لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽ شريف بابت مشهور چوڻيون ۽ پهاڪا

[b] پاٽ شريف بابت ڪجهه مشهور چوڻيون
[/b] هتي پاٽ شريف بابت انهن پهاڪن يا مشهور چوڻين جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ عام رهيون.
آيا مغل ڀڳي پاٽ: مطلب ته ماضي ۾ جيڪي مغل دور ۾ پاٽ تي حملا ۽ ڪاهون ٿيون ته ان جو نقصان تمام گهڻو ٿيو ۽ پوءِ جڏهن اهي دور به گذري ويا پر پاٽ جا ماڻهو انهن قصن کي ياد ڪندا رهيا ۽ پوءِ ته ائين به ٿيو جو جڏهن به پاٽ تي ڪنهن به وار ڪيو ته گهرن ۾ چيو ويندو هو آيا مغل ڀڳي پاٽ، يا وري گهر ۾ ڪي ٻار وڙهندي وڙهندي ڪا شيءِ ڀڃي وجهندا هئا ته عورتون اهو پهاڪو ڏينديون هيون ته آيا مغل ڀڳي پاٽ.

[b]پاٽ پڙهيو ڏور اڏريو
[/b] مطلب اها ڳالهه بلڪل حقيقت آهي ته پاٽ شريف جي درسگاهن ۾ جنهن جنهن تعليم حاصل ڪئي اهي ماڻهو پنهنجي اهم منصبن ۽ منزلن تائين پهتا.

[b]پاٽ جو پاڻي واههَ واههَ
[/b] پاٽ شريف جو پاڻي قدرتي طور تي بغير ڪنهن فلٽر پلانٽ جي منرل واٽر کان به وڌيڪ صاف ۽ مٺو آهي، بزرگن جي هن شهر وارو پاڻي ماڻهن لاءِ شفاياب ثابت ٿيل آهي. ان لاءِ عام چوڻي آهي ته “پاٽ جو پاڻي واهه واهه” جنهن پيتو تنهن کان نه وسرندو.

[b]ٻورڙي ڏٺل نه هيئي ته ماني ڇو کاڌئي
[/b] هن چوڻي کي ماڻهو اڃا تائين ناهن وساري سگهيا، چون ٿا ته پاٽ شريف جو هڪ زميندار پنهنجي هارين سان به ڀوڳ چرچا ڪندو هو ۽ ان زميندار جي خوش طبيعت هئي، هڪ ڏينهن هاري کي گهرائي چيائين ته بابا توکي نيرن پاڻي ڪرايون ٿا، پوءِ ٻورڙيءَ جي ڳوٺ وڃجان ڪو ڪم آهي، زميندار جي حڪم مطابق ان هاري لاءِ نيرن جي ماني آئي، هاري کائي ڍئو ڪيو، پوءِ زميندار چيس ته ابا هاڻي ٻورڙيءَ وڃ، هاري هڪدم وراڻيو ته سائين مون کي ٻورڙي ڏٺل ڪانهي، زميندار ڀوڳ ڪندي لٺ ۾ هٿ وجهي چيو ته توکي ٻورڙي ڏٺل نه هئي ته پوءِ ماني ڇو کاڌئي، هاري چيو ته سائين جي ماني کائڻ کان اول نهڪر ڪيان ها ته شايد ماني ڪونه کارايو ها، ان تي ان زميندار کان ٽهڪ نڪري ويو.

[b]ڪارڙو ڪنڀارڙو
[/b] پاٽ شريف ۾ جڏهن مينهن يا برسات نه پوندي هئي ته ننڍا ڇوڪرا هڪ دلچسپ راند ڪندي گهٽي گهٽي ۾ گهمندا هئا ۽ هڪ نينگر کي ڳٽن تي ٻه ڪارا ليڪا ڪڍي ان جي پٺيان ڪيترائي ٻار هلندا هئا ۽ ڪجهه ڇوڪرن کي ڪپڙو هٿ ۾ هوندو هو ۽ سڀ ٻار در در چوندا هئا ته ”ڪارڙو ڪنڀارڙو ان ڏيو ته مينهن وسي“ ۽ جڏهن انهن وٽ ڪجهه چانور گڏ ٿيندا هئا ته پوءِ وري بازار مان دڪاندارن آڏو بيهي سُر سان ساڳا ئي ٻول ورجائيندا هئا، پوءِ دڪاندار انهن کي ڳڙ ڏيندا هئا ۽ پوءِ چانورن ۽ ڳڙ مان تانهري ڀت تيار ڪرائي اهي ٻارڙا پاڻ به کائيندا هئا ۽ ٻين معصوم ٻارن کي به کارائيندا هئا، پوءِ گڏجي دعا گهرندا هئا ته مولا مينهن وساءِ ۽ پوءِ قدرت خدا پاڪ جي ڏينهن ٻن ۾ ضرور مينهن وسندو هو ۽ رب پاڪ انهن معصومن جي جلد ٻڌندو هو ۽ مينهن وسڻ کانپوءِ اهي ٻار خوشيءَ ۾ نچندا هئا ۽ وسندڙ مينهن دوران يا پوءِ اهي ٻار سڌو پاٽ پراڻيءَ جي دڙي تي به ويندا هئا ۽ پوءِ اتان ملندڙ سڪا ۽ ٻيون شيون لڀندي خوش ٿيندا هئا.