لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
Title Cover of book پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)

پاٽ شريف جون تنظيمون

پاٽ شريف ۾ ڪيترين ئي تنظيمن جو بنياد پيل آهي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ مذهبي تنظيمون شامل آهن. جيڪي وقت بوقت سرگرم رهيون ۽ ڪجهه تنظيمن ۾ ماٺار ڇانيل رهي. اچو ته معلوم ڪريون ته پاٽ شريف ۾ ڪهڙين ڪهڙين تنظيمن جو وجود رهيو آهي.

[b]مذهبي تنظيمون
[/b]جماعت نقشبنديه، سهرورديه، مخدوميه پاٽ شريف
غلامانِ مصطفيٰ صه اهلسنت و الجماعت پاٽ شريف
انجمن حسيني پاٽ شريف
انجمن قلندري يونٽ پاٽ شريف
انجمن غلامان قلندر سنڌ يونٽ پاٽ شريف
غوثيه جماعت پاٽ شريف
سخي دم دين پناهه جماعت پاٽ شريف
حسيني جماعت پاٽ شريف
عارف باالله صوفي جماعت پاٽ شريف
جماعت نعمت الله قريشي
جماعت اشرفي يونٽ پاٽ شريف
مخدومي جماعت پاٽ شريف
ڪرمي جماعت پاٽ شريف
قادري جماعت يونٽ پاٽ شريف
جميعت العلماءِ اسلام پاٽ شريف
جميعت المسلمين يونٽ پاٽ شريف

[b]سياسي تنظيمون
[/b] پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان مسلم ليگ، ضياءَ حمايت تحريڪ، پرويز مشرف حمايت تحريڪ، جيئي سنڌ، عوامي تحريڪ، جسقم، پ پ شهيد ڀٽو گروپ، پاڪستان تحريڪ انصاف، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل، عوامي اتحاد، نوجوان اتحاد، مخدوم آزاد پينل، ايم ڪيو ايم، بلاول لورس آرگنائيزيشن.

[b]سياسي سرگرميون
[/b] پاٽ شريف شهر پراڻي تڪبندي مطابق پي ايس 60 ۽ اين اي 178 ۾ اچي وڃي ٿو ۽ 2004ع ۾ نيون تڪبنديون ڪيون ويون، جنهن مطابق دادو تعلقي جو صوبائي تڪ پي ايس 74 ۽ قومي اسيمبلي جو تڪ اين اي 232 آهي. پاٽ شريف سياسي شعور رکندڙ هڪ تاريخي ننڍڙو شهر آهي ۽ هن جي آس پاس ڪيترائي ڳوٺ آهن، مختلف سياسي اڳواڻ هن شهر کي پنهنجو سياسي هيڊڪوارٽر بڻائيندا آهن، هتي وقت بوقت ڪيترين ئي سياسي شخصيتن اهم ليڊرن ۽ اڳواڻن پنهنجي سياسي سرگرمين کي جاري رکيو آهي ۽ اليڪشن واري موسم ۾ ڪيترائي پارٽي جهنڊا منظرعام تي اچي ويندا آهن، بلدياتي اليڪشن کان ويندي صوبائي ۽ قومي اليڪشن ٿيندي آهي ته ٻين شهرن جيان هتي به رونقون نظر اينديون آهن ۽ ووٽر پنهنجي پسنديده اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا آهن. سردار محمد بخش جمالي، سيد محمد شاهه، پير مظهرالحق، سردار رفيق احمد جمالي، ڊاڪٽر منظور احمد لغاري، لياقت علي خان جتوئي، رئيس بابن خان پنهور، آپا ڪلثوم چانڊيو، ماروي مظهر، پير مجيب الحق، ڪريم علي جتوئي، نبن خان لنڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي سياسي اميدوار پاٽ شريف ۾ ايندا رهيا آهن ۽ پنهنجي ورڪرن سان گڏجي اليڪشن مهم به هلايائون، تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ هن تر جي اهم سياسي اڳواڻ سيد محمد شاهه سيتائي ۽ پ پ دادو جي اڳواڻ پير مظهرالحق وچ ۾ هميشه اليڪشن دوران هڪ ٻئي سان سخت مقابلا ٿيندا رهيا آهن، 1985ع ۾ سيد محمد شاهه ايم پي اي چونڊجڻ بعد هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪئي، روزگار ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏنيون، پير مظهرالحق کي 1988ع کان وٺي جڏهن جڏهن به ڪا منسٽري ملي آهي ته هن طرفان ڪيترن ئي ماڻهن کي نوڪريون مختلف اسڪيمون ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون.
1970ع کان وٺي ۽ اڄ تائين مختلف وقتن تي پاٽ شريف ۾ جيڪي سياسي سرگرميون رهيون انهن ۾ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون به اڀري آيون، جن جا يونٽ هتي به کوليا ويا، ٻڌايو وڃي ٿو ته ماضي ۾ پاٽ شريف جي هڪ اهم شخصيت بئريسٽر يار محمد جوڻيجي هڪ بلدياتي اليڪشن ۾ خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي سان مقابلي ۾ حصو ورتو، چوڻ جو مقصد اهو آهي ته پاٽائي جتي ٻين شعبن ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪا آهن اتي هنن سياسي سرگرمين ۾ پنهنجو پاڻ کي پوئتي ناهي رهايو، اهڙن ئي سرگرم سياسي شخصيتن ۽ ورڪرن ۾ قاضي ميان احمدي، سيد اشرف علي شاهه، خيرالدين انصاري، سيٺ محمد پريل ميمڻ، علي حيدر پنهور، عبدالغني انصاري، سيد رياض حسين شاهه، وفا بهادر چانڊيو، ذوالفقار علي چانڊيو، علي انور برهماڻي، علي شير چنڙ، عزيز الله چانڊيو، مير نواز ملاح، حبيب الله چانڊيو، مخدوم افتخار الحق صديقي، منور حسين صديقي، خان محمد انصاري، مظهر علي ميمڻ، محبوب علي جوڻيجو، فهيم احمد ميمڻ، سيد زمان شاهه، شفيع محمد برهماڻي، رئيس خالد حسين برهماڻي، ماستر خالقڏنو چنا، قربان علي پنهور، علي احمد چانڊيو، علي حسن پنهور، سيد فاضل شاهه، شريف احمد چنڙ، شاهد حسين ميمڻ، ڪامريڊ اسلم ملاح، امير علي ملاح، اڪبر علي برهماڻي، منظور علي برهماڻي، ماجد علي خاصخيلي، عبدالرئوف چنا، عبدالسميع ميمڻ، ذاڪر علي چانڊيو، امتياز علي ملاح، معشوق علي چنڙ، حبيب سومرو، مرتضيٰ برهماڻي، اڪبر علي سولنگي، مسرور برهماڻي، نور محمد برهماڻي، حاڪم علي تيوڻو، غلام عباس ملاح ۽ ڪجهه عورت ڪارڪن به شامل آهن.

