آدم خور
ايراني هوٽل واري پنهنجي هوٽل اندران بند ڪري ڇڏي. پان وارا پنهنجيون کليل مانڊڻيون ڇڏي ڀڄي ويا. ٿوري دير ۾، سڙڪ تي سناٽو ڇائنجي ويو. سامهون ميونسپالٽي جي ڀنگين جون جهڳيون هيون، جن جي ٻاهران اڪثر اگهاڙا ٻارڙا راند ڪندا نظر ايندا هئا. پر هن وقت اُنهن جو، معصوم آواز به ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو. چوطرف سانت ئي سانت هئي. ايئن معلوم ٿي ٿيو ته، ان علائقي جو روح ڊپ ۽ هراس وچان، پنهنجي منهن تي هٿ رکي ڦاٽل اکين سان، خاموش مين هول جي ڪناري وٽ بيٺل هو.
پٽورڌن، ممتاز جا گهنڊيدار وار زور سان پٽيا ۽ جهٽڪو ڏيئي سندس چهري کي پنهنجي سامهون آندو. ممتاز جي چهري تي، ڪو به ڏک يا درد جو نشان ڪو نه هو. ايئن ٿي لڳو ته، ڄڻ هو گهري ننڊ ۾ ستل هجي. هن جو ڳورو بدن، خوبصورت ته نه، پر مضبوط ضرور هو. هن جي چهري تي ڏيا سان گڏ، هڪ قسم جو اڊمبر ۽ رعب ڇانيل هو.
پٽورڌن کي هن جي چهري تي موت کان پوءِ به طنز نظر آئي. هن کي لڳو ته، ممتاز مرڻ کان پوءِ به هن کي چيڙائي رهيو هجي. هن ممتاز کي وارن کان جهلي، زور سان سخت فرش تي هنيو. جڏهن ايئن ڪرڻ سان به هن کي سڪون نه آيو ته هو پيٽرول پمپ اندر هليو ويو ۽ خوف ۾ ورتل واڻيئي کان، هڪ جيڪ کڻي آيو. هن ٻه چار ڀيرا لوهه جو جيڪ ممتاز جي چهري تي، اهڙي زور سان هنيو جو سندس ڄاڙيون ڀڄي پيون ۽ ڏند ٻاهر نڪري آيا. پٽورڌن کي اڃان به محسوس ٿيو ته، ممتاز مٿس کلي رهيو هو ۽ ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. هن کيس جسم جي مختلف حصن تي، جيڪ مارڻ شروع ڪيا ۽ نيٺ لاش کي ڳترا ڳترا ڪرڻ لاءِ، ور مان خنجر ڪڍيو.
ممتاز ۽ پٽورڌن ٻئي دادرجي مين روڊ جا مشهور غنڊا هئا، پر جيستائين ممتاز زندهه رهيو، پٽورڌن ٻئي نمبر جو بدمعاش ليکبو هو. سيٺ سورج مل، جنهن جون دادر مين روڊ ۽ اُن جي آسپاس ڪافي جايون هيون، ۽ سيٺ ترويري لال جنهنجا دادر۾ ڪافي فلم اسٽوڊيو هئا، ٻئي ممتاز جي گهڻي عزت ڪندا هئا.
