالرحيم شاهه بيگ جي آڻ مڃي.
[b]مرزا جاني بيگ ۽ نواب محمد صادق جي پاٽ پراڻيءَ ڀرسان ٿيل لڙائي
[/b] پاٽ پراڻيءَ ڀرسان سن 1090هجري ۾ مرزا جاني بيگ ۽ نواب محمد صادق جي وچ ۾ درياءَ جي ڪپ تي لڙائي ٿي ۽ نواب محمد صادق جي لشڪر هٿان مرزا جاني بيگ کي شڪست ملي، ان هارايل لشڪر پاٽ پراڻيءَ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي لٽيو ۽ ڦريو ويو.
[b]حڪمران محمد شاهه مغل ۽ پاٽ پراڻيءَ جي معاشي حالت
[/b] سن 1131هجري ۾ جڏهن ڪلهوڙا خاندان جو سنڌ ۾ آهستي آهستي دور شروع ٿيو ته شهنشاهه محمد شاهه مغل واري اقتدار جو خاتمو آيو ته ان وقت ۾ پاٽ پراڻيءَ وارو شهر، بکر، نصرپور، ٺٽو، سيوهڻ ۽ روهڙي، علم هنر ۽ واپار جا وڏا مرڪز هئا، ان وقت جي مغل نوابن ۽ ڪلهوڙا خاندان واري ڇڪتاڻ جو معاشي اثر پاٽ پراڻيءَ سميت ٻين شهرن تي به پيو.
[b]مرزا شاهه حسن ارغون ۽ مرزا ڪامران جي پاٽ پراڻي ۾ ٿيل ملاقات
[/b] مرزا ڪامران پنهنجي ڀاءُ همايون سان اختلاف رکڻ کانپوءِ ملڪ بدر ٿي نڪتو ۽ هن پاٽ پراڻيءَ ۾ مرزا شاهه حسن ارغون سان ملاقات ڪئي ۽ مرزا ڪامران پنهنجي ڏکين گهڙين ۽ ڀاءُ همايون جي رويي جو ذڪر شاهه حسن ارغون سان ڪيو ته هن جو داستان ٻڌي شاهه حسن ارغون سندس ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو، واضح رهي ته مرزا ڪامران ڪابل جو حاڪم هو ۽ سندس ڀاءُ همايون جڏهن ڪابل تي ڪاهه ڪئي ته مرزا ڪامران اتان هزاره رستي اچي سنڌ پهتو هو ۽ سنڌ جي پاٽ پراڻي واري شهر ۾ هنن ٻنهي حڪمرانن مرزا ڪامران ۽ مرزا شاهه حسن ارغون جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي.
[b]همايون بادشاهه پاٽ پراڻي ڪيئن پهتو
[/b] 1530ع ۾ بابر جي موت بعد همايون دهليءَ هندستان جي تخت تي ويٺو پر باغي افغان جنرل شير شاهه سوري مغل حڪمران همايون کي شڪست ڏئي دهلي مان لوڌي ڪڍيو، شڪست کاڌل همايون پنهنجو لشڪر ساڻ ڪري آگري کان ٿيندو، اچي لاهور پهتو، ان وقت لاهور ۾ افغانن جو هڪ ماڻهو حڪومت ڪندو هو، ان همايون سان لڙائي لاءِ لشڪر رواني ڪرڻ جي تياري ڪئي ته همايون مقابلي جي سگهه نه ساري سگهيو ۽ پوءِ همايون لاهور کان سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هن جو خيال هو ته هو شير شاهه خلاف سنڌ جي ارغون حڪمرانن جي لشڪر جي مدد حاصل ڪندو يا ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت ختم ڪري پاڻ سنڌ جو حڪمران ٿي ويهندو، اهڙي خبر پوڻ کانپوءِ حڪمران مرزا شاهه حسن ارغون سندس ڪابه مدد نه ڪئي ۽ همايون جي اهڙين ڪوششن کي ناڪام بنائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا، همايون ملتان کان ٿيندو سنڌ جي سيوهڻ شهر ۾ پهتو ۽ اتان ٿيندو پاٽ پراڻيءَ ۾ اچي ساهي پٽيائين ۽ شڪست کاڌل همايون جي پاٽ پراڻي تي هڪ خانداني تقريب ۾ مير علي اڪبر جامي سان ملاقات ٿي ۽ هن ان جي ڌيءَ حميده بانو بيگم کي به پهريون دفعو ڏٺو هو، ائين ئي پوءِ همايون ۽ حميده بانو جي شادي پاٽ ۾ ئي ٿي، هوڏانهن شاهه حسن ارغون، همايونءَ کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ ارغوني لشڪر سندس پٺيان لڳائي ڇڏيو، همايون پاٽ مان واپس بکر طرف روانو ٿيڻ کان پوءِ ٻٻرلوءِ وٽ اچي لشڪر سميت رهيو، همايون واپس اچي هندستان جو بادشاهه ٿيڻ واري اميد ۽ ڪوشش ترڪ ڪانه ڪئي هئي ۽ مختلف حڪمرانن طرفان جنگيون ۽ لڙايون به سندس مقدر بڻجي چڪيون هيون.
