ڪھاڻيون

پراڻو قرض

هي ڪتاب ڪرشن چندر جي 17 ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ڀَون سنڌي آهي. مھاڳ ۾ ممتاز بخاري لکي ٿو: ”ڀون سنڌيءَ جا اهي وڙ اڳ ۾ به موجود آهن جو هنن پرڏيهي ادب مان بهترن چونڊ ڪري ترجما ڏنا آهن ۽ اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. ترجمو بنيادي طور تي ٻي تخليق جيترو ئي محنت طلب ڪم آهي. ڌاري ٻوليءَ مان پنهنجي ٻوليءَ جو حصو بڻائڻ انتهائي محنت ۽ ڌيان وارو ڪم آهي، اهو تيستائين ممڪن نه ٿي سگهندو آهي جيستائين پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه هجي ۽ ٻي ٻوليءَ جي عزت نه هجي. ڀون سنڌي ”پراڻو قرض“ جون سترنهن جون سترنهن ڪهاڻيون اهڙي پيار ۽ چاهه سان ترجمو ڪيون آهن جو جيڪڏهن مون کي اها خبر نه هجي ته اهي ڌاري ٻوليءَ جون آهن ته مان ڪرشن چندر جون اهي سنڌي ڪهاڻيون ئي سمجهان ها.“
  • 4.5/5.0
  • 2577
  • 702
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پراڻو قرض

نهرو ۽ جناح جي نانءُ هڪ طوائف جو خط

مون کي يقين آهي ته هن کان اڳ توهان کي ڪنهن طوائف جو ڪو به خط نه مليو هوندو. مون کي اها به پڪ آهي ته، توهان منهنجي ۽ هن جنسي ڌنڌي سان لاڳاپيل ٻين عورتن جي به، ڪڏهن شڪل نه ڏٺي هوندي. آئون اِهو به سمجهان ٿي ته منهنجو توهان کي هي خط لکڻ ڪيتري قدر نه غلط آهي ۽ اُهو به وري هڪ اهڙو کليل خط.... پر ڇا ڪريان؟ حالتون ئي ڪجهه اهڙيون آهن. ۽ وري انهن ٻنهي ڇوڪرين جو مسئلو ايترو گنڀير آهي، جو آئون هن خط لکڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس. هي خط آئون ڪو نه لکي رهي آهيان. هي خط مون کان بيلا ۽ بتول لکائي رهيون آهن، آئون سچي دل سان معافي جي طلبگار آهيان، جيڪڏهن منهنجي خط ۾ ڪوئي جملو دل کي برو لڳي ته اُن کي منهنجي مجبوري سمجهي وٺجو. بيلا ۽ بتول مون کان هي خط ڇو لکائي رهيون آهن؟ هي ٻيئي ڇوڪريون ڪير آهن؟ ۽ انهن جو مسئلو ايترو شديد ڇو آهي؟ اِهو سڀ ٻڌائڻ کان پهرين آئون توهان کي ڪجهه پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿي. پريشان نه ٿيو. آئون توهان کي پنهنجي گنهگار ۽ نفرت لائق زندگي جي تاريخ کان آگاهه ڪرڻ قطعي نٿي چاهيان. آئون توهان کي اِهو به نه ٻڌائينديس ته، آئون ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن سبب طوائف بنيس. آئون ڪنهن شريفاڻي جذبي جو سهارو وٺي توهان کي ڪوڙي رحم جي درخواست ڪرڻ نٿي چاهيان آئون اوهان جي درد مند دل کي سمجهي، پنهنجي صفائي ۾ ڪو ڪوڙو محبت جو افسانو گهڙڻ به نٿي چاهيان. هن خط جي لکڻ جو مقصد اهو به ناهي ته، توهان کي طوائفي پيشي جي اسرارن۽ رمزن کان آگاهه ڪريان. مون کي پنهنجي صفائي ۾ ڪجهه به چوڻو ناهي. آئون فقط پنهنجي متعلق ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيان ٿي، جن جو اڳيان هلي بيلا ۽ بتول جي زندگي تي اثر پئجي سگهي ٿو.