سيٺ ترويري لال پنهنجي فلمن ۾ ايڪسٽرا اداڪارن جي ڀرتي جو ٺيڪو ممتاز کي ڏيئي رکيو هو ۽ ننڍين ڪمپنين وارا، ڪڏهن ڪڏهن سو به مشڪل سان ئي پٽورڌن کي ڪو ڪم ڏيندا هئا. دادرجي مسجد کان وٺي پريل جي ناڪي تائين، ممتاز جو راڄ هو ۽ مسجد کان پي آءِ اسٽيشن تائين پٽو رڌن جو راڄ هو. پر ٻئي بدمعاش اڪثر هڪ ٻئي جي علائقي ۾ گهڙي به ڦرلٽ ڪندا رهندا هئا. پٽورڌن گهٽ ۽ ممتاز زياده دليري سان ڇاپا هڻندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پٽورڌن جي غنڊن کي سندن ئي علائقي ۾ سرعام مارڪٽ به ڪري ايندو هو. ممتاز جو قد ڇهن ڦٽن کان به مٿي هو. سڊول جسم، ڳورو رنگ، جهلم جو رهڻ وارو، وڏو هٿ ڦاڙ ۽ بي حساب گاريون ڪڍندڙ. اُن جي مقابلي ۾ پٽورڌن کنڊو هو، قد جو بندرو، رنگ ڪارو ۽ اکيون نيريون. هن جي ڪاري چهري، نيرين اکين کي وڌيڪ وحشتناڪ بنائي ڇڏيو هو ۽ جڏهن انهن وحشتناڪ اکين سان، ڪنهن ڏانهن گهوريندو هو، ۽ دٻيل آواز ۾ ڪنهن کي ڌمڪي ڏيندو هو، ته اُنتي بروقت اثر ٿيندو هو. پر ممتاز جي سامهون پٽورڌن جي همت هارجي ويندي هئي. ڪيترائي ڀيرا ممتاز ۽ پٽورڌن جي غنڊن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو، ڪئين غنڊا ماريا ويا، جيل به ويا، پر ممتاز ۽ پٽورڌن جي دوبدو لڙائي اڃان ڪڏهن ڪو نه ٿي هئي. ڪيترا ڀيرا ممتاز ڪاوڙ ۽ غصي ۾ اچي، پٽورڌن کي للڪاريو ۽ هڪ ڏينهن ته هن پٽورڌن کي گلي مان جهلي، سندس ٻانهن کي ايئن مروڙيو جو پٽو رڌن جو چاقو، جيڪو ٻي پل ۾ ممتاز جا آنڊا چيري ڇڏي ها، زمين تي ڪري پيو ۽ پٽورڌن بلڪل ساڻو ۽ مجبور ٿي، ممتاز جي هٿن ۾ ڀيد جيان ڏڪڻ لڳو.
انهي وقت جو خيال ايندي ئي پٽورڌن تي ڄڻ تيز بخار واري ڪيفيت طاري ٿي ويئي. هن پنهنجي خنجر کي هوا ۾ لهرايو ۽ هڪ ٻئي مٿان وار ڪري، هن جي سسي کي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ ڌڙ جو هيٺيون حصو ڪپي مين هول ۾ اُڇليو. اُنوقت آسمان تي هڪ سرڻ نهايت بي صبري مان لامارا ڏيڻ شروع ڪيا، بجلي جي تارن سان اُلجهيل هڪ خالي ٽرام، ناڪي وٽان گذري ۽ پوءِ چئني طرفن وري سانت ڇانئجي ويئي.
پٽو رڌن جي نظر ممتاز جي کٻي هٿ تي پيئي هٿ تي انگريزي ۾ هڪ نالو کوٽائي ڪرائي لکايل هو. “مايا.”
