لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽائي شخصيتون

[b]علامه آءِ آءِ قاضي
عظيم مفڪر، فلاسافر، قانوندان، دانشور ۽ عالم[/b]

09 اپريل 1886ع تي جنم وٺندڙ سنڌ جي هن عظيم مفڪر، دانشور ۽ عالم علامه آءِ آءِ قاضي جو تعلق سنڌ جي تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف ضلعي دادو سان هو، علامه آءِ آءِ قاضي جنهن جو سڄو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي هو، علامه صاحب جو والد صاحب امام علي انصاري سرڪاري ملازمت سبب پاٽ شريف کان لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهيو، جتي حيدرآباد جي هڪ بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي امام علي (آءِ آءِ قاضي) ڄائو، سندس والد ڪجهه عرصي لاءِ دادو ۽ نوشهروفيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو، علامه آءِ آءِ قاضي جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو، آخوند صاحب کيس مفتاح الصلواته به پڙهايو، علامه آءِ آءِ قاضي 18 سالن جي ڄمار ۾ سن 1904ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگي طور تي پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾ جيڪو ان وقت لازمي سبجيڪٽ هو ان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين، 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي طور ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هو علي ڳڙهه ۾ سر سيد احمد خان جي قائم ڪيل ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، هڪ سال کانپوءِ علي ڳڙهه مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين، سن 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس ”اقتصاديات“ جي تعليم ورتائين، 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ داخل ٿيو ۽ ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو، علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، ڊاڪٽر برائون کان نفسيات جي تعليم ورتائين، فزڪس ۽ بائلاجي به خانگي طور لنڊن ۾ پڙهيو، ڊاڪٽر آرنولڊ کان فلسفي جي تعليم ورتائين، 1910ع ۾ ”لنڪس ان لنڊن“ ۾ ”بار ايٽ لا“ ۾ داخلا ورتائين، تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي هڪ جرمن ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا هڪ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعرا هئي، طبيعتون هڪ ٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي ۽ 1910ع ۾ ئي ٻنهي شادي ڪئي،علامه صاحٻ 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪري واپس وريو، واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين، ڪجهه عرصي بعد وري انگلينڊ هليو ويو، مطالعو جاري رکيائين ۽ 1919ع ۾ وطن واپس وريو، 1921ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي جان محمد ۾ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو ۽ ان کانپوءِ خيرپور رياست ۾ جج مقرر ٿيو، علامه صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام“ Place of Ghazal in oriental poetry لکيو، هن ليک کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کيس انگلينڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽي جو نائب صدر چونڊيو ويو، علامه صاحب پهريون سنڌي هو جيڪو هن سوسائٽي جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ هو 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو.
1926ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب کي خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو پر ٿوري اندر ملازمت کان بيزار ٿي آگسٽ 1927ع ۾ استعيفا ڏنائين، 1928ع ۾ قاضي صاحب ٻيهر لنڊن ويو، جتي ڪجهه عرصي لاءِ ”لنڊن اسڪول آف اسٽڊيز“ ۾ بحيثيت استاد ۽ ممتحن خدمتون سرانجام ڏنائين، 1932ع ۾ شيخ گوما، الازهر کان لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ عربيءَ جي تعليم ورتائين، لنڊن ۾ 1933ع ۾ ”جميعت المسلمين“ جو بنياد رکيائين ۽ کيس جميعت جو امام مقرر ڪيو ويو، هن جميعت جو مقصد اسلام جي تبليغ ۽ اتي جي مسلمانن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو، 1933ع ۾ ئي قاضي صاحب پنهنجي اهليه ايلسا قاضيءَ جي تعاون سان ڪتاب لکيو جنهن جو نالو هو “Adventures of a Brown girl in search of God” يعني ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ اهو ڪتاب دراصل جارج برناڊشا جي لکيل ڪتاب “A Black girl in search of God” يعني ”هڪ ڪاري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو، قيام پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ علامه انگلينڊ مان موٽي ڪراچي اچي رهيو، ان وقت پاڻ هر جمعي تي جناح هاسٽل جي مسجد ۾ اچي خطبو ڏيندو هو، سندس خطبي ٻڌڻ لاءِ هر طبقي جا ماڻهو پري پري کان ايندا هئا، پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ 1951ع ۾ سائين جي ايم سيد جي زور ڀرڻ تي علامه صاحب لنڊن کي خيرآباد چئي ڄامشوري ڪئمپس ۾ سنڌ يونيورسٽي جو مضبوط بنياد وڌائين. پاڻ 09 اپريل 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو ۽ پورا 9 سال هن اداري جي بي لوث خدمت ڪيائين، پر جنهن مهل محسوس ڪيائين ته مارشل لا جي غير جمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿيون ته علامه صاحب هڪدم وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏني ۽ پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو، ان ئي زماني ۾ هن حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏنو، جيڪو پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو، علامه صاحب 20 هين صدي جو عظيم مفڪر هو، هو پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ يڪتا هو، علامه صاحب سنڌ جي ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري آبياري ڪئي. درحقيقت علامه صاحب جهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، علامه صاحب 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي، سنڌ واسي ورسي واري ڏينهن تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪندا آهن، سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد ۽ استاد سندس آخري آرامگاهه ڄامشوري ۾ حاضري ڀريندا آهن.
علامه صاحب جي خاص معتقد محترم اي ڪي بروهي صاحب سن 1971ع بمطابق 1391هجري تي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا قاضيءَ جي مزارن مٿان مقبرو جوڙايو.

[b]علامه آءِ آءِ قاضي فائونڊرس ويڪ بابت
[/b] سال 2001ع ۾ وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي واري دور ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڏنل تجويز تي عمل ڪيو ويو ۽ 9 اپريل 2002ع کان علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي ياد ۾ هفتو ملهائڻ جي شروعات ڪئي وئي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن فائونڊرس ويڪ ملهائڻ جو باقاعده افتتاح ڪيو ۽ يونيورسٽي طرفان ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ هو ته علامه آءِ آءِ قاضي فائونڊرس ويڪ ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته 9 اپريل تي علامه صاحب يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور ذميواري سنڀالي هئي ۽ 13 اپريل سندس ورسي جو ڏينهن آهي، اهڙي طرح يونيورسٽي اختيارين لاءِ لازم آهي ته هن فائونڊرس ويڪ ۾ ليڪچر پروگرام، سيمينار، لائبريري ۾ بڪ فيئر کان علاوه مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا منقعد ڪرايا وڃن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي علامه صاحب سان عقيدت ۽ محبت هئي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي فائونڊرس ويڪ قائم ٿيڻ به ان جو هڪ مثالي ثبوت آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي اختيارين پاران هر سال اپريل مهيني ۾ هي فائونڊرس ويڪ ملهايو ويندو آهي.

[b]علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جون سانڍڻ جهڙيون ڳالهيون
[/b]دين: دين هڪ ئي رهيو آهي، جنهن مختلف دور طئي ڪيا آهن، دنيا ۾ ”اديان“ ڪونهن جيئن عام ماڻهو سمجهن ٿا، جيئن جيئن انسان ذات ترقي ڪندي وئي تيئن تيئن نين ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدرت جي طرفان سندس تعليم ۽ تربيت ۾ به تبديلي ايندي وئي، کين شريعتون زندگي بسر ڪرڻ لاءِ قاعدا ۽ قانون مليا ۽ نبي مليا جن رهبري ڪئي.
علم ۽ ادب: علم ادب اهو علم آهي جو انسان کي ۽ ان جي شخصيت کي گهڙي ٺپي ٺيڪ ڪري ٿو ۽ بهتر انسان بنائي ٿو، علم ادب جي تخليق جو دارومدار انساني دل يا قلب تي آهي، قلب جي جيڪا ڪيفيت هوندي انهيءَ مطابق علم ادب تخليق ٿي سگهندو.
شاعري: شاعري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ اها جا پرحڪمت هوندي آهي ۽ اها نبوت جو جزو آهي، ٻي اها جا اخلاق کي بگاڙيندي آهي، اهڙي قسم جي شاعري بگڙيل شخصيت جي پيداوار هوندي آهي.
زندگي: محض کائڻ پيئڻ ۽ عيش عشرت ڪرڻ زندگي ناهي، اها حيواني زندگي آهي، جنهن جو مقصد ”جنس“ کي قائم ڪرڻ آهي، زندگي جي بنيادي نشاني ”حس“ آهي جو حواسن ذريعي پيدا ٿئي ٿو، ظاهري حواس ڪل پنج آهن، ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ ڇهڻ، انسان جون حواسي قوتون ترقي ڪري تڪميل تي پهچڻ گهرجن، ان بعد عقل جي ۽ آخر ۾ روحانيت جي تڪميل ٿيڻ گهرجي.
نوجوانن لاءِ پيغام: توهان نوجوان آهيو ۽ توهان جون صلاحيتون جوان آهن، توهان جا جذبا زنده ۽ عزائم بلند آهن، جن جي ذريعي اوهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا، رپين ۽ پئسن جو ڀوت دماغن مان ڪڍو، اهڙا سمورا وسوسا ۽ خدشا دلين مان خارج ڪرڻ کانپوءِ اوهان سڀ ڪجهه ماڻيندا ۽ ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي ۽ اوهان جي به اها فطري خواهش پوري ٿيندي جنهن جي هر انسان کي اها خواهش رهي ٿي، شال خدا پاڪ اسان کي نيڪ ۽ صالح ڪري.

[b]علامه آءِ آءِ قاضي جا لکيل ڪتاب
[/b]VARIETIES OF RELIGIOUS EXPERIENCES
ADVENTURES OF THE BROWN GIRL IN HER SEARCH OF GOD
CASUAL PEEPS AT SOPHIA
PLACE OF GHAZAL IN ORIENTAL POETRY
SHAH JO RISALO

[b]مئجسٽريٽ علامه قاضي ميان احمدي صديقي
[/b] جناب قاضي ميان احمدي اول جو شمار انهن خوشنصيب انسان دوست ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي خلق خدا جي خدمت کي عبادت جو درجو ڏين ٿا ۽ ماڻهن جي فلاح بهبود لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏين ٿا.
علامه قاضي ميان احمدي سن 1854ع تي سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ شريف ۾ ڄائو، سندس والد صاحب جو نالو مخدوم علي گوهر قاضي هو، سندس ڏاڏو قاضي احمدي ڪبير ميرن جي دور واري حڪومت ۾ هن پوري علائقي جو قاضي هو.
پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي چاچي شيخ المشائخ مخدوم شفيع محمد قاضي کان حاصل ڪئي ۽ اتي عربي ۽ فارسي پڙهيو، پاڻ ننڍپڻ کان ئي آزاد طبيعت جو مالڪ ۽ حقيقت پسند هو، پاڻ جڏهن 18 سالن جو ٿيو ته پنهنجي چاچي سان اختلاف ان ڪري شروع ڪيائين ته توهان جا معتقد مرد ۽ عورتون توهان جي پيرن ۾ ڇو ٿا ڪِرن، علامه صاحب اهڙين ريتن ۽ رواجن کي غلط سمجهندو هو، ان وقت ۾ پاٽ جي گهٽين مان ڪا عورت لنگهندي هئي ته ان جي آڏو جيڪو ٻارڙو هوندو هو اهو وڏي واڪي چوندو هو ته ”پري ٿي وڃو، پري ٿي وڃو“ ۽ پوءِ مرد يا ته تڪڙا تڪڙا نڪري ويندا هئا يا ته ڀت ۾ ئي منهن ڪري بيهي رهندا هئا ۽ ايستائين بيٺا هوندا هئا جيستائين اها عورت اتان لنگهي نه ويندي هئي، علامه احمدي قاضي صاحب عورتن جي اهڙي پرديداري يا مردن جي شرافت کي ته ساراهيو پر ان سان گڏو گڏ هن محسوس ڪيو ته عورتن کي به تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي، قاضي صاحب 19 هين صدي عيسوي ۾ هڪ عظيم عاليشان پرائمري اسڪول پنهنجي خرچ تي تعمير ڪرايو ۽ مارچ 1907ع ۾ پاٽ شريف ۾ عورتن جي لاءِ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هن انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن اهي گهرن ۾ پنهنجي اولاد جو ۽ ٻين ڀاتين سميت پنهنجو علاج ڪري سگهن، اهڙي اعلان تي عمل ان ڪري نه ٿي سگهيو جو ان وقت جي ڪجهه مذهبي عالمن سڳورن سندس مخالفت ڪئي، 1916ع ۾ علامه احمدي قاضي صاحب هندستان جي شهر پونا ۾ آل انڊيا تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو، ان وقت ۾ هندستان جي مڃيل علمائن مان هي به اهم شخصيت هو، پهرين جنگ عظيم ۾ قاضي صاحب کي پاٽ شهر لاءِ اعزازي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏئي مقرر ڪيو ويو، 9 جولاءِ 1912ع ۾ فتح پور جتي هن وقت ڳوٺ فتح محمد چانڊيو لڳ ڪي ٽي جتوئي آهي اتي ٻوڏ سبب بند جي خطرناڪ صورتحال هئي ۽ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب هن سڄي صورتحال کان قاضي صاحب کي آگاهه ڪيو ۽ قاضي صاحب ان وقت هزارين رپيا پنهنجي گهران خرچ ڪري بند مضبوط ڪرايو ۽ امڪاني تباهي کان ماڻهن کي بچايو ۽ ان وقت جي انگريز سرڪار خوش ٿي کيس هڪ تلوار، هڪ رائيفل ۽ ڪراچي ۾ جتي هينئر قائداعظم جي مزارآهي اتي ڀرسان ڪجهه پلاٽ انعام طور ڏنا، هڪ دفعي واپارين جي سازش سبب شهر مان اناج غائب ٿي ويو ۽ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي، قاضي صاحب پنهنجي گدامن مان پنهنجي نگراني ۾ غريبن ۾ مفت اناج تقسيم ڪيو. 1910ع ۾ ترڪن جي امداد لاءِ پاڻ وڏي جدوجهد ڪيائين، پاڻ ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کان علاوه پنهنجي ذاتي ملڪيت مان به انهن جي مدد ڪيائين ۽ اهو سمورو امدادي سامان ڪراچي جي هلال احمر انجمن حوالي ڪيائين، سياسي حوالي سان علامه صاحب سنڌ جي ڪيترين ئي سياسي جماعتن جي مالي مدد ڪرڻ فرمائي، جنهن ۾ جماعت اسلامي، سنڌ زميندار ايسوسيئيشن، محمدن ايسوسيئيشن وغيره شامل آهن، قاضي صاحب اڪثر ڪري مختلف سياسي جماعتن جي پروگرامن جي صدارت ڪرڻ به فرمائيندا هئا، سنڌ جي اهم شخصيتن حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد الهندو شاهه، سر شاهنواز ڀٽو ۽ رئيس شمس الدين بلبل سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي، رئيس شمس الدين بلبل قاضي صاحب جي ويجهي مائٽ مخدوم نظام الدين صديقي جو مريد هو، قاضي صاحب لاڙڪاڻي ضلعي جو يعني ان وقت ۾ لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعي جي گڏيل حدن جو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ اعزازي مئجسٽريٽ هئڻ باوجود سندس زندگي تمام سادگي سان گذري، هو هڪ اعليٰ منتظم، سياستدان، ماهر تعليم ۽ هميشه انصاف جي اصولن تي هلڻ وارو نيڪ انسان هو. علامه قاضي احمدي صاحب 1924ع ۾ وفات ڪئي.  

[b]آفتاب قاضي ”گورنر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان“
[/b] آفتاب قاضي صاحب جو مڪمل نالو اي جي اين قاضي يعني آفتاب غلام نبي قاضي هو، پاڻ 6 نومبر 1919ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو ۽ سندس ذات انصاري هئي، سندس والد صاحب خانبهادر غلام نبي قاضي جو شمار اهم شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، آفتاب قاضي انگريزن جي دور کان وٺي سول سرونٽ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ به ڊگهي عرصي تائين اهم اهم عهدن تي فائض رهيو ۽ هن پاٽائي شخصيت کي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، آفتاب قاضي 1944ع ۾ انڊيا جي بهار ۽ اڙيسا جو ڊپٽي ڪمشنر به ٿيو ۽ 1947ع کانپوءِ سيڪريٽري فنانس، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جو بريف اسسٽنٽ، يونائٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا جو سفير، چيئرمين واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي، سيڪريٽري فار انڊسٽريز اينڊ نيچرل ريسورسز، سيڪريٽري جنرل فنانس اينڊ اڪنامڪس ڪوآرڊينيشن، ايڊوائيزر اڪنامڪ پريزيڊنٽ آف پاڪستان، 1978ع ۾ گورنر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ٿيو ۽ ان کانپوءِ 1993ع ۾ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جو چيئرمين جي عهدي کانپوءِ 1994ع ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آف دي پاڪستان بورڊ به رهيو، آفتاب قاضي کي پاڪستان جي اهم حڪمرانن يحيٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان، غلام اسحاق خان، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين جي حڪومتن ۾ ساڻن گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان بهترين ذميواريون سنڀالڻ تي کيس 1966ع ۾ ستاره پاڪستان ۽ 1969ع ۾ کيس اسٽار آف سروس جي ايوارڊن سان نوازيو ويو، آفتاب قاضي صاحب 9 آگسٽ 2016ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي.

[b]ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پاٽائي/ علمي ادبي شخصيت
[/b]
سنڌ جي ناليواري اديب، محقق، دانشور ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ولد ڪريم بخش صديقي پهرين جنوري 1937ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاڻ علمي ادبي ميدان ۾ لازوال خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ اعليٰ عهدن تي به رهيو، سندس تعليم ايم اي، ايم ايڊ فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۽ پي ايڇ ڊي گولڊ ميڊلسٽ آهي، هن پنهنجي ڪيريئر جي ابتدا جولاءِ 1953ع ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان ڪئي، ڪجهه وقت لاءِ سپروائيزر ايجوڪيشن به رهيو، 1972ع کان دادو ۾ سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر رهيو، 1976ع کان ڊپٽي ڊائريڪٽر سيڪنڊري مقرر ٿيو، 1979ع کان مختلف ضلعن ۾ ڊي اِ او جي پوسٽ تي رهيو، 1988ع کان سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جو سيڪريٽري ٿيو، 1990ع ۾ بدين ضلعي جو ڊي اِي او مقرر ٿيو، 1991ع ۾ سيڪنڊري ۽ پرائمري ايجوڪيشن حيدرآباد ڊويزن جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جولاءِ 1993ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊائريڪٽر سيڪنڊري ايجوڪيشن ٿيو، آڪٽوبر 1993ع تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جو چيئرمين مقرر ٿيو، 1994ع کان ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ ڄامشورو جي عهدي تي رهيو ۽ آگسٽ 1996ع کان ايڊيشنل سيڪريٽري اڪيڊمڪ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ ڪراچي به رهيو، 31 ڊسمبر 1996ع تي ان عهدي تان رٽائرڊ ٿيو ۽ رٽائرمينٽ بعد کيس ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ۾ ڊائريڪٽر جون ذميواريون سونپيون ويون، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به هڪ منفرد انسان آهي، پاڻ 1954ع ۾ شادي ڪيائين ۽ اولاد ۾ کيس 4 نياڻيون ۽ 5 پٽ آهن، سندس طبيعت نرم مزاج ۽ چهري تي هميشه هلڪي مرڪ هوندي اٿس، پنهنجي ڳوٺ مان ڄامشوري شفٽ ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ واري گهر تي تدريسي عمل جاري رکندي اسڪول تعمير ڪرايائين ۽ ان کان علاوه ”عزت حبيب ٽرسٽ“ جي فلاحي اداري جوڙڻ بعد ڪيترن ئي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي سهائتا ڪيائين، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جو تاحيات ميمبر به آهي ۽ ڳوٺ جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ آهي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جڏهن 8 يا 9 سالن جي عمر جو هو ته هن ان زماني ۾ هڪ ڪهاڻي لکي هئي ۽ پوءِ لکندي لکندي سنڌ جي صف اول جي ليکڪن ۾ شمار ٿي ويو، ريڊيو ۽ ٽي وي چينلن تي مختلف موضوعن يا خاص اشوز تي سندس تبصرا ۽ تجزيا جاري رهيا آهن، بزم روح رهاڻ، انجمن آفتاب ادب، محمد عثمان ڏيپلائي ٽرسٽ، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد، سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا شاخ پاٽ شريف پاران ساڻس رهاڻيون رچايون ويون، کيس 1991ع ۾ صدر پاڪستان غلام اسحاق خان طرفان اسڪائوٽ ايوارڊ مليو ۽ ان کان علاوه سگا پاران تعليمي خدمتن تي کيس ٽي گولڊ ميڊل مليا، ايم ايڊ ۾ فرسٽ ڪلاس پوزيشن حاصل ڪرڻ تي چانديءَ جي ٽرافي، ادبي حوالي سان قلندر شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليل اٿس، پاڻ هن وقت تائين به لکڻ جي سلسلي کي جاري رکيو پيو اچي، سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.
ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جا لکيل ڪتاب
درياءَ ۽ سامونڊي ڪناري سان زندگي 1981ع سنڌي
رچنائون، شعري مجموعو 1983ع سنڌي
ايجوڪيشن ان سنڌ پاسٽ اينڊ پريزنٽ 1987ع انگلش
علامه آءِ آءِ قاضي مشنري اسڪالر آف اسلام اينڊ آرڪيٽيڪ آف يونيورسٽي ايجوڪيشن ان سنڌ 1989ع انگلش
وارداتون، شعري مجموعو 1994ع سنڌي
تاريخ بابا الاسلام سنڌ 1996ع سنڌي
پيسز آف شگر ڪئنڊي 1997ع انگلش
انسان جي تاريخ جلد پهريون 2002ع سنڌي
انسان جي تاريخ جلد ٻيو 2002ع سنڌي
ايجوڪيشن ان سنڌ پاسٽ اينڊ پريزنٽ 2007ع انگلش
هڪ قلم هڪڙو مان 2008ع سنڌي
آءِ ڊڊ ماءِ جاب ايڪس روٽين
اي ڊرافٽ ڪوڊ آف ايٿڪز فار دي ٽيچر انگلش
ائن آئوٽ لائين اسڪيم فار پروائيڊنگ ماڊل پرائمري اسڪولس ان رورل ايريا انگلش
مغربي قومن جي تهذيب ۽ سياسي تاريخ سنڌي
ڪامل انسان سنڌي
سنڌو سڀيتا سنڌي
ڪيئي ڪهاڻيون سنڌي
سنڌ ۾ موسيقيءَ جي اوسر سنڌي
دي ورلڊ آف مين انگلش
تاريخ باب الاسلام سنڌ حصو ٻيو سنڌي
قصو مختصر ، شعري مجموعو سنڌي
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڊولپمينٽ ميوزڪ اينڊ سنڌ نگلش
تازو ڪلام، شعري مجموعو سنڌي
لائيف آن ريور بينڪس اينڊ سي شورءَ انگلش
سيرت مصطفيٰ صه لائيف آف هولي پرافيٽ محمد صه پيس بي اپانهم انگلش
ايجوڪيشن پرابلمز آف پاڪستان وٿ اسپيشل ريفرنس ٽو دي پراونس سنڌ پاڪستان انگلش
دي سن آف ڊزرٽ، بائيو گرافي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انگلش
ائن انٽروڊڪشن ٽو شاهه مقدمه لطيفي انگلش

[b]عبدالغفار صديقي پاٽائي/ علمي ادبي شخصيت
[/b] عبدالغفار صديقي ولد نجم الدين صديقي تاريخ 7 جون 1939ع تي پاٽ شريف ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم به پاٽ مان حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ نوشهروفيروز جي مدرسه هاءِ اسڪول ۾ ٻه سال انگريزي پڙهيو، بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين ۽ 1957ع ۾ امتيازي حيثيت سان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ پوءِ استادي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو ۽ پنهنجي پڙهائي به جاري رکيائين، گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ کيس 1974ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم ۾ سندس مقرري ٿي ۽ سال 1982ع کان سنڌ صوبي جي مسجد اسڪولن جو چيف ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيو ۽ انهيءَ اهم اداري ۾ صديقي صاحب جي سربراهي ۾ هزارين اسڪول کوليا ويا ۽ ڪيترن ئي بيروزگارن کي روزگار حاصل ٿيو، 1989ع ۾ کيس ترقي ڏئي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جتان پوءِ 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو، 1994ع ۾ انسپيڪٽر ٽيچرس ٽريننگ ڪاليجز مقرر ڪيو ويو، صديقي صاحب دنيا جي 25 ملڪن کان مٿي غير ملڪي دورا ڪري چڪو آهي، علمي ادبي خدمت ڪندي پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي کان علاوه ٽي وي چينلن تان تعليم، تاريخ، مذهب، قرآن پاڪ و حديث ۽ لطيفيات تي ڪيترائي ليڪچر، تجزيا ۽ تبصرا ڪندو رهيو آهي، ڪيترين ئي سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سندس مضمون ۽ مقالا شايع ٿيندا رهن ٿا، پهرين کان ٻارهين ڪلاس جي ڪورس اسلاميات، سماجي اڀياس، سنڌي ۽ سائنس ۾ سندس تصنيفون شامل آهن، پاڻ پي ٽي سي ڪورس به ترتيب ڏنائين، سندس خدمتن تي کيس سچل، ڀٽائي، شهباز ۽ سگا ايوارڊ مليل آهن، عبدالغفار صديقي صاحب جون علمي ادبي خدمتون اڃا تائين جاري آهن.