[b]سماجي تنظيمون
[/b]الڪريم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ پاٽ شريف
عزت حبيب ٽرسٽ پاٽ شريف
غني ٽرسٽ يونٽ پاٽ شريف
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف
سنڌ شهري اتحاد يونٽ پاٽ شريف
غزالا بتول صديقي ميموريل ويلفيئر ايسوسيئيشن
مهراڻ سوشل ويلفيئر يونٽ پاٽ شريف
پاٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن
آل سادات ويلفيئر سنڌيونٽ پاٽ شريف
آل سنڌ سومرا اتحاد يونٽ پاٽ شريف
سجاڳ ويلفيئر آرگنائيزيشن پاٽ شريف
وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاٽ شريف
پاٽائي منگي يادگار ڪاميٽي
سنڌ چانڊيه ويلفيئر ايسوسيئيشن پاٽ شريف
آل پاڪستان چنا ويلفيئر ايسوسيئيشن يونٽ پاٽ شريف
ميمڻ اتحاد يونٽ پاٽ شريف
ملاح سوشل ويلفيئر يونٽ پاٽ شريف
عباسي ڪلهوڙا اتحاد يونٽ پاٽ شريف
آل زرداري ويلفيئر ايسوسيئيشن يونٽ پاٽ شريف
پنهور ويلفيئر آرگنائيزيشن يونٽ پاٽ شريف

[b]ادبي تنظيمون
[/b]بزم شعراءَ پاٽ شريف
سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف
اداره پاٽ هائوس
پاٽ جي لاٽ

