لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

سِگا شاخ پاٽ شريف جي ڪارڪردگي تي هڪ نظر

[b] سگا شاخ پاٽ شريف جا بنيادي ميمبر
[/b]1. محمد اعظم ميمڻ 2. نياز احمد عرف علي نواز برهماڻي
3. محمد زمان سومرو 4. شاهد حسين ميمڻ
5. خادم حسين چنا 6. شاهواز ڪنڊو خان برهماڻي
7. ذاڪر حسين ميمڻ 8. شهاب الدين لانگاهه
9. عبدالستار عرف معشوق علي ميمڻ 10. حاڪم علي بٺڙ
11. حبيب الله ميمڻ 12. محمد صديق عرف اظهار علي گلال
13. فياض حسين ملاح 14. قمرالدين پنهور
15. رياض احمد عباسي 16. خيرالدين سولنگي
17. خالد حسين منگي 18. غلام حيدر عرف گلزار ڪلهوڙو
19. وسيم احمد ميمڻ 20. محمد حاجن چنا
21. امتياز علي ميمڻ 22. شاهنواز بٺڙ
23. غلام سرور چنا 24. انيس احمد چنا
25. شاهنواز امير بخش برهماڻي 26. توفيق احمد چانڊيو
27. مسرور حسين عباسي 28. مخدوم سڪندر احمد صديقي
29. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، تاحيات ميمبر 30. محمد سليم چنا، تاحيات ميمبر
31. الهبچايو برهماڻي 32. سيد جمال شاهه
33. محمد بچل ڪلهوڙو 34. اياز علي ملاح
35. منصور قمر چانڊيو 36. احسان الله چنا
37. مختيار علي چنڙ 38. ممتاز علي ملاح
39. صدام حسين چنا 40. ذوالفقار علي ملاح
41. علي رضا منگي

[b]پهرين باڊي
[/b]11 نومبر 2009ع تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن برانچ پاٽ شريف جي پهرين گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ نئين باڊي لاءِ برانچ جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
صدر نياز احمد برهماڻي
نائب صدر محمد زمان سومرو
جنرل سيڪريٽري محمد اعظم ميمڻ
جوائنٽ سيڪريٽري ذاڪر حسين ميمڻ
ماليات سيڪريٽري خادم حسين چنا
اطلاعات سيڪريٽري گلزار علي ڪلهوڙو
بي ايم سي ميمبر شاهد حسين ميمڻ، عبدالستار ميمڻ، حاڪم علي بٺڙ، انيس احمد چنا، حبيب الله ميمڻ، شاهنواز برهماڻي، امتياز علي ميمڻ، خالد منگي، شهاب الدين لانگاهه

[b]حلف برداري تقريب
[/b]24 جنوري 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف جي پهرين حلف برداري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ سگا مرڪز جي اڳواڻن محمد صديق ابڙو، پيرل خان کوسو، حاجي خادم جويو، پاٽ شريف جي نامور شخصيتن ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، پروفيسر عبدالشڪور قاضي ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.

[b]مفت اکين جي ڪيمپ
[/b]10فيبروري 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران غني هاسپيٽل ٽرسٽ حيدرآباد جي سهڪار سان مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي، هن ڪيمپ جو افتتاح ٽرسٽ جي اڳواڻن پروفيسر عبدالشڪور قاضي ۽ عبدالستار صديقي ڪيو، ان موقعي تي 35 مريضن جي اکين جا آپريشن ڪيا ويا، 90 عورتن ۽ 120 مردن کي چشما ۽ اکين جا ڊرافس ڏنا ويا.

[b]هيپاٽائيٽس بابت رت جي چڪاس
[/b]28 مارچ 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران قائدعوام ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينيئر ليب ٽيڪنيشن اشفاق احمد سومرو جي سهڪار سان هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي مريضن جي رت جي چڪاس لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 600 ماڻهن جي چڪاس ڪئي وئي، جنهن ۾ 46 عورتن ۽ 19 مردن کي پازيٽو ڪيس ظاهر ٿيا، جن کي علاج ڪرائڻ لاءِ مشورو ڏنو ويو، جڏهن ته ٿيلسيميا سينٽر نوابشاهه لاءِ سگا برانچ پاٽ شريف جي 20 نوجوانن رت جو عطيو ڏنو.

