مختلف مڪتبه ءِ فڪر جي ماڻهن جي پاٽ شريف آمد
[b]گادي نشينن جي پاٽ شريف آمد
[/b] هتي انهن گادي نشينن جو حوالو پيش ڪجي ٿو جن جو تعلق مشهور درگاهن سان آهي ۽ پاٽ شريف ۾ پنهنجي مريدن، طالبن ۽ جماعت وٽ سندن اچڻ ٿيندو رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي گادي نشينن، سجاده نشينن ۽ درگاهن جي صاحبزادن پاران پاٽائي بزرگن تي حاضري ڀرڻ سبب سندن آمد ٿي آهي، جن ۾ هيٺيون هستيون شامل آهن،
سيد بخشل شاهه جيلاني پير آف راڻيپور، آغا عليروشن شاهه پير آف راڻيپور، سيد غلام حسين شاهه درگاهه قمبر شريف، پير نعمت الله قريشي درگاهه نعمت الله قريشي دادو، محمد قاسم مشوري درگاهه مشوري شريف، پير ڪرم الله المعروف دلبر سائين درگاهه ماتلي شريف، حافظ امام بخش سومرو درگاهه باقراڻي شريف، حافظ حبيب الرحمان سومرو درگاهه باقراڻي شريف، حاجي خدا بخش سومرو کٽي فقير درگاهه سهڙا شريف مٺياڻي، سيد حاڪم علي شهاه درگاهه موج درياءَ شاهه ڪنڊيارو، مست عبدالرحمان قريشي درگاهه نعمت الله قريشي دادو، منظور احمد مشوري درگاهه مشوري شريف، مفتي خليل احمد جان درگاهه ويهڙ شريف، حافظ عتيق الرحمان درگاهه باقراڻي شريف، محمد علي بلوچ درگاهه بابا احمد علي قريشي، محمد موسيٰ کٽي فقير درگاهه سهڙا شريف، سيد رمضان علي شاهه پير آف راڻيپور، سيد عبدالحڪيم شاهه جيلاني پير آف ملتان، سيد علي اڪبر شاهه پير آف راڻيپور، سيد مور شاهه پير آف پير رکيل ريلائي، سيد علي اڪبر شاهه لال درگاهه پراڻو ديرو، سيد لال ڏنو شاهه درگاهه پنهل شاهه، رفيق الزمان سومرو درگاهه باقراڻي شريف، مخدوم منير اختر درگاهه سخي دم دين پناهه ملتان، صوفي فقير علي نواز خاصخيلي درگاهه ڪريم آباد، سيد وقار حسين شاهه لطيفي گادي درگاهه ڀٽ شاهه، پير غلام مجدد سرهندي درگاهه پير سرهندي مٽياري، سيد سڪندر علي شاهه جيلاني، سيد محمد شاهه آف ميهڙ درگاهه علي اڪبر شاهه بخاري ميهڙ، سيد غلام الدين شاهه بخاري درگاهه مست بخاري لاڙڪاڻو، سيد حسين شاهه بخاري درگاهه ناري شريف، فقير علي اڪبر قادري درگاهه بکر شاهه سجاول ٺٽو، پير عبدالرحيم جان سرهندي درگاهه پير سرهندي بالي شاهه، پير عطاءُالله شاهه لڪياري درگاهه لاڙڪاڻو، پير شفيق احمد اشرفي درگاهه ويهڙ شريف، پير تابن علي شاهه درگاهه نيرهه شريف، پير زاهد حسين شاهه درگاهه سڳيون شريف، پير يار محمد شاهه هاشمي درگاهه نيرهه شريف،سيد مهدي رضا شاهه سبزواري سجاده نشين درگاهه قلندر شهباز، مخدوم نديم احمد هاشمي درگاهه کهڙا شريف، پير بهاءُالدين سرهندي درگاهه سرهندي، پير وسيم جيلاني درگاهه سخي عبدالوهاب جيلاني، پير سيد غلام فرقاني جيلاني درگاهه نورائي شريف.پير علي شير سرهندي درگاهه نبي سر ٿرپارڪر، پير سيد علم الدين شاهه بخاري درگاهه بخاري لاڙڪاڻو، پير سيد امام الدين شاهه جيلاني درگاهه لوءِ صاحبان گهوٽڪي.
