ڪھاڻيون

پراڻو قرض

هي ڪتاب ڪرشن چندر جي 17 ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ڀَون سنڌي آهي. مھاڳ ۾ ممتاز بخاري لکي ٿو: ”ڀون سنڌيءَ جا اهي وڙ اڳ ۾ به موجود آهن جو هنن پرڏيهي ادب مان بهترن چونڊ ڪري ترجما ڏنا آهن ۽ اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. ترجمو بنيادي طور تي ٻي تخليق جيترو ئي محنت طلب ڪم آهي. ڌاري ٻوليءَ مان پنهنجي ٻوليءَ جو حصو بڻائڻ انتهائي محنت ۽ ڌيان وارو ڪم آهي، اهو تيستائين ممڪن نه ٿي سگهندو آهي جيستائين پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه هجي ۽ ٻي ٻوليءَ جي عزت نه هجي. ڀون سنڌي ”پراڻو قرض“ جون سترنهن جون سترنهن ڪهاڻيون اهڙي پيار ۽ چاهه سان ترجمو ڪيون آهن جو جيڪڏهن مون کي اها خبر نه هجي ته اهي ڌاري ٻوليءَ جون آهن ته مان ڪرشن چندر جون اهي سنڌي ڪهاڻيون ئي سمجهان ها.“
  • 4.5/5.0
  • 2577
  • 702
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پراڻو قرض

مهاڳ

سنڌ جي ادبي حلقن توڙي ادب پڙهندڙن ۾، ڪرشن چندر ايئن سڃاتو ويندو آهي جيئن هتان جا ٻيا مقبول ليکڪ. ان جو سبب اهو آهي ته ڪرشن چندر جي ڪهاڻين توڙي ناولن جا موضوع هتان جي سماجي زندگيءَ جا ئي لڳندا آهن. ڪرشن چندر جو جنم 23 نومبر 1914ع ڌاري راجستان جي شهر ڀرتپور ۾ ان وقت ٿيو، جڏهن سندس پيءُ گوري شنڪر چوپڙا اتي ڊاڪٽر طور پوسٽ ٿيو، سندس ڪٽنب برطانوي پنجاب جي شهر وزير آباد جو هو، جيڪو هاڻي پاڪستان ۾ شامل آهي. هن جي پيءُ جو پيشو اهڙو هو جو کيس مختلف هنڌن تي رهڻو پوندو هو ان ڪري هو ٻارڙو ئي هو ته سندس پيءُ ڄمون ڪشمير ۾ پونچ جي مهاراجا وٽ پوسٽ ٿيو. هو لاهور ۾ به رهيو. سندس لکڻين ۾ هن جي زندگيءَ جا عڪس به ملن ٿا.
ڪاليجي ڏينهن کان هن لکڻ شروع ڪيو، هندي ۽ اردو ۾ لکيائين. سندس پهرين اردو ڪهاڻي “ساڌو” 1932ع ڌاري ڇپي. ان کانپوءِ هن جي لکڻ وارو ڪم هن جي عادت بڻجي ويو. 8 مارچ 1977ع تي ممبيءَ ۾ وفات ٿيڻ تائين هن 20 ناول لکيا ۽ سندس 30 ڪهاڻين جا مجموعا ڇپيا. ريڊيو جا ڊراما به لکيائين، فلمي صنعت سان به سلهاڙيل رهيو. ڪيئي مضمون ۽ خاڪا به سندس ڪريڊٽ تي آهن. پر سڀ کان وڏو ڪريڊٽ اهو اٿس جو سعادت حسين منٽو، راجندر سنگهه بيدي، عصمت چغتائي جهڙن عظيم لکارين جي وچ ۾ ۽ بعد ۾ ايندڙ ٻين بهترين ليکڪن خوشونت سنگهه، احمد نديم قاسمي ۽ ٻين جي موجودگيءَ ۾ هن پنهنجي انفراديت قائم رکي. ان وقت جي ادبي ترقي پسند تحريڪ جي مهندارن ۾ شامل رهيو. ان ڪري هن کي هندستاني ليکڪ بجاءِ ننڍي کنڊ جو عظيم ليکڪ سمجهيو ويندو آهي.
سندس اڪثر ڪهاڻين يا ناولن جا ڪردار پيڙهيل طبقي سان واسطو رکن ٿا. جڏهن ته ورهاڱو توڙي ڪشمير ۽ سندس لاهور واري زندگي به سندس موضوعن ۾ شامل آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ محبت ۽ وڇوڙن، ڏک ۽ پريشانين، قومي آجپي ۽ سماجي برابري جهڙن معامرن کي اپٽاريو آهي. جڏهن ته جديد ادبي ڌارائن سان به سلهاڙيل رهيو آهي. “دو فرلانگ لمبي سڙڪ” stream of consciousness جو بهترين مثال آهي. ڳالهه ٻڌائڻ جو ڏانءُ انوکو اٿس. اردو، هندي ۽ انگريزي ٻولين ۾ سندس لکيل سمورو مواد هڪ ٻئي کان زور لڳي ٿو.
ڪرشن چندر جو اردو ۾ ڇپيل مواد هڪ پاسي پر هن کي سنڌي ليکڪن به سنڌيءَ ۾ اهڙي نموني ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي، جو ڪرشن چندر ڄڻ سنڌي ليکڪ بڻجي ويو هجي، اهڙن ترجمي نگارن ۾ ڀون سنڌي به نمايان آهي، جنهن جا اهي وڙ اڳ ۾ به موجود آهن جو هنن پرڏيهي ادب مان بهترن چونڊ ڪري ترجما ڏنا آهن ۽ اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. ترجمو بنيادي طور تي ٻي تخليق جيترو ئي محنت طلب ڪم آهي. ڌاري ٻوليءَ مان پنهنجي ٻوليءَ جو حصو بڻائڻ انتهائي محنت ۽ ڌيان وارو ڪم آهي، اهو تيستائين ممڪن نه ٿي سگهندو آهي جيستائين پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه هجي ۽ ٻي ٻوليءَ جي عزت نه هجي. ڀون سنڌي “پراڻو قرض” جون سترنهن جون سترنهن ڪهاڻيون اهڙي پيار ۽ چاهه سان ترجمو ڪيون آهن جو جيڪڏهن مون کي اها خبر نه هجي ته اهي ڌاري ٻولي جون آهن ته مان ڪرشن چندر جون اهي سنڌي ڪهاڻيون ئي سمجهان ها. ڪجهه مثال هي آهن:
“هڪ ٿالهه وارو هڪ بابو سان جهڳڙو ڪري رهيو آهي. پر توهان منهنجو ٿالهه اونڌو ڪيو آهي. آئون توهان کي وڃڻ نه ڏيندس. منهنجو ٽن رپين جو نقصان ٿي ويو. آئون غريب ماڻهو آهيان. منهنجو نقصان پورو ڪريو ته گهر وڃڻ ڏيندس.”

