بي رحم رستا
سڙڪون ته مون به جام ڏٺيون آهن. ڊگهيون ڊگهيون، ويڪريون ويڪريون سڙڪون، ڏامر سان ڍڪيل سڙڪون، سڙڪون جن تي ڳاڙهي بجري وڇايل هئي، سڙڪون جن جي چوگرد سرو ۽ شمشاد جا وڻ لڳل هئا. سڙڪون...... پر نالو ڳڻائڻ مان ڇا فائدو. انهيءَ طرح ته لاتعداد سڙڪون ڏٺيون هونديون. پر جيترو بهتر آئون هن سڙڪ کي سڃاڻان ٿو ڪنهن گهري دوست کي به اهڙي سٺي نموني نٿو ڄاڻان. لڳاتار نون سالن کان ان کي سڃاڻان ٿو ۽ هر صبح پنهنجي گهر کان دفتر وڃان ٿو. جيڪو ڪورٽن جي ويجهو آهي ۽ لا ڪاليج جي ڀرسان آهي. بس اها ٻه فرلانگ جي سڙڪ، هر صبح هر شام ڪورٽن کان وٺي لا ڪاليج جي آخري دروازي تائين، ڪڏهن سائيڪل تي ته ڪڏهن پيادو.
هن سڙڪ جو رنگ ڪڏهن به نٿو بدلجي. ان جي هئيت ۾ تبديلي نٿي اچي. هن جي شڪل ۾ هميشه رکائپ هوندي آهي. ڄڻ چئي رهي هجي ته “مون کي ڪنهن جي ڪهڙي پرواهه؟” ۽ اهو آهي به سچ. ڀلا اُن کي ڪنهن جي پرواهه ڇو هجي؟ سوين هزارين انسان، ٽانگا، موٽرون ان تان روز لنگهن ٿيون ۽ پويان اُنهن جو ڪو نالو نشان نٿو رهي. ان جي هلڪي نيري ۽ سانوري سطح اهڙي طرح سخت ۽ پٿريلي آهي جهڙي پهريئين ڏينهن هئي، جڏهن اُن کي هڪ يورپين ٺيڪيدار ٺاهيو هو.
اها ڇا سوچي ٿي؟ شايد اها سوچي ئي نٿي. منهنجي سامهون نون سالن ۾ هن ڇا ڪيو. ڪئين واقعا ۽ حادثا ڏٺا. هر روز هر وقت ڪهڙا تماشا نٿي ڏسي.؟ پر ڪنهن به اُن کي هن وقت تائين مسڪرائيندي نه ڏٺو ۽ نه ئي رئندي. هن جي پٿريلي ڇاتي ۾ اڃان هڪ ڏار به ناهي پيو.
“هائي بابو! انڌي محتاج غريب فقير تي رحم ڪر. اڙي بابا! اي بابو! خدا جي نالي هڪ پئسو ڏئي وڃ. اڙي ابا ڪوئي ڀڳوان جو پيارو ناهي صاحب! منهنجا ننڍڙا ٻارڙا بک مرن پيا، ڪو ته ترس کائو انهن يتيمن تي.”
کوڙ سارا فقيران سڙڪ جي پاسن کان ويٺا هوندا آهن. ڪو انڌو آهي ته ڪوئي منڊو ڪنهن جي ٽنگ تي هڪ خطرناڪ زخم آهي ته ڪا غريب عورت ٻن ٽن ٻارن کي پنهنجي گود ۾ ويهاري حسرت پرين نگاهن سان راهه ويندڙن ڏانهن ڏسندي رهي ٿي. ڪو پيسو ڏيئي وڃي ٿو ۽ ڪو منهن ڦٽائي گذري وڃي ٿو. ڪو گاريون ڏي ٿو. حرامزادا ڪم نٿو ڪرين، خيرات ٿو وٺين.