[b]ليکڪ سليم چنه جي مان ۾ آجياڻو
[/b]29 مارچ 2010ع تي سنڌ جي نامياري رائيٽر سليم چنا جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ سگا برانچ پاٽ شريف جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران سليم چنا جي ادبي خدمتن کي ساراهيندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو.

[b]علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
[/b]13 اپريل 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران سنڌ جي نامور اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي جي 42 هين ورسي ملهائي وئي ۽ سندس خاندان سان تعلق رکندڙ شخصيت جسٽس امجد علي قاضي صاحب هن تقريب جي صدارت ڪئي.

[b]هيپاٽائيٽس کان بچاءَ جي ويڪسين
[/b]25 اپريل 2010ع سگا برانچ پاٽ شريف پاران اي ڊي او هيلٿ دادو جي سهڪار سان ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ سائيءَ کان بچاءُ لاءِ مفت ويڪسين ڪئي وئي، جنهن ۾ 500 عورتن ۽ 300 مردن کي هيپاٽائيٽس کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي وئي.

[b]ٻارڙن کي بچاءَ لاءِ ويڪسين
[/b]8 مئي 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران ننڍڙن ٻارڙن ۾ سائي کان بچاءُ لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي.

[b]ٻارڙن کي سائي کان بچاءَ لاءِ ٻي ويڪسين
[/b]27 جون 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران ننڍڙن ٻارڙن ۾ سائي کان بچاءُ لاءِ ٻئي مرحلي واري ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ٻارڙن کي سائي کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي وئي.

[b]ٻوڏ متاثرن لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام
[/b]16 آگسٽ 2010ع سگا برانچ پاٽ شريف پاران الڪريم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ پاٽ شريف جي اڳواڻن حاجي ڪريم بخش صديقي ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي سهڪار سان پاٽ شريف جي ڪچي واري علائقي جي بند تي ويٺل ٻوڏ متاثرن ۾ هڪ هفتي تائين کاڌو پهچايو ويو ۽ ٻوڏ بابت ميڊيا وارن کي گهرائي ڪيمپن جا دورا ڪرايا ويا.

[b]ايڪتا ڏهاڙو
[/b]5 ڊسمبر 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي ڏنل سڏ تي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪري ريليون ڪڍيون.

[b]گهر شماري عملي سان سهڪار
[/b]5 اپريل 2010ع تي گهر شماري شروع ٿيڻ تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران گهر شماري واري عملي سان گڏ انهن جي رهنمائي لاءِ هڪ هڪ ميمبر گڏ رهيو ته جيئن يوسي پاٽ شريف جي ڪنهن به بلاڪ مان ڪوبه گهر شمار ڪرڻ کان رهجي نه وڃي.

[b]بچاءَ بند جي مرمت لاءِ احتجاج
[/b]8 جولاءِ 2011ع تي سگا برانچ پاٽ شريف ۽ شهر جي ٻين سماجي تنظيمن پاران پاٽ شريف واري ايل ايس بچاءُ بند جي نازڪ صورتحال سبب دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي او دادو کان مطالبو ڪيو ويو ته ايل ايس بند جو آر ڊي 58 کان آر ڊي 64 ميل وارو حصو انتهائي ڪمزور آهي، ان جي مرمت ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ پاٽ شريف ۽ ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ سبب ٻڏي سگهن ٿا، الله پاڪ جي مهرباني سان اعليٰ اختيارين نوٽيس وٺندي ان بند جي مرمت ڪرائي آهي.

[b]مفت ميڊيڪل
[/b]30 سيپٽمبر 2011ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران مهوش اينڊ جهانگير صديقي فائونڊيشن ڪراچي جي سهڪار سان مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ميل ۽ في ميل ڊاڪٽرن ۽ نرسنگ اسٽاف شرڪت ڪئي، ان موقعي تي 1550 عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کي مختلف بيمارين جون دوائون ڏنيون ويون.