[b]ڪهاڻي: بي رحم رستا
[/b]“ڪرسچن حسينه نڪ تان رومال هٽائي ڇڏيو ڀرسان ويٺل ماڻهو کلڻ لڳا. مهاڻي عورت اڃان زور زور سان ٻيڙي پيئڻ لڳي. کلڻ ۽ ٻيڙي پيئڻ جي درميان کنگهه اچي ويئي. هاڻي هوءِ کلي رهي هئي ۽ ٻيڙي جا دونها هن جي ناسن مان نڪري رهيا هئا. هن جي اکين جي هيٺان ۽ ڪنن جي ويجهو جهريون اڃان به گهريون ٿي ويون هيون ۽ ڪنن ۾ سون جو ڳرو جهمڪو ڪنهن چاندي جهڙي مڇي جيان ائين لٽڪي رهيو هو ڄڻ مڇي ڪنڊي ۾ ڦاسي تڙپي رهي هجي.”

[b]ڪهاڻي: پور وڇوٽي
[/b]“اڄ کان ٻه سئو سال پهرين انگريزن فيلڊ لفيا جي گهرجا گهر جي عمارت کي نقصان پهچايو هو. اُن لاءِ اوهان ڇهه پائوند اٺ شلنگ ۽ هڪ پينس جو هرجاڻو ادا ڪري، جيڪو قدم کنيو آهي اُن لاءِ آئون توهان جو دلي شڪريو ادا ڪريان ٿو. اڄ کان ڏيڍ سال پهرين اهڙي طرح انگريز فوجن لڙائي ۾ منهنجي ٻن مندرن کي نقصان پهچايو هو. انگريز فوجن جي گولاباري سان اسان جو هڪ مندر ته بلڪل ڀڄي پيو هو ۽ ٻئي جي چئوديواري ڪري پئي هئي. اُن زماني جي تحصيلدار نقصان جو ڪاٿو ٻه لک لڳايو هو. مهرباني ڪري هي رقم جلد کان جلد موڪلڻ جي زحمت ڪندا. نقصان جو تخمينو تحصيلدار بنارس جي تحريري ثبوت سان گڏ اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان.”