صاحب! توهان ڪئين ڀيرا بمبئي آيا هوندا. پر توهان اسان واري بازار ڇاجي لاءِ ڏٺي هوندي؟ جنهن بازار ۾ آئون رهان ٿي اُهو فارس روڊ سڏجي ٿو. فارس روڊ، گرانٽ روڊ ۽ مدن پوره جي وچ ۾ آهي. گرانٽ روڊ جي هن پار لمنگم روڊ ۽ چوپاٽي، ميرين روڊ ۽ فورٽ جا علائقا آهن، جتي بمبئي جا شريف ۽ عزت دار ماڻهو رهندا آهن. مدن پوره جي هن پار غريبن جي وسندي آهي. فارس روڊ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ته جيئن، غريب ۽ امير ان مان هڪ جهڙو لاڀ وٺي سگهن. پر فارس روڊ اڃان به مدن پوره جي گهڻو ويجهو آهي. ڇاڪاڻ جو غربت ۽ رنڊي جي ڌنڌي ۾ هميشه گهٽ مفاصلو هوندو آهي. هي بازار ايتري خوبصورت ناهي. هن جا رهواسي به خوبصورت ناهن. هن علائقي جي وچ مان گذرندڙ ٽرام جو گوڙ، ڏينهن رات جاري هوندو آهي. دنيا جهان جا رولو ڪتا ۽ ڇورا ۽ نامي گرامي ڏوهاري قسم جا ماڻهو هتي جا چڪر ڪاٽيندي نظر ايندا آهن. لنگڙا، لولا، جريان ۽ ٽي بي جا مريض، ڪاڻا، گنجا، موالي ۽ کيسي ڪٽڻ وارا لچ لوفر هن بازار ۾ سينو تاڻي هلندا آهن، گنديون هوٽلون، ٽٽل فٽ پاٿ، ڪچري جي ڍيرن تي ڀڻ ڀڻ ڪندڙ لکين مکيون، ڪاٺ ۽ ڪوئلي جا اُجڙيل ۽ اُداس گدام، پيشه ور دلال، باسي گلن جا هار وڪڻن وارا، ڪوڪ شاستر ۽ ننگين تصويرن جا دڪاندار، چيني حجام، ۽ اسلامي حجام، گوڏ ڇڪي ٻڌل گاريون ڪڍندڙ پهلوان ۽ اسان جي سماجي زندگي جو سڄو گند ڪچرو، اوهان کي فارس روڊ تي ملندو. ظاهر آهي توهان هتي ڇو ايندا؟ ڪو به شريف ماڻهو هيڏانهن جو رخ نٿو ڪري. جيترا به شريف ماڻهو آهن، اُهي گرانٽ روڊ جي آسپاس رهن ٿا ۽ جيڪي اڃان به زياده شريف آهن، اُهي ملبار جبل تي رهن ٿا. جناح صاحب! آئون هڪ ڀيري اوهان جي گهر جي سامهون کان گذري هيس. مون جهڪي سلام به ڪيو هو. بتول به مون سان گڏ هئي. بتول کي توهان سان جيڪا عقيدت آهي، اُن کي آئون ڪڏهن به صحيح نموني سان بيان ڪري نه سگهنديس. خدا ۽ رسول کانپوءِ، هوءِ جيڪڏهن ڪنهن کي چاهي ٿي ته، اُهي فقط توهان ئي آهيو. هن توهان جي تصوير کي لاڪيٽ ۾ سجائي گلي ۾ پائي ڇڏي آهي. ڪنهن بري نيت سان نه. پر سچي دل سان بتول جي عمر هن وقت 11 سال آهي. ٻارڙي ئي ته آهي هُوءِ! فارس روڊ وارا هاڻي کان ئي هن ڏانهن بري نيت سان تڪيندا رهن ٿا. پر خير! ان بابت توهان کي ڪنهن ٻئي دفعي ٻڌائينديس.