[b]جسٽس عبدالوحيد صديقي پاٽائي/وفاقي شرعي عدالت جو اڳوڻو جج
[/b] عبدالوحيد صديقي ولد شفيع محمد صديقي پاٽائي سن 1939ع ۾ پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاڻ ابتدائي تعليم کان وٺي گريجوئيشن تائين مختلف تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪئي، ان کان پوءِ پاڻ اورينٽئل ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ان دوران سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس آفيسر ٿيو، ڪجهه عرصي کانپوءِ ملازمت ڇڏي روحانيت جو سفر اختيار ڪيائين ۽ پوءِ سائنسي روحاني تحريڪ شروع ڪندي ڪيترائي ڊمي سائيز وارا ڪتاب ۽ پمفليٽ شايع ڪرايائين، صديقي صاحب سنڌ سان محبت ڪندي انقلابي ساٿين سان گڏجي ون يونٽ خلاف ۽ سنڌ جي ٻين قومي مسئلن تي ”فولاد فقير“ جي نالي لکندو رهيو، ضياءُالحق جي ڏينهن ۾ مجلس شوريٰ جو ڪجهه عرصي لاءِ وفاقي شرعي عدالت ۾ جج به مقرر ٿيو، عبدالوحيد صديقي صاحب جون ڪيتريون ئي تحريرون مذهب، تاريخ ۽ ٻاراڻي ادب بابت منظر عام تي اچي چڪيون آهن.

جسٽس عبدالوحيد صديقي جا لکيل ڪتاب
اسان جا ابا ڏاڏا 1960ع
سچوارين 1960ع
تاريخ اسلام (5 جلد) 1962ع
پٿر جي دور جو انسان 1967ع

[b]خانصاحب عبدالله چنا/ اهم عهدا ماڻيندڙ
[/b] خانصاحب عبدالله چنا ولد حاجي محمد يوسف چنا، 23 مئي 1902ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، بنيادي تعليم ۽ قرآن پاڪ جي تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين، انگريزي تعليم نوشهروفيروز مان حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 1921ع ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان انٽر ڪرڻ بعد ستت ئي نوشهروفيروز جي مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي رئيس غلام رسول خان جتوئي ”والد صاحب مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي سابقه وزيراعظم“ ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد سندس زير تعليم رهيا، 1923ع ۾ هن علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ بي اي جي داخلا ورتائين ۽ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ ٿوري وقت لاءِ مهاراج جئپور هندستان جو پرنسپل سيڪريٽري رهيو ۽ اتي سر شاهنواز ڀٽو سان سندس ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون، ان کان ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ جي درخواست ڏنائين پر انهيءَ دوران کيس 1925ع ۾ روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي ويس ۽ 1927ع ۾ مختيارڪار ٿيو ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر به رهيو، 1938ع ۾ روينيو جي وزير پير الاهي بخش کيس پنهنجو پرائيويٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو، 1942ع ۾ لاهور سول آفيس ڪاليج ۾ هوائي جهازن جي بچاءُ جو آفيسر اول مقرر ٿيو، 1945ع ۾ کيس ڪورٽ آف وارڊس جو اسسٽنٽ مئنيجر بنايو ويو، 1948ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد تعمير ڪرايائين ۽ قانون پڙهايائين، 1949ع ۾ جڏهن ڊائريڪٽر سروي آف لينڊ رڪارڊ سنڌ جو عهدو مليس ته پاڻ ٿر جي ڳوٺ ڀالوا واري ان جڳهه جي کوٽائي ڪرايائين جتان عمر بادشاهه مارئي کي کڻي ويو هو ۽ کوٽائي دوران ٺڪر جو اهو ٿانو لڌو ويو جنهن ۾ مارئي پنهنجي ٻڪرين کي پاڻي پياريندي هئي. 1955ع ۾ چنا صاحب جيڪب آباد جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو بعد ۾ روينيو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري ۽ تعليم کاتي جو سيڪريٽري به رهيو، ڪجهه عرصي لاءِ لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ صحت کاتي ۾ به رهيو، 1956ع ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو، 1957ع ۾ رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌ سرڪار کيس 1960ع ۾ حيدرآباد ميوسنپالٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو، ان پيرڊ دوران چنا صاحب راڻي باغ تي خاص توجهه ڏني ۽ ان ۾ جانور رکرائڻ جو اعزاز به هن پاٽائي شخصيت ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن ته گدوءَ ويجهو هاءِ اسڪول به تعمير ڪرايائين ۽ نياز اسٽيڊيم به جوڙايائين، راڻي باغ ۾ اوپن ايئر ٿيٽر به هن جي ڪوششن سان تعمير ٿيو، 1965ع واري دور ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي رڻ ڪڇ واري مسئلي تي ڇڪتاڻ رهي، ان نبيري لاءِ حڪومت عبدالله خان چنا کان قانوني مدد ورتي ۽ هن پنهنجي محنت، قابليت، شاهدين ۽ نقشن جي آڌار تي هڪ رپورٽ تيار ڪري پاڪستاني وڪيل کي ڏني، جيڪا جنيوا جي ٽربيونل اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي ۽ ڪيس پاڪستان کٽيو ۽ نتيجي طور رڻ ڪڇ جو 350 ميل سرسبز علائقو پاڪستان کي مليو، خانصاحب عبدالله جتي سرڪاري اهم عهدن تي رهي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان سرانجام ڏني، ان سان گڏو گڏ سنڌ لاءِ سندس ادبي ڪردار وساري نٿو سگهجي، هن 1924ع ۾ هڪ ڪتاب ڇپرايو ”تريد ال زامات عالمگير“ ۽ ان کانپوءِ ”گربخشاڻي جون غلطيون“ جي نالي سان هڪ تنقيدي ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾ چنا صاحب انهن بيتن جي نشاندهي ڪئي، جيڪي گربخشاڻي واري شاهه جي رسالي ۾ سر رام ڪلي ۽ سر سارنگ ۾ نه ڏنا ويا هئا، ان کان علاوه سندس تاريخي تحقيقي ۽ اصلاحي مضمون به الوحيد اخبار ۽ ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيا خانصاحب عبدالله چنا جي پهرين شادي پنهنجي مائٽياڻي ڪمال خاتون سان پاٽ شريف ۾ 1919ع ۾ ٿي، سندس ٻي شادي سيوهڻ مان ٿي ۽ سندس ان گهرواريءَ جو نالو زينت چنا هو، جيڪا ان وقت ۾ هڪ سنڌي اسڪول جي هيڊ مسٽريش هئي ۽ اها شادي 13 آگسٽ 1944ع تي ٿي هئي، هنن ٻنهي گهروارين مان خانصاحب عبدالله چنا کي پٽن ۽ نياڻين جو اولاد عطا ٿيو، جيڪي صالح ۽ اهم عهدن تي آهن، چنا صاحب جي وفات 22 جنوري 1989ع ۾ ٿي ۽ سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد ۾ آهي.

[b]مخدوم ميان علي گوهر صديقي پاٽائي/علمي ادبي شخصيت
[/b] مخدوم ميان علي گوهر صديقي ولد مخدوم ميان نصرالله سن 1909ع ۾ پاٽ شريف ۾ ڄائو، سندن والده ماجده عالمه فاضلا ۽ متقي پرهيزگار هئي، ڳوٺ ۽ آس پاس جون عورتون هن الله جي نيڪ ٻانهي کان ديني مسئلا پڇنديون هيون، مخدوم علي گوهر جي ابتدائي تربيت پنهنجي وڏڙن ڪئي، سندس گهر ۾ سنڌي ٻولي سان گڏ عربي ۽ فارسي ٻولي اهڙي ته روانيءَ سان ڳالهائي ويندي هئي ڄڻ اهي ٻوليون به سندن مادري زبان هجن، مخدوم صاحب تي به اهڙي ماحول اثر ڪيو ۽ پاڻ مفتي ۽ عالم هئڻ سان گڏ پرهيزگاري ۽ تقويٰ جي زيور سان آراسته ٿيو، پاڻ پنهنجي ناني مخدوم حسن الله پاٽائي جو علمي وارث بڻيو، پري پري کان ايندڙ ماڻهو هن بزرگ کان ديني مسئلن جو حل پڇندا هئا، سندس ڇڏيل تحريرن ۾ کانئس پڇيل فقهي سوالن جا جواب ”انساب مشائخ سيوستان“ جو سنڌي ترجمو ۽ ”نورالعينين في اثبات علم الغيب للسيد الثقلين“ جو سنڌي ترجمو شامل آهي. مخدوم علي گوهر صديقي پاٽائي سن 1972ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه پاٽ شريف ۾ آهي.

[b]پروفيسر محمد شفيع صديقي قريشي/ علمي ادبي شخصيت
[/b] پروفيسر محمد شفيع صديقي1902ع ۾ حڪيم محمد احسان صديقي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پاڻ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان ايم اي ڪيائين ۽ 1952ع کان 1957ع تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج حيدرآباد ۾ عربيءَ جو پروفيسر رهيو، سنڌ جي اعليٰ علمي هستين ۾ سندس شمار ٿئي ٿو، پاڻ ڊپٽي انسپيڪٽر اسڪولس جي اهم عهدي تي فائض رهي تعليم جي بهتري لاءِ ڪافي جاکوڙ ڪيائين، پروفيسر محمد شفيع صديقي مولانا اشرف ٿانوي سان گهڻو عرصو گڏ گذاريو، سندس درويشاڻه ڪردار ۽ سادگي هر ڪنهن کي پسند هئي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مولانا دين محمد سندس صحبتي هئا، هن بزرگ کي چار فرزند ٿيا (1) پروفيسر عبدالواحد، (2) پروفيسر عبدالاحد، (3) پروفيسر عبدالوحيد صديقي جسٽس فيڊرل شريعت ڪورٽ اسلام آباد (4) محمد احسان المعروف قاضي آباد، پروفيسر محمد شفيع صديقي سن 1983ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه پاٽ شريف ۾ آهي.

[b]جسٽس زيڊ اي چنا/قانوندان
[/b] پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ نامور قانوندان جسٽس زيڊ اي چنا جو مڪمل نالو ضياءُالحق چنا هو، هي پاٽ شريف جي مشهور زميندار ۽ ڪليڪٽر خانصاحب علي بخش چنا جو فرزند هو، زيڊ اي چنا 17 مئي 1917ع تي ڄائو، سندس تعليم جو ڪجهه عرصو سيالڪوٽ ۾ گذريو، ميٽرڪ سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي مان ڪيائين، بي اي، ڊي ايس سنڌ ڪاليج ڪراچي مان ۽ ايل ايل بي مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان پاس ڪيائين ۽ سندس شادي ڪراچيءَ جي پهرئين مسلمان ميئر ۽ قانوندان قاضي خدا بخش جي ڌيءَ سان ٿي، جسٽس زيڊ اي چنا پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، هن پنهنجي سڄي حياتي قانون لاءِ وقف ڪئي، هن قانون جي بالادستي لاءِ اهم اهم فيصلا ڪيا، چنا صاحب هڪ اصول پسند انسان هو، هميشه سفارشي ڪلچر جي خلاف رهيو، پاڻ هڪ منصف مزاج ماهر قانوندان هو، هن قانون جي شعبي لاءِ 9 ڪتاب لکيا، جوڊيشنل آفيسرن جي سکيا لاءِ جوڊيشنل اڪيڊمي قائم ڪيائين، هن جيل ريفارمر جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سندس ڪيل ڪم سماجي ۽ فلاحي حوالي سان انتهائي ڪارائتا ثابت ٿيا هئا، جسٽس زيڊ اي چنا جي اهليت ۽ قابليت مان ڪيترن ئي فائدو حاصل ڪيو ۽ ڪيترائي وڏا وڏا نالي وارا قانوندان بڻيا.
جسٽس زيڊ اي چنا صاحب پنهنجي زندگي ۾ جن عهدن تي رهيو انهن جو تفصيل هن ريت آهي
1945ع کان 1951ع تائين سول جج ميهڙ ضلعو دادو
1957ع کان 1958ع تائين ڊپٽي لا سيڪريٽري
1969ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري لا ڊپارٽمينٽ
1970ع ۾ ميمبر سروسز ٽربيونل گورنمينٽ آف ويسٽ پاڪستان
1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ لا سيڪريٽري آف سنڌ
1971ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري منسٽري آف لا ڪاليج
1972ع کان 1979ع تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج
1974ع کان 1976ع تائين فيڊرل لا سيڪريٽري جي اضافي چارج
1979ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان رٽائر ٿيو
1979ع کان 1983ع تائين ليبر اپيلنٽ ٽربيونل جو چيئرمين
1986ع کان 1990ع تائين چيئرمين اسپيشل ڪورٽ
1992ع کان ڊائريڪٽر جنرل سنڌ جوڊيشنل اڪيڊمي ۽ جيل رفارمر جو چيئرمين رهيو.
ملازمت جي مصروفيتن سبب چنا صاحب جو گهڻو عرصو ڪراچي ۾ رهائش دوران گذريو ۽ جيئن ته پاڻ خانداني زميندار هو ۽ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ به سندس اچڻ ٿيندو رهندو هو، سندس زمينن جي سار سنڀال لاءِ مرحوم حافظ محبوب چنا اسٽيٽ مئنيجر هو ۽ ان کانپوءِ محمد اسلم چنا سندن زمينن جي سار سنڀال لاءِ مقرر آهي، جسٽس زيڊ اي چنا جي ميڊم امينا خميساڻي ڀيڻ هئي، چنا صاحب 4 مئي 2005ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه ميوا شاهه قبرستان ڪراچي ۾ آهي، پونئرن ۾ سندس بيواه صالحه بيگم، پٽ سليم چنا ۽ 3 نياڻيون فوزيه مسز جسٽس رحمت حسين جعفري، ڊاڪٽر فرح مسز ڊاڪٽر عاصم ۽ مرحومه فرزانه مسز اسلم اڪبر قاضي مالڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ.
جسٽس زيڊ اي چنا جا لکيل ڪتاب
MANUAL OF COSTOM LAW (1)
MANUAL OF COSTOM LAW (2)
MANUAL OF SALES TAX LAWs
LAW OF BAIL
LAW OF SEARCH

[b]مخدوم عبدالجبار صديقي پاٽائي/علمي ادبي ۽ روحاني شخصيت
[/b] مخدوم عبدالجبار صديقي ولد مخدوم ميان علي گوهر صديقي سن 1939ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، 1957ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ فوج ۾ ڀرتي ٿيو، ملازمت دوران ڪمانڊر ان چيف جنرل محمد موسيٰ جي دور ۾ حلف برداري کان اهو چوندي انڪار ڪيائين ته آئون انگريز سرڪار جي نافذ ڪيل غير اسلامي آئين کي نٿو مڃان ۽ ملڪ جي اسلامي آئين تحت حلف کڻندس، اهڙي عمل بعد کيس فوج جي نوڪريءَ تان دستبردار ٿيڻو پيو، پاڻ جلدي سيد صبغت الله شاهه المعروف پير ايرانيءَ جو مريد ٿيو ۽ روحاني استفاده حاصل ڪري خليفه ارشد جي مرتبي تي پهتو ۽ پير ايراني فقير جي پڙ حيدرآباد ۾ مائي خيري جي مسجد سان گڏ رهائش پذير هو ۽ ان مسجد ۾ ئي علمي ۽ روحاني محفلن جو انعقاد ٿيندو هو، جنهن جو روح روان مخدوم صاحب هو، مخدوم عبدالجبار صديقي کي خلق جي خدمت جو جذبو هو، جنهن تحت صدر ايوب جي دور ۾ وحدت ڪالوني حيدرآباد جو بي ڊي ميمبر ٿيو ۽ ان کانپوءِ فقير جي پڙ مان ڪائونسلر چونڊجندو رهيو، دين جي خلاف ڪابه ڳالهه ٻڌندو يا ڏسندو آهي ته پنهنجي نالي سان ڇپايل پمفليٽن ذريعي اصلاح ڪندو رهي ٿو، مخدوم صاحب سلسله مصطفائيه جي باني ۽ مرشد پير ايرانيءَ جي اشاري تي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ڇڏي ڪافي عرصو مصطفائي تحريڪ لاءِ حيدرآباد ۾ سرگرم رهيو، مرشد جي فيض ۽ صحبت ۾ رهڻ دوران خواب ۾ مليل پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي اشاري تي جهرڪ سائيڊ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مدرسي جا انتظام سنڀاليائين.
مخدوم عبدالجبار صديقي پاٽائي جا لکيل ڪتاب
قصيده برده شريف جو سنڌي نثر ۾ ٿيل ترجمو
الله ماسوي الله ۽ انسان
ڪتاب الحڪمته جو سنڌي ترجمو.
عوارف المعارف جو سنڌي ترجمو
مينائي مصطفيٰ
تشبيهات رومي

[b]پروفيسر ڊاڪٽر قاضي عبدالشڪور صديقي/ جناح اسپتال ڪراچي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر
[/b] پروفيسر ڊاڪٽر عبداشڪور صديقي 1944ع ۾ مخدوم ميان علي گوهر صديقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، عربي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم گهرو ماحول مان مليس، 1962ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو مان ميٽرڪ ڪيائين، 1964ع ۾ ڦليلي ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پهرين پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين، 1969ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس پاس ڪيائين، 1971ع ۾ فوج ۾ ڊاڪٽر ڀرتي ٿيو ۽ حيدرآباد سي ايم ايڇ ۾ اسٽآف سرجن جا فرائض سرانجام ڏنائين، 1974ع ۾ جناح اسپتال ڪراچي ۾ سندس پوسٽنگ ٿي، جتي بريسٽ ۽ ٻارن جي ڪينسر تي تحقيق پڻ ڪيائين، ان سلسلي ۾ اٽلي، جرمني، انگلينڊ، هالينڊ ۽ جاپان ۾ مختلف ڪورس ڪيائين، ان بعد جناح اسپتال ڪراچي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ يورپين پيٿالاجي ڪائونسل جو لائف ميمبر پڻ چونڊيو ويو، 2004ع ۾ جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر واري عهدي تان رٽائر ٿيو، کيس صدارتي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو، پروفيسر قاضي عبدالشڪور پاٽائي پنهنجي ڳوٺ واسين لاءِ فلاحي ڪم ڪندي اکين جون ڪئمپون لڳرائي ڪيترن ئي مسڪينن جو سهارو بڻيل آهي، پاڻ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا اٿس، جنهن ۾ فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ تي لکيل ڪتاب ”ڇو ۽ ڪيئن“ سندس ٻيو ڪتاب آهي، ”در ڪلف ۽ ڪنجي“ ۽ ٽيون ڪتاب ”احسن القصص“ آهي، جيڪو حضرت يوسف عليه السلام ۽ بيبي ذليخان تي لکيل آهي.

