لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽ شريف جا هندو خاندان

[b] پاٽ شريف ۾ رهندڙ هندو
[/b] پاٽ شريف ۾ رهندڙ ڪجهه هندو خاندانن جو حوالو پاٽ شريف جي مين پرائمري اسڪول جي رڪارڊ مان ملي ٿو، اسڪول جي پراڻي جنرل رجسٽر مطابق 1948ع تائين داخل شاگردن مان معلوم ٿئي پيو ته ان وقت تائين يا ان کانپوءِ به ڪي هندو خاندان پاٽ شريف ۾ رهندا هئا، هن اسڪول جي رڪارڊ موجب جيڪي ڇوڪرا داخل هئا انهن جا پيءُ سميت نالا هي آهن. هيمن پٽ هوندو مل، رامون پٽ نيڻون مول، گوبند پٽ پمنداس، لڇمڻ پٽ ٻالچند، روپو پٽ پوهو مل، دنيچند پٽ موتيرام، پوهو پٽ ڄيٺومل، شون پٽ نيڻون مل، هيمن پٽ تلوڪ چند، لعل چند پٽ چتون مل، ارجن پٽ ڀاونداس، نارائڻ پٽ خانومل، تولو پٽ موٽومل، موهن پٽ لکومل، ويڙهو پٽ پوهومل، پهلاج پٽ باشارام، لڇمڻ پٽ ذوقيرام ۽ چيلو پٽ آسودو مل شامل آهن، ان کان علاوه شاگردياڻين ۾ جيڪي ڇوڪريون داخل هيون انهن ۾ گنگي ڌيءَ آسودومل، وديا ٻائي ڌيءَ ٻالچند، نانڪي ٻائي ڌيءَ رامچند، ايشوري ٻائي ڌيءَ آسودومل، ڀائنوري ڌيءَ راڄومل، گنگا ڌيءَ گولارام، ڪلان ڌيءَ مينگهراج، دروپدي ڌيءَ رامچند، گرڌاري ڌيءَ ذوقيرام، سيتاٻائي ڌيءَ تلوڪ چند، ديوي ڪمنداس، ڀڳواني ٻائي ڌيءَ ٻالچند، ايشوري ٻائي ڌيءَ موتيرام ۽ سشيلا ٻائي ڌيءَ روپچند شامل آهن.

[b]پاٽائي هندن جون ريتون رسمون ۽ ڪاروبار
[/b] موجوده پاٽ شريف ۾ جڏهن هندو رهندا هئا ته انهن جي عبادتگاهه لاءِ وڏا وڏا مندر به هوندا هئا، معلوم ٿيو آهي ته ميمڻن جي پاڙي ۾ جتي نونارين جا گهر آهن اتي هڪ مندر هوندو هو جتي هندو پوڄا پاٺ ڪندا هئا، ان کان علاوه هتي رهندڙ هندو پنهنجا مذهبي، سماجي ۽ ثقافتي ڏڻ به وڏي جذبي ۽ پابنديءَ سان ملهئانيدا هئا، جنهن ۾ هولي، ديوالي، راکي ٻنڌڻ، ٿڌڙي، گوگو پوڄا، ٻڙ ۽ ڪانهوڙي وغيره جا تهوار ملهايا ويندا هئا، ان وقت ۾ امن، ڀائيچاري، ادب ۽ اخلاق جا اهڙا ته مثال قائم هوندا هئا جو مسلمان ۽ هندو پنهنجي پنهنجي مذهبي ڏهاڙن ملهائڻ دوران هڪ ٻئي کي دعوتون ڏئي انهن خوشين ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ انهن خاص ڏينهن تي تيار ٿيندڙ طعام ۽ مٺايون به هڪ ٻئي ڏانهن موڪليندا هئا، ڪنهن کي ڪنهن به قسم جي ڪابه نفرت نه هوندي هئي، ڪنهن به ذات پات جو فرق نه هوندو هو، هتي رهندڙ واڻيا ۽ مسلمان هڪ ٻئي جي عورتن ۽ نياڻين جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا ۽ مڪمل انساني هم آهنگي هئي ۽ ان وقت ۾ ڪنهن به قسم جي انتهاپسنديءَ جو ڪوبه تصور نه هو ۽ هي هڪ ٻئي جي غميءَ ۽ خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ان کان علاوه پاٽائي هندن جا ڪاروبار به عروج تي رهيا، ڪيترائي هندو ڪپڙي، اناج، وکر ۽ ٻين شين جا وڏا وڏا واپاري هئا، هتان جو سيٺ ڀيرومل به مکڻ جو وڏو واپاري هو، جنهن جو پري پري تائين مکڻ ۽ سچو گيهه موڪليو ويندو هو، پاڪستان ۽ هندستان جي الڳ ٿيڻ سبب ڪيترائي هندو ڀارت لڏي ويا ۽ ڪيترائي ٻيا هندو واپاري دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن روانا ٿي ويا، جتي سندن خاندان اڄ به بزنس ڪري ٿو.