[b]شهنشاهه همايون ۽ حميده بانو جي پاٽ پراڻي ۾ ٿيندڙ شادي
[/b] تاريخ لکي ٿي ته شهنشاهه همايون جڏهن حميده بانو جي رشتي جي گهر ڪئي ته حميده بانو طرفان پيغام آڻيندڙن آڏو اهي شرط رکيا ويا ته ڇا شهنشاهه همايون باشريعت آهي يا نه، نماز روزي جو پابند آهي يا نه ۽ ان کان علاوه قرآن پاڪ پڙهيل آهي يا نه ۽ سنت نبوي صه مطابق ڏاڙهي رکيل اٿس يا نه، چون ٿا ته جڏهن همايون کي اهڙن شرطن جي خبر پئي ته هن هڪ پنهنجي لاءِ ديني عالم سڳورو رکيو، جنهن کيس تمام جلد قرآن پاڪ جي پڙهڻ جي سعادت ڏياري ۽ کيس حافظ قرآن به بڻائي ڇڏيو، مطلب ته هن سمورن شرطن کي پورو ڪرڻ بعد حميده بانو جي والدين ڏانهن شادي جو پيغام موڪليو. اهڙيءَ طرح سن 948هجري ۾ همايون بادشاهه ۽ حميده بانو جي شادي ٿي. پاٽ پراڻيءَ ۾ ٿيندڙ هنن ٻنهي جي شادي جو نڪاح مير ابوالبقاءَ پڙهايو هو ۽ نذراني طور کيس ان وقت ٻه لک ادا ڪيا ويا هئا. شهنشاهه همايون شاديءَ کانپوءِ ٽي ڏينهن پاٽ پراڻيءَ ۾ رهيو ۽ پوءِ حميده بانو کي ساڻ ڪري ٻيڙين ذريعي بکر روانو ٿيو ۽ مختلف شهرن جي سير سفر بعد عمرڪوٽ شهر ۾ پهتا.
[b]حميده بانو بيگم جو پروفائيل
[/b]مڪمل نالو: بلقيس مڪاني حميده بانو بيگم
جنم جي تاريخ: 1527ع جنم جو هنڌ پاٽ پراڻي، سندس والد صاحب جو نالو شيخ علي اڪبر جامعي، عرف ميان بابا دوست هو، جيڪو وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو، سندس والده جو نالو مهناز افروز عرف ماه افروز بيگم هو، حميده بانو جا والدين ايران جي خراسان واري علائقي مان هجرت ڪري پاٽ ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ اتي ئي مڪمل رهائش اختيار ڪيائون، سندن اٿڻي ويهڻي ۽ ٻولي به نج سنڌي هئي، شيخ علي اڪبر جامعي ان وقت جي حڪمران مرزا هندال جو به ويجهو عزيز هو، مرزا هندال جي معرفت حميده بانو بيگم جي شادي هندستان جي شهنشاهه همايون سان ٿي، 1541ع بمطابق 948هه ۾ ٿيندڙ شادي وقت حميده بانو جي عمر 14 يا 15 سال هئي ۽ اها شادي پاٽ پراڻي تي ئي ٿي هئي. حميده بانو بيگم شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي امڙ هئي، حميده بانو بيگم جي وفات سن 29 آگسٽ 1604ع تي آگره انڊيه ۾ ٿي ۽ سندس آخري آرامگاهه دهلي ۾ آهي. هن نيڪ بهادر ۽ وفادار سنڌياڻي عورت جي شادي بابت تفصيل ۽ تاريخي واقعن بابت سندس اهم ڪردار تي اڳتي پڙهنداسين.