[b]مخدوم سليم الله صديقي پاٽائي/علمي ادبي شخصيت
[/b] مخدوم سليم الله صديقي پاٽائي پهرين سيپٽمبر 1960ع ۾ مخدوم علي گوهر صديقي جي گهر ۾ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، 1988ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽي وارو امتحان پاس ڪيائين ۽ سرڪاري عهدن تي رهندي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ هن وقت به فوڊ کاتي جي کيس اهم ذميواري مليل آهي، علم ۽ ادب ته کيس ورثي ۾ مليو ۽ تنهن کي سانڍي ان جي آبياري ۽ خدمت سمجهي حفاظت ڪندو رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته علم ۽ ادب سهڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو ڏنل سوجهرو آهي، جنهن جي روشنيءَ سان اونداهي ڀڄيو وڃي، مخدوم سليم الله ”اداره پاٽ هائوس“ قائم ڪري ڪتابن جي ڇپائيءَ جي شروعا ت ڪئي ۽ پاڻ پاٽائي بزرگن تي به تحقيقي ڪم ڪندي سندن مواد گڏ ڪيو آهي، پاڻ سيوهڻ، هالا، هنڱورجا ۽ سکر سميت برهانپور انڊيا جي صديقي خاندانن سان رابطا ڪيائين، دنيا جي اهم اهم ملڪن جي وڏين وڏين لائبريرين ۽ ڪتب خانن تائين رسائي حاصل ڪندي پاٽ ۽ پاٽائي بزرگن بابت معلومات هٿ ڪري ان کي سهيڙيائين، اڄ تائين به پنهنجي جنم ڀومي پاٽ شريف سان نهايت محبت ۽ عقيدت اٿس، سندس ڇپايل ڪتابن مان ڪجهه سندس پنهنجون تحريرون آهن ۽ ڪجهه ڪتابن تي سندس مقدما، شرحون ۽ ترجما شامل آهن، سندس لکڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
مخدوم سليم الله صديقي جا لکيل ڪتاب
1. ڊبيٽ جو فن 1977ع
2. انوارالاسرار تفسير 1998ع
3. مخدوم بصرالدين جي سوانح 2003ع
4. عوارف المعارف
5. شرح قصيده برده شريف 2006ع
6. بياض واحدي 2007ع
7. رسائل سيوستاني 2007ع
8. مخدوم فضل الله جو ڪلام
9. مفتاح الصلواته 2012ع
10. خزينته المخطوطات 2005ع
11. مخزن المخطوطات 2012ع
12. تفسير عالم
13. ڪشف الحقائق
14. انساب مشائخ سيوستان 2005ع
15. المفيدفي العدد الهندي
16. برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ (اردو) 2006ع
17. المڪتوب الحبيب 2006ع
18. گلزار ابرار 2009ع
19. تشبيهات رومي 2006ع
20. معيار سالڪان طريقت 2010ع
21. مقدمو ۽ سوانح اسماءَ الحسنيٰ

[b]حسين بخش پنهور پاٽائي/ سياسي سماجي شخصيت
[/b] حسين بخش پنهور ولد محمد خان پنهور سن 1920ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، 1933ع ۾ فائنل پاس ڪري 1934ع ۾ تپيدار ٿيو، 1941ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان ڏنائين ۽ 1942ع ۾ تپيداريءَ تان استعيفا ڏئي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، جتان ترقي ڪري اسسٽنٽ مختيار ڪار جي عهدي تي پهتو، 1957ع ۾ پاٽ کان دادو شفٽ ٿيو ۽ مزدور آباد محلي ۾ رهائش اختيار ڪيائين، ان ئي سال طبيعت جي ناسازيءَ سبب نوڪريءَ تان استعيفا ڏنائين ۽ پوءِ سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ لڳو، هن پاڙي جي ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالرشپون وٺي ڏنيون، حسين بخش پنهور 1959ع ۾ بي ڊي اليڪشن ۾ ميمبر چونڊيو ويو، عوام جي ڀرپور خدمت ڪيائين ۽ 1974ع واري چونڊ ۾ مزدور آباد محلي مان وڏي اڪثريت سان ڪائونسلر چونڊجي ويو ۽ پنهنجي وارڊ جو چيئرمين به ٿيو، 1965ع واري جنگ دوران شهري دفاع جو رضاڪار ۽ پوسٽ وارڊن ٿي رهيو، سياسي حوالي سان پاڻ پراڻو مسلم ليگي هو ۽ 1968ع ۾ مسلم ليگ تان استعيفا ڏئي پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، 1969ع ۾ مزدور آباد محلي دادو ۾ پ پ جي آفيس قائم ڪيائين، جنهن جو افتتاح مير رسول بخش ٽالپر ڪيو، حسين بخش پنهور پاٽائي جي وڇوڙي کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر سندس سماجي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي، سندس آخري آرامگاهه لال هندي قبرستان دادو ۾ آهي.

[b]جاويد اقبال جوڻيجو/سماج سڌارڪ ۽ حيدرآباد جيم خانه جو صدر
[/b] جاويد جوڻيجو صاحب 4 آڪٽوبر 1950ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، سندس تعلق پڙهي لکي فيملي سان آهي، پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪري لوڪل گورنمينٽ ۾ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جوڻيجو صاحب جهڙا انسان دوست ڏاڍا گهٽ ماڻهو نظر ايندا آهن، هميشه چهري تي مسڪراهٽ رکندڙ هن شخصيت پنهنجو پاڻ کي ٻين جي جيئڻ لاءِ وقف ڪيو آهي، هن ڪيترين ئي سماجي تنظيمن جي ذريعي مسڪين، نادار ۽ لاچار ماڻهن جي وس آهر مدد ڪئي آهي، پاڻ هن سماج جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ سهارو بڻيل آهي، رب پاڪ کيس خاص نعمتن سان نوازيو آهي ۽ سماج ۾ کيس سٺي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ڪيترائي دفعا حيدرآباد جيم خانه جو صدر به چونڊيو ويو آهي، دولت ۽ شهرت کي هڪ پاسي رکي عزت واري زندگي گهاريندڙ جاويد اقبال جوڻيجي صاحب هميشه ٻين جي ڀلائي لاءِ سوچيو آهي، صوفي ازم سان خاص عقيدت رکندڙ هي شخص انتهاپسندي جي خلاف رهيو آهي ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪيو آهي، جوڻيجي صاحب کي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف سان خاص محبت رهي آهي، هن وقت حيدرآباد جهڙي ٿڌين هوائن واري شهر ۾ رهندي به جڏهن کيس اڪير لڳندي آهي ته پنهنجي ڳوٺ جو چڪر ضرور هڻندو آهي ۽ وهندڙي لڳ انصاري جوڻيجا پاڙي جي انهن گهٽين ۾ گهمندو آهي، جتي سندس بچپن رانديون کيڏندي گذريو هو.

[b]حاجي غلام محي الدين ميمڻ/ سماجي شخصيت
[/b] غلام محي الدين ولد غلام مجتبيٰ ميمڻ 16 جنوري 1947ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم پاٽ شريف جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ ڪيائين ۽ پوءِ استاد مقرر ٿيو ۽ ان کانپوءِ خانگي طور تي تعليم جاري رکندي بي اي ۽ ايم اي جا امتحان ڏنائين، ان دوران حج جي سعادت به حاصل ٿيس ۽ پوءِ کيس حاجي غلام محي الدين جي نالي سان پڪاريو ويندو هو، پاڻ ادب سان دلچسپي رکندو هو ۽ کيس سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ جو جذبو رهندو هو، ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو جو جنرل سيڪريٽري هو ۽ ان کان علاوه سگا شاخ دادو جو سرگرم ڪارڪن هو، ڪيترين ئي سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتائين، حاجي غلام محي الدين ميمڻ پهرين نومبر 1994ع تي وفات ڪري ويو.

[b]آپا تنوير جوڻيجو/ علمي ادبي شخصيت
[/b] آپا تنوير جوڻيجو 6 فيبروري 1952ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائي، سندس والد صاحب صدرالدين جوڻيجو قانوندان هو، آپا تنوير ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ ترقي ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن مقرر ٿي ۽ هن وقت رٽائرڊ آهي، آپا تنوير جوڻيجو ادبي حوالي سان به سنڌ جي لازوال خدمت ڪئي آهي، هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مقالا، مضمون، سوپ سيريل، سفر ناما ۽ ريڊيو لاءِ اسڪرپٽ لکيا، نامور اديبائن سحر امداد، انيس ميمڻ ۽ نسيم نورانيءَ سان ويجهڙائپ سبب سندس لکڻ جو سلسلو شروع ٿيو، 1974ع ۾ تنوير صاحبه جي ڪهاڻين جو مجموعو شايع ٿيو، ”امرت منجهه ڪڙاڻ“ ان مجموعي پڙهندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ادبي حلقي ۾ به سندس سڃاڻپ وڌي وئي، آپا تنوير جوڻيجو سنڌ واسين جي علمي ۽ ادبي خدمت ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿي ۽ پاٽ شريف واسين کي وري آپا تنوير تي فخر آهي.

[b]ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو/علمي ادبي شخصيت
[/b] ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو پاٽ شريف ۾ پيدا ٿي، پاڻ انٽر سائنس تائين تعليم دادو مان حاصل ڪيائين ۽ ايم بي بي ايس ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه مان ڪيائين، ان کانپوءِ ايل ايم يو ڄامشورو ۾ پيٿالاجي ليبارٽري ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي رهي ٿي ۽ شام جو پنهنجي ڪلينڪ هلائي ٿي، ميڊيڪل فيلڊ کان علاوه کيس ادب ڏانهن به لاڙو آهي، لکڻ ۽ مطالعي سان دلچسپي اٿس، پاڻ مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکي چڪي آهي ۽ ڪيترن ئي رسالن ۾ سندس مضمون ڇپجي چڪا آهن.

[b]آپا عطيه جوڻيجو/علمي ادبي شخصيت
[/b] آپا عطيه جوڻيجو 10 اپريل 1953ع تي پاٽ شريف ۾ جنم ورتو، سندس والد رئيس عصمت الله جوڻيجو پاٽ شريف جو وڏو زميندار هو، عطيه جوڻيجو صاحبه تعليمي ماهر هئڻ سان گڏ سٺي شاعره به هئي، پاڻ ايم اي ۽ ايم ايڊ ڪرڻ کانپوءِ درس و تدريس جي پيشي سان وابسته ٿي وئي، پاڻ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ميهڙ جي هيڊ مسٽريس به رهي، ادبي حوالي سان سندس شروعاتي شاعري جيجل ۽ مارئي رسالي ۾ شايع ٿي، ان کانپوءِ ماهوار اديون، نئين زندگي، روزانه عبرت ۽ سنڌ اخبار ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي آهي، آپا عطيه جوڻيجو حب الوطني ۽ اسلامي جذبي تحت گهڻو لکيو آهي، سندس آتم ڪهاڻيءَ جو به ڪتاب ترتيب ڏنل آهي.

[b]مقبول انجم ميمڻ/انجنيئر ۽ رائيٽر
[/b] مقبول احمد ميمڻ پهرين جون 1958ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاڻ پاٽ شريف جي تعليمي ماهر استاد محمد بخش ميمڻ جو فرزند آهي، پيشي جي لحاظ کان پاڻ ورڪس ۽ سروس ڊپارٽمينٽ ۾ انجنيئر آهي، مقبول احمد ميمڻ کي شاگرديءَ واري وقت کان ئي ادب طرف لاڙو هو ۽ 1973ع کان وٺي لکندو پيو اچي، سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن، سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”لڙڪ ۽ سڏڪا“ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته پاڻ پنهنجي ڳوٺائي انجنيئر عبدالغني انصاري سان گڏ ”پاتر عرف پاٽ“ جي نالي سان به ڪتاب ترتيب ڏئي چڪو آهي، ادبي دنيا ۾ کيس مقبول انجم جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

[b]حاجي ڪريم بخش صديقي/سنڌ گورنمينٽ جي مختلف ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيت
[/b] سنڌ جي نامور اديب، دانشور ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جو وڏو فرزند ڪريم بخش عرف رياض احمد صديقي 11 آگسٽ 1955ع تي ڄائو، پاٽ شريف جي صديقي محلا ۾ جنم وٺندڙ ڪريم بخش صديقي پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ به علامه آءِ آءِ قاضي ميموريل هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ۽ باقي تعليم ٻين شهرن مان حاصل ڪري پوسٽ گريجوئيٽ ڪيائين ۽ ان کانپوءِ آئرلينڊ مان ايم بي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ کيس مختلف وقتن تي ملازمت دوران اهم اهم عهدن تي رهڻ جو به موقعو مليو آهي، 1978ع ۾ هڪ ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر ۾ وائيس پرنسپل ٿيو ۽ ان کانپوءِ انهيءَ ٽريننگ سينٽر ۾ ”پرنسپل“ مقرر ٿيو ۽ ان کانپوءِ سنڌ شگر سيس ڪارپوريشن ۾ سيڪريٽري جو عهدو مليس ۽ پوءِ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن ۾ ورلڊ بينڪ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، ان کانپوءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ۾ گورنمينٽ آف سنڌ طرفان ”مئنيجنگ ڊائريڪٽر“ جي پوسٽ تي سندس مقرري ٿي، بعد ۾ مين پاور اينڊ ٽريننگ سنڌ ۾ ”ڊائريڪٽر“ ٿيو ۽ پوءِ پاڻ “BBSYDP” بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جو ”پروجيڪٽ ڊائريڪٽر“ مقرر ٿيو ۽ ان دوران 2009ع ۾ کيس ڄامشورو ضلعي جي اي ڊي او فنانس واري عهدي جي اضافي چارج به ڏني وئي، “BBSYDP” پروگرام کي ڪاميابي سان هلائڻ ۽ بهتر ڪارڪردگي تي سنڌ گورنمينٽ پاران کيس جولاءِ 2009ع کان بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ۾ سنڌ جي پراونشل ڪوآرڊينيٽر جي ذميواري سونپي وئي ۽ بعد ۾ سنڌ حڪومت طرفان کيس ترقي ڏئي “BBSHRRDB” بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. حاجي ڪريم بخش صديقي صاحب پنهنجي ملازمت دوران 1982ع کان ڪيترائي غير ملڪي دورا به ڪيا، جنهن ۾ سعودي عرب، دبئي، شارجا، اٽلي، فرانس، يوگو سلاويا، ڪولمبو، سريلنڪا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن، حاجي ڪريم بخش صديقي جي شخصيت انتهائي شفيق ۽ ٻين تي مهربان رهي آهي، پاڻ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنائين ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن مختلف انسٽيٽيوٽن مان مختلف ڪورس جي سکيا حاصل ڪئي، حاجي ڪريم بخش صديقي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ به اسڪل ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪري ڳوٺاڻين عورتن جي لاءِ هنر سکڻ جا موقعا فراهم ڪيا، ان کان علاوه سندس گهرواري جي نالي سان فخر ڪريم ماڊل هاءِ اسڪول پاٽ شريف به قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو اولاد جديد تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، هميشه سنڌ جي تعليمي معيار بابت ۽ نياڻين جي تعليم کي اولين ترجيح ڏيندڙ حاجي ڪريم بخش صديقي سدائين فڪرمند آهي ته ٻهراڙيءَ جي نياڻين جي تعليم لاءِ وڌيڪ موقعا ۽ شعور ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، حاجي ڪريم بخش صديقي صاحب پنهنجي مصروفيتن مان ڪجهه وقت انسانيت جي خدمت لاءِ به وقف ڪري ٿو، پاڻ هڪ سماج سڌارڪ به آهي، جڏهن ته پنهنجي ڳوٺ جي ڪيترين ئي سماجي تنظيمن سان به هر وقت سهڪاري آهي، صديقي صاحب 1976ع ۾ شادي ڪئي ۽ کيس اولاد ۾ هڪ نياڻي آهي، فارغ ٽائيم ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ حاجي ڪريم بخش صديقي پاڻ به ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن، کيس تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي خاص عبور حاصل آهي، ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي ادارا صديقي صاحب جي فني، فڪري ۽ اعليٰ ذهانت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ کانئس ليڪچرن ذريعي مفيد ڳالهيون حاصل ڪن ٿا.

[b]انجنيئر عبدالغني انصاري/ اڳوڻو ناظم ۽ رائيٽر
[/b] عبدالغني انصاري 31 جولاءِ 1955ع تي پاٽ شريف ۾ رئيس انورالدين انصاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو، عبدالغني انصاري 1964ع ۾ پرائمري جا پنج درجا قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان پاس ڪيا، ان کانپوءِ 1969ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ پاس ڪيائين، 1971ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور مان انٽر ڪيائين ۽ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اِي سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پوءِ 1978ع ۾ زيل پاڪ سيمينٽ ڪارپوريشن ۾ کيس اسسٽنٽ انجنيئر طور ملازمت ملي ۽ اتي 22 سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ڊپٽي چيف انجنيئر جي عهدي تي پهچي رٽائر ٿيو، عبدالغني انصاري هڪ سٺو رائيٽر به آهي، پاڻ 1984ع ۾ ”پاتر عرف پاٽ“ جي نالي سان به ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ پنهنجي ڳوٺ بابت تاريخي معلومات فراهم ڪئي اٿس ۽ ان ڪتاب ۾ سندس ڳوٺائي ۽ ويجهڙي دوست مقبول انجم ميمڻ به سندس معاونت ڪئي، ان کان علاوه پاڻ ڪيترين اخبارن ۽ مئگزينن ۾ ڪالم ۽ مضمون به لکندو رهيو آهي، عبدالغني انصاري ڌاڙيلن واري دور ۾ بدامني سبب پنهنجي خاندان سميت ڳوٺ کان حيدرآباد شفٽ ٿيو ۽ سندس زمينون وغيره سندس اسٽيٽ مئنيجر قربان علي پنهور سنڀاليندو هو ۽ 2016ع ۾ ان جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ سندس پٽ محبوب علي پنهور زمينن جي سنڀال ڪري رهيو آهي، عبدالغني انصاري کي پنهنجي والد صاحب جيان ڳوٺ جي خدمت ڪرڻ جو به جذبو رهيو آهي، پاڻ سياسي حوالي سان شاگرديءَ واري دور کان ئي سرگرم رهيو آهي، پاڻ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنيادي ميمبر به رهيو ته ماضي ۾ پ پ يونٽ پاٽ شريف جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي، عبدالغني انصاري ڳوٺ ۾ امن امان قائم ٿيڻ کانپوءِ دادو اتحاد جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سال 2000ع کان 2005ع تائين يونين ڪائونسل پاٽ شريف جو ناظم رهيو، ناظميءَ واري دور ۾ هن پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جي ماڻهن جا بنيادي اهم مسئلا حل ڪرايا، جنهن ۾ پاڻ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجليءَ جا نوان ٽرانسفارمر فراهم ڪرايا، مسافر خانن جي تعمير، عيدگاهه جي تعمير، سي سي بلاڪ، ڊرينيج سسٽم سميت ٽيليفون جي بند پيل آفيس جي ٻيهر بحالي سميت ٻيا به ڪيترائي ترقياتي ڪم شامل آهن، عبدالغني انصاري پنهنجي ڳوٺ جي موجوده حالتن تي به فڪرمند آهي، سندس خواهش آهي ته پاٽ شريف جون اهي ماضيءَ واريون رونقون بحال ٿين.
عبدالغني انصاري صاحب 1979ع ۾ پنهنجي ئي ويجهن عزيزن مان شادي ڪئي ۽ اولاد ۾ کيس ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن، جن ۾ سندس پٽن جا نالا ثاقب، انور پاشا ۽ اسدالله انصاري شامل آهن، عبدالغني انصاري صاحب جي اولاد جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ موجوده رهائش ڪراچي ۾ آهي پر سندس پنهنجي اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو.

[b]تعليمي ماهر ۽ طبيبه عاشيت خاتون چنا
[/b] پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ جيجي عاشيت خاتون سن 1885ع ۾ حاجي محمد يوسف چنا جي گهر ۾ جنم ورتو، هيءَ ان وقت جي هڪ بهترين استاد هئي، پاڻ گهر ۾ پنهنجي پاڙي ۽ ڳوٺ جي ٻارڙن کي تعليم ڏيندي هئي ۽ اڳتي هلي چنا پاڙي ۾ سن 1920ع ۾ مدرسو به کوليائين، جنهن ۾ خاص ڪري نياڻين کي ديني تعليم سان نوازيندي هئي، هي خاتون نه رڳو تعليمي ماهر هئي پر پنهنجي دور جي هڪ ماهر طبيبه به هئي، ڳوٺ جي بيمار ٻارن جون مائرون خاص ڪري هن وٽ اينديون هيون ۽ هيءَ انهن ٻارڙن جو مفت ۾ علاج ڪندي هئي، جيئن ته جيجي عاشيت چنا جو مڙس خان محمد چنا به استادي پيشي سان تعلق رکندو هو، پاڻ پنهنجي گهرواريءَ جون اهي تعليمي ۽ طبي خدمتون ڏسي خوش ٿيندو هو ۽ چنا فيمليون ۽ ڳوٺ جا سڀ ماڻهو جيجي عاشيت کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، هن کي ڀٽائيءَ جا ڪيترائي بيت بر زبان ياد هوندا هئا، جيجي عاشيت جتي دوائن، ڦڪين، ڪکن ۽ دعائن ذريعي علاج ڪندي هئي ۽ اتي ئي سندس مڪتب ۾ پڙهندڙ ٻارڙن کي کاڌو به کارائيندي هئي، 1973ع تائين سندس اهي خدمتون جاري رهيون ۽ پاٽ شريف جي ماڻهن کي هي مسيحائي ڪردار اڃا تائين نه وسري سگهيون آهن.

[b]رئيس جمعه خان برهماڻي/نيڪ مرد
[/b] رئيس جمعه خان ولد خدا بخش خان برهماڻي سن 1898ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، سندس شمار ڳوٺ جي نيڪ مردن ۾ ٿئي ٿو، رب پاڪ کيس عزت ۽ دولت عطا ڪئي هئي، پاڻ انگريز سرڪار جي وقت ۾ ملازم به هو، چيو وڃي ٿو ته ماضيءَ ۾ پاٽ شريف جا جيڪي به چڱا مٺا هئا اهي جمعه خان کي انتهائي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ اگر ڪنهن برادريءَ جو ڪو فيصلو ڪندا هئا ته اهي پاٽائي وڏيرا يا زميندار رئيس جمعه خان کي پنهنجي ڀرسان ويهاري صلاح مشورو وٺندا هئا ۽ اهي پاٽائي کيس سرائي جمعه خان جي لقب سان پڪاريندا هئا، سرائي جمعه خان کي سوين ڏاچين جو وڳ به هو، جنهن لاءِ خاص ماڻهو سنڀال لاءِ رکيل هوندا هئا، سرائي جمعه خان انتهائي شريف ۽ سادگي پسند انسان هو، پنهنجي برادري جو تمام گهڻو خيال رکندو هو، هن مان ڪنهن به پاڙي واري کي يا ڳوٺ واري کي ڪابه تڪليف نه پهتي، رئيس جمعه خان 2 شاديون ڪيون، جنهن مان کيس 4 پٽ ۽ 5 نياڻين جو اولاد آهي، سندس اولاد پڙهيل لکيو آهي ۽ سندس وڏو پٽ نظر محمد برهماڻي ٻيلي کاتي ۾ رينج فاريسٽ آفيسر هو ۽ اهو 14 نومبر 2005ع تي وفات ڪري ويو، انتهائي بهترين انسان هو، ان کان علاوه امير بخش برهماڻي پوليس کاتي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر آهي ۽ برڪت علي برهماڻي تپيدار ۽ علي اڪبر برهماڻي لا ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل آهي، سرائي جمعه خان برهماڻي 16 مارچ 1986ع تي 88 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وفات کانپوءِ سندس وڏي فرزند نظر محمد برهماڻي کي برادريءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي ۽ ان جي وفات بعد ان جي فرزند رئيس خالد حسين برهماڻي کي خاندان ۽ برادري جي پڳ ٻڌرائي وئي، جيڪو هن وقت تائين راڄ ڀاڳ سنڀاليو پيو اچي.

