لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽ شريف جا پورهيت

[b] پاٽ شريف جا مشهور لوهار
[/b] پاٽ شريف جي پراڻي بازار ۾ مشهور لوهر رهندا هئا، جيڪي پنهنجي لوهارڪي ڪم جا وڏا ڪاريگر هئا، پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جا ماڻهو سندن گراهڪ هوندا هئا، هنن وٽ پراڻي وقت واري سانڌاڻ اڄ به موجود آهي، جنهن جي ذريعي ڏاٽا، ڪات، ڪهاڙا، ڪهاڙيون، ڇريون، ٽڦڙيون ۽ ٻيو لوهو سامان باهه تي تپائي تيار ڪيو ويندو هو، پاٽ شريف جي مشهور لوهارن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا جيڪي ذات جا سنڌي پٺاڻ آهن:
حاجي محمد قاسم پٺاڻ محمد حسين پٺاڻ
محمد حسين پٺاڻ محمد حسن پٺاڻ
حاجي منير احمد پٺاڻ صاحب خان پٺاڻ
حاجي اڪبر پٺاڻ گل محمد پٺاڻ
علي محمد پٺاڻ

[b]پاٽ شريف جا مشهور سونارا:
[/b]نبي بخش جويو خدا بخش جويو محمد هاشم جويو

[b]ٺڪر جا ٿانو ٺاهيندڙ
[/b] پاٽ شريف ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن مٺي واهڻ، سعيد خان چانڊيو ۽ سيتا وليج ۾ ٺڪر جا ٿانو ٺاهيندڙ هيٺيان ڪاريگر هئا، جن کي عام طرح ڪنڀر چيو ويندو آهي.
محمد صديق ڪنڀر، متيرو خان ڪنڀر، بخشل خان ڪنڀر، ليمون خان ڪنڀر، مصري خان ڪنڀر، ميهر خان ڪنڀر، حاجي خان ڪنڀر، ٻڍل خان ڪنڀر، گلبهار ڪنڀر.

[b]پاٽ شريف جا مشهور حجم
[/b] پاٽ شريف جي حجمن جو جڏهن به ذڪر ايندو ته انهن ۾ منگي ذات سان واسطو رکندڙ مشهور حجمن کي ضرور ياد ڪيو ويندو، جنهن ۾ محمد مشڪ حجم بهترين بورچي به هو ۽ ان کان علاوه هي ڏاڙهي ۽ وارن ٺاهڻ جو به سٺو ڪاريگر هو، هتي ٿيندڙ شادين مرادين ۾ اهڙن حجمن کي گهرايو ويندو آهي جيڪي ڀت ٻوڙ وغيره رڌڻ جا سٺا بورچي هجن، عام طرح انهن کي استاد استاد چيو ويندو آهي ۽ ائين به ناهي ته حجم رڳو منگي ذات وارا آهن، هاڻي ته ٻين ذاتين وارا به هي ڪم سکي ويا آهن ۽ سٺو روزگار حاصل ڪري چڪا آهن، هتان جي مشهور حجمن ۾ محمد مشڪ منگي، اميرالدين منگي، محمد جمن منگي، فقير غلام حسين ڪلهوڙو، حاجي رجب چانڊيو، منظور علي چانڊيو، بخشل عرف بابو منگي، حاجي بهارالدين سولنگي، وڪيل سولنگي، حاجي اعجاز نوناري، رياض نوناري، انصاف نوناري، نزاڪت علي چنا، طاهر علي چنا، مصري خان ٻاٽ، شمن علي ٻاٽ، احسان علي چانڊيو، علي گل پتوجو، يامين ملاح، غلام قادر ملاح، وزير علي ڪلهوڙو شامل آهن، چون ٿا ته اڄ کان تقريبن ويهه سال پهرين جيڪي حجم هوندا هئا، اهي آهت تي يعني نئين فصل جي لهڻ تائين ماڻهن جون مفت ۾ پيا سيربون ڪندا هئا، سيربون يعني انهن جي ڏاڙهي ۽ وار پيا ٺاهيندا هئا ۽ فصل لهڻ دوران انهن حجمن کي پنهنجي پورهئي عيوض ان جون ٻوريون ڏنيون وينديون هيون، هاڻي ته جديد دور آهي، اڄڪلهه بازار ۾ هيئر ڪٽنگ جا ڪيترائي دڪان آهن، جن کي سيلون چيو وڃي ٿو ۽ هر ڪاريگر جي خواهش آهي ته سندس سيلون سينگاريل هجي ته جيئن گراهڪن جي وڌ ۾ وڌ آمد ٿئي، بهرحال هي حجم يا ڪاريگر اسان جي معاشري جا خاص فرد آهن.