[b]علمائن جي پاٽ شريف آمد
[/b] پاٽ شريف ۾ مذهبي حوالي سان ڪيترائي جلسا منعقد ڪرايا ويا آهن، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل ڪيترن ئي علمائن واعظن ذريعي ديني پيغام ٻين تائين پهچايا، هتي اسين انهن علمائن جا نالا پيش ڪريون ٿا جن جي خصوصي طور تي پاٽ شريف ۾ آمد ٿي، انهن علمائن ۾ مولانا محمد ادريس ڏاهري، مفتي عبدالرحيم سڪندري، مولانا حافظ علي اڪبر قاسمي، مولانا قاري شاهنواز بروهي، مولانا بشير احمد لاشاري، مولانا محمد عظيم مهيسر، مولانا محمد امين سيال، مولانا حافظ علي شير ملاح، مولانا نور حسين ناريجو، مولانا خادم حسين ڀٽي، مولانا عبدالرحمان ملڪاڻي، مولانا غلام شبير ساند حسيني، مولانا عبدالرشيد ڪرمي، مولانا محمد مراد لانگاهه ڪرمي، مولانا محمد اسماعيل شاهاڻي، مولانا غلام مصطفيٰ جان، مولانا سيد نديم احمد عطاري، مولانا غلام نبي ڪهاڙو، مولانا بدرالدين سرهيو، مولانا تاج محمد شاهه، مولانا محمد اياز چنا، مولانا محمد صادق اشرفي، مولانا حبيب الرحمان ملڪاڻي، مولانا الهه بخش کهاوڙ، مولانا محمد يوسف، مولانا احمد شاهپور چاڪر، مفتي احمد ذهين مگسي، مولانا غلام ياسين، فقير صاحب خان لطيفي، پير احسان، جڏهن ته مشهور نعت خوانن ۾ حاجي غلام النبي مهيسر، فقير ليمون، فقير جانڻ ابڙو، استاد الهڏنو برهماڻي، مکڻو فقير، بيدار بخشل چانڊيو، محمد سلمان خاصخيلي، محمد اسماعيل چانڊيو، فقير عزيز عتيقوي ۽ ٻيا ڪيترائي نعت خوان خاص موقعن تي هتي اچي چڪا آهن.
[b]مستن ۽ درويشن جي پاٽ شريف آمد
[/b] پاٽ شريف ۾ وقت به وقت ڪيترائي الله پاڪ جا درويش ۽ مست ايندا رهيا آهن ۽ چوندا آهن ته مست ۽ درويش ظاهر جي اهڙي پوشاڪ ۾ هوندا آهن جيئن عام ماڻهو کين گهٽ اهميت ڏين پر الله تعاليٰ جي اهڙن پيارن ٻانهن ۾ ڪا اهڙي روحاني ڪشش هوندي آهي جو ماڻهو ازخود انهن کان فيض وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ سندن دعائن ۽ ڪرامتن جو سلسلو اڄ تائين به جاري آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اهڙا مست ۽ درويش پنهنجو پاڻ کي لڪائي ان پالڻهار جي ڊيوٽي ادا ڪرڻ ۾ مصروف آهن، پاٽ شريف ۾ به سيد مست علي شاهه جي آمد ٿيندي رهندي هئي، ظاهر ۾ سندس پٺي اگهاڙي هوندي هئي ۽ جسم زنجيرن سان ڍڪيل هوندو هو ۽ انهن زنجيرن جو چڱو خاصو وزن هوندو هو، سيد مست علي شاهه صديق شيخ وٽ رهائش اختيار ڪندو هو، ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سيد مست علي شاهه وٽ هڪ لٺ هوندي هئي ۽ هي ان تي لانگ ورائي چوندو هو ته هل منهنجا گهوڙا ۽ پوءِ غائب ٿي ويندو هو ۽ ڪنهن ٻئي شهر ۾ پهچي ويندو هو، سيد مست علي شاهه جي وفات بعد سندس پونئر سيد مست لال شاهه ساڳئي لباس ۽ انهيءَ رنگ ۾ رڱيل آهي ۽ پاٽ شريف ۾ جڏهن به سندس اچڻ ٿيندو آهي ته ڪيترائي ماڻهو هن درويش کان دعائون گهرائيندا آهن، مست لال شاهه بلڪل آهستي ڳالهائيندي چوندو آهي ته سڀ ڪجهه ڪري اهو رب پاڪ ٿو اسان ته صرف هٿڙا کڻندا آهيون، ان کان علاوه هن شهر ۾ پير رکيل ريلائي ۽ سائين احمد شاهه ڦلائي جي خاندان جا سجاده نشين پنهنجي پنهنجي مريدن وٽ ايندا رهن ٿا.