[b]سماجي شخصيت محمد ايوب منگي پاٽائي
[/b] اسان جي معاشري ۾ اهڙا ڪي ئي مرد ملن ٿا جيڪي بغير ڪنهن لالچ جي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا، محمد ايوب منگي ولد بخشل خان منگي به اهڙن ئي ڪردارن جو مالڪ هو، جيڪو هميشه ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندو هو، 1952ع ۾ منگي محلا پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ هن عظيم شخصيت ابتدائي تعليم کان ميٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪولن ۾ حاصل ڪئي، ان بعد انٽر ۽ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ کيس 1975ع ۾ تعليم کاتي حيدرآباد ريجن ۾ ڪلارڪي ملي ويس، محنت ۽ فرض شناسي سبب پاڻ مختلف ضلعن جي ايجوڪيشن آفيس ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ طور ترقي ماڻيائين ۽ 8 مارچ 2012ع تي رٽائر ٿيو، محمد ايوب منگي صوفياڻي خيال جو مالڪ هوندو هو، انتهائي بردبار ۽ انسانيت ۾ برابري واري سوچ رکندو هو، هو هميشه ٻين جي ڪم اچڻ وارو شخص هو، هو مذهبن ۽ عقيدن کان وڌيڪ عام ماڻهو سان ڀلائي کي وڏي عبادت سمجهندو هو، سندس فڪري ۽ انقلابي سوچ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو اونو به شامل رهندو هو، محمد ايوب منگي شادي بعد زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا درٻيلي شهر ۾ گذاريا، کيس اولاد ۾ 5 نياڻيون ۽ 2 پٽ عطا ٿيا، جيڪي پيءُ وانگر صالح ۽ سٻاجهڙا آهن، سندس وڏو پٽ علي رضا منگي ميڊيا سان وابسته آهي ۽ ننڍو پٽ مير مرتضيٰ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، محمد ايوب منگي پاٽائي 26 اپريل 2013ع تي وفات ڪري ويو.

[b]اختر علي جي قاضي/اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ
[/b] پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ اختر علي جي قاضي 17 سيپٽمبر 1936ع ۾ پاٽ شريف جي علمي ادبي شخصيت غلام مصطفيٰ قاضي جي گهر ۾ جنم ورتو، مرحوم غلام مصطفيٰ قاضي سنڌ سرڪار جي اهم عهدن تي رهيو، جهڙوڪ ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪمشنر، سيڪريٽري ۽ آبادڪاري ڪمشنر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين، سندس فرزند اختر علي جي قاضي به اهم عهدن تي رهيو، هن ميٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان پاس ڪئي ۽ گريجوئيشن ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي مان ڪئي، قاضي صاحب شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري به رهيو، قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ه لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جي شروعات ڪئي ۽ لاڙڪاڻي بار ايسوسيئيشن جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو، 1973ع کان 1983ع تائين سنڌ بار ڪائونسل جو سرگرم رڪن ۽ عهديدار رهيو، هي لاڙڪاڻو لا ڪاليج جو باني پرنسپال هو، هن لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڊگري ڪاليج جو بنياد وڌو، هي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ لا فيڪلٽي جو ڊين به مقرر ٿيو، هن سنڌ مدرسي ڪراچي جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مدرسي جي بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون، پاڻ ڪيترن ئي سماجي ۽ ثقافتي ادارن سان لاڳاپيل رهيو، سنڌ سوشل ويلفيئر ڪائونسل جو 1980ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ 1982ع ۾ سنڌ هلال احمر سوسائٽي جي انتظامي ڪاميٽي جو وائيس چيئرمين چونڊيو ويو، قاضي صاحب 1980ع کان 1985ع تائين سنڌ صوبائي ڪائونسل جو ميمبر به رهيو، پاڻ تحريڪ پاڪستان ۾ به حصو ورتائين ۽ ٻه دفعا گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي به ڪيائين، 1985ع جي عام چونڊن ۾ وارهه ضلعي لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر واري عهدي تي بنا مقابلي چونڊجي ويو ۽ هڪ سال تائين ان عهدي تي رهيو، فيبروري 1986ع ۾ کيس سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ کيس تعليم، قانون، پارلياماني معاملا، ناڻو، ٽرانسپورٽ، مڪاني ادارا، ڳوٺاڻي ترقي ۽ راندين جي کاتن واري وزارت سونپي وئي، 10 اپريل 1988ع تي سنڌ اسيمبلي جي ڪوٺايل خاص اجلاس ۾ واضح اڪثريت سان کيس ايوان جو اڳواڻ چونڊيو ويو ۽ 11 اپريل 1988ع تي اختر علي جي قاضي پاٽائي سنڌ جي وڏي وزير جو قسم کنيو ۽ ڊسمبر 1988ع تائين وزيراعليٰ رهيو، اختر علي جي قاضي 2010ع ۾ وفات ڪئي.

[b]استاد نظر محمد چنا/ قانوندان ۽ ڪلاسيڪل راڳي
[/b] نظر محمد چنا ولد احمد خان چنا سن 1940ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري کان ميٽرڪ تائين تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين، ان کانوپءِ انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين، نظر محمد چنا کي قانون پڙهڻ جو شوق هو، ان ڪري پاڻ حيدرآباد مان ايل ايل بي به پاس ڪيائين ۽ پوءِ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو، ان دوران پاڻ موسيقي ۾ به دلچسپي وٺندو رهيو ۽ باقاعده سکيا استاد محمد صالح ساند کان ورتائين جيڪو ان وقت جو مشهور ڪلاسيڪل گائڪ هو ۽ نظر محمد چنا به فني موسيقي جي سرن ۾ ايترو ته ماهر ٿي ويو جو سال 1970ع واري دور کان وٺي تمام گهڻيون نجي محفلون اٽينڊ ڪيائين ۽ پوءِ سندس سڃاڻپ هڪ سٺي گويي طور ٿيڻ لڳي ۽ فن موسيقي جي باذوق ماڻهن کيس استاد ۽ خانصاحب جو لقب ڏنو ۽ پوءِ کيس استاد نظر محمد چنا يا خانصاحب نظر محمد چنا جي نالي سان پڪاريو ويندو، پاڻ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ به محفلن کي مچائيندو رهندو هو، ايتري تائين جو پنهنجي دوست مرحوم غلام حسين سومرو سان گڏجي پنهنجي بيٺڪ تي ميوزڪ اڪيڊمي به قائم ڪيائين ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي موسيقي جي سکيا ڏنائين، پاٽ شريف مان دادو شفٽ ٿيڻ کانپوءِ به سندس وڪالت وارو سلسلو جاري رهيو ۽ موسيقي جي خدمت به ڪيائين، اتي به خادم سخيراڻيءَ جهڙا بهترين ڪلاسيڪل سنگر سندس شاگرد رهيا ۽ مشهور بانسري نواز غلام شبير عمراڻي به وٽائنس بانسري سکيو، استاد نظر محمد چنا هڪ انسان دوست به هو، کيس اولاد ۾ چار پٽ شڪيل احمد، اختر علي مرحوم، عقيل احمد ۽ اڪبر علي چنا کان علاوه چار نياڻيون آهن، استاد نظر محمد چنا تاريخ 14 جولاءِ 2002ع ۾ وفات ڪئي ۽ دادو ۾ مدفون آهي.

[b]شهيد ايس ايس پي عبدالغني صديقي
[/b] شهيد عبدالغني صديقي 24 ڊسمبر 1950ع تي ميان علي گوهر صديقي جهڙي درويش صفت عالم جي گهر پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1974ع ۾ ڊي ايس پي پوليس ڀرتي ٿيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سيڪيورٽي آفيسر مقرر ٿيو، ضياءُالحق جي مارشل لا لڳڻ کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قريبي ساٿين کي پڻ عتاب ڏسڻو پيو ۽ انهن ۾ شهيد عبدالغني صديقي به شامل هو، ڀٽو صاحب جي شهادت کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو، شهيد عبدالغني کي 70 ڪلفٽن تي پارٽيءَ جا معاملا سنڀالڻ جون ذميواريون ڏنيون، پاڻ وقفي وقفي سان مسلسل پنج سال جيل ۾ نظربند رهيو، ايم آر ڊي کي آرگنائيز ڪرڻ جون خدمتون سرانجام ڏيڻ جي عيوض کيس سنڌ پيپلزپارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، 1988ع ۾ جيئن ئي پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي ته شهيد عبدالغني صديقيءَ کي وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو جو مشير مقرر ڪيو ويو، انهيءَ دوران سندس يارنهن سالن جي سينارٽي بحال ٿي ۽ پوءِ وري کيس ايس ايس پي اينٽي ڪرپشن ڪراچي مقرر ڪيو ويو، 4 جنوري 1993ع تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر ڪراچي مسٽر بشير احمد تي ڪنهن ماڻهوءَ رشوت وٺڻ جو الزام هڻي درخواست ڪئي ته هن ڪورٽ تي وڃي ڇاپو هنيو، اهو ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ پنهنجي نوعيت جو انوکو ۽ عظيم مثال هو، سندس موقف اهو هو ته جج جيڪڏهن انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ته هو انصاف کان بالاتر نٿو ٿي وڃي، اهڙي صورتحال کانپوءِ ڪورٽن ۾ بائيڪاٽ ڪيا ويا، صدر غلام اسحاق خان ۽ وڏي وزير لاءِ هڪ نئون مسئلو کڙو ٿيو، پوءِ کيس ڪراچي مان هٽائي ايس ايس پي نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو ۽ اتي به هن بهادر آفيسر ڌاڙيلن خلاف وٺ پڪڙ ڪئي ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ وري کيس سنڌ ريزرو پوليس ڪراچي ۾ اي ڊي آءِ جي واري عهدي تي رکيو ويو، شهيد عبدالغني صديقي وڏن وڏن عهدن تي رهندي به پنهنجي ڳوٺ کي نه وساريو ۽ وقت بوقت پاٽ شريف ۾ سندس اچڻ ٿيندو رهندو هو، پاٽ جي تاريخ ۾ هي واحد آفيسر هو جنهن پنهنجي ڳوٺ جي ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون ۽ دعائون کٽيون، هو ڪيترين ئي بي سهارا بيواهه عورتن جي مالي سهائتا به ڪندو هو، ڳوٺ جي ماڻهن سان سندس محبت جو هڪ ثبوت اهو به هو ته پاڻ جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ته هڪ غريب ۽ مسڪين پورهيت غلام محمد لانگاهه وٽ ويندو هو ۽ ان کي پاڻ سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويهاري پاٽ ۽ آس پاس جو چڪر هڻندو هو، شهيد عبدالغني صديقي پنهنجي ٻارن سان گڏ ڪوئيٽا ويندي پنهنجي گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هو ته ان دوران 22 جولاءِ 1994ع تي شام جو قلات ڀرسان آئل ٽينڪر سان سندن حادثو پيش آيو، جنهن ۾ سندس گهرواري رفعت غني، 2 نياڻيون شمائلا ۽ نوشين ۽ ٽي پٽ شهريار، بلال ۽ طلال ۽ پاڻ سميت ست گهرڀاتي شهيد ٿي ويا ۽ کين حيدرآباد ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي احاطي ۾ دفنايو ويو ۽ شهيد جي وارثن 1994ع ۾ شهيد عبدالغني جي نالي سان حيدرآباد ۾ مسلم سوسائٽي جي اهم شاهراهه تي سندس ياد ۾ ٽرسٽ اسپتال قائم ڪئي ۽ ان ئي ٽرسٽ جي هڪ برانچ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ به کولي وئي، اها ٽرسٽ 22 اپريل 1997ع ۾ رجسٽرڊ ٿي، جنهن جا اعزازي ۽ مستقل ميمبر هي آهن مولانا عبدالجبار صديقي (صدر)، عبدالستار صديقي (جنرل سيڪريٽري)، ڊاڪٽر عبدالشڪور صديقي، سعيده صديقي، ڪليم الله صديقي، سليم الله صديقي، ڊاڪٽر شيراز ۽ علي صديقي ميمبر آهن.

[b]شهيد غزالا بتول صديقي
[/b] سنڌ جي هن عظيم نياڻيءَ جو مڪمل نالو غزالا بتول هو ۽ گهر ۾ کيس پيار مان ڊاليءَ جي نالي سان به سڏيو ويندو هو، سندس والد صاحب جو نالو قاضي قطب الدين صديقي ۽ امڙ جو نالو حسن بانو هو، غزالا بتول 11 مارچ 1969ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائي، غزالا بتول جي امڙ جو تعلق لياري جي بلوچ خاندان سان هو، ان ڪري ناناڻن وٽ سندس ڪراچي گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پڙهي ۽ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ کيس 1996ع ۾ پي آءِ اي جهڙي اهم اداري ۾ ملازمت مليس، جتي آفيسر گريڊ ۾ اسسٽنٽ مئنيجر پي آر او مقرر هئي، ۽ پي آءِ اي جي 21 گريڊ واري سنڌي آفيسر مظهر حسين زرداريءَ سان سندس شادي ٿي، جنهن مان کيس چار پٽ ابوذر، عمار، بلال ۽ محمد ابراهيم آهن، شهيد غزالا بتول جي رهائش ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ هئي، 22 مئي 2012ع تي عوامي تحريڪ پاران نڪتل ”محبت سنڌ ريلي“ دوران جڏهن هزارين سنڌين جو قافلو ڪراچي جي چيل چوڪ واري علائقي ۾ پهتو ته ڌرتيءَ سان عشق ڪندڙ هن عظيم ڌيءَ به ان ريلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي 8 مهينن جي معصوم پٽ محمد ابراهيم کي گهر ڇڏي هن سورميءَ ريلي ۾ شرڪت کي لازمي سمجهيو، ڌرتيءَ ماءُ سان نينهن کيس سڀني رشتن کان وڌيڪ عزيز هو، سياسي طرح هن نياڻيءَ جو تعلق سنڌياڻي تحريڪ سان هو، جيئن جيئن مهاجر صوبي ٺاهڻ بابت يا سنڌ جي وحدانيت تي ٿيندڙ وار بابت جڏهن به ڪا ڳالهه ٻڌندي هئي ته سنڌ جي بقا خاطر اٿي کڙي ٿيندي هئي، هوءَ جڏهن به ٻڌندي هئي ته ڪنهن به سنڌي قومپرست جماعت جي ڪا ريلي ڪراچي پهچي رهي آهي ته هوءَ خاموشيءَ سان ان ۾ پنهنجو ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪندي هئي، 22 مئي 2012ع تي به جيئن ئي عوامي تحريڪ جي ريلي لياريءَ کان نڪتي ته هي بغير ڪنهن خوف جي چيل چوڪ وٽ اچي پهتي ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي، جنهن ۾ سندس اهي لفظ آخري ۽ يادگار بنجي ويا ته ”سنڌجي هر نياڻي پنهنجو سر قربان ڪندي پر سنڌ کي ورهائڻ نه ڏيندي“ هن سورميءَ کي خبر هئي ته ڌرتيءَ سان عشق جو انت ڇا ٿيندو آهي پر کيس ڪنهن به نتيجي جي پرواهه نه هئي، جيئن ئي محبت سنڌ ريلي لياريءَ جي چيل چوڪ کان پان منڊيءَ تائين پهتي ته اڳواٽ ئي لڪيل دهشتگردن ريليءَ تي گولين جو مينهن وسائڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي روڊن تي لاش ڪرندا رهيا ۽ نتيجي ۾ چئن عورتن سميت 13 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ انهن سڀني ۾ شهيد غزالا بتول صديقي سڀ کان اول جان جو نذرانو ڏنو، جنهن کي محبت سنڌ ريلي جي پهرين شهيد قرار ڏنو ويو، جيڪا دليريءَ سان مزاحمت به ڪندي رهي ته ٻين عورتن کي بچائڻ جي ڪوشش به ڪندي رهي، هن پنهنجو وچن نڀائيندي سنڌ تان جان گهوري، سنڌ جي هن عظيم نياڻيءَ جي فلاحي ۽ سماجي ڪمن کي به نٿو وساري سگهجي، جڏهن 2010ع واري ٻوڏ آئي ته هن ڪراچي پهتل انهن ڏتڙيل ۽ مارو ماڻهن جي وڏي پئماني تي کاڌ خوراڪ، ڪپڙي لٽي ۽ رهائش سميت ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو، شهيد غزالا بتول صديقي جي شهادت کانپوءِ سندس ننڍي ڀاءُ صلاح الدين پنهنجي شهيد ڀيڻ جي مشن کي جاري رکندي ”غزالا صديقي ميموريل ويلفيئر ايسوسيئيشن رجسٽرڊ 1362“ جي نالي سان فلاحي تنظيم ٺاهي، ان فورم تان 2013ع کان وٺي غريبن، مسڪينن جي سهائتا، ڏورانهن علائقن ۾ اسڪول قائم ڪرڻ ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون، ان کان علاوه شهيد غزالا جا وارث ۽ سنڌ واسي هر سال 22 مئي جي سمورن شهيدن جي ورسي به ملهائيندا آهن، پاٽ شريف واسين لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي جو هن عظيم نياڻيءَ جو تعلق پاٽ شريف سان آهي.

[b]شهيد منظور احمد چنا
[/b] شهيد منظور احمد چنا هڪ قومي ڪارڪن طور سڃاتو وڃي ٿو، سندس تعلق به پاٽ شريف سان آهي، هي پهرين مئي 1977ع تي غلام قادر چنا جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس والد صاحب غلام قادر عرف قادن مستري 1988ع ۾ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف مان شفٽ ٿي نوابشاهه ۾ رهائش اختيار ڪيائين، ان دوران منظور احمد ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ اتي ئي ڀنگوار ڪالونيءَ ۾ ڪرياني جو دڪان کوليائين، منظور چنا سياسي حوالي سان نظرياتي نوجوان هو ۽ سندس وابستگي جسقم سان هئي، سنڌ خلاف لفظ به برداشت نه ڪندو هو، تاريخ 21 مارچ 2014ع تي سڪرنڊ روڊ نوابشاهه ۾ قومي ڪارڪنن جي هڪ ريلي نڪتي، جنههن ۾ منطور احمد چنا پاٽائي به اڳواڻي ۾ شامل هو، اچانڪ ريلي تي فائرنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو هي سچو سپوت منظور چنا شهيد ٿي ويو ۽ پوليس پاران جڏهن جاچ ڪئي وئي ته خبر پئي ته انهيءَ فائرنگ ۾ ايم ڪيو ايم وارا ملوث هئا، جن هن ڳڀرو نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو، سندس ڀاڻج جاويد احمد چنا جو چوڻ آهي ته ماما منظور هميشه چوندو هو ته دعا ڪيو ته آئون سنڌ ڌرتيءَ مٿان جان گهوري شهادت ماڻيان، پاٽ واسين کي شهيد غزالا بتول وانگر هن سپوت شهيد منظور احمد چنا تي به فخر آهي.

[b]شهيد بخشل خان برهماڻي
[/b] شهيد بخشل خان برهماڻي ولد ڏاتو خان برهماڻي 12 فيبروري 1963ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاٽ شريف ۾ ئي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 31 جولاءِ 1985ع تي دادو جي ايس ايس پي آفيس ۾ پوليس ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيو، شهيد بخشل پنهنجي ڊيوٽي ۾ ڪڏهن به غفلت نه ڪئي، هميشه چست ۽ ڦڙت اهلڪارن ۾ سندس شمار ٿيندو هو، هي تمام گهڻو دلير اهلڪار هو ۽ سندس ان بهادري جي ڪري پوليس آفيسر کيس پاڻ سان گڏ کڻندا هئا، اگر ڪٿي به ڪو ڏوهارين خلاف آپريشن يا مقابلو ٿيندو هو ته هميشه اڳيان اڳيان هوندو هو، سندس ان بهتر ڪارڪردگي عيوض کيس جلد پروموشن ڏئي هيڊ ڪانسٽيبل جي رينڪ ڏني وئي، تاريخ 6 مئي 1988ع تي پاڻ پوليس آفيسرن جي ٽيم سان گڏ هو ۽ پوليس ٿاڻي ڳڙهي خيرو ديرو جي حد ۾ سندن مقابلو ڌاڙيلن سان ٿي پيو ۽ هن سان گڏ اکين ڏٺا شاهد اهلڪارن جو چوڻ هو ته هي شهيد بخشل خان برهماڻي ڌاڙيلن کي للڪاريندو اڳتي وڌندو رهيو ۽ پاڻ ڪنهن به قسم ۾ پوئتي نه هٽيو ۽ اچانڪ هڪ ڌاڙيل سڄو برسٽ سندس سيني تي هلايو ۽ هي فرض شناس اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ اها تاريخ 21 رمضان هئي، شهيد بخشل خان برهماڻي جنهن دليريءَ سان پنهنجي شهادت ماڻي، ان تي پوليس ڊپارٽمينٽ ۽ سندس ڳوٺائين کي هن جي بهادري ۽ شهادت تي ناز آهي.

[b]شهيد مخدوم افتخار الحق صديقي عرف پپو سائين
[/b] شهيد مخدوم افتخار الحق المعروف سائين پپن ولد مخدوم شمس الحق صديقي پهرين آگسٽ 1972ع تي مخدوم محلا پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري جي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ پاٽ شريف جي اسڪولن ۾ حاصل ڪيائين، ان بعد ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر ۽ خانگي طور گريجوئيشن ڪيائين، پاڻ سياسي، سماجي شخصيت ۽ سماج سڌارڪ هو، هر ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو ۽ يار ويس ماڻهو هو، سياسي حوالي سان آخر تائين اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد شاهه سيتائيءَ سان سندس ويجهڙائپ رهي، مخدوم افتخار قانوني حوالي سان به مهارت رکندڙ شخصيت هو، پاڻ خانداني زميندار به هو ۽ پنهنجي وڏڙن مشهور پاٽائي بزرگن جو چشم و چراغ هو، سندن روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ درگاهه جي سمورن بزرگن جو ساليانو عرس مبارڪ ملهائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو، پوري سنڌ جي گادي نشينن جو انتهائي خيال رکڻ وارو انسان ۽ پاڻ درگاهه مخدوم فضل الاهي جو سجاده نشين ۽ جماعت اهلسنت تعلقي دادو جو امير پڻ رهيو کيس 16 آگسٽ 2016ع تي هٿياربندن پاران پاٽ شريف جي وچ بازار ۾ شهيد ڪيو ويو. جيڪو پاٽ جي تاريخ جو وڏو سانحو هو. مخدوم افتخار الهق صديقي جي شهادت بعد به سندس ڀائرن مخدوم انعام الحق، مخدوم ضياءَالحق، مخدوم اظهار الحق، مخدوم منور الحق، مخدوم عرفان الرحمان ۽ مخدوم شفيق الرحمان ڪنهن کي به پنهنجي شهيد ڀاءُ جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏني آهي. سندن ديني ۽ دُنوي خدمتون جاري ۽ ساري آهن.
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.