[b]ڪهاڻي: پراڻو قرض
[/b]ايئن پيو لڳي ڄڻ مان سنڌي ڪهاڻيون ئي پڙهي رهيو آهيان. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ترجمي ۾ ڪهاڻين سان به ڪا ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وئي آهي، جيئن عام طور ڏٺو ويندو آهي ته ترجمانگار ڪم ٽپائو وارو طريقو اختيار ڪندي جملن ۽ لفظن جو پنهنجو مطلب ڏئي ڇڏيندا آهن. پر هڪڙي ڳالهه آهي ته عام طور اسان وٽ اردوءَ جا جيڪي لفظ رائج آهن اهي به ترجمي ۾ ڪتب آندا ويا آهن، جن جا سنڌي لفظ موجود آهن. پر ڀون سنڌي جي ترجمي جي اها خصوصيت لڳي پئي ته انهن لفظن کي پنهنجي جاءِ تي استعال صحيح ڪيو اٿائين، پر بهتر اصل سنڌي لفظ ئي لڳندو. هي سترنهن ڪهاڻيون انساني جبلتن جو اظهار به آهن ته انساني قدرن سان ٿيندڙ جٺ ۽ انياءُ جو اڇو چٺو به آهن. ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جا هن کان اڳ تاج جويو ۽ زيب سنڌيءَ پاران هڪ گڏيل ڪتاب ۾ به ترجما شامل ڪيا ويا آهن، موهن ڪلپنا، ولي رام ولڀ، بيدل مسرور، ٻين به سندس تخليقي ادب کي سنڌي ادب جي ترجمي واري ڀاڱي جو حصو بڻايو آهي. سو ڀون به سنڌ جو سڃاڻ ليکڪ آهي جنهن کي اها پڪي ڄاڻ آهي ته ترجمي جي اهميت ڪهڙي آهي. ڇو ته بنيادي طور هو هڪ تخليقي ليکڪ آهي جيڪو شاعري به ڪري ٿو ته شاعرن تي لکي به ٿو. جيئن هو سرويچ سجاوليءَ بابت لکي ٿو: “سندس محبت ڀريو مشاهدو ۽ شاعري جي اڏام انهن اُٺ ڪتابن جو پڙهيل عالمن، اڪابرن ۽ ڏاهن کان هزار ڀيرا مٿي هئي، جن سرڪاري آشيرواد ۽ وظيفن تي پڙهي عوام جو وقت ۽ پئسو وڃايو آهي. هن جي آتم ڪٿا جيتوڻيڪ تمام ننڍڙي هئي، پر هن جي شاعري جي ڪٿا هن خطي جو پورو دور هئي، جنهن ۾ هتي جو ماضي دفن ٿيل آهي. اجڙيل حال آهي ۽ روشن مستقبل جو تصور آهي. تڏهن ته مان چوندو آهيان ته هن خطي کي فقط هڪ واري لاءِ فطرت جهڙن حسين شاعرن جي حوالي ڪيو وڃي ته دنيا مان نفرت ختم ٿي وڃي ۽ محبت سنڌو ڌارا جيئن دنيا جي هن ڪنڊ کان هُن ڪنڊ تائين ڦهلجي وڃي. ڪنفيوشس چوي ٿو ته گيت دماغن کي بلندين ڏانهن وٺي ويندا آهن، ۽ موسيقي اها وٿ آهي، جنهن سان ڪا شئي مڪمل ٿيندي آهي.”
هتي اهو مثال ان ڪري پيو ڏيان ته جيئن پڙهندڙن کي پروڙ ٿئي ته سندس فن ۽ ادب بابت هن جي قدر ڪرڻ واري صلاحيت جي خبر پئي. اهڙا سندس ٻيا به ڪيئي ليک آهن. ڇوته پرڏيهي ادب مان چونڊ به هڪ وڏي صلاحيت وارو عمل آهي جيڪو ڀون سنڌي نڀائيندو پيو اچي. سو سائين ڀونداس لوهاڻو جيڪو ادبي نالي ڀون سنڌي سان مشهور آهي ان جا سنڌي ادب تي ترجمي وارا ڪرم به وسارڻ جهڙا ناهن.


[b]- ممتاز بخاري
[/b]سکر
4 جنوري 2017ع