[b]سياسي شخصيتن جي پاٽ شريف آمد
[/b] پاٽ شريف ۾ ڪيترين ئي سياسي شخصيتن جي آمد ٿي آهي جيڪي يا ته ڪنهن خاص دعوت تي آيا ۽ ڪجهه سياسي اڳواڻن پنهنجي تڪ جي ووٽرن سان رابطي کي يقيني بڻايو ۽ هتي سندن بار بار اچڻ ٿيندو رهيو، ڪيترن ۽ اهم سياسي رهنمائن به پنهنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پاٽ شريف جو رخ ڪيو، هن وقت تائين پاٽ شريف ۾ جن سياسي شخصيتن جي آمد ٿي آهي انهن ۾ سر شاهنواز ڀٽو، سيد قائم علي شاهه، اشرف ڊبليو طاباني، بيگم نصرت ڀٽو، فاطمه ڀٽو، عبدالحميد خان جتوئي، الحاج محمد بخش جمالي، نثار احمد کهڙو، پير مظهرالحق، سيد محمد شاهه، لياقت علي خان جتوئي، ڊاڪٽر منظور علي لغاري، سردار خير محمد خان پنهور، نبن خان لنڊ، ظفر علي لغاري، رئيس رفيق احمد جمالي، غلام قادر چانڊيو، فتح محمد ملاح، بشير خان قريشي، شفيع برفت، غلام رسول چانڊيو، نواب سردار احمد خان چانڊيو، سردار غالب خان ڊومڪي، سردار سجاد احمد خان سومرو، رئيس نورل خان ڀرٽ، سيد ظفر علي شاهه، نجيب الله پنهور، رئيس حبيب الله عرف بنو خان پنهور، رئيس بابن خان پنهور، سيد فدا حسين شاهه، علي محمد سومرو، پير معظم، پير مجيب الحق، علي احمد پليپوٽو، سردار اشرف خان سولنگي، اسرار العباد، امير نواب، عمران ظفر لغاري، ڊاڪٽر زاهد حسين جتوئي، سيد نور محمد شاهه، ڪريم علي جتوئي، حسين بخش سولنگي، منير احمد چنا، سيد ظفر علي شاهه، ڊاڪٽر مظهر علي ميمڻ، سيد علي مراد شاهه، عبدالعزيز ٻرڙو، علي نواز خان گهلو، حق نواز خان گهلو، احمد خان لنڊ، غلام شبير ابڙو، سيف الله پنهور، رئيس پرويز خان ڀرٽ، مير شجاع الله پنهور، قاضي امتياز علي قريشي، پير گنبل، چاڪر خان شاهاڻي، حبيب الله هنڱورو، دوست علي جيسر، سيد شهاب الدين شاهه حسيني، ڊاڪٽر سليمان پنهور، الطاف پنهور، ماروي مظهر، آپا ڪلثوم چانڊيو ۽ آپا رشيده پنهور شامل آهن.
[b]پاٽ شريف پهتل اين جي اوز
[/b] مختلف اين جي اوز مختلف پراجيڪٽن جي سلسلي ۾ پاٽ شريف پهچي پنهنجو فيلڊ ورڪ شروع ڪيو، انهن اين جي اوز ۾ هيٺيان نالا شامل آهن
گورک پئمان پروجيڪٽ، يو ايس ايڊ، بيسڪ ڊولپمينٽ نيڊس، اين سي ايڇ ڊي، ٿر ديپ، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، فخر امداد فائونڊيشن، غني هاسپيٽل ٽرسٽ، مهوش اينڊ جهانگير صديقي فائونڊيشن، بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، هينڊس، ميئرلين، اي سي ايف انٽرنيشنل، Mchip، آئي آر سي، ايس پي او، جپائيڪو.