[b]ڊاڪٽر سڪندر علي پنهور/مختلف کاتن ۾ اهم پوسٽن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيت
[/b] ڊاڪٽر ڪيپٽن سڪندر علي پنهور ولد غلام علي پنهور 11 جولاءِ 1955ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان ميٽرڪ پاس ڪيائين، ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، ڊي پي ايڇ پنجاب يونيورسٽي ۽ ايل ايل بي ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1981ع ۾ پاڪ آرميءَ ۾ بحيثيت ڊاڪٽر ملازمت اختيار ڪيائين ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي عهدن تي رهيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ ڪراچي، ميونسپل سائوٿ ڪراچي، ايڊمنسٽريٽو ميونسپل لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ مڪاني حڪومت سنڌ، اسپيشل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل ڪلچرل، ڊائريڪٽر جنرل پاپوليشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل اربن پاليسي اينڊ اسٽيٽيڪل پلاننگ ۽ ٻين کاتن ۾ به رهيو، ڊاڪٽر سڪندر علي پنهور سماجي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو ورتو، شاگردن کي مفت ڊريسون، ڪتاب ۽ فيون ادا ڪندو هو، ڪيترن مريضن جي علاج جو خرچ پاڻ برداشت ڪندو هو، ڪيترن ئي غريب مسڪينن ۽ بيواهه عورتن جي سهائتا ڪندو هو، ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو هو ۽ فن موسيقيءَ سان نه رڳو دلچسپي هيس پر پاڻ به گائڪي جي حوالي سان سٺي ڄاڻ رکندو هو، اوطاق تي سندس ساز به رکيل هوندا هئا ۽ آيل مهمان دوستن کي پاڻ به ڳائي محفل مچائيندو هو، ڊاڪٽر ڪيپٽن سڪندر علي پنهور چند سال پهرين اسان کان وڇڙي ويو.

[b]سائين شفيع احمد چنا/ تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ
[/b] پاٽ شريف جي علمي ادبي شخصيت سائين شفيع محمد چنا 15 جولاءِ 1933ع تي پاٽ شريف ۾ حاجي فتح محمد چنا جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٽنڊي جان محمد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين، انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ۽ گريجوئيشن يونيورسٽي آف سنڌ، بي ايڊ 1971ع ۽ 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين، انگلش، فارسي ۽ سنڌي جي مهارت رکندڙ سائين شفيع احمد چنا کي 25 آگسٽ 1955ع تي اسلاميه هاءِ اسڪول پاٽ شريف ۾ اسسٽنٽ ماسٽر جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ بحيثيت هڪ استاد جي 42 سال تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين، هڪ فرشتي نما هن استاد پنهنجي ٻاجهه ڀرئي رويي ۽ لهجي سان ڪيترن ئي پٿر مثل انسانن کي علم جي زيور سان تراشي کين هيرن ۽ جواهرن وانگر تيار ڪيو، نسل درنسل تائين تعليمي شعور عام ڪندڙ سائين شفيع احمد چنا عام زندگيءَ ۾ به هر ڪنهن سان ڏاڍو شفقت وارو رهيو، پاڙي اوڙي ۽ ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهو کي نااميد ڪيائين، سائين وٽ پڙهندڙ شاگرد کيس اڄ تائين نه وساري سگهيا آهن، اسڪول جي ايڊمنسٽريشن جي حوالي سان پاڻ ڪيترائي مثالي قدم کنيائين، ساڻس ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ ٻيا استاد کيس استادن جو رول ماڊل ٽيچر قرار ڏيندا هئا، پرسنلٽيءَ جي حوالي سان سائين شفيع احمد چنا جو گهر کان اسڪول تائين پهچڻ کان اول بازار مان گذر ٿيندو هو ۽ سائين سان ڪيترائي شاگرد گڏ هوندا هئا، ڪڏهن پينٽ، شرٽ ۽ ڪڏهن سلوار قميض ۾ سائين جي ڊريسنگ به پرڪشش لڳندي هئي، هميشه سمارٽ نظر ايندڙ سائين جن جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ هوندي هئي ۽ هٿ ۾ ڪو ڪتاب يا ڊائري کڻي هلڻ سائين جن جي عام روٽين هئي، سائين شفيع احمد چنا 5 جولاءِ 1965ع تي پنهنجي ئي عزيزن مان شادي ڪئي، جنهن مان 6 پٽ ۽ 5 نياڻين جو اولاد اٿس، جيڪي ماشاءَالله اعليٰ تعليم يافته ۽ اهم پوسٽن تي سروس ۾ آهن، سائين شفيع احمد چنا ديسي کاڌا کائڻ پسند ڪندو هو ۽ پاڻ به لذيذ کاڌا پچائڻ ڄاڻندو هو، موسيقي ۾ لتا منگيشڪر، مهدي حسن، محمد رفيع، مڪيش ۽ پراڻا سنڌي گيت ٻڌڻ پسند ڪندو هو، هميشه پوري حياتي علم لاءِ وقف ڪندڙ سائين شفيع احمد چنا 1993-4-15 تي رٽائرڊ ٿيو ۽ اولاد جي تعليم خاطر پاٽ شريف کان دادو شفٽ ٿيڻ کانپوءِ سائين شفيع احمد 11 سيپٽمبر 2004ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس آخري آرامگاهه لعل هنڌي قبرستان دادو ۾ آهي.

[b]ڪريم بخش چنا صاحب/ تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ
[/b] سنڌ جي هن نامور تعليمي ماهر ۽ اديب ڪريم بخش چنا جو جنم 25 جنوري 1916ع تي پاٽ شريف ۾ ٿيو، سندس والد صاحب عبدالعظيم چنا استاد هو، جنهن جو اصل ڳوٺ نيوڪلري هو ۽ پوءِ پاٽ شريف شفٽ ٿيو، ڪريم بخش چنا جي ابتدائي تربيت ۽ تعليم پاٽ شريف ۾ ئي ٿي، ان کانپوءِ بمبئي جي بورڊ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ پوءِ بمبئي مان ئي بي اي ۽ ايم اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. انگريزي، عربي، تاريخ، جاگرافي ۽ سائنس جي مضمونن تي عبور حاصل ڪندڙ هن شخصيت کي 1946ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ڪيو ويو، جتي 1948ع تائين ڊيوٽي سرانجام ڏنائين، ان کانپوءِ ميرپورخاص جي هاءِ اسڪول ۾ سندس مقرري ٿي، جتي تعليمي سوسائٽي جو بنياد وڌائين، ڪجهه وقت کانپوءِ سندس قابليت ۽ محنت جي آڌار تي کيس ٽنڊي جان محمد جي لوڪل بورڊ جي هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، ان کانپوءِ جيڪب آباد جي اهم شخصيت ميونسپل چيئرمين ميان احمد سومري کيس ڊيپوٽيشن تي جيڪب آباد ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ استر مقرر ڪرايو، جتي چنا صاحب پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻيندي اسڪول جي Co-Education ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعداد وڌائي 900 تائين پهچايو، پاڻ دلچسپي وٺي لوڪل بورڊ واري جاءِ تي هاسٽل منظور ڪرايائين، جنهن ۾ پري پري جا شاگرد اچي رهندا هئا، سائين ڪريم بخش چنا صاحب انتظامي حوالي سان انتهائي سخت هو ۽ اسٽاف کي هميشه هدايت ڪندو هو ته ڊيوٽي ايمانداري سان ڪريو، چنا صاحب وري شفيق ايڏو هو جو هر ڪنهن سان بهتر رويو هئس.
1952ع ۾ ڪريم بخش چنا صاحب کي هالا جي طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو، ان کانپوءِ اسلاميه سروري ڪاليج هالا ۾ پرنسپل مقرر ٿيو ۽ اتي ٻن سالن تائين پنهنجون علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ سندس جي ڪوشش سان اتي به شاگردن لاءِ هاسٽل تعمير ڪرائي وئي، هالا جي مخدومن جي اها ڪوشش رهي ته هن علمي ستاري مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري وٺجي، اها چنا صاحب جي شخصيت هئي جنهن کي سنڌ جون نامور هستيون ڊمانڊ ڪري گهرائينديون هيون ته اسان جي علائقي جي شاگردن کي به چنا صاحب جو مليل علمي فيض حاصل ٿئي، ڪريم بخش چنا صاحب کي هالا کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو ۽ اتي سندس مقرري دوران هاسٽل به تعمير ڪرائي وئي ۽ سندس اولين ترجيح هئي ته ڪاڇي جي علائقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي هتي پڙهائين ۽ پوءِ سندس اها ڪوشش ڪامياب وئي ۽ ڪيترائي شاگرد ڪاڇي مان اچي هن اسڪول ۾ پڙهندا هئا ۽ سندن رهائش لاءِ هاسٽل جو بندوبست ٿيل هو، ميهڙ مان ٽرانسفر ٿيڻ کانپوءِ ڪريم بخش چنا صاحب پائليٽ هاءِ اسڪول دادو جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، جتي هن جي اچڻ سان نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون جاري رهيون ۽ هن اسڪول جو تعليمي معيار عروج تي رهيو، چيو وڃي ٿو ته گورنمينٽ گرلس ڪاليج دادو چنا صاحب جي ئي ڪوشش سان منظور ٿيو، اهڙي طرح دادو ۾ استادن جي ٽريننگ لاءِ به ڪاليج تعمير ڪرائڻ لاءِ سندس جاکوڙ جاري رهي ۽ اعليٰ اختيارين سندس مطالبي تي دادو ۾ ايليمينٽري ڪاليج جي منظوري ڏني وئي جتي نون ڀرتي ٿيل استادن کي ڪورس ڪرايا ويندا هئا.
ڪريم بخش چنا صاحب جون تعليمي حوالي سان لازوال خدمتون آهن، پاڻ علمي حوالي سان سنڌ جي مختلف ادارن ۾ بي لوث جذبي سان پنهنجا فرض نڀايا، هن پنهنجي ڳوٺ کي به نه وساريو، پاڻ 1954ع پاٽ شريف ۾ اسلاميه هاءِ اسڪول جو بنياد وڌائين ۽ ان تعليمي سوسائٽي جو چيئرمين ٿيو ۽ پري پري کان ايندڙ شاگردن لاءِ هاسٽل جو بندوبست ڪيائين، پنهنجي ڳوٺ سان انتها درجي جو مثال قائم ڪندي هن پنهنجو ذاتي گهر شاگردن جي هاسٽل لاءِ عطئي طور ڏئي ڇڏيو ۽ حيرت جي ڳالهه ته سر ڪريم بخش چنا ان اسلاميه هاءِ اسڪول پاٽ شريف جي استادن کي پنهنجي کيسي مان پگهار ڏيندو هو ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش به سندس ذمي هوندي هئي، چنا صاحب لاءِ هڪ واقعو مشهور آهي ته ڪجهه وقت لاءِ گهر ۾ کين مالي حالتن سبب استادن جي پگهار لاءِ پريشان ڏٺو ويو ته سندن گهرواريءَ پنهنجو سمورو سون کڻي زندهه دليءَ جو مظاهرو ڪندي چنا صاحب کي اچي ڏنو ۽ چيائين ته هي سون کپائي پگهارون ادا ڪيو ۽ اسڪول ۽ هاسٽل بند نه ٿيڻ گهرجي، ڇو جو اسان جي اصل ملڪيت ته اهي پڙهندڙ شاگردن ۽ ٻچا آهن، ان کانپوءِ چنا صاحب اهي زيور کپائي اسڪول هلايو ۽ هن اسڪول کي گورنمينٽ ۾ ضم ڪرائڻ لاءِ به سندس ڪوشش جاري رهي ۽ پوءِ هي اسڪول گورنمينٽ جي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف جي نالي سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ اسڪول جي هيڊ ماسترن جي لسٽ وارن بورڊ ۾ مٿان ئي مٿان فائونڊر آف اسڪول ڪريم بخش چنا صاحب جو نالو لکيل آهي.
چنا صاحب جون ڪيتريون سماجي خدمتون به آهن، پاڻ پنهنجي برادريءَ لاءِ ”چنا اتحادي ڪاميٽي“ ذريعي چنا برادري جا ذاتي مسئلا به حل ڪندو رهيو ۽ ان کان علاوه ڪجهه پاٽ جي سرنديءَ وارن ماڻهن کان مالي سهڪار حاصل ڪري چنا برادري ۽ ٻين ذاتين وارن غريب شاگردن جي لاءِ اسڪالر شپ ۽ اسڪولي فيس جو بندوبست ڪيو ويندو هو، چنا صاحب جا ڪيترائي شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر، جج ۽ بالا آفيسر آهن، مشهور سرجن ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ به ڪريم بخش چنا صاحب جو شاگرد هو، ڪريم بخش چنا صاحب ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس، ڊائريڪٽر نيشنلائيز اسڪول ڪراچي، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انگريزي ۽ ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم جي عهدي تي به رهيو، چنا صاحب لاءِ مشهور آهي ته پاڻ جڏهن اهم عهدن تي هو ته پنهنجي ڳوٺ جي ڪيترن ئي تعليم يافته نوجوانن کي نوڪريون ڏنائين ۽ پنهنجي هوشيار شاگردن کي خط لکي سنڌ جي مختلف علائقن مان گهرائي کين نوڪرين جا آرڊر ڏنائين، چنا صاحب ذاتي زندگيءَ ۾ هميشه ٻين جو هڏ ڏوکي رهيو، اڪثر فل سوٽ ۾ رهندڙ ۽ ڪلين شيو ڪندڙ هي قدآور انسان ڏسڻ سان ئي وڏي پرسنلٽي محسوس ٿيندو هو، پاڻ پاٽ شريف ۾ اچڻ سان ئي ادبي محفلن ۾ تر جا ۽ ڳوٺ جا سٺا سٺا شاعر ۽ سگهڙ گهرائي ڪجهه ٻڌندو هو ۽ ڪجهه انهن کي پاڻ ٻڌائيندو هو، چنا صاحب جا ڪيترائي ڪتاب به لکيل آهن، ڪريم بخش چنا صاحب 9 نومبر 1985ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهي، چنا صاحب جي اولاد ۾ 2 ڌيئر پروفيسر عذرا ۽ ڊاڪٽر نائلا شامل آهن ۽ 5 پٽ ڊاڪٽر نديم احمد، انجنيئر فهيم احمد، بينڪ آفيسر نعيم احمد، استاد نسيم احمد ۽ استاد وسيم احمد چنا شامل آهن.

ڪريم بخش چنا صاحب جا لکيل ڪتاب
هڪ تاريخ تمدن اسلام
عربي ٽيڪسٽ بڪ
تاريخ اسلام
رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم (ڀاڱو پهريون)
رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم (ڀاڱو ٻيو)
حضور صلي الله عليم وسلم جو دور
بنو عباسي دور
تمدن جي ماهيت

[b]پروفيسر امينا خميساڻي/ علمي ادبي شخصيت
[/b] تعليمي ماهر پروفيسر امينا خميساڻي المعروف ”آمنه چنا“ 16 اپريل 1919ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائي، سندس والد صاحب خانصاحب علي بخش چنا ڪليڪٽر ۽ پاٽ شريف جو زميندار هو، ميڊم امينا خميساڻي پرائمري ۽ ديني تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ پاٽ شريف مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ سينٽ جوزف اسڪول ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ڪئي، 1943ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان بي اي ڪئي ۽ 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي انگلش جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي، امينه عرف آمنه چنا جي شادي جڏهن ڊي ايس پي غلام محمد خميساڻي (سهتو) سان ٿي ته پاڻ پنهنجي نالي پٺيان امينا خميساڻي سڏرائڻ لڳي، سموري حياتي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪندڙ هن خاتون 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان سترهين صديءَ جي انگريزي ادب جي موضوع تي ڊپلوما ڪئي، 1969ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان وابسته رهي، هن سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، 1983ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي 38 هين اجلاس جي نمائندگي ڪيائين، پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي 1984ع واري ڇپيل رپورٽ جي سهڪاري ايڊيٽر پڻ رهي، ميڊم امينا خميساڻي مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب لکيا، خاص ڪري انگريزي ادب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، هوءَ شيڪسپيئر، ورڊس ورٿ ملٽن، جان ڪيٽس، بائرن ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن تي عبور رکندي هئي. پروفيسر امينا خميساڻي جڏهن حيدرآباد اچي رهائش اختيار ڪئي هئي ته کيس شاهه لطيف کي سمجهڻ جو وڌيڪ اتساهه مليو، پاڻ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي مقالا لکيائين ۽ سندس وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالي جو نثر ۾ مڪمل انگريزي ترجمو آهي، جيڪو ثقافت کاتي پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو، امينا خميساڻي صاحبه 1985ع ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿي ۽ 2007ع ۾ وفات ڪري وئي، پروفيسر امينا خميساڻي جو گهروارو غلام محمد خميساڻي جڏهن 1972ع ۾ وفات ڪري ويو ته هن پنهنجي اولاد جي تربيت تي وڌيڪ توجهه ڏني ۽ سندس وڏو پٽ رياض احمد خميساڻي پي آءِ اي ۾ انجنيئر ٿيو ۽ سندس ٻيو پٽ طارق خميساڻي برٽش پيٽروليم ڪمپني اسلام آباد ۾ چيئرمين ٿيو، ميڊم امينا خميساڻي جو پاٽ شريف ۾ وهندڙي لڳ سومرا محلي ۾ الڳ گهر هو جيڪو اڄ به ڳاڙهين سرن واري جاءِ جي نالي سان مشهور ۽ موجود آهي، ميڊم امينا جي ڌيءَ ڊاڪٽر ياسمين آمريڪا ۾ پنهنجي ميڊيڪل واري شعبي جون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، ميڊم امينا خميساڻي جي شخصيت پاٽ شريف واسين لاءِ اعزاز هئي، سندس علمي ادبي خدمتون وساري نٿيون سگهجن، سندس زير تربيت رهندڙ ڪيترائي شاگرد اعليٰ عهدن تائين پهتا.

ميڊم امينا خميساڻي جا لکيل ڪتاب
سترهين صديءَ جو انگريزي ادب سال 1963ع
”شاهه جو رسالو“ انگريزي ترجمو ڇاپو پهريون سال 1994ع
”شاهه جو رسالو“ انگريزي ترجمو ڇاپو ٻيو سال 1994ع
DRAMA BETWEEN TWO ENGLISH LITERATURE
CASUL PEEPS AT ENGLISH LITERATURE
SINDH S’ CONTRIBUTION TO ENGLISH
سنڌ جي عورت (مضمون)
ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ (مضمون)
اسلام ۾ عورت جو ڪردار (مضمون)

[b]آپا زينت چنا/علمي ادبي شخصيت
[/b] آپا زينت چنا ڌيءَ محمد صالح چنا جو جنم 4 جنوري 1919ع تي سيوهڻ ۾ ٿيو، پاٽ شريف جي اهم شخصيت خانصاحب عبدالله چنا سان جڏهن سندس شادي ٿي ته هن جو تعلق به پاٽ شريف سان جڙي ويو، آپا زينت چنا سيوهڻ ۾ ئي ابتدائي ۽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪئي، ان کانپوءِ اڳتي تعليم حاصل ڪندي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهي ۽ پوءِ درس و تدريس جي شعبي سان وابسته رهي ۽ سيوهڻ جي هڪ گرلس اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس هئي، مطالعي سان گهڻي دلچسپي رهيس ۽ علم ادب ڏانهن خاص توجهه هوندو هيس، پاڻ ڪيترائي مضمون لکيائين ۽ اخبارن ۽ رسالن ڏانهن موڪليندي هئي، سندس اهي لکڻيون شبنم جي نالي سان ڇپجنديون هيون، 1944ع ۾ جڏهن سندس شادي عبدالله خان چنا پاٽائي سان ٿي ته پاٽ ۾ اچڻ کانپوءِ کيس گهر ۾ اهڙو ماحول مليو، جو کيس وڌيڪ لکڻ جو موقعو مليو، ان کانپوءِ حيدرآباد ۾ رهڻ دوران خاڪسار تحريڪ ۾ به سرگرم رهي ۽ ان جي سرپرستي ڪئي، ان وقت ۾ پاڻ ليڊيز مسلم ليگ جي اڳواڻ به رهي، سندس مڙس خانصاحب عبدالله چنا ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ جڏهن لاڙڪاڻي رهندو هو ته سندس گهرواري زينت چنا اتي رهندي هئي، ۽ عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ هنري مرڪز کوليو ۽ لاڙڪاڻي اچڻ وڃڻ دوران ڀٽو خاندان جي بيگمات سان به آپا زينت جي سٺي دعا سلام هئي، ڀٽ شاهه ته سندس روحاني مرڪز هوندو هو ۽ ميلا ڪاميٽي ۾ ميمبر هوندي هئي، عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ ادب ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مارئي رسالو به ڪڍيائين، پيپلزپارٽيءَ سان به سياسي وابستگي رکيائين، آپا زينت پنهنجي گهريلو ملازمن جو به تمام گهڻو خيال رکندي هئي، غريب ڇوڪرين جي شادي جو خرچ پاڻ برداشت ڪندي هئي. آپا زينت چنا حيدرآباد شهر ۾ مينا بازارون لڳرائي عورتن جا ميڙ گڏ ڪندي هئي، هوءَ ڪنهن سان حسد ڪرڻ کي خدائي ڏوهه سمجهندي هئي، هوءَ سنڌ جي عورت ليکڪائن ۽ اديبائن جي سرواڻ به ٿي رهي ۽ ون يونٽ واري تحريڪ ۾ اديبن سان گڏ جدوجهد ۾ به شامل رهي، آپا زينت چنا سنڌ جي نامور اديب حميد سنڌي کي پنهنجو پٽ ڪيو هو ۽ اڪثر ادبي ميڙاڪن ۾ حميد سنڌي ساڻس گڏ هوندو هو، آپا زينت مارئي رسالي جي ايڊيٽر به هئي ته ان کان علاوه انڊس آرٽس ڪائونسل جي ڊائريڪٽر، پاڪ سوويت ڪلچر سوسائٽي جي ميمبر، ليڊيز نيشنل گارڊ جي ميمبر، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبر، حيدرآباد اپوا جي به اڳواڻ ۽ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن جي ذهني چٽا ڀيٽي ۽ تقريري مقابلن ۾ جج دور خدمتون سرانجام ڏيندي هئي، آپا زينت چنا 1974ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد ۾ آهي.