مايا، فلمن ۾ اضافي پارٽ ادا ڪندڙ ڇوڪرين ۾ حسين ترين ليکي ويندي هئي. هن کي نچڻ جو ڏاڍو شوق هو. هوءَ گهڻو ڪري سائي ساڙهي ۾ نظر ايندي هئي. ماڻهو هنکي اڪثر ڊيل ڪري ڪوٺيندا هئا. پٽورڌن کي اُنجي سينڌ ڏاڍي وڻندي هئي. جڏهن هوءَ مرڪندي هئي، ته سندس پيشاني تي اُڀرندڙ ريکائون هن کي پاڳل بنائي ڇڏينديون هيون. مايا هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي. انهي ڪري فلمن م ڪم ڪرڻ جي باوجود به، هن جي مزاج ۾ ڳوٺاڻي چلولائي ۽ الڙپن رچيل هو. هن جي شخصيت ۾ بيباڪي ۽ صاف گوئي شامل هئي. هوءَ پٽو رڌن جي ٽولي ۾ شامل هئي. سهڻي ڇوڪري هئڻ سبب، سڀ کان پهرين، اُنجو پٽو رڌن جي گينگ ۾ شامل ٿيڻ، ڪا حيرت جي ڳالهه ڪونه هئي. پر حيرت جي ڳالهه اِها هئي ته، هو ڪڏهن به اُنجي ور ڪونه چڙهي هئي. پٽورڌن مايا کي پنهنجي قابو ۾ آڻڻ جي، هر ممڪن ڪوشش ڪئي. ڪنهن به غنڊي لاءِ، اُن کان مٿي بي عزتي جي ڀلا ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ته هو ڪنهن عورت جي لاءِ، ڪجهه ڏينهن لاءِ شريف ٿي وڃي. پر پٽورڌن مايا کي حاصل ڪرڻ لاءِ، اها بي عزتي به قبول ڪئي. هن مايا کي آفتاب اسٽوڊيو جي پويان، هڪ صاف سٿري جڳهه وٺي ڏني. فرنيچر آڻي ڏنو ۽ جيڪي به پئسا هن ڪمايا ٿي، اُهي سڀ جا سڀ مايا جي اڳيان آڻي ٿي رکيائين. مايا پئسا وٺي، هن ڏانهن شرير نگاهن سان ڏٺو ٿي. ڊيل جيان هنجي چوگرد نخرن مان نچندي، سندس ڪلهن کي پنهنجي حساس آڱرين سان ڇهيو ٿي، ته پٽو رڌن جي اکين ۾ نشو چڙهڻ لڳو ٿي ۽ هن کي چپ چاپ ۽ بي وس ٿي، اُتان ٻاهر نڪرڻو پيو ٿي.
اڄ تائين ڪنهن به عورت، هنکي شڪست نه ڏني هئي. ايئن ڪونه هو ته، ڪو هن کي مايا سان محبت هئي. پٽورڌن کي جڏهن کان هن هوش سنڀاليو هو، ڪنهن سان به محبت ڪونه هئي. هن کي مايا سان به محبت ڪونه هئي. بس هن فقط ان کي جيتڻ چاهيو ٿي. جيئن ماڻهو شطرنج ۾ هڪ بازي کٽيندو آهي، يا ريس ۾ گهوڙو جيتڻ لاءِ، هو پنهنجو سڄو زور اُن تي لڳائي ڇڏيندو آهي. اهائي حالت پٽورڌن جي هئي.
انهي ڪري اُن ڏينهن پٽورڌن کي ڏاڍو غصو آيو، جڏهن هن ممتاز کي علي بخش، جي دڪان تي پنهنجي ٻانهن تي، مايا جو نالو ۽ اُن جي مٿان پنهنجو نالو کوٽائيندي ڏٺو.
هن اُلر ڪري ممتاز مٿان چاقو جو وار ڪرڻ چاهيو، پر ممتاز جي غنڊن، ڦڙتائي ڏيکاري حملي کي روڪي ورتو ۽ چاقو هوا ۾ ئي رهجي ويو. ٻنهي طرفن جي غنڊن ۾ لڙائي شروع ٿي ويئي. سوڍا واري جون بوتلون ٽٽيون، انبن جا گاڏا اونڌا ٿيا ۽ پراڻن جوتن جي دڪان واري جا جوتا نالي ۾ وهي هليا.
ٿوري ئي دير ۾ پوليس پهچي ويئي ۽ ڪجهه غنڊن کي گرفتار ڪري وٺي ويئي. ممتاز ڏاڍي سڪون سان، مسڪرائيندي علي بخش جي دڪان تي ٻانهن مٿي مايا جو نالو کوٽائيندو رهيو.
۽ انهي ئي رات- ممتاز مايا کي سندس کولي مان ڀڄائي کڻي ويو. مايا گهڻيون ئي رڙيون ڪيون، پر جيئن ته آسپاس جي بلڊنگن وارا سڀ ماڻهو ممتاز کان واقف هئا. تنهنڪري ڪير به ويجهو نه آيو.