[b]سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف
[/b] سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف 6 نومبر 1998ع تي قائم ڪئي وئي، سينيئر شاعر ۽ اديب فدا ڪلرائي جي نگراني ۾ هڪ باڊي چونڊي وئي، جنهن ۾ هن شاخ جو پهريون باني سيڪريٽري گلزار ڪلهوڙو پاٽائي مقرر ٿيو ۽ ان کان علاوه جوائنٽ سيڪريٽري وفا بهادر چانڊيو، خزانچي خليل ميمڻ، آڊيٽر مخدوم ضياءُالحق صديقي ۽ ڪائونسلر الهبچايو برهماڻي چونڊيا ويا، هن تنظيم جي پليٽ فارم تان وقت بوقت مختلف موضوعن تي پروگرام ٿيندا رهيا آهن، هن شاخ جي سرگرم ساٿين ذاڪر حسين ميمڻ، مولا بخش ملاح، ممتاز پاٽائي، شبيرڻ پاٽائي، محمد زمان سومرو، اسلم ملاح، اياز علي ملاح، ايم بچل ڪلهوڙو، خالد منگي، شاهنواز برهماڻي، عبدالحميد ميمڻ ۽ ٻين جي ڪوششن سان هي شاخ دادو ضلعي جي بهترين شاخن منجهان هڪ شاخ رهي، جنهن ۾ ليڪچر پروگرام، دستوري گڏجاڻيون، تعزيتي ميڙاڪا، سالگراهون، آجياڻي واريون تقريبون، ڪتابن جون مهورتون، عيد ملن پارٽيون، احتجاجي ريليون، مذاڪرا، سگهڙن جون ڪچهريون، تنقيدي ويهڪون، رهاڻيون ۽ سگهڙن جون ڪچهريون، تنقيدي ويهڪون، رهاڻيون ۽ ايوارڊ تقريبون ڪرايون ويون، هن شاخ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار مرحوم ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ۽ مرحوم سائين الهنواز رڪڻائي ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جي مختلف پروگرامن ۾ جن نامور ادبي شخصيتن هن وقت تائين شرڪت ڪئي آهي، انهن ۾ شاعر محسن ڪڪڙائي، احمد خان مدهوش، آزاد انور ڪانڌڙو، انور شاد، عبد مگسي، زاهد سهارڻ، ديدار دانش کوسو، امتياز عادل سومرو، سليم چنا، معصوم بخاري، راشد مورائي، آصف مٺياڻوي، افضل سولنگي، گلبهار باغائي، رجب آزاد، ظفر احمد لهٻر، هارون احسن، همدرد اوڏ، امان الله لهٻر، خادم ممتاز چانڊيو، مشهور ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف کي پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ به مليل آهن، س ا س جي اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، مختيار ملڪ ۽ ٻين جا لکيل تعريفي نوٽ پڻ هن شاخ جي رڪارڊ تي موجود آهن.

[b]لائبريريون ۽ ڪتب خانه
[/b] علم ادب جو گهرو تعلق پڙهائي يا مطالعي سان آهي، پاٽ شريف بابت معلوم ٿئي ٿو ته پاٽ پراڻيءَ تي جيڪي ان دور ۾ حملا ۽ ڪاهون ڪيون ويون، انهن ۾جتي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو اتي کوڙ سارو علمي ذخيرو به ختم ڪيو ويو، ان وقت جي ڪيترن ئي ڪتب خانن کي ساڙيو ويو ۽ ڪيترائي ناياب ڪتاب زوريءَ کنيا ويا، موجوده پاٽ شريف جي وجود ۾ اچڻ بعد علمي لاٽ ٻرندي رهي، هتان جي ماڻهن وٽ گهرن ۾ ڪيتريون ذاتي لائبريريون ۽ ڪتب خانا هئا، جيڪي انهن جو مطالعو ڪندا رهندا هئا، هتان جي مين پرائمري اسڪول ۽ علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول ۾ به سرڪاري سطح تي شاگردن، استادن ۽ شهرين جي مطالعي لاءِ به لائبريريون قائم ڪيون ويون، ان کان علاوه هتي ڪجهه ٻين درسگاهن ۽ مدرسن ۾ به لائبريريون هيون، سال 1986ع واري دور ۾ موجوده دور جي نامور ليکڪ ۽ دانشور محترم نصير ميمڻ پنهنجي دوستن اظهار علي ميمڻ، علي نواز برهماڻي ۽ ڪجهه ڳوٺائي نوجوانن روشن علي پلهه، نياز حسين جوڻيجو، محمد اعظم ميمڻ، لطيف جمال ۽ ٻين سان گڏجي “شاهه لطيف” لائبريري کولي ۽ ان کانپوءِ 2004ع ۾ “VDO” وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي طرفان به ڪريم بخش چنا لائبريري کولي وئي ۽ ان کانپوءِ سال 2012ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف پاران ”سليم چنا“ جي نالي سان لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاٽ شريف جا شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو ڪتابن جو مطالعو ڪندا رهن ٿا.

[b]ثقافتي تنظيمون
[/b]يننگ فرينڊس ڊراميٽڪ سوسائٽي پاٽ شريف
ماروي آرٽ سرڪل پاٽ شريف
هوشو آرٽ ڪلب پاٽ شريف
سنڌ فنڪار تنظيم يونٽ پاٽ شريف
ناز اسٽار آرٽ ڪلب پاٽ شريف
سچل آرٽ ڪلب پاٽ شريف
سنڌ سگهڙ تنظيم پاٽ شريف
استاد نظر محمد چنا ميوزڪ فورم پاٽ شريف
الشهباز آرٽ ڪلب پاٽ شريف ۽ اولڊ ڪلري
مهراڻ آرٽ ڪلب پاٽ شريف