[b]حميده بانو بيگم هڪ وفادار سنڌياڻي عورت
[/b] چون ٿا ته جڏهن شير شاهه سوري، همايون کان هندستان جو تخت کسي کيس صرف جان بچائڻ تي مجبور ڪيو ته ان موقعي تي هن سنڌياڻي عورت حميده بانو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، همايون جان بچائي پنهنجي چند وفادار ساٿين سان جڏهن روپوشي اختيار ڪئي ته بک اڃ ۽ ريگستاني ڏکئي سفر دوران حميده بانو اٺن مهينن جي ڳورهاري هئي ۽ واٽ تي اهو گهوڙو به مري ويو جنهن تي هيءَ سوار هئي، پنهنجي وَرَ همايون سان ساٿ نڀائيندي ۽ ڏکيو سفر ڪاٽيندي هيءَ حميده بانو ۽ ٻيو قافلو جڏهن سنڌ ۾ عمرڪوٽ وٽ پهتو ته اتي هڪ سنڌي سوڍي راجپوت کيس پناهه ڏني ۽ اتي ئي کيس پٽ ڄائو. جنهن جو نالو اڪبر رکيو ويو، اڪبر جي پيدائش بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ همايون پنهنجي گهرواري جي صلاح سان ڪابل ۽ قنڌار پهتو جتي همايون جو ڀاءُ حڪمران هو پر ان ڪابه هن جي مدد نه ڪئي. شير شاهه سوريءَ جا ماڻهو همايون جي پٺيان لڳل هئا. حميده پنهنجي مڙس کي ساڻ ڪري ايران پهتي ۽ پنهنجي ناناڻن کان مدد ۾ لشڪر گهريائين ۽ صفوي حڪمران جي مدد سان پوءِ لڙائي دوران شير شاهه سوري جهڙي حڪمران کي شڪست آئي ۽ همايون کي اهو ساڳيو ئي اوج ۽ بادشاهي واپس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار حميده بانو جو هو ۽ 1556ع تي همايون جي وفات بعد 14 سالن جي ننڍي عمر ۾ اڪبر کي بادشاهي تخت تي ويهارڻ واري به سندس ماءُ حميده بانو هئي. جنهن پنهنجي پٽ اڪبر جي اهڙي ته تربيت ۽ پرورش ڪئي جو هو ننڍپڻ کان ئي عقلمند ۽ باصلاحيت هو، هندستان جي هن شهنشاهه کي اهو اعزاز هو جو هن وڏي عرصي تائين حڪومت ڪئي ۽ کيس اڪبر اعظم ۽ جلال الدين اڪبر جي لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس ان منسب تي پهچائڻ واري پاٽ ڄائي سندس امڙ حميده بانو بيگم هئي.
ڪجهه ڪتابن ۾ تحريرٿيل آهي ته همايون ۽ شير شاهه سوري واري جنگي ڪشمڪش دوران 22 مئي 1545ع تي شير شاهه سوري هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سندس پٽ اسلام الدين کي جانشين مقرر ڪري تخت تي ويهاريو ويو ۽ همايون جي لشڪر ڪاهه ڪري اسلام الدين کي شڪست ڏني ۽ همايون کي تخت واپس مليو.
[b]اڪبر بادشاهه جي عمرڪوٽ ۾ پيدائش ۽ پاٽ پراڻي سندس ناناڻڪو شهر
[/b] تاريخ لکي ٿي ته شهنشاهه همايون ۽ سندس گهرواري حميده بانو جڏهن مسلسل عمرڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪئي ته ڳورهاري حميده بانو طرفان شهنشاهه همايون آڏو اها خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ته سندس ويم جي سنڀارن وارن ڏينهن جي ويجهو اچڻ تي دائي سندس ڳوٺ مان گهرائي وڃي ۽ پوءِ پاٽ پراڻي مان ئي دائي گهرائي وئي هئي، جنهن ۾ حميده بانو کي 8 مهينن جوپٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد اڪبر رکيو ويو، همايون کي پٽ جي ڄمڻ جي تمام گهڻي خوشي ٿي، محمد اڪبر ننڍپڻ کان ڏاهو ۽ سلڇڻو ٻار هو ۽ اڳتي هلي هن جڏهن بادشاهي سنڀالي ته هو جلال الدين اڪبر جي نالي سان مشهور ٿيو.