ممتاز سڀني جي سامهون، مايا کي پنهنجي طاقتور ٻانهن م کڻي ويو ۽ ڪنهن جي به همٿ نه ٿي، جو هنجي رستي ۾ اچي. ۽ جڏهن پٽورڌن کي خبر پيئي، ته اُنوقت ممتاز مايا کي پنهنجي علائقي ۾ پهچائي چڪو هو. ممتاز مايا کي سيٺ سورج مل جي بلڊنگ نمبر ستين ۾ رکيو، جتي هن پهرين کان ئي ڪئين غنڊا پالي رکيا هئا.
پٽورڌن ڏند ڪرٽيندو رهجي ويو. پر هن آس نه لاٿي. هن علائقي ۾ هندو مسلم فساد کڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر علائقي جا سڀ وڏا وڏا سيٺ ممتاز جي پاسي هئا. انهي ڪري ڪنهن به ان مسئلي کي، هندو مسلم سوال بڻجڻ نه ڏنو. ممتاز سيٺين کي مسواڙين کان سٺي مسواڙ. اُڳاڙي ڏيندو هو. هو فلمن ۾ اضافي رول ادا ڪندڙن کي دٻائي، اُنهن کان گهٽ معاوضي تي ڪم ڪرائيندو هو. انهي ڪري سيٺيون هن مان ڏاڍا خوش هئا.
اُن کان علاوه مختلف موقعن تي، ممتاز سيٺين کي وياج خور پٺاڻن کان، فلم ڪمپنين لاءِ قرض پڻ ڏياريندو هو. سيٺ ماڻهو اهڙي ڪارائتي ماڻهو کي، جيل ڏيارڻ لاءِ قطعي تيار ڪو نه هئا. اهوئي سبب هو، جو پٽو رڌن ۽ اُنجي ساٿي غنڊن ۽ ڪجهه مهاسڀائي دڪاندارن جي شرارت جي باوجود به، مايا جو اغوا هندو مسلم سوال جي شڪل اختيار ڪري نه سگهيو.
دادرجي مسجد ۾ چند ڪٽر نمازين، ڪجهه ڏينهن تائين وڏي خوشي مان، ان ڪار خير جو ذڪر ڪيو. پر اها ڪا اهڙي مٺائي نه هئي، جيڪا سڀني ۾ ورهائي ويئي هجي. اِهوئي سبب هو جو، ڪجهه ڏينهن جي خوشي سرد مهري ۾ تبديل ٿي ويئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ته، هن واقعي کي ماڻهن صفا وساري ڇڏيو.
پر اِهو واقعو پٽورڌن کان ڪٿي ٿي وسريو. هڪ رات، هن ستين نمبر بلڊنگ تي جوابي حملو ڪيو. حملو غير متوقع ۽ اوچتو هو. پٽورڌن پنهنجي ساٿين کي وٺي، بلڊنگ جي اندر گهڙي سڌو مايا جي ڪوٺي ۾ داخل ٿيو. اُن وقت ممتاز هڪ ريشمي گوڏ پهري، کٽ تي ليٽيو پيو هو. ۽ مايا هن کي زور ڏيئي رهي هئي.
مايا کي ممتاز جا پير دٻائيندو ڏسي پٽورڌن جي اکين ۾ خون ڊوڙي آيو. پر هن پنهنجو پاڻ کي جلد ئي سنڀالي چيو،
“ممتاز! تنهنجي بلڊنگ کي منهنجن ماڻهن چوگرد گهيرو ڪري ورتو آهي. تو وٽ ڏهه ماڻهو هوندا ته مون وٽ پنجاهه.”
“ته پوءِ؟” ممتاز کٽ تان ئي لاپرواهي مان جواب ڏنو.
“آءٌ مايا کي وٺڻ آيو آهيان ۽ اُنکي هر حال ۾ وٺي ويندس.”
“جيڪڏهن هوءَ توسان هلڻ چاهي ٿي، ته ڀلي وٺي وڃ” ممتاز نرمائي مان چيو، “مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي. آءٌ عورت تان ڪونه وڙهندو آهيان.”
“توکي ڪوئي اعتراض ڪونهي؟” پٽورڌن حيراني مان چيو.
“خدا رسول جو قسم، مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي.”
“ته هل مايا.” پٽورڌن مايا کي چيو.
مايا، چپ چاپ ممتاز جا پير دٻائيندي رهي.