[b]ڪامريڊ نظير احمد چنا/ علمي ادبي ۽ سياسي شخصيت
[/b] نظير احمد چنا 8 نومبر 1945ع تي جوهيءَ ۾ ڄائو، سندس والد صاحب مختيارڪار عبدالقيوم چنا پاٽائي جي ان وقت ۾ پوسٽنگ جوهيءَ ۾ هئي ۽ اتي ئي رهائش سبب نظير احمد چنا جي پيدائش ٿي، نظير احمد چنا پرائمري تعليم ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ سينٽ ميري اسڪول سکر ۽ روهڙي ۾ به پڙهيو، ملڪ شير دل ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي مان 1959ع ۾ ميٽرڪ سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين ۽ ان کانپوءِ 1963ع ۾ سنڌ ڪاليج آف ڪامرس مان بي ڪام ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان 1965ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين، ان کانپوءِ کيس ملازمت ملي ۽ 1973ع کان 1981ع تائين پي ٽي وي ڪراچي ۽ پشاور جو پروڊيوسر رهيو ۽ پوءِ استعيفيٰ ڏنائين ۽ ڪجهه وقت لاءِ مراد مير گورنمينٽ ڪاليج ملير ڪراچي ۾ انگريزي جو ايڊهاڪ ليڪچرار به مقرر ٿيو ۽ ان کانپوءِ هاءِ اسڪول صدر ڪراچي ۾ به ٽيچر رهيو، نظير احمد چنا کي عام طور تي ڪامريڊ نظير احمد چنا جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ 1963ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ مشتاق احمد سان گڏجي ون يونٽ خلاف موومينٽ ۾ حصو ورتائين، ان کانپوءِ مولانا ڀاشاني سان گڏ ڪم ڪندي ٽوباٽيڪ سنگهه واري هاري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، محترمه فاطمه جناح واري صدارتي اليڪشن ۾ ايوب خان خلاف ڪم ڪيائين، 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو واري اليڪشن جي هڪ جلسي ۾ تقرير ڪيائين، اتي شيخ عبدالمجيد سنڌي، مير رسول بخش ٽالپر، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ سندس والد صاحب به موجود هئا.
ڪامريڊ نظير احمد چنا سائين جي ايم سيد سان به ڪجهه عرصي لاءِ گڏ رهيو ۽ عوامي تحريڪ جي بنياد رکڻ ۾ رسول بخش پليجو سان به گڏ شامل رهيو ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو، ادبي حوالي سان پاڻ سٺو ليکڪ به آهي، 1954ع ۾ شاگردي واري دور ۾ انگريزي شاعريءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ سندس انگريزي شاعري جو هڪ ڪتاب به ڇپيل آهي جنهن جو نالو “ODE TO MOON” ان کان علاوه پروفيسر عذرا ڪنڌ رجي اردو شاعريءَ واري ڪتاب ”نيل گگن تلي“ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيائين، ان کان علاوه منصور حلاج سان خاص عقيدت سبب پاڻ ديوان منصور حلاج جو انگريزي ترجمو به ڪيائين، ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جا انگريزي ترجما ڪيا اٿس، هن ڪراچي ۾ ”سنڌي اسٽوڊنٽ فيڊريشن سنڌي ڪلچر اڪيڊمي“ جو به بنياد وڌو، ڪامريڊ نظير چنا جا سوين مقالا ۽ مضمون ڪيترين ئي سنڌي، اردو، انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن، پاڻ ايران جي دوري دوران ريڊيو زاهدان تان تجزيه ۽ تبصرا به پيش ڪري چڪو آهي. نظير چنا صاحب ڪشمير جي صدر سردار عبدالقيوم وٽ مظفر آباد جي صدارتي محل ۾ سورنهن ڏينهن مهمان ٿي رهيو ۽ ريڊيو آزاد ڪشمير تان تقريرن ۽ تجزين ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ نظير چنا اندر ۾ مڪمل صوفياڻو مزاج رکي ٿو، هن وقت ڪوٽڙي ۾ رهائش پذير آهي ۽ پنهنجي فيملي سان بهتر زندگي گذاري رهيو آهي، سندس پٽ غلام عباس چنا ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ سب انجنيئر آهي، پاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف کي به نه وساري سگهيو آهي، اولياءَ ڪرامن تي حاضري ڀريندڙ ۽ منصور حلاج جي مڪتبه فڪر کي ڦهلائيندڙ ۽ ان جي پيغام کي عام ڪندڙ هن شخصيت جي عملي جدوجهد جاري آهي.

[b]عبدالقيوم چنا/مئجسٽريٽ
[/b] عبدالقيوم چنا پاٽ شريف لڳ ڳوٺ نيوڪلري ۾ خليفي حافظ محمد قاسم چنا جي گهر ۾ 13 نومبر 1910ع ۾ ڄائو، عبدالقيوم چنا جو والد صاحب ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو ۽ سندس پرورش وڏي ڀاءُ سعد الله چنا ڪئي، جيڪو انگريز سرڪار جي دور ۾ پوسٽ ماسٽر هو، عبدالقيوم بمبئي يونيورسٽي مان 1928ع ۾ ميٽرڪ ڪئي ۽ پوءِ روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي ويس، جتان ترقي ڪندو مختيارڪار جي عهدي تي پهتو، عبدالقيوم چنا پاٽ شريف مان استاد خان محمد چنا جي نياڻي امرالنساءَ سان شادي ڪئي، ان حوالي سان سندس تعلق پاٽ شريف سان جڙيل رهيو، عبدالقيوم چنا صاحب جون علمي ۽ فلاحي خدمتون وساري نٿيون سگهجن، هن محسوس ڪيو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي تعليم جو بندوبست ڪونهي، خاص ڪري پاڻ ڪوهستان واري علائقي ۾ اهڙي صورتحال ڏٺائين ۽ اتي ڪجهه سرنديءَ وارن ماڻهن کان مالي مدد وٺي ۽ باقي پنهنجي خرچ تي رضاڪاراڻه طور تي اسڪول کوليائين جتي اتان جي غريب ٻارڙن جي تعليم وارو عمل شروع ٿيو، ڳڙهي خيرو جمالي ۾ 1961ع ۾ قائم ٿيل سندس اڳتي هلي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، ٿر جي ننگرپار واري علائقي ۾ اتان جي نيڪ استاد موهن لال پاڪستاني سان گڏجي ڪيترائي اسڪول تعمير ڪرايائين، چنا صاحب اڪثر ڪري ٻاهرين ضلعن ۾ ڊيوٽي ڪئي ۽ موڪلن دوران پنهنجي فيملي سان جڏهن به پا ٽ شريف ايندو هو ته مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ وارن سان خوب ڪچهريون ڪندو هو، پاٽ واري بند هيٺان ڪچي واري علائقي م تترن جي شڪار لاءِ به ويندو هو، عبدالقيوم چنا صاحب جي اولاد ۾ هڪ پٽ مشتاق احمد پي آءِ اي ۾ فلائيٽ برسر هو، جيڪي پي آءِ اي جي تاريخ ۾ پهريون سنڌي فلائيٽ برسر هو، جنهن کي ڪجهه ڏوهارين 1974ع ۾ شهيد ڪري ڇڏيو. عبدالقيوم چنا جو وڏو پٽ رشيد احمد چنا مختيارڪار ٿي رٽائر ٿيو، ان کان علاوه سندس هڪ پٽ ڪامريڊ نظير احمد چنا به آهي جنهن ننڍي عمر ۾ ئي تمام گهڻي تعليم حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو، شاگردي واري دور ۾ شاگرد اڳواڻ به رهيو ته اڳتي هلي اديب، دانشور، وڪيل ۽ پي ٽي وي جو پروڊيوسر به رهيو، عبدالقيوم چنا صاحب جو هڪ ٻيو پٽ مختيار احمد چنا به پي آءِ اي ۾ آفيسر رهيو، جڏهن ته سندس ٻيو پٽ نثار احمد چنا ٽيچر آهي ۽ حامد علي چنا ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪري ٿو.
عبدالقيوم چنا صاحب ڪنڊياري، شڪارپور، سيوهڻ، ننگرپارڪر، سکر، ڏيپلي ۽ ڇاڇري ۾ مختيارڪار رهيو ۽ بٺوري ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ رهيو، چنا صاحب جي محنت ۽ قابليت تي سنڌ جون اهم شخصيتون سندس مداح رهيون، جنهن ۾ مير بنده علي ٽالپر، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، پير علي محمد شاهه راشدي، قاضي اسماعيل، اي ڪي بروهي، محمد اسماعيل نون، حبيب الله ميمڻ، محمد حسين ترڪ، مير غلام محمد ٽالپر، محمد صديق مسافر، ايڇ ايم خواجا ۽ مير عبدالرسول قاضي شامل هئا، عبدالقيوم چنا صاحب 1966ع ۾ سروس تان رٽائر ٿيو ۽ بلڊ ڪينسر جي بيماري سبب 20 مارچ 1967ع تي وفات ڪيائين، سندس آخري آرامگاهه ڪوٽڙي ۾ آهي.

[b]ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو/اڳوڻو ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري
[/b] ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو 1947ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ 1970ع ۾ يونيورسٽي آف پنجاب مان بي وي ايس سي ۽ بي ايس سي (A-H) جي ڊگري حاصل ڪيائين، 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪيائين، 1970ع کان 1973ع تائين وٽرنري اسسٽنٽ سرجن جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو، 1977ع تائين ڪيوريٽر، زولاجي گارڊن حيدرآباد جي عهدي تي فائض رهيو، ان کانپوءِ 1983ع تائين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ 1989ع تائين ڊزيز انويسٽيگيشن آفيسر رهيو، 1993ع تائين ”سينٽرل وٽرنري ڊائگنوسٽڪ“ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ ڊائريڪٽر ۽ ان بعد ڊائريڪٽر وٽنري سنڌ رهيو، پوءِ هن سنڌ جي اينيمل هسبنڊري کي تمعارف ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجون قلمي ڪوششون جاري رکيون، سندس ڪاوشن سان ڊيري فارمر ۽ ان ڪم ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ ”ڊيري گائيڊ“ نالي هڪ ڪتاب ڇپجي چڪو آهي، جيڪو هن ڊاڪٽر عابد ٿهيم ۽ ڊاڪٽر سعيديه سان گڏجي تيار ڪيو، ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو طبيعتن به هڪ لائق انسان آهي، پاڻ سنڌ جي ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ جو وسيلو بڻيو، پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به ڪيترن ئي سالن تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.

[b]سليم چنا/رٽائرڊ ڪسٽم آفيسر ۽ علمي ادبي شخصيت
[/b] سليم چنا ولد نجم الدين چنا جو بنيادي تعلق پاٽ شريف سان آهي، والد صاحب جي ملازمت سبب سندس جنم 17 سيپٽمبر 1956ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ پاٽ شريف ۾ سندن گهر اڄ به موجود آهي، سليم چنا ابتدائي تعليم کان وٺي گريجوئيشن حيدرآباد مان ڪئي، پاڻ 1973ع ۾ ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 1977ع ۾ انٽر ڪيائين ۽ سچل سرمست ڪاليج مان 1979ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ 2003ع ۾ ايم اي سنڌي ڪيائين، سليم چنا پڙهائي دوران مختلف ڪورس به ڪيا، جنهن ۾ ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، ليبارٽري اسسٽنٽ، ڊرائنگ، ٽائيپ رائيٽنگ، بيسڪ مارشل آرٽ، ايڪسائيز اينڊ سيلز ٽيڪس ڪورس ۽ PACC سميت ٻيا ڪورس شامل آهن، پاڻ ڪجهه وقت لاءِ اخبارن، رسالن ۽ بڪ اسٽالن تي پرائيويٽ نوڪري ڪيائين ۽ ان کان علاوه اسٽيٽ لائيف ۽ اسپتالن ۾ به خانگي ملازمت ڪيائين، پوءِ کيس 27 مئي 1984ع ۾ ايڪسائيز اينڊ ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽر واري پوسٽ ملي ۽ اڳتي هلي ڊپٽي سپريڊنٽ تي ترقي حاصل ڪيائين ۽ 16 سيپٽمبر 2016ع تي سپريڊنٽ ڪسٽم جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو، سليم چنا سياسي حوالي سان ڪيترن ئي وڏن ليڊرن سان گڏ رهيو ۽ پاڻ ”سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم“ سنتپت جي سرواڻي به ڪيائين، سليم چنا سموري زندگي جستجو ۾ گذاري آهي، هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي اتم يا اعليٰ نه سمجهيو، هن ڪسٽم جهڙي اهم اداري ۾ ملازمت دوران به انتها درجي جي سادگي اختيار ڪئي، ادبي دوستن سان گڏ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، هن لاءِ مشهور آهي ته پاڻ سڄي حيدرآباد ۾ پنڌ گهمندي ڦرندي نظر ايندو آهي، سليم چنا جي مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان به وابستگي رهي آهي، جنهن ۾ سماجي دنيا فلاحي تنظيم، عوامي ڪلچر سنگت، جوت ساهت سنگت ۽ ٻين جو بنيادي ميمبر ۽ عهديدار به رهيو آهي، پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جو تاحيات ميمبر به آهي ۽ انهن فلاحي تنظيمن ذريعي سليم صاحب انسانيت جي خدمت ڪري رهيو آهي، پاڻ ماڻهن ۾ سجاڳي ۽ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي گهٽين ۾ اسٽريٽ ٿيٽر ذريعي رول به پلي ڪيائين، جنهن ۾ حفيظ ڪنڀر جا لکيل ڊراما نديءَ جو نوحو، صفائي صحت آهي، ڏيو ووٽ مٽايو کوٽ ۾ سليم چنا اهم ڪردار ادا ڪيا، سليم چنا مختلف ادبي تنظيمن سان به وابسته رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي فورم حيدرآباد، ريڊيو بچايو ڪاميٽي، قليچ سنگت، سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد ۽ ٻيون شامل آهن. سليم چنا س -ا-س حيدرآباد شاخ جو ڪيترا دفعا سيڪريٽري به رهيو آهي سندس وڏي ۾ وڏو ادبي ڪم اهو رهيو آهي ته هن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم لائبريرين لاءِ ڪتاب گڏ ڪري انهن تائين پهچايا، سندس ئي ڪوشش سان سندس اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ سِگا شاخ پاٽ شريف پاران سندس نالي سان ”سليم چنا لائبريري“ قائم آهي، سليم چنا جو تعلق جيئن ته پڙهي لکي فيملي سان آهي، ان ئي اثر هيٺ هن 1965ع کان پرائمري پڙهڻ دوران ڪچا ڦڪا شعر لکڻ شروع ڪيا ۽ ان وقت ۾ پنهنجا لکيل شعر ۽ ڪهاڻيون شاگردن ۽ استادن کي ٻڌائيندو هو، سليم چنا 1969ع ۾ اردو، 1982ع ۾ انگريزي ۽ 1983ع ۾ پنجابي ۽ سرائڪي ۾ به شاعري ڪئي، سليم چنا هن وقت تائين 500 ڪهاڻيون لکي چڪو آهي، ان کان علاوه هن جا شاعريءَ، جيون ڪٿائن، ڪهاڻين ۽ ناولن سميت ٻين موضوعن تي 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سليم چنا ڪاروڪاري، آپگهات، تعليم جي تباهي جا ڪارڻ، جي عنوان تي خاص سروي ڪئي، پاڻ روزاني سنڌو ۽ عبرت اخبار لاءِ صحافتي خدمتون به سرانجام ڏنائين، ان کان علاوه سندس لکڻيون ڪاوش، عوامي آواز، خبرون، سوڀ، ڪوشش، شام، سنڌ ايڪسپريس ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون ۽ ان کان علاوه هالار، ادب، سنڌ رنگ، نئين زندگي، مارئي، سنڌ آئي ۽ سنڌ راڻي سميت ڪيترن ئي ٻين اردو ۽ انگريزي رسالن ۾ سندس شاعري، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٻيون لکڻيون ڇپجنديون رهيون آهن، سليم چنا جي ادبي خدمتن تي آل انڊيا ريڊيو حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٽي وي چينل پي ٽي وي، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ۽ آواز ٽي وي جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي، سليم چنا سان حيدرآباد، ڪراچي، پاٽ شريف ۽ ٻين شهرن ۾ رهاڻيون به رچايون ويون، ان کان علاوه کيس سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، سوز هالائي ايوارڊ، سنڌ راڻي ايوارڊ، وحيد مراد ايوارڊ، علامه آءِ آءِ قاضي ايوارڊ سميت ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليل اٿس، سليم چنا پنهنجي والد صاحب نجم الدين چنا، پنهنجي امڙ امداد خاتون ۽ پنهنجي نانا گل محمد چنا جي شخصيت مان متاثر ٿيو ۽ انهن جي بهترين پرورش سبب سليم چنا هڪ بهترين انسان بڻيو، سليم چنا پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم اقبال احمد چنا جي شفقت کي به نه وساري سگهيو آهي، هي پنهنجي ٻين ننڍن ڀائرن اياز احمد، محمد اسلم، محمد اعظم چنا ۽ ڀينرن نسرين اختر ۽ ياسمين اختر چنا لاءِ به ڇپر ڇانو آهي، سليم چنا جي شادي 24 آڪٽوبر 1988ع تي شڪيلا چنا سان ٿي، جيڪا پاٽ شريف جي رٽائرڊ استاد عبدالرحيم چنا جي نياڻي آهي، سنڌ ميوزم حيدرآباد جي پارڪ ۾ ٿيندڙ ان شادي ۾ سليم چنا جي ادبي، صحافتي، سماجي، نوڪري پيشه دوستن ۽ مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي، سليم چنا کي اولاد ۾ هڪ پٽ معظم علي ۽ ٽي نياڻيون عائشه، عليزه ۽ لاريب چنا آهن، سليم صاحب جي موجوده رهائش قاسم آباد حيدرآباد ۾ آهي.
سليم چنا جا لکيل ڪتاب
(1) سج منهنجي هٿن ۾ (2) آواره آواز
(3) گم ٿيل ماڻهو (4) سنڌوءَ ڪناري
(5) شينهن بنا ٻيلو (6) زندگي
(7) اڌورا خواب (8) کيت خوابن جهڙا
(9) اسين اڃا سوچيون ويٺا (10) خواب نگر
(11) روشني (12) سحر
(13) نيڻ نهار (14) ڏاها منهنجي ڏيهه جا
(15) ڌرتي، درياءَ ، سمنڊ (16) صحرا جو چنڊ
(17) برسات (18) قيدي پکي
(19) آسماني ستارو (20) ڏينهن ڏٺي ڏيئو
(21) سٽ سٽ ڪهاڻي سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي
(22) هڪ هڪ سٽيون هڪ سئو ڪهاڻيون
(23) ق-م ۾ زرتشت، مذهب، دارا اول، سائرس تي زوري مڙهيو هو
(24) اڄ جو آواز
(25) انمول هيرا (26) سونهان منهنجي سنڌ جا
(27) گهٽيون گهاوَ ڏين پيون (28) To YoU انگريزي

[b]استاد عزيز الله سومرو/ نامور پينٽر
[/b] استاد عزيز الله سومرو ولد اڱڻ خان سومرو، 25 مارچ 1936ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، سندس سڃاڻپ پاٽ شريف جي اهم شخصيتن ۾ ٿئي ٿي، پاڻ ننڍپڻ کان ئي رنگن سان پيار ڪندڙ هو ۽ سن 1955ع ۾ پاڻ باقاعده طور تي آرٽ جي دنيا ۾ قدم رکيائين ۽ محمد وريل سومري کان ڊرائنگ سکڻ جي تربيت ورتائين، ان کان پوءِ ٺٽي ضلعي ۾ استادي پيشي طور سندس مقرري ٿي ۽ پاڻ مختلف ضلعن ۾ ڊيوٽي دوران اسڪولي شاگردن کي ڊرائنگ به سيکاريندو رهيو، 1967ع ۾ حيدرآباد جي پينٽنگ واري نمائش ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ سائين عزيز الله پنهنجي ثقافت ۽ ڪلچر کي پنهنجي فنپارن ذريعي روشناس ڪرائيندو رهيو، سندس پينٽنگ واري هنر کي خاص پذيرائي مليل هئي، هن 1983ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي اوطاق تي هڪ آرٽ گيلري قائم ڪئي، جنهن ۾ پينٽنگ جا سمورا رنگ ۽ عڪس ڏسڻ وٽان هوندا هئا، ڀٽائي سائين جي شاعريءَ تي خوبصورت خطاطي ۽ تصويرون ڌيان جو مرڪز هيون، ان کان علاوه سندس ذاتي تصويرن، فلمي ستارن، پکين، جانورن ۽ دنيا جي اهم ليڊرن جون ٺاهيل تصويرون به هتي موجود رهيون، ڳوٺ ۽ آس پاس جا زميندار ۽ ٻيا ماڻهو به هن کان پنهنجون تصويرون ٺهرائيندا هئا، 1997ع کان سائين عزيز الله دادو شگرمل جي اسڪول ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پاڻ 10 مئي 2013ع تي وفات ڪيائين، سندس ڪيل خدمتن کي هميشه ياد ڪيو ويندو، پاڻ پنهنجي حياتي ۾ ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا ڏيندي هي ڊرائنگ وارو فن انهن ڏانهن منتقل ڪيائين، سندس ٻه فرزند حبيب عزيز ۽ نجيب عزيز سومرو پنهنجي والد صاحب جي فن کي زنده رکيون پيا اچن ۽ پنهنجي والد صاحب جي پينٽنگ وارين تصويرن کي ساهه ۾ سانڍيو انهن جي حفاظت ڪندا رهن ٿا، سائين عزيز الله سومري جي ٻين شاگردن ۾ محمد اڪرم سومرو، محمد اعظم سومرو، سليم رضا سومرو، محمد علي لانگاهه، سيد واجد علي شاهه، محمد حسن چنا، غلام رسول چنا، خان چانڊيو ۽ غلام نبي چنا شامل آهن.