ها ته اِهو آهي فارس روڊ جتي آئون رهان ٿي. فارس روڊ جي الهندي ڇيڙي تي، جتي چيني حجام جو دڪان آهي، اُن جي ويجهو هڪ اونداهي گهٽي جي موڙ تي، منهنجود ڪان آهي. ماڻهو ته اُن کي دڪان ڪو نه چون. پر خير! توهان ته دانا ماڻهو آهيو. توهان کان ڀلا ڇا لڪائينديس؟ اهو ئي چونديس ته اُتي منهنجو دڪان آهي ۽ اُتي آئون اهڙي طرح ڌنڌو ڪندي آهيان، جهڙي طرح واڻيو، سبزي وارو، فروٽ وارو، هوٽل وارو، سئنيما وارو، ڪپڙي وارو يا ڪو ٻيو دڪاندار ڌنڌو ڪندو آهي، ۽ گراهڪ کي خوش ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي فائدي لاءِ به سوچيندو آهي. منهنجو ڌنڌو به ان قسم جو آهي. فرق صرف ايترو آهي ته، آئون بليڪ مارڪيٽنگ نٿي ڪريان. ان کان علاوه مون ۾ ۽ ٻين واپارين ۾ ٻيو ڪو به فرق ناهي. هي دڪان سٺي جڳهه تي موجود ناهي. هتي رات جو ته ڇا پر ڏينهن جو به ماڻهو ڌڪجي وڃن ٿا. هن اونداهي گهٽي ۾ ماڻهو پنهنجا کيسا خالي ڪري وڃن ٿا. شراب پيئندا ۽ دنيا ڀر جون گاريون بڪن ٿا. هتي معمولي ڳالهه تي به چاقو جا وار ٿين ٿا. هڪ ٻه خون هر ٻئي تيئن ڏينهن تي ٿيندا رهن ٿا. مطلب ته هتي هر وقت ساهه مٺ ۾ رهي ٿو. ۽ ٻيو وري ته آئون ڪا اعليٰ درجي جي طوائف به ناهيان جو پوش علائقي ۾ وڃي رهان، يا وري سمنڊ جي ڪناري هڪ ڪمرو ئي وٺي سگهان. آئون هڪ نهايت ئي معمولي درجي جي طوائف آهيان. جيتوڻيڪ مون سڄو هندستان ڏٺو آهي ۽ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو آهي ۽ هر طرح جي ماڻهن سان صحبت ۾ رهي آهيان، پر گذريل ڏهن سالن کان، هن ئي شهر بمبئي ۾، انهي ئي فارس روڊ تي، انهي ئي دڪان تي ويهان ٿي ۽ هاڻي ته مون کي انهي دڪان جي پڳڙي به ڇهن هزارن تائين ملي ٿي. جيتوڻيڪ هي جڳهه ڪا ايتري سٺي به ناهي. هوا ۾ ڏاڍي بدبوءِ آهي. ڪچرو چئني طرفن ڦهليل آهي. گندگي جا ڍير لڳل آهن. ۽ خارش لڳل رولو ڪتا گهٻرايل گراهڪن پويان جهٽ هڻن ٿا. ان جي باوجود اڄ به مون کي هن جڳهه جي پڳڙي ڇهه هزار رپين تائين ملي ٿي.
هن علائقي ۾ منهنجو دڪان هڪ ماڙ جي گهر ۾ آهي ان ۾ ٻه ڪمرا آهن. سامهون وارو ڪمرو منهنجي بيٺڪ آهي. هتي آئون مجرو ڪندي آهيان ۽ گراهڪن کي وندرائيندي آهيان. اُن جي پويان وارو ڪمرو رڌڻي، وهنجڻ جي جاءِ، ۽ سمهڻ واري ڪمري جي طور ڪم اچي ٿو. ان ڪمري ۾ هڪ طرف پاڻي جو نلڪو آهي، ٻئي پاسي هڪ وڏو پلنگ پيل آهي ۽ اُنجي هيٺان هڪ ٻيو ننڍو پلنگ پيل آهي. اُن جي هيٺان ميرن ڪپڙن جي پيتي رکيل آهي. ٻاهرئين ڪمري ۾ بجلي جي ڪنيڪشن هڻڻ ڪري روشني آهي ليڪن اندرئين ڪمري ۾ بلڪل اوندهه آهي. گهر جي مالڪ جاءِ کي ڪيترن سالن کان رنگ ناهي ڪرايو ۽ نه ئي ڪرائيندو. ايتري واندڪائي ڀلا ڪنهن کي آهي. آئون سڄي رات نچان ٿي ۽ ڳايان ٿي ۽ صبح جو، انهي ئي گول وهاڻي تي ڪنڌ رکي سمهي پوندي آهيان. بيلا ۽ بتول کي پويان وارو ڪمرو ڏيئي ڇڏيو آهي. اڪثر گراهڪ جڏهن منهن ڌوئڻ لاءِ اوڏانهن ويندا آهن ته بيلا ۽ بتول اُنهن کي خوف ڀريل نگاهن سان ڏسڻ لڳنديون آهن. جيڪي ڪجهه اُنهن جون نگاهون چونديون آهن، منهنجو هي خط به اُهوئي ڪجهه چوي ٿو. جيڪڏهن اُهي مون وٽ هن وقت رهيل نه هجن ها ته، هي گنهگاربندي توهان جي خدمت ۾ هي گستاخي قطعي نه ڪري ها. آئون ڄاڻان ٿي ته دنيا مون تي ٿو ٿو ڪندي. سمجهان ٿي ته شايد توهان تائين منهنجو هي خط به الائجي نه. پر پوءِ به مجبور آهيان. هي خط لکي ئي رهنديس، ڇو ته اِها بيلا ۽ بتول جي خواهش آهي.