“ڇا تون مسلمان ٿي ويئي آهين؟” پٽورڌن غصي مان پڇيو.
“نه آءٌ هندو ئي آهيان.” مايا جواب ڏنو.
“ته پوءِ اُٿ نه، ڇا سوچي رهي آهين؟ آءٌ توکي آزاد ڪرائڻ آيو آهيان.”
مايا چپ چاپ ممتاز جا پير دٻائيندي رهي.
“توکي خبر آهي ته تون ڪنهن سان محبت ڪري رهي آهين؟”
“هڪ مسلمان سان.” مايا جواب ڏنو.
پٽورڌن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. “هن وٽ ست عورتون اڳي ئي وهاريل اهن، روپا، رضيه، ڪنول، سلميٰ، گوپي.....آءُ سڀني کي سڃاڻان ٿو. تون مون سان هل. هڪ هڪ کان تصديق ڪرائي ٿو ڏيان. ههڙي بدمعاش سان رهي ڪري، تنهنجي زندگي به برباد ٿي ويندي. مونکي تنهنجي لاءِ عزت آهي. توکي گهر وٺي ڏيندس. توسان شادي ڪندس. مايا چئو، مايا چئو تنهنجو ڪهڙو جواب آهي؟”
مايا آهستي آهستي زمين تان اُٿي، دٻيل پيرن سان ڪنڌ هيٺ ڪندي، پٽورڌن جي سامهون آئي. سامهون ٿي هن آهستي آهستي پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ پٽورڌن جي منهن تي ٿڪي ڏنو.
پٽورڌن پنهنجو خنجر ڪڍيو. ممتاز بجلي جيان ٽپو ڏيئي وچ ۾ آيو. خنجر جي نوڪ ممتاز جي ڪلهي ۾ هلي ويئي. هن جهٽڪو ڏيئي خنجر پنهنجي ڪلهي مان ڪڍيو ۽ ڏند ڪرٽيندي چيو “خدا ۽ رسول جو قسم کائي ويٺو آهيان ته مايا جي ڪري، توسان نه وڙهندس. خيريت انهي ۾ اٿئي ته هتان هليو وڃ.”
پٽورڌن وڃڻ نٿي چاهيو، پر هن هيٺ دري مان سيٺ سورج مل کي، پوليس سان گڏ ايندي ڏٺو، ان ڪري هن ڀڄڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجهي.
انهي ڪري مايا جو نالو ممتاز جي ٻانهن تي اُڪريل ڏسي هن جو خون ٽهڪڻ لڳو. پٽو رڌن خنجر ڪڍيو، ۽ نالي واري ٻانهن کي، اُن جي جسم کان ڪپي الڳ ڪيو. ٻانهن مان اُن گوشت جي حصي کي ڪپي، ڌارڪيو جتي ممتاز ۽ مايا جو نالو لکيل هو. ۽ پوءِ اُن گوشت جي ٽڪري کي، وڌيڪ ڳترا ڳترا ڪري مين هول ۾ اُڇلائي ڇڏيو. جهٽ پٽ هن ممتاز جي لاش کي وري ٿڏو هنيو ۽ وحشي پڻي مان گجندي چيو،”هاڻي ڳالهائي حرامي جا اولاد، هاڻي ڳالهائي.”
ممتاز جو خاموش چهرو ڏسي، هن کي رات وارو واقعو ياد اچي ويو. ملڪ ورهائجي ٿي چڪو هو. شهر ۾ هندو مسلم فساد ٿي رهيا هئا. بمبئي ۾ سنڌ کان هزارين سنڌي اچي رهيا هئا. مسلمان علائقن مان هندو ڀڄي رهيا هئا ۽ هندو علائقن مان مسلمان.