[b]علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
[/b]13 اپريل 2012ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران سنڌ جي عظيم فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي جي 44 هين ورسي ملهائي وئي ۽ سندس پاٽ شريف واري جاءِ پيدائش تي گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

[b]سال 2012ع کان 2015ع تائين جا عهديدار
[/b]9 سيپٽمبر 2012ع تي سگا برانچ پاٽ شريف جي سال 2015-2012ع جي سمورن دوستن جي متفق راءِ سان باڊي چونڊي وئي، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
صدر محمد اعظم ميمڻ
نائب صدر نياز احمد برهماڻي
جنرل سيڪريٽري گلزار علي ڪلهوڙو
جوائنٽ سيڪريٽري محمد زمان سومرو
خزانچي خادم حسين چنا
اطلاعات سيڪريٽري حاڪم علي بٺڙ

[b]نبي پاڪ جي شان ۾ گستاخي خلاف ريلي
[/b]21 سيپٽمبر 2012ع نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي شان ۾ گستاخي خلاف شهر جي ٻين تنظيمن سان گڏجي پاٽ شريف کان پيارو اسٽيشن تائين ريلي ڪڍي وئي.

[b]ليڪچر پروگرام
[/b]28 آڪٽوبر 2012ع سگا برانچ پاٽ شريف پاران ”موجوده سماج ۾ نوجوانن جون ذميواريون“ جي موضوع تي ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، جنهن تي نامياري ليکڪ سليم چنا تفصيلي ليڪچر ڏنو، هن پروگرام ۾ شهر جي نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سگا پاٽ شريف پاران لائبريري قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

[b]حلف برداري تقريب
[/b]18 نومبر 2012ع تي سگا برانچ پاٽ شريف جي سال 2015-2012ع جي چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب ٿي گذري، هن تقريب جي مهمان خاص اڳوڻي ايم پي اي ۽ فنڪشنل ليگ ضلعي دادو جي اڳواڻ سيد محمد شاهه نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو.

[b]تعليمي ماهر سائين محمد بخش جي وفات تي سوڳ
[/b]22 نومبر 2012ع سگا برانچ پاٽ شريف پاران سنڌ جي نامياري رائيٽر نصير ميمڻ جي والد صاحب تعليمي ماهر سائين محمد بخش ميمڻ جي وفات تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.

[b]نوجوانن ۾ BBSYDP جا فارم ورهايا ويا
[/b]10 جنوري 2013ع BBSYDP جي ڪراچي کان آيل ٽيم سان گڏ پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جي نوجوانن ۾ مختلف ٽريڊن جي ڪورس وارا درخواست فارم ورهايا ويا.

[b]لائبريري جو قيام
[/b]پهرين فيبروري 2013ع نامياري ليکڪ سليم چنا جي سهڪار سان لائبريري قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ اٽڪل 2 هزار ڪتاب موجود آهن ۽ نوجوان مطالعو ڪندا رهندا آهن.

[b]نوجوان کي ويل چيئر ڏني وئي
[/b]2 مئي 2013ع هڪ معذور نينگر صدام حسين برهماڻي کي ويل چيئر ڏني وئي.

[b]غريبن ۾ عيد جي خرچي ۽ ڪپڙا تقسيم
[/b]28 جولاءِ 2013ع 20 غريب ۽ مسڪين معذور ماڻهن ۾ عيد جي خرچي ۽ ڪپڙن جا جوڙا ورهايا ويا.

[b]ٻوڏ متاثرن جي سهائتا
[/b]26 کان 31 آگسٽ 2013ع مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون، انهن جي سهائتا ڪئي وئي.

[b]بيمار شخص جي مالي مدد
[/b]5 سيپٽمبر 2013ع هڪ انتهائي بيماري ۾ مبتلا شخص بشير احمد سولنگي جي مالي مدد ڪئي وئي.

[b]ايڪتا ڏهاڙو
[/b]4 ڊسمبر 2013ع ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو

[b]پاٽ پراڻيءَ تي سيمينار
[/b]25 ڊسمبر 2013ع تاريخي ماڳ پاٽ پراڻي تي سيمينار ڪرايو ويو، جنهن جو موضوع هو ”پاٽ پراڻيءَ جي تاريخي حيثيت“.

[b]مفت اکين جي ڪيمپ
[/b]16 ۽ 17 جنوري 2014ع مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 136 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا.