ڪم، ڌنڌو، بيروزگار، خيرات
ٻه ڇوڪرا سائيڪل تي کلندا وڃن پيا. هڪ پوڙهو امير ماڻهو پنهنجي شاندار فٽن ۾ ويهي سڙڪ تي ويٺل فقيرياڻي کي ڏسي رهيو آهي، ۽ پنهنجين آڱرين سان مڇن کي تاءُ ڏئي رهيو آهي. ايتري ۾ هڪ ڪتو فٽن جي ويلن جي هٺيان اچي ويو آهي. هن جون چيلهه جون هڏيون ڀڄي پيون آهن ۽ اُن مان خون وهي رهيو آهي. هن جي اکين ۾ درد، بي وسي هن جون هلڪيون رڙيون ڪنهن کي پنهنجي طرف ڌيان ڇڪائي نٿيون سگهن. پوڙهو ماڻهو هاڻ ڪار جي سيٽ تي جهڪي اُن عورت کي ڏسي رهيو آهي، جنهن کي خوبصورت ڪاري رنگ جي ساڙهي پاتل آهي ۽ پنهنجي نوڪر سان ڳالهيون ڪندي وڃي رهي آهي. هن جي ساڙهي جي پلئه تي ڪيل موتين جي جڙاءُ پوڙهي جي لالچي اکين ۾ چنڊ جي ڪرڻي جيان چمڪي رهيو آهي.
وري رکي رکي سڙڪ سنسان ٿي وڃي ٿي. صرف هڪ جڳهه ٽالهي جي ڇڊي ڇانو ۾ هڪ ٽانگي وارو گهوڙي کي ڇوڙي ساهي ڏياري رهيو آهي. گڏهه ٽارين تي ويهي هينگو ڏيئي رهيا آهن. پوليس جو سپاهي اچي ٿو. هڪ زور سان سيٽي هڻندي، اوٽانگي وارا! هتي ڇا ڪري رهيو آهين؟ ڇا نالو آهي تنهنجو؟ ڪريان چالان؟
“حجور، حجور (حضور).”
“حجور جا پٽ هل ٿاڻي تي.”
“حجور هي ٿورا وٺو.”
“ٺيڪ آهي وڃ توکي معاف ڪيو.”
ٽانگي وارو ٽانگي کي تيز ڀڄائي رهيو آهي. رستي ۾ هڪ گورو اچي رهيو آهي. مٿي تي ٽيڙهي ٽوپي، هٿ ۾ بيد جي لڪڻ چهري تي پگهر، چپن تي ڪنهن گاني جا ٻول.
“ڪئنٽونمينٽ وٺي هل.”
“اٺ آنا صاحب.”
“ٺيڪ آهي ڇهه آنا.”
“نه صاحب.”
“ڇا ٿو بڪين تون.....”
ٽانگي واري کي ماريندي بيد جي لڪڻ ٽٽي پوي ٿي. پوءِ ٽانگي واري جو چمڙي جو هنٽر ڪم اچي ٿو. ماڻهو گڏ ٿين ٿا. پوليس جو سپاهي به پهچي وڃي ٿو. حرام زادا صاحب بهادر کان معافي وٺ. ٽانگي وارو پنهنجي ميري پڳڙي سان لڙڪ اُگهي رهيو آهي. ماڻهو ٽڙي پکڙجي وڃن ٿا.
هاڻي سڙڪ وري ويران آهي. شام جي ڌنڌ ۾ بجلي جا فانوس روشن ٿي ويا آهن. مون ڏٺو ته ڪورٽن جي ويجهو ڪجهه مزدور وارو کريل، لباس ميرو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
“ڀاڻهي ڪم کي لڳي ويو؟.”
“ها”.
“پگهار سٺو ملندو هوندو؟.”
“ها.”
“هاڻي سٺو گذر ٿيندس پهرين ته سندس زال ڦاٽل ساڙهي ۾ گذارو ڪندي هئي.”
“ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جنگ شروع ٿيڻ واري آهي؟”
“ڪڏهن شروع ٿيندي؟”
“ڪڏهن؟ ان جي مون کي خبر ناهي. پر غريب ئي ماريا ويندا.”
“ڪير ڄاڻي ته غريب ماريا ويندا يا امير.”
“ننڍڙو ڪيئن آهي؟”
“بخار نٿو ٽٽي. ڇا ڪريون. هيڏانهن کيسي ۾ پئسا ڪونهن، هوڏانهن حڪيم جي دوا....”
“فوج ۾ ڀرتي ٿي وڃ.”
“سوچيان پيو.”
“رام رام.”
“رام رام.”