شايد توهان اِهو اندازو لڳائيندا هوندا ته بيلا ۽ بتول منهنجيون نينگريون آهن. پر نه اِهو غلط آهي. منهنجي انهن مان ڪا به ڌي ناهي. انهن ٻنهي ڇوڪرين کي مون بازار مان خريد ڪيو آهي. جن ڏنهن ۾، هندو مسلم فساد زور تي هو، گرانٽ روڊ، فارس روڊ ۽ مدن پوره ۾ انساني خون پاڻي جيان وهايو پي ويو. اُنهن ڏينهن ۾ بيلا کي مون مسلمان دلال کان ٽي سئو رپين ۾ خريد ڪيو هو. هي مسلمان دلال هن ڇوڪري کي راولپنڊي کان کڻي آيو هو، جتي بيلا جا ماءُ پيءُ رهندا هئا. بيلا جا ماءُ راولپنڊي ۾ راجا بازار جي پويان پونچ هائوس جي سامهون واري گهٽي ۾ رهندا هئا. اُهو هڪ وچيئن طبقي جو گهراڻو هو. شرافت ۽ سادگي هنن جي نس نس ۾ ڀريل هئي. بيلا پنهنجي ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌي هئي. ۽ جڏهن راولپنڊي ۾ مسلمانن هندن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، اُن وقت بيلا چوٿين درجي ۾ پڙهندي هئي. اهو ٻارهن جولائي جو واقعو آهي. بيلا اسڪول مان پڙهي گهر اچي رهي هئي ته، هن پنهنجي گهر جي سامهون ۽ ٻين هندن جي گهرن اڳيان ماڻهن جو وڏو ميڙ ڪٺو ٿيل ڏٺو. اُهي هٿيارن سان ليس هئا ۽ هندن جي گهرن کي باهه لڳائي رهيا هئا. اُهي هندن کي اُنهن جي ٻارن کي، عورتن کي گهرن کان ٻاهر ڪڍي قتل ڪري رهيا هئا ۽ گڏوگڏ الله اڪبر جا نعرا به هڻي رهيا هئا. بيلا پنهنجي اکين جي اڳيان پنهنجي پيءُ کي قتل ٿيندي ڏٺو. پوءِ هن پنهنجي اکين جي سامهون پنهنجي ماءُ کي دم ڏيندي ڏٺو. وحشي مسلمانن هن جا ببا (اُرهه) ڪٽي اُڇلائي ڇڏيا هئا. اُهي ببا جن سان هڪ ماءُ، ڪا به ماءُ، هندو يا مسلمان ماءُ، عيسائي يا يهوديءَ ماءُ پنهنجي ٻار کي کير پياريندي آهي ۽ انسانن جي زندگي ۾ ۽ ڪائنات جي وسعتن ۾ تخليق جو هڪ نئون باب کوليندي آهي. ۽ اُهي کير سان ڀريل ببا الله اڪبر جي نعرن جي يلغار سان ڪٽيا ويا. ڪنهن تخليق سان ايڏو ظلم ڪيو هو؟ ڪهڙي ظالم اوندهه هنجي روح کي ڪاراڻ ملي هئي؟ مون قرآن پڙهيو آهي ۽ آئون ڄاڻان ٿي ته راولپنڊي ۾ بيلا جي ماءُ پي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اُهو اسلام نه هو. اها انسانيت به نه هئي. اها دشمني به نه هئي. اهو انتقام به نه هو. اها هڪ اهڙي بي رحمي، بزدلي ۽ شيطانيت هئي جيڪا تاريخ جي ڇاتي مان ڦٽي ٿي ۽ نور جي آخري ڪرڻي کي به داغدار ڪري ويندي آهي.