[b]مزاحيه آرٽسٽن جي پاٽ شريف آمد
[/b] مزاح، ڪاميڊي، کل ڀوڳ ۽ چرچن ڀوڳن جو انسان سان گهرو تعلق آهي، پاٽ شريف ۾ ماڻهن کي کلائڻ لاءِ ٻاهريان ڪيترائي ناليوارا اسٽيج ۽ ٽي وي جا آرٽسٽ آيا ۽ ان کان علاوه پروفيشنل مسخرن ۽ ڪيترن ئي مشهور چرچائي ڀوڳائي ماڻهن جي پاٽ شريف آمد ٿيندي رهي آهي، مزاح جي فن سان تعلق رکندڙ اهڙين شخصيتن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
محمد فقير مسخرو، واحد بخش کوکر عرف واحدو مسخرو، ارمل چانڊيو مشهور چرچائي، لطيف منو سينيئر ٽي وي آرٽسٽ، رشيد چارڻ سينيئر اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽ، عبدالمنان عباسي عرف ماما لالو، عبدالله ملاح عرف موالي، نثار عباسي سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، ممتاز جروار سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، حسن مستانو سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، سرفراز علي پنهور سينيئر اسٽيج ٽي وي آرٽسٽ، خادم کوکر عرف خوني ماڻهو، اشرف علي عطار سينيئر اسٽيج ٽي وي آرٽسٽ، استاد قربان علي ملاح سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، ماستر نياز حسين ملاح سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، بي ڪي کوسو سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، ذاڪر حسين کوسو سينيئر اسٽيج آرٽسٽ.
[b]پاٽ شريف ۾ فن جو مظاهرو ڪندڙ فنڪار
[/b] پاٽ شريف جا رهواسي شادين مرادين ۾ مختلف فنڪارن يعني ڳائڻن کي گهرائيندا هئا ۽ ان کان علاوه ٻين فنڪشنن ۾ به فنڪار ايندا رهيا آهن، هتي ماضي کان وٺي اڄ تائين جن جن مشهور فنڪارن پاٽ شريف ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي انهن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا، جن ۾ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ صوفي راڳي شامل آهن، جيوڻي ٻائي، سونا خان بلوچ، خانصاحب استاد منظور علي خان، مائي الهوسائي، خانصاحب استاد محمد صالح ساند، قمر سومرو، منظور سخيراڻي، بيگم فقيراڻي، هوا ڀٽڻ، عبدالله ميربحر، غلام حيدر ماڇي، استاد وحيد علي، خانصاحب خورشيد علي خان، عبدالحميد عباسي، امانت گل، استاد خادم حسين سخيراڻي، فيض علي سخيراڻي، جلال چانڊيو، غلام شبير سمون، علي مراد جتوئي، الهداد زرداري، روبينا حيدري، گلشير تيوڻو، دلشير تيوڻو، آصف علي چارڻ، سيد فدا حسين شاهه، خادم حسين سولنگي، محمد رمضان سولنگي، فدا حسين پنهور، ٻالڪ سنڌي، معشوق علي کوکر، ڪوثر ماروي، صائمه منظور، ممتاز علي لاشاري، سلطان فقير دادنا، ساجد علي منگي، مختيار علي سانگي، اختيار علي خشڪ، سڪندر علي سومرو، غلام حسين عرف غلامون ميراثي، مانجهي فقير، وزير علي سولنگي، ماستر غلام قادر کهڙو، غلام حسين عمراڻي، وزير علي عمراڻي، سڪندر علي قمبراڻي، حبدار علي سخيراڻي، شهباز علي زرداري، سڪندر علي ملاح، عنايت علي برهماڻي، نورل ۽ ميرل، نظير چانڊيو، سجاد علي سولنگي، شاهنواز ڀرڳڙي، قادر سنڌي ۽ يوسف پنهور.