ڦاٽل ڌوتيون، اگهاڙا پير، جهڪيل قد، هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ هي نه ته آزادي چاهين ٿا ۽ نه ئي بغاوت هي ڪهڙيون عجيب ڳالهيون آهن؟ پيٽ، بک، بيماري، پيسا. فانوس جي جهڪي روشني سڙڪ تي پئجي رهي آهي.
ٻه عورتون- هڪ پوڙهي ۽ هڪ جوان، صوفن جون ٽوڪريون کڻي گڏهن جيان سهڪندي وڃي رهيون آهن. جوان عورت جي چال تيز هلي رهي آهي.
“ڌي ٿورڙو ترس” آئون ٿڪي پيس... منهنجا الله!”
“امان اڃان گهر هلي ماني پچائڻي آهي. تون ته صفا سادي آهين.”
“ٺيڪ آهي ڌي ٺيڪ آهي.”
پوڙهي عورت جوان عورت جي پويان ڊڪندي پئي وئي. بار جي سبب هنجون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. هن جا پير آٿڙي رهيا هئا.
هوءِ صدين کان سڙڪ تي هلي رهي آهي. صوفن جو وزن ڪلهن تي کڻندي، ڪير به هن جو بوجهه نٿو گهٽائي ڪو ئي هڪ پل هن کي آرام نٿو ڏي. هوءِ ڊوڙندي رهي ٿي. هن جون ٽنگون ڏڪي رهيون آهن. هن جا پير آٿڙجي رهيا آهن. هن جي پيرن ۾ لفون آهن، پيڙا آهي ۽ بک، ۽ پريشاني ۽ غلامي ۽ صدين جي غلامي.
تي چار جوان ڇوڪريون، ڀڙڪيليون ساڙهيون پاتل ٻانهن ۾ ٻانهون ملائي وڃي رهيون آهن.
“ڀيڻ اڄ شملا جو سير ڪريون.”
“ڀيڻ اڄ لارينس گارڊن هلون.”
“ڀيڻ اڄ انارڪلي.”
“ريگل؟”
“شٽ اپ يوفول.”
اڄ سڙڪ تي ڳاڙهو حلواڻ وڇايل آهي. جهنڊيون لڳل آهن. جتي ڪٿي پوليس بيٺل آهي. ڪو وڏو ماڻهو اچڻ وارو آهي. تڏهن ته اسڪول جا ننڍا ننڍا ٻارڙا نيريون پڳڙيون ٻڌي سڙڪ جي ٻنهي پاسن کان قطار ۾ بيٺا آهن. اُنهن جي هٿن ۾ ننڍيون ننڍيون جهنڊيون آهن. اُنهن جي چپن تي مٽي ڄمي وئي آهي. انهن جا چهرا اُس ۾ تپي ويا آهن. اهڙي طرح بيهه هو ڏيڍ ڪلاڪ کان وڏي ماڻهو جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. جڏهن هو شروع شروع ۾ سڙڪ تي بيٺا هئا ته پاڻ ۾ کلي کلي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. هاڻي سڀ چپ آهن. ڪجهه ٻارڙا هڪ وڻ جي ڇانو ۾ ويهي رهيا هئا. هاڻي انهن کي اُستاد ڪن کان پڪڙي اُٿاري رهيو آهي. شفيع جي پڳڙي کلي ويئي. اُستاد هن کي گهوري چئي رهيو آهي. پڳڙي ٺيڪ ڪر. پياري لال جي تلوار هن جي پيرن ۾ وچڙي ويئي آهي.
“توکي ڪيترا دفعا سمجهايو آهي پياري لال.”
“سائين پاڻي.”
“پاڻي ڪٿان آڻيان.” هتي به توهان پنهنجو گهر سمجهيو آهي ڇا؟ ٻه ٽي منٽ وڌيڪ انتظار ڪريو موڪل ٿيڻ واري آهي.”
ٻه منٽ، ٽي منٽ اڌ ڪلاڪ......
“سائين پاڻي”.
“سائين گهڻي اُڃ لڳي آهي.”
پر هاڻي اُستاد ان طرف ڌيان ئي نٿو ڏي. هو هيڏانهن هوڏانهن دوڙندو گهمندو رهيو. ڇوڪرا تيار ٿي وڃو. ڏسو جهنڊيون هن طريقي سان هلائجو. “ڇورا تنهنجي جهنڊي ڪٿي آهي؟ قطار کان ٻاهر نڪر بدمعاش ڪنهن جاءِ جا.... گاڏي اچي رهي آهي.”