[b]پاٽ شريف جا مشهور درزي
[/b] پاٽ شريف ۾ ڪيترن ئي مشهور درزين جا دڪان آهن، جتي سلائي، ڪڙهائي ۽ ڀرت جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، هيٺ انهن ٽيلر ماسٽرن ۽ ڪاريگرن جا نالا پيش ڪجن ٿا.
مرحوم غلام صديق سومرو، مرحوم حاجي محمد عرس سومرو، مرحوم عبدالرحمان چنا، حاجي بخشل چانڊيو، غازي خان برهماڻي، قمرالدين لانگاهه، غلام شبير تيوڻو، حاجي علي شير برهماڻي، وزير علي تيوڻو، مرحوم حاجي انور چانڊيو، روشن علي سولنگي، عبدالرزاق پنهور، نياز حسين چانڊيو، ذوالفقار برهماڻي، عبدالجبار چانڊيو، مرحوم حاڪم علي تيوڻو، غلام عباس ملاح، امير علي ملاح، آصف علي ميمڻ، سيف الله چنا، مجاهد علي ميمڻ، محمد نواز مهرائي، محمد ابراهيم پنهور، نديم علي چنڙ، مصري خان چنڙ، گل حسن بٺڙ، غلام نبي سولنگي، گل منير ڪلهوڙو، محمد خان تيوڻو، بدرالدين ڀٽي، محمد زمان سومرو، وحيد علي ملاح، صدام ملاح، علي حسن چانڊيو، آصف ڀٽي، شاهد حسين خاصخيلي، نديم علي ملاح، دلدار ملاح، عامر علي پنهور، قمرالدين پنهور، عبدالوحيد پنهور، محمد ايوب لانگاهه، تنوير ملاح، غلام حسين لانگاهه، محبوب علي چانڊيو، مقبول احمد سولنگي، امين ملاح، مجنون چانڊيو، عبدالستار پنهور ۽ محبوب علي ملاح شامل آهن، انهن کان علاوه فيميل درزياڻين ۾ مرحومه جيجي رحيمان سولنگي، آپا بالڻ عباسي ۽ آپا شهربانو عرف شهرو سومرو جي سلائي به مشهور آهي.

[b]پاٽ شريف جا ڊرائيور ۽ مڪينڪ
[/b] هتي پاٽ شريف جي انهن پروفيشنل ڊرائيورن ۽ موٽرسائيڪل، سائيڪل ۽ ٻين گاڏين جي مرمت ڪندڙ مڪينڪن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ رهيا آهن.
[b]ڊرائيور[/b]: الهورايو چنا، شهبازي زرداري، غلام نبي شاهي، سيد غلام نبي شاهه، اميد علي راجپوت، انور علي راجپوت، امام الدين برهماڻي، محمد جمن برهماڻي، نويد علي برهماڻي، امام الدين عرف امن چانڊيو، عبدالحميد زرداري، غلام سرور ملاح، رفيق احمد ملاح، شعيب احمد چنا، محمد آچر خاصخيلي، محمد قاسم ملاح، محبوب علي چانڊيو، اشفاق احمد برهماڻي، اشتياق انصاري.
[b]مڪينڪ[/b]: نور محمد زرداري، غلام قادر چنا عرف قادن، محبوب علي خاصخيلي، نظير احمد عرف وڪيل عباسي، طفيل احمد چنا، تنوير احمد ميمڻ، حافظ علي شير چانڊيو، حاجي خان ملاح، عبدالرشيد زرداري.
[b]اليڪٽريشن[/b]: اڪبر علي ملاح، سيد عزيز الله شاهه، مسرور حسين عباسي، احسان الله چنا، سيف الله چنا، فهيم احمد چنا، غلام سرور سولنگي، خالد حسين چنا، نديم احمد چنا، اسد علي چنا.