[b]شاعرن ۽ اديبن جي پاٽ شريف آمد
[/b] ادبي مرڪز هئڻ سبب پاٽ شريف ۾ ڪيتريون ئي ادبي شخصيتون پهتيون، جن ۾ حافظ احسن چنا، استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، پيرل پرديسي، محسن ڪڪڙائي، راشد مورائي، ڊاڪٽر قربان علي جهتيال، مسڪين ملاح، احمد خان مدهوش، الهه رکيو ڳورڙ، سرڪش سنڌي، قادر بخش قلندر ميمڻ، عبد مگسي، بشير سيتائي، آزاد انور ڪانڌڙو، وزير منگي، وزير فرهاد سولنگي، سڪندر علي جروار، آصف مٺياڻوي، افضل سولنگي، انور قمبراڻي، عاجز عبدالغفور زرداري، امتياز عادل سومرو، عزيز ڪنگراڻي، مجبور ميمڻ، مشهور ميمڻ، ديدار دانش کوسو، وسيم آڪاش سيتائي، منصور سيتائي، منظور سيتائي، عرس اظهر سولنگي، رجب آزاد، عاشق دادوي، وفا ياسين آرائين، مقصود احمد چانڊيو، ظفر احمد لهٻر، هارون احسن ابڙو، همدرد اوڏ، خادم ممتاز، امان الله لهٻر، محبتي ملاح، نجم سرهيو، رضا لانگاهه، غلام حيدر گهايل، اويس ڪرني، زخمي زاهد سهارڻ، منور علي ملاح، صابر حسين چانڊيو، ساگر جعفري، سيد محمد علي شاهه، مصطفيٰ ڏاهري، شبير سيال، غلام حيدر گجو، ڦوٽو جمالي، آسي بدرالدين چنا، فياض سيتائي، تابش بخاري، معصوم بخاري، نشتر ناٿن شاهي، منظور حسين ڪلوئي، اسير امتياز برهماڻي، ممتاز مصطفيٰ دوست، نواز ڪنڀر، وريام سنڌي، اختر درٻيلائي، بخشل شاهاڻي، عاجز رحمت الله لاشاري ۽ ٻيا.
[b]يوسي پاٽ شريف تي رهندڙ تعليم کاتي جا سپروائيزر
[/b] باغ علي سهاڳ، ڪمال الدين سولنگي، محمد خان پنهور، عبدالوحيد ميمڻ، غلام محمد ملاح، بشير احمد ميمڻ، محمد عثمان منگي، محمد ايوب لاشاري، غلام قادر پنهور، محمد عرس ابڙو، وزير علي پنهور، اي ڊي الهڏنو چانڊيو، عبدالستار ملاح، محمد عظيم پنهور.
[b]استاد اڳواڻن جي پاٽ شريف آمد
[/b] هتي مختلف يونين اڳواڻ استادن جا نالا پيش ڪجن ٿا جيڪي وقت به وقت پاٽ شريف ۾ ايندا رهيا آهن.
[b]گسٽا اڳواڻ
[/b] ميان محمد پيرزدو، منظور احمد پنهور، غلام علي لاشاري، جاويد اڪبر ميمڻ، سلطان احمد هنڱورو، علي نواز عباسي، حافظ غلام محمد چنا، عبدالله ابڙو، اختر علي سولنگي، محمد حنيف پنهور، غلام سرور ساريو، خادم حسين شاهه، ذوالفقار علي کوسو، وزير علي پنهور، بشير احمد گاڏهي، حبيب الله خاصخيلي، اشرف علي چانڊيو، آفتاب شاهه.
[b]پ ٽ الف اڳواڻ ۽ ماٽا اڳواڻ
[/b] محمد صالح کوکر، غلام رسول چانڊيو، عبدالرحمان پنهور، غلام قادر پنهور، شبير احمد مگسي، منصور احمد ڪلهوڙو، امان الله هنڱورو، غلام الله جتوئي، احمد خان پنهور، غلام مصطفيٰ جوڻيجو، علي حسن شاهاڻي، ممتاز علي سولنگي، شمشاد احمد جتوئي، رفيق احمد زنئور، اعجاز احمد پتافي، معشوق علي دستي، غلام شبير پلهه، نياز حسين دستي، علي مراد شيخ، عبدالحڪيم جمالي، محمد حسن سومرو، محمد ابراهيم شيخ، غلام مصطفيٰ پنهور، جبار احمد ملاح، غلام ياسين چانڊيو، الهڏنو ڀٽي، بدرالدين شينو، سڪندر علي ڇڄڙو، خير محمد ابڙو.
[b]پاٽ شريف ۾ پهتل پهلوان
[/b] پاٽ شريف جي ميلن ملاکڙن ۾ هن وقت تائين جيڪي مشهور ملهه پهلوان اچي چڪا آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
محمد بخش رستماڻي، ريشمي عرف الهبخش ملاح، ڪبوتر کوسو، هيرو بروهي، عاشق علي بڙدي، سيفل لاشاري، حاڪم علي برهماڻي، علي نواز برهماڻي، علي گل ڪابورو، روح افزا لانڊر، راجا لانڊر، اسحاق مڱڻيجو، حاجي علي دوست لغاري، عبدالرزاق باهوٽو، محمد حسن ساند، انب شيدي ۽ شير ميربحر مرحوم.