ڏڪار اپايو
ان ڪم لاءِ ضرورت هئي ٽريڪٽر ۽ زمين جي ٽڪرن جي. پر ان جي عيوض اسان ڇپائي جي مشين استعمال ڪئي. بيشڪ ڇپائي جي مشين نهايت ئي ڪارائتي شئي آهي. اُها لفظن جو انبار ته لڳائي سگهي ٿي پر اناج جو هڪ داڻو به پيدا نٿي ڪري سگهي. معمول جيان اسان غلط طريقا استعمال ڪندا رهياسين ۽ ناڪام ٿيندا رهياسين.
اسان وزيرن جون تقريرون پيدا ڪيون. اشتهار پيدا ڪيا. ۽ آفيسرن جي فوج پيدا ڪئي. جن ڪاغز ۽ قلم جي مدد سان پنهنجين ميزن تي اَناج اُپائڻ جي ڪوشش ڪئي. قلم ۽ ڪاغذ زندگي جون سٺيون ۽ فائديمند شيون آهن. پر اُهي زمين جي پيداوار ۾ خود زمين ناهن.
ان پوکڻ لاءِ اسان کي زمين جي ضرورت آهي ۽ زمين ڳوٺن ۾ هوندي آهي نه ڪه سول سيڪريٽرين جي ڇتن تي، انهي لاءِ ئي اسان جا کنيل سڀ اُپاءُ ناڪام ٿيا.
هي آزادي جي پهريئن سال جو قصو آهي.
آزادي جي ٻئي سال اسان کي نئون خيال سجهيو. اڄوڪي هندستان کي نون خيالن جي ضرورت آهي ۽ اهڙن نون نون ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي نوان نوان خيال سوچي سگهن. گذريل ٽن سالن کان اسان ان قسم جي نون نون خيالن تي گذارو ڪري رهيا آهيون.
جيئن ته اناج جي کوٽ جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو. انهي ڪري هڪ نئون ماڻهو هڪ خيال کڻي آيو. “هڪ ٽاڻو لنگهڻ ڪاٽيو” جي مهم شروع ٿي، جنهن کي اُٿندي ئي ڪانگريسي وزيرن ۽ قانون ساز اداري جي ميمبرن جي آشيرواد به ملي ويئي.
جيئن ته آئون غريب هئس. انهي لاءِ بنا سوچ سمجهه جي هي مهم بمبئي ۾ اٺ سال پهرين شروع ڪري چڪو هوس. هر روز هڪ وقت جي ماني کائيندو هوس. پر مون کي اِهو معلوم نه هو ته ان ڪم ۾ مون کي وڏن وڏن ناليوارن ليڊرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي آشيرواد به حاصل آهي.
هاڻي جڏهن مون کي ان مهم جي نيڪ مقصد جي خبر پئي ته مون هڪدم فيصلو ڪري ورتو ته هن اسڪيم کي ڳوٺن ۾ پهچائي ئي ساهه کڻندس. ڇو ته منهنجي وطن جي گهڻائي ڳوٺن ۾ رهي ٿي. انهي ڪري ان اسڪيم جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو دارومدار به انهن تي آهي. اُتي مون کي هڪ عجيب غريب تجربو ٿيو...
بمبئي شهر کان اٽڪل ٽيهه ميل پري هڪ ڳوٺ ۾، اُتي جي ماڻهن مون کي هڪ وڻ سان ٻڌي ورتو ۽ چوڻ لڳا، “ڏس ڇوڪرا! اسين تنهنجي حب الوطني جو قدر ڪريون ٿا. پر هڪ ويلو بکيو رهڻ جي عادت تي ته اسين گذريل ٻن سالن کان عمل ڪري رهيا آهيون ۽ ڪيترا ڀيرا ته اسان فقط هڪ ويلو لنگهڻ ناهي ڪاٽيو پر ٻه ويلا به بک تي رهيا آهيون. انهي ڪري شهرين واري اٽڪل هتي نه هلندي. هن ڀيري ته اسان فقط توکي وڻ سان ٻڌو آهي. پر هتي جي وري آئين ته، توکي وڻ سان ٻڌي باهه ڏيئي ڇڏينداسين.”
منهنجو خيال آهي ته مون جهڙن ڪيترن ئي نوجوانن کي ڳوٺن ۾ اهڙن تجربن سان منهن ڏيڻو پيو هوندو. اهو ئي سبب آهي جو ان تحريڪ جو هاڻي ڪو به ذڪر ٻڌڻ م نٿو اچي. ان کان سواءِ جيئن ته هاڻي آزادي جو ٻيو سال به گذري چڪو هو تنهنڪري اسان کي ڪو ٻيو نئون خيال به سوچڻو هو. نه ته اسان جو عوام بي چيني محسوس ڪرڻ لڳندو. توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته اسين هندستاني نهايت حساس آهيون ۽ جلد ئي پراڻن خيالن مان بيزار ٿي پوندا آهيون.