[b]باهه سڙيل نينگري جي سهائتا
[/b]20 فيبروري 2014ع باهه ۾ سڙيل نينگري پارس جي طبي حوالي سان سهائتا ڪئي وئي.

[b]صفائي سٿرائي بابت جاڳرتا
[/b]17 مارچ 2014ع اسڪولي شاگردن ۾ ”صفائي سٿرائي“ بابت جاڳرتا پروگرام ڪرايو ويو.

[b]علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
[/b]13 اپريل 2014ع علامه آءِ آءِ قاضي جي 46 هين ورسي ملهائي وئي.

[b]وڌندڙ انتهاپسندي بابت ويهڪ
[/b]20 اپريل 2014ع سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي بابت هڪ فِڪري ويهڪ ڪوٺائي وئي.

[b]شهيد غزاله بتول جي ورسي
[/b]22 مئي 2014ع شهيد غزالا بتول صديقي جي ٻي ورسي ملهائي وئي

[b]ذهني صحت بابت جاڳرتا
[/b]8 آگسٽ 2014ع ذهني صحت بابت جاڳرتا مهم هلائي وئي.

[b]6 معذورن ۾ ويل چيئرس تقسيم
[/b]21 سيپٽمبر 2014ع سگا مرڪز جي سهڪار سان 6 معذور مستحق ماڻهن ۾ ويل چيئرس ورهايون ويون.

[b]گم ٿيل نوجوان کي وارثن تائين پهچايو ويو
[/b]10 آڪٽوبر 2014ع ٺري ميرواهه جي گم ٿيل نوجوان سخاوت علي ٻانڀڻ کي وارثن تائين پهچايو ويو.

[b]معصوم نينگريءَ کي ويل چيئر ڏني وئي
[/b]24 نومبر 2014ع 8 سالا معذور نينگري نويده ڌيءَ نصير احمد ڪولاچي کي ويل چيئر ڏني وئي.

[b]پشاور جي شهيدن جي ياد
[/b]17 ڊسمبر 2014ع پشاور سانحي جي شهيد شاگردن لاءِ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.

[b]مچ ڪچهري
[/b]3 جنوري 2015ع مچ ڪچهري ڪرائي وئي.

[b]چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪيمپ
[/b]4 جنوري 2015ع WADEP ڪراچي جي سهڪار سان چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 624 مريضن جي چڪاس ڪري کين دوائون ڏنيون ويون ۽ هن ڪيمپ لاءِ سائين حاڪيم ڪريم بخش صديقي صاحب خصوصي سهڪار ڪيو.

[b]علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
[/b]13 اپريل 2015ع عظيم اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي جي 47 هين ورسي ملهائي وئي.

[b]پورهيتن جو عالمي ڏينهن
[/b]پهرين مئي 2015ع پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.

[b]مائرن جو عالمي ڏينهن
[/b]10 مئي 2015ع مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.

[b]100 مستحقن ۾ عيد جا ڪپڙا تقسيم
[/b]25 جون 2015ع ناصراڻي ويلفيئر فائونڊيشن جي سهڪار سان 100 مستحقين ۾ عيد جا ڪپڙا ورهايا ويا.

[b]ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف ڪيمپ
[/b]24 جولاءِ کان 31 آگسٽ 2015ع تائين ٻوڏ متاثرن جي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون ۽ رليف ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويو.

[b]سال 2015ع کان 2018ع تائين چونڊيل عهديدار
[/b]2 آگسٽ 2015ع تي سگا شاخ پاٽ شريف جا هيٺيان ساٿي بنا مقابلي ڪامياب ٿيا، جنهن ۾ سال 2015ع کان 2018ع تائين عهديدار چونڊيا ويا.
صدر محمد اعظم ميمڻ
نائب صدر محمد زمان سومرو
جنرل سيڪريٽري گلزار علي ڪلهوڙو
جوائنٽ سيڪريٽري شهاب الدين لانگاهه
خزانچي خادم حسين چنا
اطلاعات سيڪريٽري حاڪم علي بٺڙ
۽ BMC تي: نياز احمد برهماڻي، انيس احمد چنا، شاهنواز برهماڻي، شاهد حسين ميمڻ، اياز علي ملاح، محمد بچل ڪلهورو، منصور قمر چانڊيو، صدام حسين چنا، ممتاز علي ملاح چونڊجي آيا.