اهڙي طرح پاٽ پراڻي سندس ناناڻڪو شهر ليکيو ويندو آهي، 49 سالن تائين هندستان جي سلطنت هلائيندڙ اڪبر اعظم پنهنجي ناناڻڪي شهر پاٽ بابت چوندو رهندو هو ته مون کي فخر آهي جو پاٽ منهنجو ناناڻڪو شهر آهي، همايون جو انتهائي وفادار جنرل بيرام خان کيس پاٽ بابت اهم آگاهي ڏيندو رهندو هو پر اهو اتفاق ئي چئي سگهجي ٿو جو اڪبر بادشاهه ڪڏهن به پاٽ نه اچي سگهيو.
[b]پاٽ ۾ حڪمرانن جون ٿيندڙ شاديون
[/b] 1523ع/ 930هجري ۾ مرزا شاهه حسن ارغون جي شادي گلبرگ بيگم سان پاٽ پراڻي ۾ ٿي، گلبرگ خليفي حسام الدين ميرڪ جي ڌيءَ هئي، خليفو حسام الدين بابر بادشاهه جو مير منشي هو ۽ مرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو حڪمران هو.
1541ع/ 948 هجري ۾ شهنشاهه همايون ۽ حميده بانو بيگم جي شادي پاٽ پراڻيءَ ۾ ٿي ، حميده بانو بيگم پاٽ ۾ ئي ڄائي ۽ علي اڪبر جامي جي نياڻي هئي، شهنشاهه همايون جلاوطن ٿيڻ بعد سنڌ ۾ آيو ۽ پوءِ پاٽ پراڻيءَ ۾ پهتو.
1543ع/ 950 هجري ۾ مرزا ڪامران جي شادي چوچڪ بيگم سان پاٽ پراڻي ۾ ٿي، چوچڪ بيگم، حڪمران شاهه حسن ارغون جي ڌيءَ هئ ۽ مرزا ڪامران شهنشاهه همايون جو ڀاءُ هو. مرزا ڪامران پنهنجي ڀاءُ همايون جو مخالف هو ۽ ان کان پلاند وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ پهچي مرزا شاهه حسن ارغون کان مدد طلب ڪئي، مرزا شاهه حسن ارغون سندس مدد به ڪئي ۽ کيس پنهنجي ڌيءُ جو سڱ به ڏنائين.
[b]مرزا عيسيٰ پاران پاٽ پراڻيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش
[/b] همايون شهنشاهه کانپوءِ جڏهن اڪبر بادشاهه جو دور آيو ته ان وقت مرزا حڪمرانن جي پاڻ ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي ۽ ان ويڙهه جو فائدو وٺندي پورچوگيزن سمنڊ رستي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪيترن ئي وڏن ۽ ننڍن شهرن تي حملا ڪري ماڻهن جي جان مال ملڪيت ۽ گهرن کي نقصان رسايو، اهڙن حملن جو اثر پاٽ پراڻيءَ تي به پيو، مرزا عيسيٰ هن شهر کي ويرانيءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.
[b]مرزا باقي ۽ ظلم جي انتها
[/b] مرزا باقي جڏهن مرزا عيسيٰ کان پوءِ جڏهن سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو ته هن ظلم جي انتها ڪري ڇڏ، چون ٿا ته هي ايترو ته ظالم ۽ ڪنجوس حڪمران هو جو ڪوبه ملازم جڏهن پگهار جي گهر ڪندو هو ته مرزا باقي ان کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو ۽ ان جو گهر گهاٽ ساڙائي ڇڏيندو هو. ان ظالم حڪمران جي خوف جو اثر پاٽ پراڻيءَ تي به پيو، هتان جي ماڻهن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، هن ظالم حڪمران کي ماڻهو پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ لڳا، تاريخ لکي ٿي ته مظلومن جي انهن بددعائن اهڙو ته تڪڙو اثر ڏيکاريو جو ان ظالم حڪمران مرزا باقي سن 993هجري ۾ پاڻ کي خنجر هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ سندس پوئنير چريا ۽ عليل ٿي ويا.