[b]پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان تعلق رکندڙ پاٽائي
[/b] مرحوم قاضي عبدالرحمان صديقي (اخبار)، مرحوم عبدالرشيد عرف روشن علي ميمڻ (اخبار)، مخدوم ضياءَالحق صديقي (اخبار)، نصير سارنگ ”نصير ميمڻ“ اخبارن ۽ ٽي وي تي تجزيه)، ماجد علي صديقي (ٽي وي چينل)، غلام مرتضيٰ ميمڻ (اخبار)، سيد نواب علي شاهه (پروڊيوسر پي ٽي وي)، نذير احمد چنا (پروڊيوسر پي ٽي وي)، خالد حسين منگي (اخبار)، محمد اعظم ميمڻ (اخبار)، نور محمد برهماڻي (اخبار)، خليل ميمڻ (اخبار)، امتياز علي ميمڻ (اخبار)، محمد ياسين جوڻيجو (ايف ايم ريڊيو)، حاڪم علي بٺڙ (اخبار)، ايم بچل ڪلهوڙو (اخبار)، جمشيد احمد چنا (ڪئميرامين ٽي وي چينل)، آپا تنوير جوڻيجو (ريڊيو ڪمپيئر)، علي رضا منگي (اخبار ۽ ٽي وي چينل)، بشارت پتوجو (اخبار)، هنن مان ڪافي ساٿي اهڙا آهن جيڪي انهن اخباري ادارن کي ڇڏي چڪا آهن ۽ ڪي وري هاڻي فاني جهان ڇڏي چڪا آهن، اسين هتي ان پيرسن اخباري هاڪر مرحوم عاقل جو به ضرور ذڪر ڪنداسين جيڪو ڦلجي اسٽيشن کان صبح جو سوير پهچي پاٽ شريف جي ماڻهن تائين اخبار پهچائيندو هو.

[b]پاٽ شريف جا مشهور پيري
[/b] ڪنهن چور وغيره جو پيرو کڻڻ ۾ ڪيترائي ماڻهو مهارت رکن ٿا ۽ ڪيترا ماڻهو ته چوپائي مال جي پير سڃاڻڻ ۾ به وڏي ڏات رکن ٿا، پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ به ڪيترائي پيري مشهور رهيا آهن جن مان ڪجهه نالا هيٺ ڏجن ٿا.
سرائي فتح محمد ڪولاچي، بخشل عرف بخشو تيوڻو، محمد رمضان سولنگي، امام بخش چانڊيو، امام بخش برهماڻي، نواب علي ڀرٽ.

[b]شهر جي صفائي لاءِ مقرر عملو
[/b]يونين ڪائونسل پاٽ شريف جي آفيس ۾ شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ هي ملازم مقرر رهيا آهن، جنهن ۾ سرائي صديق شيخ، سرائي رسول بخش شيخ، سرائي بخشل شيخ، سرائي انور علي شيخ، سرائي اڪبر علي شيخ، سرائي الاهي بخش شيخ، سرائي ولي محمد شيخ، سرائي غلام شيخ، سرائي قربان علي شيخ، سرائي شاهد علي شيخ، سرائي لياقت علي شيخ ۽ عورتن ۾ مائي عالمان شيخ، مائي عنايتان شيخ، مائي ذليخان شيخ ۽ ٻيا شامل آهن.