[b]ميڊيڪل ڪيمپ
[/b]3 آگسٽ 2015ع گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول پاٽ شريف ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر غلام الله سمون جي نگراني ۾ 80 مريضن جو مفت علاج ڪري کين دوائون ڏنيون ويون.

[b]شيون تقسيم
[/b]6 آگسٽ 2015ع ناصراڻي ويلفيئر فائونڊيشن جي سهڪار سان ٻوڏ متاثر ٻارڙن ۾ رانديڪا ۽ کائڻ پيئڻ واريون شيون تقسيم ڪيون ويون.

[b]اسپري[/b]
7 آگسٽ 2015ع تي سگا پاٽ شريف پاران ڊي سي دادو جي سهڪار سان مليريا کان بچاءُ لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو ويو.

[b]ٻارڙن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ
[/b]8 آگسٽ 2015ع PPHI ۽ BHU پاٽ شريف جي سهڪار سان ڳوٺ اولڊ ڪلري ۾ ٻوڏ متاثر ٻارڙن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽر يامين ٻٻر 150 ٻارڙن جو علاج ڪيو.

[b]جانورن کي ويڪسين
[/b]13 آگسٽ 2015ع لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري کاتي جي سهڪار سان ڊاڪٽر محمد علي آرائين ۽ ڊاڪٽر محمد اعظم چانڊيو جي ٽيم جي نگرانيءَ ۾ بچاءُ بند تي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ وڃي 1000 جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي وئي.

[b]رت جو عطيو
[/b]17 آگسٽ 2015ع سگا شاخ پاٽ شريف جي ٻن ساٿين اياز علي ملاح ۽ ذوالفقار علي ملاح دادو جي هڪ نجي اسپتال ۾ ضرورتمند هڪ بيمار عورت کي رت جو عطيو ڏنو.

[b]پوليو مهم
[/b]14، 15 ۽ 16 سيپٽمبر 2015ع تيBHU پاٽ شريف جي سهڪار سان مختلف ڳوٺن جي ٻارڙن ۾ پوليو جا ڦڙا پياريا ويا، ٽن ڏينهن واري هن پوليو مهم دوران 1660 ٻارڙن ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا.

[b]ڪتاب جي مهورت
[/b]26 سيپٽمبر 2015ع سگا شاخ پاٽ شريف جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب دوران سنڌ جي نامياري اديب ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي شاعري جي ڇپيل ڪتاب ”تازو ڪلام“ جي مهورت ڪئي وئي.

[b]ميڊيڪل ڪيمپ
[/b]15 نومبر 2015ع الشفا ڪلينڪ پاٽ شريف جي سهڪار سان ماهر ڊاڪٽرن جي سرپرستي ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 530 مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويون.

[b]رت جو عطيو
[/b]10 ڊسمبر 2015ع سگا شاخ پاٽ شريف جي ساٿي شاهد حسين ميمڻ دادو سول اسپتال ۾ داخل ٿيلسيميا جي هڪ مريض محمد مٺل برهماڻي کي هڪ رت جي بوتل عطئي طور ڏني.

[b]ايڪتا ڏهاڙو
[/b]13 ڊسمبر 2015ع سگا پاٽ شريف پاران ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو.

[b]رت جو عطيو
[/b]13 جنوري 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف جي ساٿي اظهار علي ڪلهوڙي دادو سول اسپتال ۾ داخل ٿيلسيميا جي مريض محمد مٺل برهماڻي کي رت جي هڪ بوتل عطئي طور ڏني.

[b]مڊوائيف ڪورس
[/b]13 جنوري 2016ع BHU پاٽ شريف ۽ سگا شاخ پاٽ شريف جي سهڪار سان ڳوٺاڻين عورتن ۾ مڊوائيف ڪورس ڪرائڻ لاءِ درخواست فارم ورهايا ويا، سوشل موبلائيزر فيروزالدين ميمڻ ۽ ميڊم سڪينه شرڪت ڪندڙ عورتن کي ان بابت تفصيلي آگاهي ڏني.