[b]خانصاحب علي بخش چنا ڪليڪٽر
[/b] خانصاحب علي بخش چنا پاٽ شريف لڳ ڳوٺ نيوڪلري ۾ پيدا ٿيو، پاٽائي چنن سان رشتيداري سبب پاٽ شريف ۾ ئي عاليشان بنگلو ٺهرائي رهائش پذير ٿيو، هي انگريز سرڪار جي دور ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو، پاڻ هڪ رعبدار آفيسر به هو ته خداترس انسان به هو، سڄي عمر ڪنهن سان بي واجبي نه ڪيائين، صوفي خيال جو ماڻهو هو ۽ شاهه لطيف جو معتقد هوندو هو، سندس شمار وڏن زميندارن ۾ ٿيندو هو، ڇو ته کيس ٽي هزار ايڪڙ زمين هوندي هئي، جيڪا پاٽ شريف، ڪي اين شاهه لڳ ڳوٺ کبڙياڙي ۽ ٻورڙيءَ ۾ سڄي زرخيز ۽ آباد هئي، خانصاحب علي بخش پنهنجي زمينن تي به عظيم عاليشان بنگلا ٺهرايا هئا، هو جڏهن به ٻورڙي يا کبڙياڙي واري زمين گهمڻ ويندو هو ته رهائش پنهنجي بنگلن تي ڪندو هو، خانصاحب علي بخش ڪراچي، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي ڪليڪٽر جي عهدي تي به پهتو، مختلف شهرن ۾ پوسٽنگ دوران سندس فلاحي ڪم به جاري رهيا، هو ڪيترن ئي مسڪينن جي مدد پنهنجي کيسي مان ڪندو هو، سندس اولاد ۾ پروفيسر امينا خميساڻي، جسٽس ايڊ اي چنا، صلاح الدين چنا، عبدالحميد چنا، سيف الدين چنا ۽ مظفر چنا شامل آهن ، خانصاحب علي بخش چنا 1945ع ۾ سکر مان ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو ۽ کيس وري ڪجهه وقت لاءِ سکر ميونسپل جو ايڊمنسٽريٽر ڪيو ويو هو، خانصاحب علي بخش چنا جي نامور سياستدان حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد سان تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي، چنا صاحب 1954ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه ميوا شاهه قبرستان ڪراچي ۾ آهي.

[b]سرائي جعفر خان برهماڻي/ نيڪ مرد
[/b] سرائي جعفر خان ولد گلڻ خان برهماڻي جو تعلق به پاٽ شريف سان رهيو، هن جي وڏڙن جو تعلق ڪاڇي سان هو ۽ پاڻ ننڍپڻ کان ئي تمام ادب ۽ اخلاق وارو هو ۽ وڏو ٿي پنهنجي ڪاڇي واري زمين سنڀاليائين ۽ پاٽ شريف ۾ 200 جي لڳ ڀڳ سندس اٺن ۽ ڏاچين جو وڳ هوندو هو، هي انتهائي نيڪ ۽ امن پسند انسان هو، پنهنجي وقت جو زميندار هوندي به هن ۾ ڪابه وڏائي نه هئي، پنهنجي برهماڻي قوم ۽ پاٽ شريف جي زميندارن وٽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ سرائي وسڻ خان پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سنڀالي سندس نالي سان جوهي تعلقي ۾ ”ڪيٽي وسڻ برهماڻي“ آهي، جيڪا زمين 600 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ آباد آهي ۽ ان جي وفات کانپوءِ سندس پٽ سرائي الهڏتو ولد وسڻ خان برهماڻي پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي سنڀاليو ۽ پاٽ شريف ۾ رهندي هن پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري، سرائي الهڏتو انتهائي سادگي پسند انسان هو، کيس چئن پٽن جو اولاد آهي، جنهن ۾ سرائي گل محمد، سرائي جعفر خان، سرائي نور محمد ۽ سرائي محمد بخش برهماڻي شامل آهن، هنن ۾ ڪامريڊ نور محمد برهماڻي سياسي ۽ سماجي شخصيت آهي، پاڻ پنهنجي برادري جي ننڍن وڏن مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات پتوڙي ٿو، پيپلزپارٽيءَ جي پراڻن جيالن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو، پاڻ ڪجهه وقت لاءِ صحافت جي پيشي سان وابسته رهيو.

[b]محمد اسماعيل ميمڻ/هوائي سائيڪل جي ايجاد جو باني
[/b] جڏهن کان ڪائنات وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان انسان به پنهنجي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندي ۽ جدوجهد جو سفر جاري رکندي نظر آيو آهي ۽ پوءِ انسان پنهنجي عقل ۽ ڏات سان ڪيتريون ئي حيرت انگيز شيون ايجاد ڪيون آهن، دور جديد ۾ پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ محمد اسماعيل ميمڻ به هوا ۾ اڏامندڙ هوائي سائيڪل جي ايجاد ڪرڻ ۾ رڌل آهي، محمد اسماعيل ميمڻ 6 جون 1956ع تي پاٽ شريف ۾ پرائمري استاد عبدالخالق ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، هي ننڍپڻ کان ئي تعليم سان گڏ مڪينيڪل لائين ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو، تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کيس پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ملي وئي، هوائي سائيڪل جي ايجاد بابت هو ٻڌائي ٿو ته بچپن کان ئي رات جو ننڊ ۾ ڏسندو هيس ته مون وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن کي هلائي هوا ۾ اڏامندو هئس ۽ پوءِ 1998ع کان حقيقت ۾ ۽ عملي طور تي هوائي سائيڪل ٺاهڻ جو تجربو شروع ڪيم ۽ اول ڪاغذ تي نقشا ۽ خاڪا تيار ڪري ڪجهه مهينن کانپوءِ هڪ ماڊل تيار ڪيم، هن سائنسي تخليق لاءِ آئون هوا ۾ اڏامندڙ پکين کي غور سان مشاهدو ڪندي ڏسندو هئس ۽ تنهائي ۾ غور فڪر، عبادت، رياضت ۽ روحاني مشقن کي به جاري رکندو هئس ۽ پوءِ هوائي سائيڪل جي تجرباتي مرحلن کي جاري رکندي ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ٿي، هي ٻڌائي ٿو ته هيءَ هوائي سائيڪل بغير ڪنهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي هوا ۾ پرواز ڪندي، هيءَ ڪنهن به شيءِ جو نقل نه آهي، هن کي نئون مڪينزم ان ڪري چئجي ٿو جو هن کي هلائڻ لاءِ ٽنگن جي مدد سان لڳل ليور حرڪت ۾ اچن ٿا، هيءَ سادي ۽ هلڪي سامان مان تيار ٿئي ٿي ۽ هن هوائي سائيڪل جي قيمت به ايتري مهانگي نه هوندي، هوائي سائيڪل ايجاد ڪندڙ محمد اسماعيل ميميڻ جا ڪيترائي انٽرويو ڇپجي چڪا آهن، ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد سميت ڪيترن ئي سنڌي چينلن تي به سندس ايجاد ڪيل هوائي سائيڪل بابت خاص ڊاڪيومينٽريز هلي چڪيون آهن، هي مختلف شهرن ۾ هوائي سائيڪل جي نمائش ڪري چڪو آهي، کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان به نوازيو ويو آهي، محمد اسماعيل ميمڻ پراميد آهي ته انشاءَالله هڪ ڏينهن هن کي ڪاميابي عطا ضرور ٿيندي ۽ هيءَ هوائي سائيڪل عام شهرين لاءِ استعمال ۽ سهولت جو ڪارڻ بڻبي.

[b]مخدوم سڪندر احمد صديقي قريشي/علمي ادبي شخصيت
[/b] مخدوم سڪندر احمد ولد ممتاز احمد صديقي قريشي تاريخ 13 جون 1960ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائين ۽ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان 1975ع تي ميٽرڪ پاس ڪيائين، 1978ع ۾ انٽر ڪرڻ کانپوءِ بي اي ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي ڪيائين، کيس 1985ع ۾ محمد خان جوڻيجوواري دور ۾ رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ فوڊ انسپيڪٽر واري نوڪري ملي، مخدوم سڪندر احمد جو تعلق به انهن پاٽائي بزرگن جي خاندان سان آهي، جن جو علمي ۽ روحاني فيض هنڌ سنڌ ۾ مشهور هو، مخدوم سڪندر احمد صديقي جو علم ادب سان به ڪافي لڳاءُ آهي، پاڻ سٺو شاعر به آهي ۽ اڪثر ڪري مختلف صنفن تي لکندو رهي ٿو، سندس گهر ۾ مطالعي لاءِ لائبريري به آهي، پاڻ تاريخ جي سٺي ڄاڻ رکندڙ آهي ۽ سندس پاٽ شريف واري رهائشگاهه ”بابِ غوثيه سهرورديه“ تي اڪثر ڪري عالمن، اديبن ۽ باشعور ماڻهن جون روحاني محفلون ۽ ادبي ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون، مخدوم صاحب جي لاڙڪاڻي ۾ به رهائش آهي ۽ پنهنجي وڏڙن تي حاضري ڀرڻ ۽ ڳوٺ وارن سان ڪچهري ۽ ڏک سور معلوم ڪرڻ لاءِ سندس پاٽ شريف اچڻ ٿيندو رهي ٿو. خانداني زمينن جي سار سنڀال سان گڏ سماجي خدمتن کي ترجيح ڏئي ٿو، کين سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جي بنيادي ميمبر شپ به حاصل آهي.

[b]نصير ميمڻ/دانشور، تجزيه نگار
رائيٽر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ايس پي او[/b]
نصير احمد ميمڻ 5 آگسٽ 1970ع تي پاٽ شريف جي ميمڻ محلا ۾ جنم ورتو، سندس والد صاحب محمد بخش ميمڻ پرائمري اسڪول پاٽ شريف جو هيڊماستر ۽ هڪ مڃيل ۽ قابل استاد هو، نصير ميمڻ پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکي ٿو، کيس پنهنجي والدين ۽ وڏن ڀائرن عبدالرشيد، بشير احمد، غلام شبير، مقبول احمد، آفتاب احمد ميمڻ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين جي بهتر تربيت ۽ پرورش حاصل رهي، پاڻ ابتدائي تعليم مين پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان حاصل ڪيائين ۽ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ ڪرڻ بعد مسلم ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊئيٽ جو امتحان پاس ڪري مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ورتائين، جتان سول انجينئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪيائين ۽ ان کانپوءِ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار مقر ٿيو ۽ ڪجهه عرصي بعد کيس پروموشن ڏئي ساڳيءَ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو، ان بعد پاڻ خيرپورميرس ضلعي ۾ هڪ پروجيڪٽ ليڊ پاڪستان ۾ به ڪم ڪيائين، نصير ميمڻ 1987ع کان ادبي ۽ صحافتي سفر جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترن ئي سنڌي، اردو، انگريزي رسالن ۽ اخبارن ۾ “نصير سارنگ“ جي نالي سان لکندو رهيو، نصير ميمڻ سياسي ۽ سماجي مسئلن تي تمام گهڻو لکيو آهي، سندس لکيل مضمون، مقالا ۽ ڪالم ماڻهو دلچسپي سان پڙهن ٿا، هن وقت ڪاوش جو ريگيولر لکندڙ آهي، ان کان علاوه ڪيترن ئي ٽي وي چينلن تي سندس تجزيا ۽ تبصرا نشر ٿيندا رهن ٿا، جن ۾ سنڌ جي سياست، معاشي حالت، قدرتي وسيلن ۽ ٻين اشوز کي فوڪس ڪندو رهي ٿو ۽ انهن ئي موضوعن تي سندس ڪيترائي ڪتاب به لکيل آهن، هن وقت پاڻ (SPO)، “STRENGTHENING, PARTICIPATORY, ORGNAIZATION” جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي ۽ سندس موجوده رهائش اسلام آباد ۾ آهي، نصير صاحب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي، ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن ۾ ليڪچر به ڏيندو رهي ٿو، پاڻ “LUCN” جو ميمبر به آهي.

نصير ميمڻ جا لکيل ڪتاب
نئين سنڌ جي ڳولا
سنڌ جي ترقي، رنڊڪون ۽ رستا
سنڌ ۽ ايڪيهين صديءَ جون تقاضائون
سنڌ جو آئيندو، اميدون ۽ انديشا
نئون دور نئين سنڌ
سنڌ سوچون ۽ سوال
پاڪستان ۾ موسمي ڦير گهير ۽ قدرتي آفتون
ذوالفقار آباد هڪ تڪراري رٿا
بدلجندڙ دور ۽ سنڌ
سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ترقيءَ جي واٽ
سنڌ ڪيس
سنڌ آئيندي جو اتساهه
سنڌ جي تيل ۽ گيس جي وسيلن جي ڦرلٽ
ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جو مستقبل
سنڌ ڪي ترقي خواب سي حقيقت ڪا سفر
سنڌ کي پسماندگي حقائق و اسباب
جنوبي ايشيا ۾ قدرتي آفات
OIL AND GAS RESOURSES AND RIGHTS OF PAKISTAN
MALEVOLENT FLOODS OF PAKISTAN
CLIMATE CHANGE AND NATURAL DISASTERS IN PAKISTAN
DISCRIMINATORY DEVELOPMENT PARADIGM OF PAKISTAN
BEYOND ASSISTANCE AN INTERVIEW WITH NASEER MEMON

[b]محمد اعظم ميمڻ/سماج سڌارڪ
[/b] محمد اعظم ولد محمد حسن ميمڻ تاريخ پهرين اپريل 1977ع تي ميمڻ محلا پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان مڊل تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ دادو ۾ داخلا ورتائين، جتان 1992ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول سيتاروڊ مان 1994ع تي انٽر ڪيائين، 1997ع ۾ بي اي ۽ سال 2000ع ۾ ايم اي ۽ 2001ع ۾ بي ايڊ جي ڊگري حاصل ڪيائين، محمد اعظم زندگيءَ جي ڪيترن ئي شعبن سان وابسته رهيو آهي، پنهنجي آئيڊيل شخصيت نصير ميمڻ صاحب کان متاثر ٿي پاڻ علمي، ادبي، صحافتي ۽ سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪو آهي، پاڻ اٺين ڪلاس ۾ پڙهائي دوران لطيف سنگت ضلعي دادو جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ ان وقت 1990ع ۾ لطيف سنگت جي پليٽ فارم تان ڀٽ شاهه ۾ ٻالڪ ميلو لڳايو ويو هو ۽ هن اتي تقريري مقابلي ۾ سنڌ ۾ سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيائين.
محمد اعظم ميمڻ ڪرڪيٽ جو به بهترين رانديگر رهيو آهي، پاڻ مرڪ ڪرڪيٽ ڪلب پاٽ شريف جو عهديدار به رهيو آهي، ان ئي فورم تان ڊسٽرڪٽ دادو ليول تي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ ”استاد محمد بخش عباسي“ جي نالي سان والي بال ٽورنامينٽ به ڪرائي وئي، سن 1994ع تائين نصير ميمڻ جي تربيت هيٺ رهندي محمد اعظم ادب ڏانهن به لاڙو ڪيو ۽ شاهه لطيف لائبريري پاٽ شريف ۾ ڪتابن جي مطالعي دوران کيس به لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ پاڻ شاعري ذريعي ٻاراڻي ادب لاءِ چوسٽا لکيائين ۽ ان کان علاوه ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيائين، جيڪي ان وقت پرڀات ۽ لاٽ رسالي ۾ شايع ٿيا. محمد اعظم مختلف اخبارن ۾ صحافت جي شروعات به ڪئي ۽ 1996ع ۾ کيس دادو شگرمل پيارو ڳوٺ جي ڪين اڪائونٽ برانچ ۾ ڊيلي ويجز تي ڪلارڪي ملي ۽ ان کانپوءِ 2002ع ۾ کيس ورڪرز ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ گورنمينٽ جاب ملي پر اين جي اوز سيڪٽر ۾ دلچسپي سبب 2005ع ۾ ”ليڊ پاڪستان“ ۾ بطور سوشل موبلائيزر جوائن ڪيائين ۽ سندس پوسٽنگ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿي ۽ ان کانپوءِ ”هينڊس“ ۽ ٻين پراجيڪٽن ۾ ڪم ڪيائين ۽ 2009ع کان هن وقت تائين NCHD ۾ لٽريسي ڪوآرڊينيٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، محمد اعظم ميمڻ 5 مارچ 2000ع ۾ شادي ڪئي ۽ رب تعاليٰ کيس اولاد ۾ 3 پٽ ۽ 2 نياڻين جو اولاد عطا ڪيو آهي، جنهن ۾ سنجها عرف مرڪ، محمد ثاقب عرف سونو، محمد عاقب، محمد معظم ۽ ننڍڙي ماهين شامل آهي، محمد اعظم هميشه پنهنجي دردن کي لڪائي ٻين کي خوش رکڻ وارو انسان آهي، هن پنهنجي زندگي انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ ارپي ڇڏي آهي، کيس مڃتا طور 1999ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پاٽ شريف پاران علامه آءِ آءِ قاضي ايوارڊ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز پاران سال 2014ع ۾ بيسٽ ورڪر جو ايوارڊ ملي چڪو آهي، پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جي بانيڪارن مان آهي، سندس ئي ڪوششن سان 1999ع کان هي برانچ قائم ٿي، جنهن ۾ ٽن سالن لاءِ پاڻ جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ 2012ع کان مسلسل هن برانچ جو صدر چونڊيو ويو، سماجي ڪمن جي حوالي سان هو پنهنجي ويجهي عزيز امتياز علي ميمڻ سيتائي کي پنهنجو محسن سمجهي ٿو، جنهن کيس عام ماڻهن جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ سٺيون صلاحون ۽ مشورا ڏنا.

[b]ارشد لطيف چنا/علمي ادبي شخصيت
[/b] ارشد لطيف چنا 18 ڊسمبر 1976ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، سندس مڪمل نالو ارشد حسين ولد عبداللطيف چنا آهي، هن پرائمري تعليم قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان ۽ سال 1986ع تي علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1995ع ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪئي ۽ 1995ع ۾ بي اي، ان کانپوءِ حيدرآباد جي هڪ انسٽيٽيوٽ مان سال 2000ع ۾ نرسنگ ڪورس ۾ ڊپلوما ڪيائين ۽ 2004ع کان کيس پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسلام آباد جي هاسپيٽل ۾ نوڪري ملي وئي، ارشد لطيف کي مطالعي سان تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ سندس ذاتي لائبريري ۾ 2 هزار جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن، پاڻ ادب سان چاهه رکندي هن وقت تائين ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم، انٽرويوز ۽ مقالا لکي چڪو آهي، سندس اهو مواد ماهوار ادب، نئين زندگي، ويڄ، مهراڻ، عبرت، جنگ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندو رهيو آهي، ان کان علاوه پاڻ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف تي به ڪتاب لکي رهيو آهي، ارشد لطيف کي لکڻ پڙهڻ وارو ماحول سندس گهر ۾ ئي مليو، سندس والد صاحب رٽائرHST استاد آهي، استاد عبداللطيف چنا جو شمار بيسٽ ٽيچرن ۾ ٿئي ٿو، ان جي بهتر تربيت سبب ارشد لطيف هڪ سٺو رائيٽر بنجي چڪو آهي.

[b]خليل الله ميمڻ/علمي ادبي ۽ سماجي شخصيت
[/b] خليل الله ميمڻ پهرين نومبر 1977ع تي پاٽ شريف ۾ پرائمري استاد الهه بخش ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ علم ادب جي حوالي سان خليل ميمڻ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ابتدائي تعليم قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان حاصل ڪيائين، سال 1993ع ۾ ميٽرڪ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان، انٽر دادو ڊگري ڪاليج مان 1996ع ۾ پاس ڪيائين ۽ بي اي 1998ع ۾ ۽ ايم اي 2001ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، خليل ميمڻ کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي هئي ۽ وڌيڪ نامور ليکڪ نصير ميمڻ جي شخصيت مان گهڻو متاثر ٿي ادبي دنيا ڏانهن وک وڌايائين، سندس شاگرديءَ واري دور ۾ نصير ميمڻ پاٽ شريف ۾ ”لطيف سنگت“ جو بنياد وڌو ۽ شاگردن جي ميمبر شپ ڪري انهن لاءِ هڪ لائبريري به قائم ڪئي، نصير صاحب جي اها ڪوشش هئي ته اسڪولي ٽائيم کانپوءِ ڪوبه ٻار فالتو نه رلي ۽ لائبريريءَ ۾ ويهي ڪتاب پڙهي، اهڙي ئي ماحول ملڻ سان خليل ميمڻ به ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو ۽ لطيف سنگت جي گڏجاڻين ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو، خليل ميمڻ ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ مخدوم ضياءُالحق صديقي سان گڏجي صحافت جو آغاز ڪيو، جنهن ۾ عوامي آواز، روزاني سنڌ سجاڳ، آفتاب ۽ هفتيوار رفتار اخبار ۾ بحيثيت رپورٽر طور ڪم شروع ڪيو، پاڻ 1998ع ۾ قائم ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو پهريون خزانچي به ٿيو، فداڪلرائي ۽ گلزار ڪلهوڙو سان ويجهڙائپ سبب ادبي سنگت ۾ گهڻو سرگرم رهيو، پاڻ شاعريءَ کان علاوه ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا اٿس، کيس 2001ع ۾ پوليس ڪانسٽيبل طور ريلوي کاتي ۾ ملازمت ملي ۽ ڪافي سال اها نوڪري ڪندو رهيو پر ادبي دنيا سان تعلق رکندڙ خليل پنهنجي محنت جاري رکي ۽ ڪميشن ذريعي سنڌي ليڪچرار مقرر ٿي ويو ۽ هن وقت ڪوٽڙي ڊگري ڪاليج ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ تعليم کي جاري رکندي گل ڦل رسالي جي ڪهاڻين تي ايم فل ڪري رهيو آهي، پاڻ سپلا تنظيم جو سرگرم ڪارڪن به آهي.

[b]فدا حسين ميمڻ/ سماج سڌارڪ ۽ ايگريڪلچر آفيسر
[/b] فدا حسين ميمڻ ولد محمد رجب ميمڻ 15 آگسٽ 1963ع تي ميمڻ محلا پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري کان ميٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ انٽر ڪرڻ بعد ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتائين، بي ايس سي ۽ ايم ايس سي ايگريڪلچر آنرز فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين ۽ ان کانپوءِ کيس ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ملي ۽ هن وقت تائين سينيئر گزيٽيڊ آفيسر آهي، فدا حسين ميمڻ شاگردي واري دور کان ئي سوشل ورڪر رهيو ۽ ڳوٺ جي ڪيترن ئي فلاحي ڪمن ۾ اڳواڻي ڪندي سرگرم رهيو، پاٽ شريف ۾ جڏهن بدامني چوٽ چڙهي وئي ته پاڻ ڳوٺ کان دادو شفٽ ٿيو ۽ اتي به هڪ سماجي تنظيم ”ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن“ پير بخش ڪالوني دادو جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ۽ اتان جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪيائين ۽ انهن سماجي ڪمن ۾ سندس ننڍو ڀاءُ امداد حسين ميمڻ ايڊووڪيٽ به شامل رهيو آهي.