[b]پاٽ شريف جا مشهور رازا
[/b] پاٽ شريف جا ڪيترائي مشهور رازا ٿي گذريا آهن، جيڪي پنهنجي ڪاريگريءَ تي فخر ڪندا هئا، انهن مان هيٺ ڏنل رازن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي سينيئر ۽ جونيئر رازا پاٽ شريف ۾ رهندا هئا، ڪي ته هي فاني جهان ڇڏي ويا آهن ۽ ڪي زندهه آهن، عبدالله ملاح، محمد صديق، علي محمد ملاح، عنايت علي سومرو، حاجي محمد صفر سومرو، محمد رمضان چنا، حاجي احمد چنا، ليمون خان سومرو، احمد خان سنڌي پٺاڻ، محمد ملاح، محمد رمضان چنڙ، عبدالڪريم سومرو، عبدالحليم سومرو، عبدالغفار سولنگي، چنيسر سولنگي، اقبال احمد ملاح، جان محمد ملاح، سيد محرم علي شاهه، معشوق علي ملاح، لالو محمد بخش سنڌي پٺاڻ، مظهر چنڙ، احمد خان ملاح، محمد پريل ملاح، بشير احمد ملاح، محمد قاسم ملاح، علي ملاح، قمرالدين ملاح، متو خان ملاح، ثناءُالله چنا، صابن ملاح، شهمير ملاح، غلام حسين ملاح، شفيع محمد ملاح، ٽوهه خان ملاح، محمد هاشم ملاح، بخشل خان ملاح، حاجي بچل ملاح، روشن علي ملاح، سچل ملاح، خدا بخش ملاح، غلام شبير ملاح، غلام سرور ملاح، ولي محمد چنا، محمد حسن چنا، غلام صديق عرف دودل لانگاهه، راجا لانگاهه، محمد اعظم لانگاهه، پپو لانگاهه، محمد حاجن زرداري ۽ محمد مٺل زرداري.

[b]پاٽ شريف جا مشهور ڊکڻ
[/b] محمد صوف سومرو، عبدالغفور سومرو، شفيع محمد سومرو، غلام شبير سومرو، سيد رجب علي شاهه، علي اڪبر سومرو، احمد خان سومرو، محمد اشرف سومرو، محمد ابراهيم ملاح، علي حيدر ملاح، علي گوهر ملاح، الهداد ملاح ۽ امير بخش شاهي.
پن جي ٻيڙين جا پاٽائي ڪاريگر
اسان وٽ سگريٽ کان علاوه پن جي ٻيڙي ڇڪڻ جا ڪيترائي ماڻهو عادي آهن، پاٽ شريف ۾ به انڊيه جي پن واري ٻيڙي مشهور آهي. جنهن ۾ تکيون ۽ مٺيون ٻيڙيون تيار ڪيون وڃن ٿيون. عام طرح هنن ڪاريگرن کي ٻيڙين ٻاڌا به چيو ويندو آهي، رسول بخش ملاح، قمرالدين ملاح، شمس الدين ملاح، رانجهن چانڊيو، اياز علي ملاح، ممتاز علي ملاح، شمن علي ملاح، منظور علي ملاح، نظير علي چانڊيو، فدا حسين ملاح، سڪندر علي ملاح، نظير احمد ملاح، قادر بخش ملاح، روشن علي ملاح، ميرل ملاح، محمد پريل ملاح، نياز احمد ملاح، غلام سرور ملاح، حبيب الله ملاح، گوهر ملاح، محمد عثمان ملاح، بشير احمد سولنگي، نواب علي سولنگي، وحيد علي سولنگي، اشرف علي سولنگي، محمد يوسف ملاح، علي شير ملاح، رستم ملاح، سينگار ملاح، ذوالفقار علي ملاح، مختيار علي ملاح، امام الدين ملاح ۽ جلڻ خان ملاح ۽ محمد اسلم ملاح شامل آهن.

[b]پاٽ شريف جا مشهور ڌوٻي
[/b]ڌوٻي اسان جي معاشري جو اهو پورهيت آهي جنهن کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي، هتي پاٽ شريف جي انهن ڌوٻي پورهيتن جا نالا پيش ڪجن ٿا محمد قاسم سومرو، پيرل خان سومرو، صابر حسين سومرو، حاجي مٺل سولنگي، محمد حسن گلال، محمد ابراهيم گلال، محمد عرس گلال، اسرار احمد گلال، محمد الياس گلال، پرويز احمد سومرو، محمد سليمان سومرو، مبين احمد ملاح، صابر حسين گلال، عبدالرسول سنڌي پٺاڻ ۽ عامر علي گلال.