[b]پاٽ شريف جا ڊراما آرٽسٽ ۽ آرٽ ڪلبون
[/b] پاٽ شريف ۾ ماضيءَ جي ڪيترن ئي ڊراما آرٽسٽن اسٽيج تي پرفارم ڪري پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، چيو وڃي ٿو ته 1976ع واري دور ۾ هتي هڪ اسٽيج ڊرامو ٿيو، جنهن جو نالو هو ”ياد“، جنهن ۾ ان وقت جي اسٽيج اداڪارن سيد خوش محمد شاهه، ڊاڪٽر نياز چنا، الهندو خان ابڙو، خيرالدين انصاري ۽ ٻين پنهنجا اهڙا ته فني جوهر ڏيکاريا جو اهو ڊرامو پورو هفتو هليو ۽ هن ڊرامي جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ استاد بخاري، حسين شاهه بخاري ۽ سيد جان محمد شاهه هن ڊرامي جا سرپرست هئا، قمر سومرو ۽ روبينا حيدري لائيو ڳائيندا هئا ۽ ٻي اهم ڳالهه ته موجوده وقت جي نامور فنڪار منظور سخيراڻيءَ ان اسٽيج ڊرامي ”ياد“ ۾ هيروئن جو رول پلي ڪيو هو، 1989ع کان مارئي آرٽ ڪلب جو بنياد وڌو ويو، جنهن ۾ سيد علي اڪبر شاهه لال لڪياري، ايم اڪرم سومرو ۽ سيد آصف شاهه جي سرپرستي ۾ نون نون آرٽسٽن کي متعارف ڪرايو ويو ۽ 2005ع تائين هتي اسٽيج ڊرامن جو عروج رهيو، هاڻي ذڪر ڪريون ٿا پاٽ شريف جي اسٽيج اداڪارن جو جن وقت بوقت مختلف اسٽيج ڊرامن ۾ حصو ورتو، استاد غني سولنگي، ايم اڪرم سومرو، سيد خوش محمد شاهه، مخدوم زين العابدين، سيد آصف شاهه، سيد ڪليم شاهه، ڊاڪٽر نياز حسين چنا، محمد هاشم ملاح، قاضي مقبول، گلزار ڪلهوڙو، سيد مختيار، عزيز انڙ، حبيب سومرو، نجيب سومرو، شهزاد علي شاهه، منظور زرداري، صدرالدين ٿهيم، سرتاج چنا، محمد اعظم ميمڻ، سر علي نواز برهماڻي، سعيد بلوچ، مخدوم افتخار الحق، محمد اعظم سومرو، محمد بچل ڪلهوڙو، راجا درويش، نديم ڪلهوڙو، الهه بخش ملاح، نظير عباسي، خادم زرداري، نديم ملاح، نعيم ملاح، حاجي خان مهرائي شامل آهن، هتي ماروي آرٽ سرڪل، هوشو آرٽ ڪلب، سنڌ فنڪار تنظيم، سچل آرٽ ڪلب، ناز اسٽار آرٽ ڪلب، مهراڻ آرٽ ڪلب، الشهباز آرٽ ڪلب ۽ ينگ فرينڊس ڊراميٽڪ سوسائٽي جي فورمن تان به ڊراما پيش ڪيا ويا.
هتي پيش ٿيندڙ يادگار اسٽيج ڊرامن ۾ ياد، ضديرو، زال ڪري ٿي تال، شادي آ تادي، ڀاڳيلو، سنڌ جا پٽ، کوڙيءَ کي گُهمرِي، خطرناڪ، قيدياڻي، اڌوُرا ارمان، محبت زنده آباد ۽ ٻيا ڪيترائي اسٽيج ناٽڪ پلي ٿي چڪا آهن، مقامي آرٽسٽن کان سواءِ جن ٻين مهمان اداڪارن هتي پنهنجا فني جوهر ڏيکاريا انهن ۾ دادا غني سولنگي، استاد انور شاد، منان عباسي، عبدالله ملاح، ممتاز جروار، قمر آرزو، سڪندر علي سومرو، شبير راز، امداد جاني، بشير آڪاش، اشرف عطار، حسن ملاح، سيد عابد شاهه، سليم مغل، پرنس اڪبر، لالا محمد بخش، سرفراز پنهور، نواز انصاري، منور سومرو، امام الدين پنهور، ڍولڻ خان چانڊيو، دستگير ڀٽي، شمس پريمي، منظور سيتائي، سيد نثار شاهه ۽ ٻيا شامل رهيا. جڏهن ته فيميل آرٽسٽ ۾ نجما ثمر، مسرت ناز، زيبا ناز، خوشبوءِ سنڌي، شاهده صنم، نسيم گل، چاندني ڪنول، امبر شاهين، نگهت سلطانه، سپنا سحر، نسرين ڀٽي ۽ ٻين اداڪارائن هتي ٿيندڙ اسٽيج ناٽڪن ۾ بهترين پرفارمنس ڏيکاري.