[b]شبيرڻ پاٽائي/علمي ادبي شخصيت
[/b] شبير احمد ولد الهداد خان چانڊيو 19 مئي 1962ع تي ڳوٺ بهرام خان چانڊيو لڳ پاٽ شريف ۾ ڄائو، پنهنجي ڳوٺ کان شفٽ ٿي پاٽ شريف ۾ رهڻ دوران هن تي به پاٽ شريف جي مٽيءَ جو اثر ٿيو ۽ ادبي ميدان ڏانهن لاڙو ٿيس، پيشي جي لحاظ کان پاڻ پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل آهي، 1984ع کان وٺي لکڻ شروع ڪيائين، ناميارو شاعر شمس الدين شمسي شاعري ۾ سندس استاد هو، جنهن کيس شاعريءَ جي بحر وزن بابت رهنمائي ڪئي، شبير احمد چانڊئي جو شاعريءَ ۾ پهرين تخلص مسڪين پاٽائي هو، ان بعد شبيرڻ پاٽائي جي نالي سان لکندو رهي ٿو، سندس قلم ۾ ڏاڍي پختگي آهي ۽ شاعريءَ پڙهڻ جو انداز به ڏاڍو ڀلو اٿس، شبيرڻ شاعريءَ کان علاوه ڪهاڻيون به لکيون آهن، سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي ۽ مشهور فنڪارن خادم حسين سولنگي، استاد محمد رمضان سولنگي، سڪندر علي ملاح، سيد فدا حسين شاهه، شفيع محمد سرمستاني ۽ علي محمد بلوچ سندس شاعري ڳائي آهي، شبيرڻ پاٽائي سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر آهي، لاڙڪاڻي، موري ۽ دادو ضلعي جي ڪيترن ئي ادبي سرگرمين ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي، ڪيترن ئي ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد به ترتيب ڏنل اٿس.

[b]ايم بچل ڪلهوڙو/آرٽسٽ، رائيٽر ۽ سماجي ڪارڪن
[/b] محمد بچل ڪلهوڙو ولد پير بخش ڪلهوڙو 7 جنوري 1984ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ 1999ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ ڪيائين، ان کانپوءِ دادو ڊگري ڪاليج مان 2001ع ۾ انٽر ۽ 2006ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي ڪيائين، هن نوجوان جي سڃاڻپ هڪ اداڪار، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر طور آهي، کيس فني ۽ ادبي ماحول پنهنجي وڏي ڀاءُ گلزار ڪلهوڙي پاٽائي کان مليو، پاڻ 1997ع ۾ پهريون اسٽيج ڊرامو ڪيائين ”وطن يا ڪفن“ جنهن ۾ کيس هيرو جو رول مليو، ڏسندڙن طرفان پذيرائي ملڻ سبب هن ۾ وڌيڪ شوق جاڳيو ۽ سنڌ جي بهترين نامور اسٽيج آرٽسٽن دادا غني سولنگي، استاد انور شاد ۽ سيد آصف شاهه کان اداڪاري جي باقاعده رهنمائي حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ هدايتڪار ايم اڪرم سومري کيس پنهنجي ڪيترن ئي اسٽيج ناٽڪن ۾ ڪاسٽ ڪيو، ايم بچل ڪلهوڙو جي ڪيترين ئي آرٽ ڪلبن سان وابستگي رهي ۽ هن پنهنجي سرپرستيءَ ۾ ”ناز اسٽار آرٽ ڪلب“ به قائم ڪئي، جنهن جي طرفان ڪيترائي اسٽيج پلي ۽ ٻه وڊيو ٽيلي فلمون به تيار ڪيون، پاڻ مختلف نوجوانن کي هن فيلڊ ۾ متعارف ڪرائي چڪو آهي ۽ هن خود به ڪيترن ئي اسٽيج ناٽڪن ۾ مختلف رول ڪيا آهن، سندس يادگار ڊرامن ۾ وطن يا ڪفن، زهر زندگي، اٽي تي چٽي، کوڙيءَ کي گهمري، وڇوڙو ۽ ٻيا شامل آهن، ايم بچل ڪلهوڙي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به لکيون آهن ۽ مختلف صنفن تي شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي اٿس، ڪمپيئرنگ ڪرڻ ۽ مطالعي سان به لڳاءُ اٿس، ان کان علاوه هي سگا پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر به آهي، فلاحي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو، پيشي جي لحاظ کان پاڻ کي هڪ خانگي اداري ۾ نوڪري اٿس، سندس صلاحيتن تي کيس ڪيترائي مڃتا ايوارڊ به مليل آهن.

[b]اسلم پاٽائي/بهترين شاعر ۽ ساس اڳواڻ
[/b] محمد اسلم ولد محمد اسماعيل ملاح 23 مارچ 1986ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، سندس ادبي نالو اسلم پاٽائي آهي، پاڻ مڊل تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو، هي هڪ پورهيت ماڻهو آهي، کيس ادب سان به چاهه آهي، پاڻ سنڌ جي مشهور شاعر استاد پيرل پرديسي سيتائيءَ کان شاعري جي سکيا ورتائين ۽ شاعري جي فني مهارتن کان واقف ٿيو، اسلم پاٽائيءَ شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، سندس تخليقون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون، اسلم نه صرف ادب ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي پر ڳوٺ جي سماجي تنظيمن سان گڏ هٿ ونڊائيندو آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

[b]رئيس انورالدين انصاري/سماج سڌارڪ
[/b] پاٽ شريف ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجو ڪردار يادگار بنائي ويا، سماجي ڪمن جي حوالي سان رئيس انورالدين انصاري جو نالو کڻبو ته هو هڪ مڪمل انسانذات جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد شخص هو، رب تعاليٰ هن شخص کي جيڏو قد بت ۽ سهڻي سيرت ڏني هئي ۽ اوترو ئي پاڻ شاهوڪار به هو پر سندس طبيعت عام وڏيرن ۽ رئيسن وانگر نه هئي، هو هر وقت ٻين جي ڀلائي لاءِ سوچيندو هو، هو جڏهن پيرسن به ٿي ويو ۽ ڪو غريب ڪنهن ڪم يا مسئلي لاءِ هن وٽ آيو ته پاڻ گرمي سردي کي نه ڏسندو هو ۽ ان پريشان ٿيندڙ ماڻهوءَ سان گڏجي نڪري پوندو هو، اهڙي سخي مرد ۽ سماج سڌارڪ انسان رئيس انورالدين انصاري کي تاريخ ۾ سٺن لفظن سان ياد ڪيو ويندو، مرحوم رئيس انورالدين انصاري سن 1980ع ۾ وفات ڪري ويو.

[b]فهد حسين جوڻيجو، بينڪر ۽ سماجي شخصيت
[/b] فهد حسين ولد مزاج حسين جوڻيجو 14 اپريل 1983ع تي پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ ڄائو، پرائمري تعليم ۽ ميٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد پاس ڪيائين، انٽر 2001ع ۾ قاسم آباد ڪاليج مان ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 2005ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين، فهد حسين پڙهائي دوران ”سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ اسٽوڊنٽ فورم“ جوڙيو جنهن جي ذريعي ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، جنهن ۾ ٻارڙن جي جبري پورهئي خلاف آواز اٿارڻ، زلزلي متاثرن جي سهائتا سميت غريبن ۽ مسڪينن جي مدد شامل آهي، پنهنجي والد صاحب مزاج حسين جوڻيجو کي پنهنجي آئيڊيل شخصيت قرار ڏيندڙ فهد حسين ۾ انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ جذبو موجود آهي، گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ 2005ع ۾ ئي کيس ايم سي بي ۾ نوڪري ملي وئي پر پنهنجي اهليت ۽ قابليت جي آڌار تي کيس 2008ع ۾ متحده عرب الاماارات جي رياست دبئي جي قومي بينڪ “بينڪ الامارات دبئي حب الوطني” ۾ سروس ملي، جتي هن وقت سينيئر پرسنل بينڪر ايڊوائيزر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، دبئي ۾ رهڻ دوران هن پنهنجي ڳوٺ کي به نه وساريو ۽ سوشل ميڊيا تي 2011ع کان پنهنجي ڀاءُ راشد حسين جوڻيجو سان گڏجي هڪ گروپ ٺاهيو جنهن جو نالو هو Village Pat Sharif dadu جنهن جي ذريعي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف جي تاريخي حيثيت دنيا تائين متعارف ڪرايائين، فهد حسين جي اهڙي قدم کانپوءِ پنهنجا ڳوٺائي کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، فهد حسين جوڻيجي سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي پٽ جو ڪردار ادا ڪندي دبئي ۾ پنهنجي ڪجهه دوستن ڊاڪٽر قادر سرڪي، ڊاڪٽر سليم شيخ، سارنگ سنڌي ۽ سيف الله لوهار جي سربراهي ۾ مهراڻ ڪلچرل گروپ قائم ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي ڪيترائي ثقافتي پروگرام ڪرائي سنڌي ڀائرن کي گڏ ڪيو آهي ۽ سنڌي فيمليون وڏي انگ ۾ اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪن ٿيون.مهراڻ ڪلچرل گروپ دبئي طرفان نه صرف ثقافتي پروگرام ڪرايا وڃن ٿا پر هن ئي گروپ طرفان سماجي خدمتن جو سلسلو به جاري آهي، هن فورم جي سمورن ساٿين طرفان 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي پئماني تي مدد ڪئي وئي، مطلب ته فهد حسين جوڻيجو ڪيترين ئي عبادتن کان وڌيڪ افضل انسانيت جي خدمت کي سمجهي ٿو، ”اڃا ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي“ ڀٽائي سائين جي انهن سٽن تي عمل پيرا رهندي ۽ طبيعتن صوفياڻو مزاج رکندي فهد حسين ۾ ڪابه هٺ وڏائي نظر نٿي اچي، هو پاڻ کي ان ڪري به خوش نصيب سمجهي ٿو جو درگاهه سرور نوح رح جي سجاده نشين قبلا سائين مخدوم امين فهيم، قبلا سائين مخدوم جميل الزمان ۽ ٻين سان سندس ويجهڙائپ رهي آهي ۽ کيس هالا وارن بزرگن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو، پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ ۽ هن جاکوڙي نوجوان تي سنڌ واسين کي فخر ۽ ناز آهي.

[b]محمد سجاول پنهور/ درويش صفت انسان
[/b] محمد سجاول پنهور جي لاءِ اهو مشهور هو ته پاڻ سڄي رات پاٽ جي هر هڪ گهٽيءَ ۾ گهمندو هو ۽ الله پاڪ جو ذڪر ڪندو رهندو هو ۽ سندس دعا گهرڻ جو تڪيه ڪلام هو ”چئني ڪنڊن جو خير ۽ چئني ڪنڊن تي رحم، اوسي پاسي جو خير ۽ اوسي پاسي تي رحم ۽ اسان سڀني جو خير ۽ اسان سڀني تي رحم“، سچ پچ ته پاٽ ۾ هاڻي اهڙن ماڻهن جي ڪمي محسوس ٿئي پئي، جيڪي محمد سجاول پنهور وانگر ٻين لاءِ دعاڳو هجن.

[b]مست سڪندر علي شاهه/صاحب ڪرامت
[/b] سيد مست سڪندر علي شاهه جو تعلق سيتا وليج سان هو پر سندس اڪثر ڪري رهائش پاٽ پراڻيءَ تي گهاٽن وڻن ۾ هوندي هئي يا مٽلي فقير جي درگاهه ڀرسان گهاٽن کٻڙن ۾ هوندي هئي، هن درويش جي شخصيت تمام گهڻي فقرائي هئي، جلال ۾ اچڻ بعد سندس آواز گجگوڙ وانگي گونجندو هو، کيس جيڪو نذرانو ملندو هو اهو ٻين فقيرن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون به مشهور هيون، هاڻي هي بزرگ هي جهان ڇڏي چڪو آهي ۽ سندس مزار سيتاروڊ کان اوڀر طرف ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

[b]ڊاڪٽر علي حيدر مهرائي/مسيحائي ڪردار
[/b] ڊاڪٽر علي حيدر مهرائي جو تعلق ڳوٺ خدا بخش مهرائيءَ سان هو، پاڻ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ته نه هو پر هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ وڏن وڏن ڊاڪٽرن سان گڏ ملازمت دوران ڪم ڪيائين ۽ کيس ميڊيڪل جي حوالي سان ڪافي سٺي ڄاڻ هئي، پاٽ شريف ۾ 30 سالن کان به مٿي سندس ڪلينڪ هلندي رهي، رب تعاليٰ سندس هٿ ۾ به وڏي شفا رکي هئي ۽ هن مسيحائي رول ادا ڪندي پاٽ شريف ۽ آس پاس وارن ڳوٺن جي ماڻهن جو علاج ڪيو ۽ ڊاڪٽر علي حيدر جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها هئي ته اگر ڪنهن غريب مسڪين مرد يا عورت وٽ علاج جا پئسا نه هوندا هئا ته سندس مفت علاج ڪندو هو يا دادو سول اسپتال ۾ داخل پنهنجي علائقي جي مريضن جي به وڌ ۾ وڌ مدد ڪندو هو، سندس وفات بعد هي ڪلينڪ ڊاڪٽر ايوب سنڀالي پر اهو به فاني دنيا ڇڏي ويو آهي.

[b]خليل احمد سومرو/درويش صفت انسان
[/b] خليل احمد سومرو درويش خيال جو ماڻهو هو، هي پاٽ شريف جي بازار ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي ويٺل نظر ايندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا ٻار توڙي وڏا کيس چيڙائيندي نظر ايندا هئا پر هي کين ڪجهه به نه چوندو هو، وري جڏهن ڪي ڪي سگهڙ کيس ڳجهارتون ڏيندا هئا ته هڪدم کين اها ڳجهارت ڀڃي ٻڌائيندو هو، هڪ دفعي بازار ۾ ڪي ٻاهريان ماڻهو آيا ۽ انهن چيو ته اسين پاٽ جي علم ادب جو نالو ٻڌي هتي گهمڻ آيا آهيون ۽ پوءِ ڪنهن ماڻهو انهن مهمانن کي چيو ته سائين اوهان هن درويش سان ڀلي انگريزي ۾ ڳالهايو ۽ جڏهن انهن هن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته کين حيرت ٿي ته واقعي پاٽ پاٽ آهي ۽ هتان جا ديوانا به داناءُ آهن، ڇو جو درويش خليل کين انگريزيءَ ۾ ئي جواب پئي ڏنا.

[b]محمد پناهه عرف پنون/ انوکو راز ڄاڻيندڙ
[/b] محمد پناهه بروهي جيڪو پنوءَ جي نالي سان مشهور آهي، هي ننڍپڻ کان ئي مستانو هو، هن وقت سندس عمر 40 يا 45 سال ٿيندي، اڪثر ڪري هٿ ۾ سوٽي کڻندو آهي ۽ پاٽ کان پيارو اسٽيشن تائين پنڌ ويندي نظر ايندو آهي، هن مستاني نوجوان جي هڪ خاص ڳالهه اها مشهور آهي ته قبرستان ۾ ڪنهن ماڻهو کان سندس مٽ مائٽ جي قبر يا بٺي نه لڀندي آهي ۽ جڏهن پنوءَ کان پڇا ڪبي ته اهو ان قبر کي ڳولي ان ماڻهو کي ٻڌائيندو ته هن قبر ۾ هي ماڻهو دفن ٿيل آهي، پوءِ چاهي اها قبر تازي هجي يا تمام گهڻي پراڻي هجي.

[b]دادن خان برهماڻي/خوش طبيعت انسان ۽ سامي کوٽڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙ
[/b] دادن برهماڻي زميندار هو پر سندس طبيعت سادگيءَ واري هوندي هئي، پنهنجي ٻني ٻاري جي سنڀال سان گڏ پاڻ به پيو هارين وانگر ڪم ڪندو هو، خوش طبيعت ماڻهو هو، بازار مان لنگهندو هو ته ماڻهو کيس ڀوڳن ۾ چاچا دادن سيون ڪري سڏ ڪندا هئا ته هي به انهن سان مذاق ۾ چڙي پوندو هو ۽ گهڙي کن لاءِ ٽهڪڙو مچي ويندو هو، هن ماڻهو جي هڪ وڏي ۾ وڏي خوبي اها هوندي هئي ته ڳوٺ ۾ جڏهن به ڪنهن گهر ۾ فوتگي ٿيندي هئي ته هي ڪوڏر ۽ رنبو کڻي ان ميت جي سامي کوٽيندو هو، پيرسن ٿيڻ بعد به جيستائين سندس جسم ۾ ڪجهه سگهه هئي ته هي سامي کوٽڻ وارو ثواب حاصل ڪندو رهيو، سندس وفات بعد پاٽ شريف جا ماڻهو کيس ياد ڪندا آهن ۽ سندس همدردي جا مثال ڏيندا آهن.

[b]سيد جان محمد شاهه/هڪ مهمان نواز ۽ يگانو انسان
[/b] سيد جان محمد شاهه جي سڃاڻپ هونءَ ته هڪ زميندار جي آهي پر سندس وڏي ۾ وڏي خوبي اها هوندي هئي جو پاڻ وڏو اوطاقي شخصيت هو، سندس اصل ڳوٺ پاٽ شريف لڳ ناصراڻي هو ۽ پوءِ اتان لڏي پاٽ شريف ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو يگانو هوندو هو، غريبن ۽ مسڪينن جو هڏ ڏوکي هوندو هو، پاٽ ۾ ميلن ملاکڙن جو بنياد به سائين جان محمد شاهه وڌو ۽ پاٽ ۾ جيڪي ڊراما ٿيٽر ٿيندا هئا، انهن جو ذمو به سائين جان محمد شاهه کڻندو هو، پاڻ ڪيترن ئي ماڻهن جا ٺاهه ڪرائي کين کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو.

[b]خليفو محمد جمن خاصخيلي/روحاني شخصيت
[/b] پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ خليفو محمد جمن خاصخيلي 8 آگسٽ 1942ع تي حاجي الهڏني خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين، چنڙ قوم مان شادي ڪيائين ۽ اولاد ۾ کيس 6 پٽ ۽ 2 نياڻيون آهن، محمد جمن خاصخيلي جو خاندان هارپي وغيره سان يعني پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ رهيو آهي، جيئن ته پاڻ ميٽرڪ تائين تعليم پرائڻ کان پوءِ نوڪري جي تلاش ڪيائين، اول کيس واپڊا ۾ نوڪري ملي ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ اها ڇڏي ڏنائين ۽ 1982ع تي ايريگيشن کاتي ۾ کيس ملازمت ملي، ان دوران کيس روحاني ڪرنٽ لڳو ۽ پاڻ پاٽ شريف جي بزرگ مرحوم سائين مخدوم محمودالحسن جو طالب ٿيو ۽ پنهنجي مرشد جي ڏنل ذڪر و اذڪار کي جاري رکيائين، ان کانپوءِ روحاني شخصيت فقير عبدالله جوڻيجي سان سندس صحبت رهي ۽ ان جي معرفت سان دادو ۾ حضرت پير نعمت الله قريشيءَ جو طالب ٿيو ۽ اتي قلبي ذڪر سميت پنج لطائف ۽ چار ولايتون ۽ سلوڪ جا سبق حاصل ڪيائين ۽ پوءِ نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ کيس خليفو مقرر ڪيو ويو، انتهائي انڪساري ۽ فقرائي طبيعت جي مالڪ فقير محمد جمن خاصخيلي جو پاٽ شريف ۾ پنهنجو آستانو به آهي، جتي سندس ڪيترائي طالب ۽ مريد ذڪر فڪر جون روحاني محفلون مچائيندا آهن، خليفي محمد جمن جي خاص طالبن ۾ نظير احمد برهماڻي، نصير احمد ڪلهوڙو ۽ اياز علي ملاح شامل آهن.

[b]سيد نور محمد شاهه المعروف سيد نورخان شاهه علمي ماهر ۽ بهترين انسان
[/b] دنيا ۾ ڪامياب هجڻ لاءِ تمام گهڻو پئسو ڪمائڻ، بنگلا ۽ گاڏيون حاصل ڪرڻ ضروري نه آهن پر ڪيترائي باشعور باڪردار ۽ بااخلاقي ماڻهو گلاب جي گل جيان مهڪندي ڪامياب زندگي گذاريندا آهن، پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ مرحوم سيد نور محمد شاهه ولد سيد نواب علي شاهه 7 نومبر 1933ع تي پاٽ شريف ۾ جنم ورتو، سندن خاندان جو تعلق مشهور بزرگ سيد ناصر شاهه لڪياري سان آهي، جنهن جي نالي سان پاٽ شريف لڳ ”ناصراڻي“ ڳوٺ قائم آهي، سيد نور محمد شاهه المعروف سيد نور خان شاهه ننڍپڻ کان ئي سلڇڻو، ذهين ۽ صابرين طبيعت جو مالڪ هو، پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ پاٽ شريف مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پڙهڻ بعد سنڌ مدرسته الاسلام مان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد جي ڪاري موري واري ڪاليج مان انٽر ڪيائين ۽ گريجوئيشن به حيدرآباد مان ئي ڪيائين، سندن والد صاحب جي وفات کانپوءِ گهر جي سموري ذميواري سندن مٿي تي آئي، 1966ع واري ڏهاڪي ۾ پاٽ شريف ۾ مسلم هاءِ اسڪول قائم ٿيو جتي پاڻ انگريزي استاد طور مقرر ٿيو، اتي ايمانداريءَ سان پڙهائڻ ۽ شاگردن جي بهتر تربيت سبب کين ڳوٺ جي ماڻهن ساراهيو ۽ سائين وٽان تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترائي شاگرد اعليٰ عهدن تي پهتا، اهڙا ئي انسان گلاب جي گل ۽ موتئي جي گل جيان خوشبوءِ پکيڙيندا آهن ۽ ڪنهن اونداهيءَ ۾ مشعل راهه هوندا آهن، سيد نور محمد شاهه رٽائرمينٽ بعد پنهنجو سمورو وقت ڳوٺ وارن لاءِ ۽ گهر لاءِ وقف ڪيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪچي طرف واري زمين ڏانهن چڪر لڳائڻ ۽ هارين سان ڪچهريون ڪندي سندن وقت پاس ٿيندو هو، ڳوٺ ۾ اوطاق تي ويهندي ڪيترن ئي آيل مسافرن ۽ راهگيرن لاءِ ماني وغيره ۽ رهائش به سندن ترجيح ۾ شامل هئي، پاڻ پنهنجي اولاد ۾ نياڻين ۽ پٽن کي اعليٰ تعليم ڏياري، جيڪي پنهنجي محنت سان اهم عهدن تي فائض آهن، پاٽ شريف جي هن عظيم شخصيت 18 نومبر 2008ع تي وفات ڪئي ۽ سندن آخري آرامگاهه پاٽ شريف ۾ آهي.