[b]ڦَتُو فقير ۽ پاٽ پراڻي
[/b] پاٽ پراڻيءَ تي ڦتو فقير نالي هڪ درويش صفت انسان رهندو هو، هي لوڙهائي فقير واري لقب سان به مشهور هو، ميان يار محمد ڪلهوڙي هن سچي ۽ کري انسان کي پاٽ پراڻيءَ جي ماڻهن جي حفاظت لاءِ ڪم سونپيو ته ڪنهن به طريقي سان مغل حاڪمن جي ظلم کان هتان جي ماڻهن کي نجات ڏياري وڃي ۽ ڦتو فقير پنهنجي مريدن ۽ اتان جي رهواسين جي مدد سان پاٽ پراڻيءَ جي حفاظت ڪئي ۽ هن پنهنجي نگراني ۾ هتان جي رهواسين جو هر طرح سان خيال رکيو، عدل انصاف کان وٺي روزگار تائين، غريبن جي مدد کان ويندي عالمن ۽ پرهيزگارن جو خيال رکيو.
[b]پاٽ پراڻيءَ جي 284 شهيدن جو قصو
[/b] چون ٿا ته پاٽ پراڻيءَ تي مخدوم ميان عبدالرحمان صديقي نالي هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ رهندو هو. هن جا هزارين مريد هوندا هئا، ملتان، جيسلمير ۽ سنڌ ۾ سندس طالبن جو وڏو تعداد هوندو هو، چيو وڃي ٿو ته ان وقت ۾ مخدوم ميان عبدالرحمان جي مخالفن، ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڀڙڪايو ته هي بزرگ اوهان تي خداآباد ۾ ڪاهه ڪندو، وقت جي حڪمران وڏو لشڪر تيار ڪري پاٽ پرڳڻي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ۽ حڪم ڪيو ته پاٽ جي شهر کي ڪڙو چاڙهي مخدوم عبدالرحمان کي هٿ ڪيو وڃي، اهڙي طرح ان لشڪر جي حملي ۾ تمام گهڻي خونريزي ٿي ۽ مخدوم عبدالرحمان صديقي ان وقت پاٽ پراڻيءَ جي هڪ جامع مسجد ۾ سانجهيءَ جي نماز پڙهائي رهيو هو ۽ سندس پٺيان ڪيترائي مريد، طالب، عالم ۽ حافظ باجماعت نماز پڙهي رهيا هئا ته لشڪر انهن نمازين تي به حملو ڪيو ۽ هن حملي ۾ 284 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو ۽ پاٽ پراڻي تي ٿيل اهڙي قهري ڪارروائي کانپوءِ انهن شهيدن جي غم ۾ چاليهه ڏينهن گهر گهر ۾ سوڳ جاري رهيو.
[b]284 شهيدن جي واقعي کانپوءِ گولي فقير جوڻيجي جو ڪردار
[/b] پاٽ پراڻيءَ تي رهندڙ گولو فقير جوڻيجو صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيل فقير منش انسان هو، حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ سان گڏ عاجزي ۽ نياز نوڙت ۾ پڻ بيمثال هو، گولي فقير جوڻيجي جڏهن پاٽ پراڻيءَ ۾ 284 ماڻهن جي شهيد ٿيڻ وارو واقعو ڏٺو ته هن هندو مذهب وارو لباس پائي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڪچهري ۾ اچي حاضر ٿيو، گولي فقير کان جڏهن اهڙي لباس بابت پڇيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو ته اوهان پاٽ ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ 284 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نمازي به شامل هئا، هاڻي ٻڌايو ته ڪهڙي مسلماني بچي آ، گولي فقير ميان نور محمد ڪلهوڙي کي سڄي حقيقت ٻڌائي ته مخدوم عبدالرحمان الله پاڪ جو نيڪ ٻانهو هو، مخالفن ۽ حاسدن جي چوڻ تي اوهان مخدوم عبدالرحمان صديقي کي عالمن، حافظن ۽ مريدن سميت شهيد ڪرائي وڏو ظلم ڪيو آهي، چون ٿا ته جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو گولي فقير جي بيان ڪيل اصل حقيقت کان واقف ٿيو ته هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڪافي وقت تائين روئيندي ۽ سوچيندي خاموش ٿي ويو.