بيلا هاڻ مون وٽ رهي ٿي. مون کان پهرين هو ڏاڙهي واري مسلمان دلال وٽ هئي. بيلا جي عمر ٻارهن سالن کان مٿي نه هئي جڏهن هوءِ چوٿين درجي ۾ پڙهندي هئي. پنهنجي گهر ۾ هجي ها ته هاڻ هوءِ پنجين درجي ۾ داخل ٿي چڪي هجي ها. ۽ پوءِ اڃان وڏي ٿئي ها ته هن جا ماءُ پيءُ هن جي شادي ڪنهن شريف گهراڻي جي غريب ڇوڪري سان ڪري ڇڏين ها. هوءِ پنهنجو ننڍڙو گهر وسائي ها، پنهنجي مڙس سان، پنهنجن ننڍڙن ٻارڙن سان، پنهنجي گهريلو زندگي جي ننڍين ننڍين خوشين سان. ليڪن هن نازڪ مکڙي تي بي وقتي خزان اچي وئي. هاڻ بيلا ٻارهن ورهين جي نٿي لڳي. جيتوڻيڪ هن جي عمر ٿوري آهي پر هاڻي هوءِ پوڙهي ڏيکائي ڏي ٿي. هن جي اکين ۾ جيڪو دپ آهي، انسانيت لاءِ جيڪا تلخي آهي موت جي جا اُڃ آهي يا هن جي رڳن ۾ رجندڙ جو خون آهي. قائداعظم صاحب! جيڪڏهن توهان هن کي ڏسي سگهو ته شايد اُنجو اندازو ڪري سگهو!. اُنهن بي آسرا اکين جي گهراين ۾ لهي سگهو! توهان ته شريف ماڻهو آهيو. توهان شريف گهراڻي جي ڇوڪرين کي ڏٺو هوندو. هندو ڇوڪرين کي، مسلمان ڇوڪرين کي، شايد توهان سمجهي وٺو ته معصوميت جو ڪو به مذهب ناهي ٿيندو. اُها سڄي انسانيت جي امانت آهي. سڄي دنيا جو ورثو آهي جيڪو اُن کي مٽائي يا ڊاهي ٿو، ان کي دنيا جي ڪنهن به مذهب جو خدا معاف نٿو ڪري سگهي. بتول ۽ بيلا ٻئي سڳين ڀيڻن جيان مون وٽ رهن ٿيون. بتول ۽ بيلا پاڻ ۾ سڳيون ڀيڻون ناهن. بتول مسلمان ڇوڪري آهي ۽ بيلا هندو گهر ۾ جنم ورتو. اڄ ٻئي فارس روڊ تي هڪ رنڊي جي گهر ۾ رهيل آهن. جيڪڏهن بيلا راولپنڊي کان آئي آهي، ته بتول وري جالنڌر جي هڪ ڳوٺ کيم ڪرن جي هڪ پٺاڻ جي ڌي آهي. بتول جي پيءَ جون ست ڌيون هيون. ٽي شادي شدهه ۽ چار ڪنواريون. بتول جو پي کيم ڪرن ۾ هڪ معمولي هاري هو. غريب پٺاڻ پر غيرت مند پٺاڻ، جنهن ديون کان لڏي کيم ڪرن ۾ اچي گهر وسايو هو. جاٽن جي ان ڳوٺ ۾ اهي ئي ڪي ٻه ٽي گهر پٺاڻن جا هئا. هي ماڻهو جنهن امن ..... آشتي واري ماحول ۾ رهندا هئا، شايد ان جو اندازو پنڊت (نهرو) جي! توهان کي ان حقيقت مان ٿيندو ته، مسلمان هئڻ جي باوجود به هنن ماڻهن کي ڳوٺ ۾ مسجد ٺهرائڻ جي اجازت نه هئي. هي ماڻهو گهرن ۾ چپ چاپ نماز ادا ڪندا هئا. صدين کان، جڏهن کان مهاراجا رنجيت سنگهه حڪومت سنڀالي هئي، ڪنهن مومن هن ڳوٺ ۾ ٻانگ نه ڏني هئي. هنن جي دل خدا شناسي سان روشن هئي ليڪن دنياوي مجبوريون ڪافي قدر سخت هيون ۽ وري مٿان رواداري جو خيال ايتريقدر ته غالب هو، جو اکر ڪڇڻ جي به همٿ نه