دادر ۽ پريل جو علائقو جيتوڻيڪ هندن جو هو، پر ممتاز اُتي جو اڃان به دادا هو. هن جا ڪافي غنڊا ساٿي ڀڄي ويا هئا، پر اڃان به مسلمانن جي ڪافي آبادي ممتاز جي ڏڍ تي رهي پئي هئي. اُنهن ۾ سڀ ماڻهو غنڊا ڪونه هئا. ڪافي شريف ماڻهو به هئا. محنتي مزور هئا، ڪلرڪ هئا، ننڍا ننڍا دڪاندار هئا ته شيون وڪڻڻ وارا گهورڙيا به هئا. فلمن ۾ اضافي ڀرتي ٿيندڙ ماڻهو به هئا. اديب به هئا ته بيڪار به هئا. اُتي هر نموني جا ماڻهو آباد هئا. اُهي سڀ ماڻهو، اهو به ڄاڻندا هئا ته ممتاز غنڊو هو، بدمعاش هو. ڪئين خون ڪري چڪو هو. ڪئين عورتون اغوا ڪري چڪو هو. پوءِ به هنن جو اُن تي ڀروسو هو. هڪ عجيب بي وس ۽ معصوم ڀروسو، جنهن کي ڏسي ممتاز کي اُنهن ماڻهن تي رحم اچڻ لڳو هو. هنجي دل ۾ ڪو نامعلوم جذبو جاڳڻ لڳو هو. اِهو جذبو شايد هن ڪڏهن پنهنجي ماءُ جي گود ۾ محسوس ڪيو هو. پنهنجي پڦي جي ننڍي ڇوڪري سان، ڪڏندي محسوس ڪيو هو. جهلم جي ڪناري واري جا گهر بنائيندي محسوس ڪيو هو. اهو نا معلوم ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ جذبو، شرم ٻوٽي وانگر سندس دل ۾ ڦٽڻ لڳو هو. ۽ هو خود حيران هو ته انهن ماڻهن جو حيرتناڪ ۽ بي انتها ڀروسو کيس ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيو هو. اُن علائقي جا سڀ غنڊا ۽ بدمعاش هندو مسلم فسادن ۾ لڳل هئا، ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجا هٿ رڱي رهيا هئا. خون سان به پئسن سان به.
پر هو ڏينهون ڏينهن فسادن کان پري هٽندو ويو. پنهنجي علائقي ۾ هن فساد ڪرائڻ وارن کي روڪي ڇڏيو. هاڻ هو ڏينهن رات چوڪيداري ڪندو هو. ۽ پنهنجي علائقي جي هندن ۽ مسلمانن ٻنهي کي لڙائي جهڳڙي کان باز رهڻ جي تلقين ڪندو هو. ڪافي مسلمان غنڊن به هنجو ساٿ ڇڏي ڏنو هو، ۽ ڀينڊي بازار هليا ويا هئا. ڪافي هندو غنڊن هن تي بزدلي جو الزام هنيو. پر ممتاز بدستور پنهنجي علائقي جي رکوالي ۾ رڌل رهيو ۽ هر روز سيٺ سورج مل ۽ ترويري لال جي گهر حاضري ڏيندو هو. ۽ کين فخر مان اوچو ڳاٽ ڪري پنهنجا ڪارناما ٻڌائيندو هو ته، هن ڪيئن نه هندو مسلم فسادن کي روڪي رکيو هو.
سيٺ مٿين دل سان خوش ٿي هنجي تعريف ڪندا هئا ۽ هو ڏاڍو خوش ۽ مطمئن ٿي واپس موٽندو هو ۽ سمجهڻ لڳندو هو ته ڄڻ، هو ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيئي رهيو هو.