[b]عالمي ٻولي ڪانفرنس ۾ شرڪت
[/b]29، 30 ۽ 31 جنوري 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف جي ساٿين محمد اعظم ميمڻ، گلزار ڪلهوڙو، حاڪم علي بٺڙ، محمد بچل ڪلهوڙو، علي رضا منگي ۽ محمد اسلم ملاح ڪراچي ۾ سگا مرڪز طرفان منعقد ٿيل عالمي ٻولي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي 31 جنوري 2015ع تي سگا جي 43 هين سالگرهه ۾ ايوارڊ تقريب دوران سگا پاٽ شريف جي انفارميشن سيڪريٽري حاڪم علي بٺڙ کي بيسٽ ورڪر جو ايوارڊ مليو، سگا پاٽ شريف لاءِ ٽيون ايوارڊ آهي.

[b]پوليو مهم
[/b]15، 16 ۽ 17 فيبروري 2016ع PPHI ۽ BHU پاٽ شريف جي سهڪار سان ٽن ڏينهن واري پوليو مهم دوران مختلف ڳوٺن جي 1638 ٻارڙن ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا، سگا پاٽ شريف جي ساٿين سان فوڪل پرسن سيد لعل شاهه ۽ ايريا انچارج افضل ملاح گڏ هئا.

[b]مفت اکين جي ڪيمپ
[/b]18 ۽ 19 مارچ 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران، سوسائٽي فار پريوينشن اينڊ ڪيور آف بلائينڊنيس پاڪستان جي سهڪار سان ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 727 مريض رجسٽرڊ ٿيا، جن مان 110 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا، هن ڪيمپ جو افتتاح ڊاڪٽر سنڌيا جوڻيجو صاحبه ڪيو، جڏهن ته آيل مهمانن ۾ اڳوڻو ايم پي اي سيد محمد شاهه ، جاويد اقبال جوڻيجو، ڊاڪٽر نظر محمد جوڻيجو، حاجي ڪريم بخش صديقي، مخدوم سڪندر احمد صديقي، سگا جو مرڪزي اڳواڻ پيرل خان کوسو، منظور حسين اڄڻ، رفيق احمد سرهيو، محمد اسماعيل پنهور ۽ سي اي سي ميمبرن نور محمد سيال، سريش ڪمار واڌواڻي کان علاوه برانچن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، ان ڪيمپ ۾ اکين جي ماهر داڪٽرن ڊاڪٽر محمد خان شيخ، ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار ٻگهئي مريضن جي چڪاس ڪري آپريشن ڪيا.

[b]سوئي گئس بحالي لاءِ جدوجهد
[/b]28 مارچ کان 8 اپريل 2016ع تائين سگا شاخ پاٽ شريف پاران پاٽ شريف سميت ٻين ڳوٺن جي سوئي گئس جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي وئي، مسلسل جاکوڙ کان پوءِ سوئي گئس انتظاميا سوئي گئس بحال ڪري ڇڏي، شهرين پاران سگا جي اهڙين ڪوششن کي ساراهيو ويو.

[b]ٽن ڪتابن جي مهورت
[/b]10 اپريل 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ اديب سليم چنا جي ٽن ڪتابن سونهان منهنجي سنڌ جا، اڄ جو آواز ۽ انمول هيرا جي مهورت ڪرائي وئي.

[b]علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
[/b]13 اپريل 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران سنڌ جي عظيم اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي جي 48 هين ورسي ملهائي وئي.

[b]لوڪ فنڪار سان رهاڻ
[/b]24 اپريل 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران هتان جي مقامي فنڪار الغوزي نواز محمد ايوب سولنگي سان رهاڻ رچائي وئي.

[b]مائرن جو عالمي ڏينهن
[/b]8 مئي 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران مائرن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن ماءُ جي عظمت بيان ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

[b]شهيد غزالا بتول صديقي جي ورسي
[/b]22 مئي 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران سنڌ ڌرتي تان جان گهوريندڙ شهيد غزالا بتول صديقي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي.