موٽر سائيڪلن جو گوڙ، بينڊن جو شور بي دلي سان لڏندڙ ننڍيون ننڍيون جهنديون. خشڪ ٿي ويل گلن مان نڪرندڙ بي جان نعرا.
هاڻي وڏو ماڻهو سڙڪ تان گذري چڪو آهي. ٻارڙن جي جان ۾ جان اچي ويئي آهي. هاڻي هو ٺينگ ٽپا ڏيئي جهنڊين کي ٽوڙي رهيا آهن، گوڙ ڪري رهيا آهن.
هوڪي وارن جون صدائون، ريوڙيون گرم، چڻا گرم، حلوو پوري، نان ڪباب.....
هڪ ٿالهه وارو هڪ بابو سان جهڳڙو ڪري رهيو آهي.” پر توهان منهنجو ٿالهه اونڌو ڪيو آهي. آئون توهان کي وڃڻ نه ڏيندس. منهنجو ٽن رپين جو نقصان ٿي ويو. آئون غريب ماڻهو آهيان. منهنجو نقصان پورو ڪريو ته گهر وڃڻ ڏيندس.”
صبح جي هلڪي هلڪي روشني ۾ ڀنگي سڙڪ تي ٻهاري ڏيئي رهيا آهن. اُنهن جي وات ۽ نڪ تي ڪپڙو ٻڌل آهي. جيئن ڍڳن جي منهن تي جڏهن هو گهاڻو هلائيندا آهن. اُها دز بيٺي ئي آهي ۽ هو ٻهاري ڏيئي رهيا آهن. ميونسپالٽي واري گاڏي آهستي آهستي سڙڪ تي ڇڻڪار ڪري رهي آهي. گاڏي ۾ جوٽيل ٻن ڍڳن جي ڳچي ۾ زخم ٿي ويا آهن. پاڻي ڇڻڪڻ وارو سردي ۾ ڪنبندي ڪوئي گيت ڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڍڳن جون اکيون حيرت مان جانچي رهيون آهن ته هاڻي سڙڪ جو ڪيترو حصو باقي بچيو آهي.
سڙڪ جي ڪناري هڪ پوڙهو گڏهه مئو پيو آهي. اُن جا ميرا ڏند چپن جي اندر دٻجي ويا آهن. اُن جون کليل بي نور اکيون آسمان جي طرف تڪي رهيون آهن.
خدا جي لاءِ مون غريب تي رحم کائو بابا.
ڪير به ڪنهن تي رحم نٿو ڪري. سڙڪ خاموش ۽ سنسان آهي. اها سڀ ڪجهه ڏسي ٿي، ٻڌي ٿي مگر اُن تي ڪو به اثر نٿو ٿئي. انسان جيان بي رحم، بي حس، وحشي.
انتهائي غصي ۽ غضب جي حالت ۾ اڪثر سوچيان ٿو ته جيڪڏهن ان کي ڊائنامينٽ لڳائي اُڏايو وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هڪ وڏي ڌماڪي سان اُن جا ٽڪرا فضا ۾ اُڏامندا نظر ايندا. اُن وقت مون کي ڪيڏي خوشي ٿيندي. اُن جو ڪير اندازو به نٿو ڪري سگهي.!؟ ڪڏهن ڪڏهن اُن جي مٿان هلندي هلندي آئون ڄڻ پاڳل ٿي ويندو آهيان ۽ چاهيندو آهيان ته ان مهل ڪپڙا ڦاڙي اُگهاڙو ٿي سڙڪ تي نچڻ شروع ڪريان ۽ زور سان رڙيون ڪري چوان، “آئون انسان ناهيان. آئون پاڳل آهيان. مون کي انسانن کان نفرت آهي. مون کي پاڳل خاني جي غلامي قبول آهي. آئون انهن سڙڪن جي آزادي نٿو چاهيان.“
سڙڪ خاموش آهي دڙن تي وڻن جي اوٽ ۾ ويٺل گڏهه هينگو ڏيئي رهيا آهن.
هي ٻه فرلانگ ڊگهي سڙڪ!