پر اصل ۾ سيٺيون هاڻ ممتاز مان قطعي خوش ڪونه هئا، انهي لاءِ نه ته ڪو ممتاز مسلمان هو. اول ته پئسي جو ڪو به مذهب ناهي هوندو. ڪو به رنگ، مزاج ڪونهي ٿيندو ۽ نه ئي اُنجي ڪا قوميت يا ملڪ هوندو آهي. پئسي جو نڪو رشتو هوندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن سان محبت. پئسي جي ابتدا ۽ انتها پئسو ئي هوندو آهي. انهي ڪري هاڻ سيٺيون ممتاز کان کٽا ۽ بيزار ٿي چڪا هئا، ڇو جو هنن پنهنجي علائقن مان مسلمانن جي لڏپلاڻ چاهي ٿي. انهي لاءِ نه ته هنن جو، ڪو مسلمانن سان وير هو يا کائن ڪا مذهبي نفرت هئي. هي مسلمان ته صدين کان انهن بلڊنگن ۾ رهندا آيا هئا، ۽ سالن کان ممتاز انهن کان، سيٺين لاءِ مسواڙ وصول ڪندو آيو ٿي. پر اصل ڳالهه هي هئي ته سنڌي مهاجر لکن جي تعداد ۾ پنهنجي دولت ساڻ کڻي، بمبئي پهچي رهيا هئا. اُنهن کي گهرن جي ضرورت هئي ۽ هو اُن لاءِ پڳڙي به ڏيڻ لاءِ تيار هئا ۽ مسواڙ به زياده آڇي رهيا هئا. هڪ جڳهه جي مسواڙ اڍائي سو مان ڦري هزار روپيه ٿي ويئي هئي. پر هڪ بيوقوف ممتاز هو، جو علائقي ۾ هندو مسلمان فساد ٿيڻ نه ڏيئي رهيو هو. جي فساد نه ٿيندا ته مسلمان ڊڄي ڇو ڀڄندا، گهر ڇو خالي ٿيندا، پڳڙيون ڇا لاءِ ملنديون ٽجوڙيون ڪيئن ڀربيون؟
اهائي سوچ ۽ اِهوئي مقصد هو، جنهن سيٺين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو ۽ سڀ ڪجهه طئه ڪرڻ کانپوءِ هنن پٽورڌن کي سڏايو.
پٽو رڌن خنجر جي آخري وار سان، ممتاز جو سر جدا ڪري ڇڏيو. پهرين هن گردن جو هيٺيون حصو مين هول ۾ اُڇلايو ۽ پوءِ هن ممتاز جي لاش کي وارن کان پڪڙي ناريل وانگي هيڏانهن هوڏانهن گهليو. ۽ جڏهن هن کي سڙڪ جي ٻنهي طرفن ڪو به داد ڏيندي نظر نه آيو ته هن ممتاز جي سسي کي، مين هول م اُڇلي ڇڏيو ۽ گوشت جي پکڙيل ٽڪرن کي ميڙي سيڙي مين هول ۾ ڦٽي ڪيو.
اُن کانپوءِ هو اُٿي، سامهون ميونسپالٽي جي نلڪي ڏانهن ويو. نلڪو کولي هن هٿ منهن ڌوتو. هن ڀنگين جي مندر مان سامهون نظر ايندڙ گڻيش جي مورتي کي، وڏي ادب مان هٿ ٻڌا.
هاڻ هن کي بک ستائڻ لڳي هئي. هو ٽرام جي پٽڙي تان هلندو، هڪ هوٽل ۾ داخل ٿيو. جيڪا نئين کليل ٿي معلوم ٿي. آرسيون، ڪرسيون، سنگ مرمر جو ڪائونٽر، سارو فرنيچر نئون لڳو ٿي.
پٽو رڌن ٿڙندو ٿاٻڙندو، هوٽل جي ڪائونٽر تي آيو ۽ زوردار مڪ هڻندي چيو،
“مونکي سخت بک لڳي آهي. ماني جلدي ڏي.”
هوٽل جو مالڪ سنڌي لڳو ٿي، هن ڇوڪري کي تڙتڪڙ ۾ سنڌي ۾ ڪجهه چيو.
ڇوڪرو ڊوڙندو بورچي خاني ۾ ويو ۽ جلد ئي هن هڪ گوشت جي پليٽ ۽ تندوري نان آڻي پٽورڌن جي اڳيان رکيو.
پٽورڌن غصي مان بڙ بڙ ڪندي اُٿيو ۽ گجندي چيو، “توکي خبرناهي ته آءٌ برهمڻ آهيان ۽ گوشت ڪونه کائيندو آهيان؟”
ايئن چوندي هن گوشت جي پليٽ کڻي مالڪ جي منهن تي هنئي ۽ ڪاوڙ مان بڪ بڪ ڪندو هوٽل مان ٻاهر نڪري ويو.