رتي ڪڻا
منهنجا جڏهن پرڏيهي ڪهاڻين جا ترجما نئون نياپو پاران ڇپائي جي مرحلي مان گذريا پئي ته انهن ۾ ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون به شامل هيون. پر پبلشر (سنڌي انعام) جي راءِ هئي ته ڪرشن چندر جي ڪهاڻين کي انهن مجموعن ۾ آڻڻ بدران ڌار سندس ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب آڻجي. مونکي به اها تجويز وڻي. بس پوءِ سنڌي انعام ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جا ڪتاب به موڪلي ڏنا ۽ هڪ عدد فون به گھمايو ته “سائين! توهان جو ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو ڪيل ترجمي جو تعداد مجموعي آڻڻ لاءِ اڻپورو آهي. اڃا ٻه ٽي ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڏيو ته ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻيون.” بس پوءِ ڪتاب جي پيٽ جي کوٽ ڀرڻ لاءِ ڪرشن جي ڪهاڻين جو ترجمو ڪرڻ ويٺس. پر ڪرشن چندر جي لکڻين جو سحر جيڪو مون تي ننڍي هوندي کان طاري آهي سو ڀلا ڪٿي ٿو ختم ٿئي؟. هونءَ ته آئون ترجمي جي معاملي ۾ انتهائي محتاط رهيو آهيان، گھٽ ۾ گھٽ ڏهه پندرهن ڪهاڻيون پڙهندو آهيان ۽ انهن مان ورلي ڪنهن هڪ ئي ڪهاڻي جي ترجمي لاءِ چونڊ ڪندو آهيان. پر ڪرشن چندر جي هر ڪهاڻي کي پڙهڻ کانپوءِ ان کي ترجمو ڪرڻ تي دل چاهيو ۽ نتيجي ۾ مجموعي لاءِ گھربل ٻن ٽن ڪهاڻين جي بدران آئون کوڙ ساريون ڪهاڻيون ترجمو ڪري ويٺس. ۽ ايئن ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جا سنڌي ۾ ترجمي جا هڪ بدران ٻه مجموعا اوهان جي هٿن تائين پهچي رهيا آهن.
مون ٿورو گهڻو جيترو به پرڏيهي ادب کي پڙهيو آهي ته مونکي گھڻو ڪري لڳو آهي ته ڪهاڻيڪار يا ناول نويس (شاعر کي آئون ان ۾ شامل نٿو ڪريان) ڪنهن به ڪهاڻي يا ناول کي سرجڻ لاءِ ان جو پهريان خاڪو (پلاٽ)گھڙيندو آهي. پوءِ ان لاءِ منڍ، ڪلائيميڪس، ٺهڪندڙ ڪردار، منظرنگاري ۽ لفظن ۽ جملن (ڊائلاگ وغيره) جو استعمال اهڙي ريت ڪندو آهي جئين اها لکت پڙهندڙن تي ڀرپور اثر ڪري ۽ ادب ۾ پنهنجو ڌار مقام ماڻي، پر ڪرشن چندر جي لکڻين مان مونکي ايئن نه لڳو آهي. هو ڪهاڻي يا ناول وغيره لکڻ لاءِ ڪا خاص تياري (شعوري ڪوشش) ڪندي نطر نٿو اچي. ۽ نه ڪو هٿراڌو منڊل منڊي ٿو. هن جي ناولن ۽ ڪهاڻين جا ڪردار زندگيءَ ۾ جيئن آهن، ڪهاڻين ۾ به تيئن ئي آهن. بنا ميڪ اپ ۽ ڪاسٽيوم جي هلندڙ گھمندڙ، اوهان جي آسپاس جتي ڪٿي ملندا. ريل جي دٻي ۾، طوائف جي ڪوٺي تي، بازارن ۾ مال کپائيندي، سيٺ جي پيڊي تي، بند حويلين ۾، اسپتال جي سسڪيون ڀريندڙ بسترن تي، اسڪول ۾ وڃايل ڪتابن ۾، بند شوڪيسن جي دڪانن تي، غربت ۽ اميريءَ جي وچ ۾ پاتل ليڪن تي، باغن، برن، ڀٽن ۾ اوسيئڙي ۾ وڇايل اکين ۾، سرڪاري آفيسن ۽ سياسي ايوانن ۾، جھوپڙي ۾ جاڳندڙ دردن ۽ محلن ۾ ماڻجندڙ مستين م، ٻاڪڙا هوٽل ۾ آئيندي جا خواب ڏسندي چانهه جي ڪوپ تي..... ۽ پوءِ جڏهن ڪرشن چندر جا لفظ انهن کي ڪهاڻي يا ناول جي تاڃي پيٽي ۾ آڻين ٿا ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هي شعوري يا دانسته لکت ٿي ئي نٿي سگھي. هي ته اندر ۾ پيهي نڪرندڙ اکر آهن ۽ ايئن في البديع، جيئن شاعر شعر سرجيندا آهن ۽ امرتا ماڻيندا آهن. ۽ پوءِ.... ماڻهوءَ کي ايئن محسوس ٿيندو ته هي ڪنهن ناول يا ڪهاڻيءَ جا ڪردار نه پر مان پاڻ آهيان. انهن جا درد، انهن جا ڪرب، انهن جو خوشيون ۽ انهن جا ٽهڪ پنهنجا محسوس ٿيندا آهن. انهن جا سپنا پنهنجا سپنا ۽ انهن جو آجپو پنهنجو آجپو ڀائيندو آهي، ۽ سونهن ۽ سوڀيا جا سڀ رنگ ۽ فڪر جون سڀ ڦرهيون هن جي اندر کي روشن ڪري چڪيون آهن.
ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو پنهنجو ماحول ۽ پنهنجي مخصوص انداز واري ٻولي آهي، جنهن جو ڪينواس هن جي پنهنجي ڌرتي ۽ اُن تي وسندڙ مخلوق آهي. هر ٻولي جي پنهنجي سونهن، خوشبوءِ، مزاج ۽ ماحول آهي. مون پنهنجي طور تي اها ڪوشش ڪئي آهي ته ڪرشن جي ڪهاڻين کي سنڌي ۾ اُٿلو ڪرڻ وقت هن جي پنهنجي ٻولي جي چاشني، بيهڪ ۽ ماحول جي رنگ ۾ ڀنگ نه پوي ۽ سنڌ جو پڙهندڙ ترجمو ڪيل ڪهاڻين کي پڙهڻ مهل به اُهائي خوشبوءِ محسوس ڪري جيڪا هن جي اصل لکڻين ۾ محسوس ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اُردو جي لفظن ۽ محاورن جو سنڌي ۾ نعم البدل هئڻ جي باوجود به، مون شعوري طور تي ترجمي ۾ ڪٿي ڪٿي اُردو ٻولي جا ساڳيا لفظ ۽ محاورا برقرار رکيا آهن. (اُهي لفظ ۽ محاورا سنڌي ۾ به عام طور استعمال ٿين ٿا ۽ سٺي نموني سمجهيا وڃن ٿا ۽ اُنهن ۾ اوپرائپ جو احساس نٿو ٿئي) ڇو جو مان ڄاڻان ٿو ته هر ٻولي ۾ ڪي خاص لفظ ۽ محاورا اهڙا هجن ٿا جيڪي ئي فقط اُن ٻولي جي ڌرتي، بيهڪ ۽ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا ۽ خوام خواهه جي ترجمي سان اُهي پنهنجي معنيٰ، مفهوم، پس منظر ۽ اصليت وڃائي ويهن ٿا ۽ ..... به لڳن ٿا. ڪير کڻي منهنجي راءِ سان ڀلي سهمت نه ٿئي ۽ اهو سندس حق به آهي. پر مون اهو بهتر ۽ مناسب سمجهيو ته انهن لفظن ۽ محاورن جي اجائي ڇيڙڇاڙ يا وڍ ڪٽ نه ڪجي ۽ اهڙي طرح ڪرشن چندر ڪهاڻين جي اصل مزاج ۽ روح جي سونهن ۽ سڳنڌ کي قائم رکجي.
ڪرشن چندر جي لکڻين ۾ جتي جاگيرداري ۽ سرمايه داري سماج ۾ پلجندڙ انسانن جي زندگي، حالتن ۽ ان تي اثرانداز ٿيندڙ ڪيفيتن جو گھرو مشاهدو نظر اچي ٿو. اتي طوفان کان به تيز اٿندڙ اشتراڪي نظام (ڪميونزم) جو انساني سماج ۽ دنيا تي پوندڙ اثر جو اولڙو پڻ پسي سگھجي ٿو.
ڪرشن چندر جنهن دور ۾ ساهه کنيو ان دور جو سماج، حالتون ۽ رهڻيون ڪهڻيون ٻيون هيون. جاگيرداري کان وٺي سرمائيداري نطام تائين، ڪميونزم کان وٺي گلوبل وليج تائين، دنيا ۾ ڪافي اٿلون پٿلون آيون آهن. ڪالهه وارو سماج اڄ ناهي، ڪالهه واريون حالتون اڄ ناهن ۽ سڀاڻي اڄ واريون حالتون نه رهنديون، پر منهنجي نظر ۾ ڪرشن چندر جي لکڻين جو وڏو ڪمال اهو آهي ته هن جون لکڻيون. جڏهن ڪالهه به مقبول هيون ۽ ماڻهن جن دليون موهينديون رهيون ته اهي اڄ به ماڻهن کي پاڻ ڏي ڇڪين ٿيون. اهو انهي ڪري جو ڪرشن چندر اسان جي لطيف جذبن ۽ احساسن کي بخوبي سمجهي لکيو ۽ انسان جا لطيف جذبا ۽ ڪومل احساس ڪڏهن به ماضي بڻجي نٿا سگھن. سماجي، سياسي، معاشي حالتن ۾ ڀلي ڦير يا تبديلي اچي پر پيار، محبت، درد ڪرب، خوشي، ٽهڪ، خوشبو، فطرتي سونهن ۽ منظر ۽ انساني قدر هر دور ۾ پنهنجي سگهه ۽ جلا سان پاڻ موکيندا ۽ موهيندا رهندا. ڪرشن چندر جي لکڻين ۾ انهن سڀني ڪيفيتن جو پرتئو موجود آهي. هن جي قلم انساني روح جي گھراين ۾ ٽٻيون هڻي اهي موتي آڻي ڏنا آهن جن جي چمڪ کي وقت ڪڏهن به ڪسارو نٿو ڪري سگھي ۽ نه ئي انهن جو نور جھڪو ڪري سگھجي ٿو.
هن جي لکڻين ۾ اسان جي ازلي پيڙائن ۽ ابدي خوشين جو احساساتي ذڪر آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪرشن چندر ڪالهه به ماڻهن ۾ زياده پڙهيو ويندڙ ليکڪ هو ۽ اڄ به هن جو شمار زياده پڙهيو ويندڙ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. هن کي وقت ڪڏهن به فنا جي عفا ۾ گم نٿو ڪري سگھي.
ڀُونءِ جو بندو
[b]ڀوَن سنڌي
[/b]bhawansindhi1@gmail.com