[b]ٽانگا هلائيندڙ
[/b] هتي انهن ٽانگا وهائيندڙ پورهيتن جو ذڪر ڪجي ٿو جيڪي 1950ع کان وٺي پاٽ کان پيارو اسٽيشن تائين ڪچي دڳ سان ٽانگا هلائي پنهنجي روزي ڪندا هئا، هاڻي ته انهن پورهيتن مان به ڪيترائي وفات ڪري چڪا آهن ۽ چنگچي رڪشا اچڻ بعد هاڻي ٽانگن وارو دور به نه رهيو آهي، ٽانگي جي سواري هر هڪ ماڻهو کي پسند هوندي هئي، هيٺ انهن ٽانگن هلائيندڙ پورهيتن جا نالا پيش ڪجن ٿا: محمد يونس پتوجو، غلام حيدر پتوجو، چاڪر خان چانڊيو، ڪرم علي ڪلهوڙو، الهورايو ڪلهوڙو، محمد عمرچنڙ، گهرام خان شاهي، محمد نورل ميمڻ، پير بخش ڪلهوڙو عرف پيرل فقير ”ڪتاب جي ليکڪ جو والد صاحب“، سبزل جوڻيجو، نواب علي جوڻيجو، محمد آچر ميمڻ، محمد ملوڪ ڪلهوڙو، انور علي ڪنڀر، احمد خان ملاح، پيرل خان سومرو، محمد رمضان ڪلهوڙو، ممتاز علي پنهور، محمد بچل چانڊيو، جاڙو خان ڪلهوڙو، مرز علي برهماڻي، هدايت الله چنا، ڪالو چانڊيو، محمد مٺل چنڙ، ڪرڙ خان چنڙ، ميهر علي چنڙ، شير خان سولنگي، ميوو خان چنڙ، علي نواز چنڙ، نظر محمد پتوجو، مدد علي ڪلهوڙو، علي حسن شاهاڻي، گلاب خان سولنگي، پانڌي خان سولنگي.

[b]گڏهن تي مٽي ڍوئيندڙ پاٽائي دايا
[/b]هتي عام طرح مٽي يا ڀنجهو کڻندڙ پورهيتن کي دايا چيو ويندو آهي، جيڪي معاشري جا خاص فرد آهن. اسان وٽ علي خان نوناري، معشوق علي نوناري، انور علي نوناري، الهڏنو نوناري، دين محمد نوناري، غلام رسول ڀٽي، نواب علي ڀٽي، دلدار علي ڀٽي، خدا بخش خاصخيلي، ياسين احمد نوناري، وزير علي چنڙ، ڀورو ڀٽي ۽ ٻيا پورهيت پاٽ شريف ۾ هن پورهئي سان پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا ۽ هنن مان ڪيترائي پورهيت هي جهان ڇڏي چڪا آهن.

[b]پاٽائي موچي پورهيت
[/b]پاٽ شريف ۾ موچڪي ڪم جي حوالي سان هي مشهور ڪاريگر رهيا آهن، جنهن ۾ نور محمد ڀٽي، جيئندو لانگاهه، محمد عرس چانڊيو، خادم حسين لانگاهه، رفيق احمد چانڊيو، صوفي غلام نبي شيخ، الاهي بخش شيخ، ميرل شيخ شامل آهن.

[b]مشهور ڪاسائي
[/b]پاٽ شريف ۾ ڪو دور هو جو روزانو ڇيلي ۽ پاڏي جو گوشت وڪرو ٿيندو هو، پر هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڪاسائي ڪو ڍور ڪُهي وڪرو ڪن ٿا نه ته مرغي ۽ مڇيءَ جو واهپو عام آهي، هتان جي مشهور ڪاسائين ۾ مرحوم ڪاڪو جمعو دايو، مرحوم احمد خان سومرو، غلام شبير سومرو، صاحب خان لوهر، غلام نبي تيوڻو، نورالدين خاصخيلي، محمد ٻڍل لانگاهه شامل آهن.

[b]پاٽائي دايون
[/b]سماج جي اهم ڪردار دائي کي خاص عزت سان ڏٺو وڃي ٿو، هت مائي هوتڻي، مائي حاجاڻي، مائي راڄ ٻائي، مائي بختاور عرف بکو، مائي هدايت، مائي نصيبان، مائي حليمان پاٽ شريف جون مشهور دايون ٿي گذريون آهن.