[b]ديوان موهن لال
[/b] ديوان موهن لال مينگهراج هاشاڻي 20 سيپٽمبر 1952ع تي دادو ۾ پيدا ٿيو پر سندس وڏڙن جو تعلق پاٽ شريف سان هو، ديوان موهن لال درس و تدريس سان تعلق رکي ٿو، پاڻ پرائمري استاد به رهيو ته شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو ليڪچرار به مقرر ٿيو، ڪجهه وقت لاءِ ڪراچي ۾ پلاننگ آفيسر جي عهدي تي به رهيو ۽ تعليم کاتي ۾ وري سپروائيزر به رهيو، پڙهڻ پڙهائڻ ۽ لکڻ سان کيس دلي لڳاءُ آهي، خاص ڪري رياضي ۽ گرامر واري سبجيڪٽ ۾ مهارت رکندڙ سائين موهن لال 19 ڊسمبر 2012ع تي رٽائرڊ ٿيو، ان کانپوءِ هڪ پرائيويٽ هاءِ اسڪول ۾ پرنسپال مقرر آهي، ديوان موهن لال پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف کي نه وساري سگهيو آهي، هو فخر محسوس ڪري ٿو ته منهنجي ابن ڏاڏن جو ڳوٺ پاٽ شريف آهي ۽ اها سِڪ پوري ڪرڻ لاءِ هن جو پاٽ شريف اچڻ ٿيندو رهيو آهي، ديوان موهن لال پنهنجي هندو ڪميونٽيءَ ۾ به سرگرم رهي ٿو، مذهبي حوالي سان ڪي ڏڻ ملهايا ويندا آهن ته هي انهن خاص موقعن تي پنهنجي شاعريءَ ذريعي ۽ ڀڄن ڳائي ڀيٽا پيش ڪندو آهي، هندو پنچائت جي هر ننڍي وڏي مسئلي ۾ به سرگرم نظر اچي ٿو، سندس ڳالهائڻ جو ٿڌو لهجو پراون کي پنهنجو ڪري ٿو.

[b]ديوان شيوڪ رام
[/b] ديوان شيوڪ رام ڀاونداس ڀمڀاڻي پهرين جون 1946ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري کان ميٽرڪ تائين تعليم پاٽ شريف ۾ حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ ايم اي اڪنامڪس، ايم اي سنڌي، ايل ايل بي ۽ بي ايڊ پاس ڪيائين، ديوان شيوڪ جي سڃاڻپ هڪ بزنس مين طور آهي پر هي اعليٰ تعليم يافته انسان طبيعتن صوفي قسم جو ماڻهو آهي، ديوان شيوڪ رام جو خاندان پاٽ شريف مان 1964ع ۾ دادو شفٽ ٿيو ۽ هي پاٽ شريف ۾ رهندڙ هندن جو آخري گهراڻو هو، جيڪي پوءِ لڏي ويا، هن کان پهرين پاٽ شريف ۾ رهندڙ سمورا هندو ڀائر مختلف هنڌن ڏانهن منتقل ٿي چڪا هئا، ديوان شيوڪ رام جو والد صاحب ڊاڪٽر ڀاونداس بابت معلومات ملي ٿي ته هو جڏهن پاٽ شريف ۾ پنهنجي طب خاني تي ماڻهن جو علاج ڪندو هو ۽ روزاني جي ڪمائي مان پنهنجي گهر جو خرچ وغيره ۽ دوائن جو خرچ پکو ڪڍي باقي پئسن مان غريبن جي مدد ۽ روزانو لنگر تقسيم ڪندو هو، ديوان شيوڪ جي امڙ مائي پاري به طبي ماهر هئي، پاٽ شريف ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن مان عورتون هن وٽ علاج لاءِ اينديون هيون، پاٽ شريف جي هر غريب توڙي امير ماڻهن جي گهروارين جا ڊليوري ڪيس به اتي ئي حل ٿي ويندا هئا، ديوان شيوڪ رام هن وقت پنهنجي پٽ سنيل ڪمار سان گڏ دادو ۾ ڪپڙي جي دڪان تي ڪاروبار ڪري ٿو، سندس دڪان تي جڏهن ڪوبه پاٽائي ويندو آهي ته هو انهن کان پنهنجي ڳوٺ جا حال احوال وٺندو آهي ۽ ڪچهري دوران ڳوٺ جون ساروڻيون ساريندي لڙڪ به وهائي ويهي ٿو، ديوان شيوڪ رام انتهاپسنديءَ کان بيزار ۽ انسانيت جي عظمت جو قائل آهي، پاڻ هميشه اهو پيغام ڏيندو رهي ٿو ته علم جي هٿيار سان ئي جهالت جي پاڙ پٽي سگهجي ٿي، هن اندر جي اجري انسان جي زندگي بيداغ گذري آهي.