ٿيندي هئي، بتول پنهنجي پيءَ جي لاڏليءَ ڌيءَ هئي. ستن مان سڀني کان ننڍي هئي، سڀني کان پياري، سڀني کان حسين. بتول ايتريقدر حسين آهي جو هٿ لڳائڻ سان به ميري ٿي پوندي آهي. پنڊت جي! اوهان خود ڪشميري نسل جا آهيو. فنڪار شناس هئڻ ڪري اهو به ڄاڻو ٿا ته خوبصورتي ڇاکي چوندا آهن. اها خوبصورتي اڄ منهنجي گندگي جي ڍير تي اهڙي بي دردي سان پيل آهي. جو اُنجي پرک ڪرڻ وارو ڪو شريف ماڻهو مشڪل سان ئي ملندو. هن گندگي جي ڍير تي ڳريل سڙيل مارواڙي، گهاٽين مڇين وارا ٺيڪيدار، ناپاڪ نظرن وارا چور بازاري ۽ ٺڳ ئي نظر اچن ٿا. بتول صفا اڻ پڙهيل آهي. هن صرف جناح صاحب جو نالو ٻڌو هو. هن پاڪستان کي هڪ وندر جو کيل سمجهي نعرا هنيا هئا. جيئن ٽن چئن سالن جا ٻار گهرن ۾ انقلاب زنده باد جا نعرا هڻندا رهندا آهن. يارهن سالن جي ئي ته آهي هي اڻ پڙهيل بتول. هوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا آهن، مون وٽ آئي آهي. هڪ هندو دلال هن کي مون وٽ کڻي آيو هو. مون هن کي پنج سئو رپين ۾ خريد ڪري ورتو. اُن کان پهرين هوءِ ڪٿي هئي، اِهو آئون نٿي چئي سگهان. ها ليڊي ڊاڪٽر مون کي گهڻو ڪجهه چيو آهي ته، جيڪڏهن توهان هن کي ٻڌي وٺو ته شايد پاڳل ٿي وڃو. بتول به هن وقت نيم پاڳل آهي. هن جي پيءَ کي جاٽن اهڙي بيدردي سان ماريو آهي، جو هندو تهذيب جي گذريل ڇهه هزار سالن جي عظمت جا ڇوڏا لهي پيا آهن ۽ انساني بربريت پنهنجي وحشي روپ ۾ سڀني جي سامهون ظاهر ٿي پئي آهي. پهرين ته جاٽن هن جي پيءُ جون اکيون ڪڍيون. پوءِ هن جي منهن تي پيشاب ڪيو. پوءِ هن جي پيٽ کي چيري آنڊا ٻاهر ڪڍيا. پوءِ هن جي شادي شده ڌين سان منهن ڪارو ڪيو. اُن وقت پيءُ جي لاش جي سامهون ريحانه، گل، درخشان، مرجانه، موهن ۽ بيگم سان زنا ڪري وحشي انسان پنهنجي مندر جي مورتين کي ناپاڪ ڪيو جن اُنهن کي زندگي عطا ڪئي هئي، جن اُنهن کي لوليون ٻڌايون هيون. جن اُنهن جي سامهون شرم، عاجزي ۽ روح جي پاڪيزگي سان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو. هنن اُنهن سڀني ڀينرن، مائرن ۽ نُهرن سان سان زنا ڪيو هو. هندو ڌرم پنهنجي عزت وڃائي چڪو هو. پنهنجي رواداري کي ختم ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي عظمت مٽائي چڪو هو. اڄ رگ ويد جو هر منتر خاموش هو. اڄ گرنٿ صاحب جو هر دوهو شرمندو هو اڄ گيتا جو هر شلوڪ زخمي ٿي پيو هو. ڪير آهي جيڪو منهنجي سامهون اجنتا جي مصوري جو نالو وٺي سگهي ٿو؟ اشوڪ جا ڪتبا ٻڌائي سگهيو ٿي؟ ايلوراجي راهه، رِمندن جاڳڻ ڳائي سگهيو ٿي؟ بتول جا بي وس ۽ لاچار ڀيٽيل چپ، هن جي ٻانهن تي وحشي درندن جي ڏندن جا نشان، ۽ هن جي ٽنگن جي ناهمواري ۾ تنهنجي اجنتا جو موت آهي! تنهنجي ايلورا جو جنازو آهي! تنهنجي تهذيب جو ڪفن آهي! اچو! اچو!! آئون توهان کي اُها خوبصورتي ڏيکاريان، جيڪا ڪڏهن بتول هئي. اُن بدبوءِ دار لاش کي ڏيکاريان، جيڪا اڄ بتول آهي. جذبن جي لهر ۾ وهي آئون ڪجهه گهڻو ئي چئي ويس. شايد اهو سڀ ڪجهه مون کي نه چوڻ گهربو هو. شايد ان ۾ توهان جي گهٽتائي آهي. شايد ان کان زياده ناگوار ڳالهيون توهان سان اڄ تائين ڪنهن نه ڪيون هونديون؟ ۽ نه ئي ڪڏهن ٻڌايون هونديون؟ ممڪن آهي ته توهان ان مسئلي ۾ اِهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهو جيڪو ڪرڻ گهرجي. شايد ٿورو ڪجهه به نه ڪري سگهو، پوءِ به.... اسان جي ملڪ ۾ آزادي اچي وئي آهي. هندستان ۾ ۽ پاڪستان ۾..... ۽ شايد هڪ طوائف کي به پنهنجن رهنمائن کان پڇڻ جو اِهو حق ضرور آهي، ته هاڻ بيلا ۽ بتول جو ڇا ٿيندو!؟.
بيلا ۽ بتول به ڇوڪريون آهن. ٻه قومون آهن. ٻه تهذيبون آهن. ٻه مندر۽ مسجد آهن. بيلا ۽ بتول اڄڪلهه فارس روڊ تي هڪ رنڊي وٽ رهيل آهن، جيڪا چيني حجام جي پاسي ۾ پنهنجي دڪان تي ڌنڌو ڪري ٿي. بيلا ۽ بتول کي اهو ڌنڌو پسند ناهي. مون انهن ٻنهي کي خريد ڪيو آهي. آئون چاهيان ته هنن کان مون وارو ڌنڌو ڪرائي سگهان ٿي. پر سوچيان ٿي. آئون اِهو ڪم قطعي ڪو نه ڪنديس جيڪو راولپنڊي ۽ جالنڌر اُنهن سان ڪيو آهي. مون هنن کي هن وقت تائين فارس روڊ جي دنيا کان الڳ رکيو آهي. پر تڏهن به جڏهن منهنجا گراهڪ پويئين ڪمري ۾ وڃي پنهنجا هٿ منهن ڌوئندا آهن ته اُن وقت بيلا ۽ بتول خوف سان ڀريل نگاهون مون کي ڪجهه چوڻ چاهينديون آهن. مون ۾ انهن نگاهن جي تاب کي روڪي سگهڻ جي سگهه ناهي. آئون ٺيڪ طرح سان اُنهن جو پيغام به اوهان تائين پهچائي نٿي سگهان. توهان ڇو نه پاڻ انهن نگاهن جو پيغام پڙهائي وٺو. پنڊت جي! آئون چاهيان ٿي ته توهان بتول کي پنهنجي ڌي ٺاهيو. جناح صاحب! آئون چاهيان ٿي ته توهان بيلا کي پنهنجي لاڏلي ڌي ڪري سمجهو. هڪ دفعو هنن کي فارس روڊ جي جهنگل مان ڇڏائي پنهنجن گهرن ۾ رکو ۽ اُنهن لکين روحن جو نوحو ٻڌو، جيڪو کيم ڪرن کان راولپنڊي تائين ۽ ڀرت پور کان بمبئي تائين گونجي رهيو آهي. ڇا ان آواز جي گونج گورنمينٽ هائوس ۾ ڪو نه ٿي پهچي؟ ڇاهي آواز اوهين ٻڌڻ چاهيندا!؟


توهانجي گهڻگهري
فارس روڊ جي هڪ طوائف