[b]سرگرم ساٿي
[/b]نوٽ: واضح رهي ته هن سال جي مختلف سرگرمين ۾ سگا شاخ پاٽ شريف جي ساٿين محمد اعظم، گلزار ڪلهوڙو، شاهد حسين ميمڻ، حاڪم علي بٺڙ، خادم حسين چنا، صدام حسين چنا، انيس احمد چنا، شهاب الدين لانگاهه، شاهنواز برهماڻي، ممتاز علي ملاح، سيد جمال شاهه، محمد بچل ڪلهوڙو، مختيار علي چنڙ، محمد زمان سومرو، اياز علي ملاح، ذوالفقار علي ملاح، الهبچايو برهماڻي، نياز احمد برهماڻي، مخدوم سڪندر احمد صديقي ۽ ٻين هنن سرگرمين ۾ جاکوڙ ڪئي ۽ ڀرپور نموني سان سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو.

[b]سگا جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي سالگرهه
[/b]4 جون 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي 74 هين سالگرهه ملهائي وئي، ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙ ساٿين پاران ڊاڪٽر محمد سليمان جي سماجي خدمتن تي روشني وڌي وئي ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

[b]مستحقن ۾ راشن ۽ عيد خرچيءَ جي ورهاست
[/b]3 جولاءِ 2016ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران غريب ۽ مستحق 50 ماڻهن ۾ عيد جو راشن ۽ عيد جي خرچي تقسيم ڪئي وئي، خاص تعاون محترم رفيق احمد سرهيو، سيڪريٽري هيلٿ سگا محترم رفيق احمد ميمڻ ۽ سجادعلي ميمڻ.

[b]صحافي ۽ سماجي ڪارڪن علي رضا منگي جي مان ۾ آجياڻو
[/b]17 سيپٽمبر 2016ع تي سنڌ جي نامور صحافي آواز ٽي وي جي نيوز اينڪر ۽ سماجي اڳواڻ علي رضا منگي پاٽائي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

[b]ايڪتا ڏهاڙو
[/b]4 ڊسمبر 2016ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ شاگردن، استادن، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.

[b]چمڙيءَ ۽ شوگر جي بيمارين جي مفت ڪيمپ
[/b]12 ڊسمبر 2016ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران WADEP واڊيپ جي سهڪار سان چمڙيءَ ۽ شوگر جي بيمارين جي علاج لاءِ فخر ڪريم اسڪول پاٽ شريف ۾ مفت ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ چمڙي جي 519 مريضن ۽ شوگر جي 192 مريضن کي چڪاسي مفت دوائون ڏنيون ويون ۽ ٽوٽل 711 مريصن کي فائدو رسيو.

[b]مستحقن کي راشن
[/b]4 جنوري 2017ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران اولڊ ڪلريءَ جي هڪ مستحق کي هڪ مهيني جو راشن وٺي پهچايو ويو.

[b]مستحق عورت کي ويل چيئر
[/b]پهرين فيبروري 2017ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران هڪ غريب مستحق عورت مسمات جادل کي ويل چيئر ڏني وئي، جيڪا غلام رضا ڪلهوڙي جي سهڪار سان ملي.

[b]ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيمپ
[/b]5 ۽ 6 فيبروري 2017ع تي فخر امداد فائونڊيشن پاران سگا پاٽ شريف جي سهڪار سان BHU پاٽ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح ضلع ڪائونسل دادو جي چيئرمين سردار اشرف خان سولنگي ڪيو، جڏهن ته ايم پي اي پير مجيب الحق پڻ ڪيمپ وزٽ ڪئي، سگا جي سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهئي خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاٽ شريف ۽ آس پاس ڪيترن ئي ڳوٺن جا مريض پهتا ۽ اکين جي ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر محمد خان شيخ ۽ ڊاڪٽر ضمير احمد انصاري پاران 615 مريضن کي چڪاسيو ويو، جنهن مان 139 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا، اسپيشل ٿنڪس سراج الدين صديقي صاحب انچارج FIF ڪراچي.

[b]اولڊ ڪلري ۾ ميڊيڪل ڪيمپ
[/b]18 فيبروري 2017ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران DHO دادو جي سهڪار سان ڳوٺ اولڊ ڪلريءَ ۾ سگا اڳواڻ حاڪم علي بٺڙ جي اوطاق تي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم 407 مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون.

[b]آدمشماري جاڳرتا مهم
[/b]12 مارچ 2017ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران برانچ جي صدر محمد اعظم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ آدمشماري جاڳرتا مهم شروع وئي، ان موقعي تي پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ويون، پمفليٽ ورهائي کين آدمشماري بابت آگاهي ڏني وئي.