آزادي جي ٽيئن سال هن مسئلي نهايت نازڪ ۽ گنڀير صورتحال اختيار ڪري ورتي. تنهن ڪري اسان کي ڪجهه سخت قدم کڻڻا پيا. مثلن اسان پنهنجو وزير خوراڪ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ شري ڪي. ايم منشي کي ڪرسي تي ويهاري ڇڏيو. ڪجهه جاهل ماڻهن مون کان سوال ڪيو : “ان جو ڇا فائدو؟ وزير خوراڪ بدلائڻ سان خوراڪ جو مسئلو ته حل نه ٿيندو؟” پر اُنهن ماڻهن کي اها ڪل ئي نه ٿي پئي ته هيلتائين سان اِهو ئي ڪجهه ته پئي ڪيو آهي. اسان نه صرف وزير ئي تبديل نه ڪيو پر اسان مسئلا ئي تبديل ڪري ڇڏيا آهن.
۽ هاڻي اسان کي خوراڪ جي مسئلي جي باري ۾ ڪا به ڳڻتي نه آهي ڇو جو هاڻي اسان جي سامهون وڻن جو مسئلو اچي ويو آهي. مج حل ٿيندڙ مسئلن جي پيداوار به اسان جي آزادي جي راهه جي نشاني آهي ۽ ڪيترا ڀيرا ته نون مسئلن جي پيداوار جو نون وزيرن ۽ اُنهن کاتن جي پيداوار سان سڌو رابطو ٿي وڃي ٿو. مثال جي طور تي پهرين هو خوراڪ جو وزير هو. اُن کان پوءِ جيئن ئي اسان جا مسئلا وڌيا، هو اسان جو وڻڪاري جو وزير به ٿي ويو. ۽ جيڪڏهن بناسپتي گيهه جي پيداوار کي بند ڪرڻ جي تحريڪ زور پڪڙي ورتو ته هو اسان جو بناسپتي گيهه جو وزير به ٿي ويندو.
سڄي عمل جو ئي نالو آهي. ترقي جو نالو ترقي ۽ جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اها نطر نٿي اچي ته اُهو پڪ ڪميونسٽ آهي يا غير ملڪي ايجنٽ. اُن کي بنارک رکاءُ جيل ۾ وجهڻ گهرجي.
شري ڪي ايم منشي جي وڻ اُڳايو مهم بيشڪ هڪ نهايت اعليٰ ۽ عمدو خيال آهي. ان کي هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته، “گهڻن وڻن جو مقصد آهي گهڻو رس، گهڻي برسات جو مقصد آهي گهڻو فصل، گهڻي فصل جو مطلب آهي گهڻو اناج.“
ڏٺو توهان؟ اسان جو خوراڪ جو مسئلو ڪيئن نه آساني سان حل ٿيو وڃي. ڪنهن مون کي ٻڌايو ته هي شري منشي جو پنهنجو خيال ناهي. بلڪه هڪ روسي جو خيال آهي. مون کي اهو به ٻڌايو ويو ته آبو هوا جي تبديلي لاءِ جبلن جي لاهين تي سوين ميل علائقي ۾ روسي ماڻهو وڻ لڳائي رهيا آهن. پر تيز ۽ تز نقاد اها ڳالهه وساري ويهن ٿا ته، روسي ماڻهو اهو ڪم آزادي جي ٽيهن سالن کان پوءِ شروع ڪري رهيا آهن ۽ اسين ان کي آزادي جي ٽيئن سال کان ئي شروع ڪري رهيا آهيون ۽ اُهو به بنان ڪنهن گڏيل رٿابندي جي.
روسي ماڻهن کي پهرين هڪ سوشلسٽ انقلاب آڻڻو پئجي ويو. اُن ان پوءِ اُنهن وڏن وڏن زميندارن جون زمينون ضبط ڪري هارين ۾ تقسيم ڪيون. اُن کان پوءِ اُنهن گڏيل پوک شروع ڪئي ۽ ٽيهن سالن جي ڀرپور تجربي کان پوءِ هو ناهموار ميدانن ۽ بنجر زمين کي تبديل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن. پر هندستان ۾ اسان انهن جي پهريئن مرحلي کي ليکي ۾ ئي ڪو نه آندو آهي. هتي ڪو به سوشلسٽ انقلاب ڪونهي آيو ۽ نه ئي عوامي جمهوري انقلاب به آيو آهي. ڇو ته اهڙا انقلاب اسان جي اهنسائي (عدم تشدد) ڌرم جي خلاف آهن. اسان هتي وڏن وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن جون زمينون ضبط ناهن ڪيون. ڇو ته اسان انفراديت ۾ يقين رکون ٿا. تنهن ڪري اسان سڌو وڻ اڳايو مهم شروع ڪري ڇڏي، جيڪا اسان کي ڪنهن به انقلاب جي مسئلي ۾ نٿي منجهائي. جيڪا وڏن وڏن زميندارن جي وڏين وڏين زمينن جي ضبطي جي ضرورت محسوس نٿي ڪرائي. ۽ سڀ کان زياده اهو ته اُها اسان کي گڏيل پوک ڪرڻ تي مجبور نٿي ڪري. اها هڪ سنئين سڌي سادي ۽ اعليٰ اسڪيم آهي، جيڪا موجوده حالتن ۾ تبديلي جي تقاضا نٿي ڪري.
انهي لاءِ اسان جي وزير صاحب تي نقل بازي جو الزام لڳائڻ وارا سڀ ڪوڙا آهن. ان کان سواءِ سويت يونين جي منصوبي ۽ اسان جي منصوبي ۾ هڪ ٻيو وڏو فرق به آهي. جنهن کي ماڻهو اڪثر وساري ڇڏين ٿا. ۽ اهو، ته سويت منصوبو ٻين سويت منصوبن جي طرح ڪامياب ٿي ويندو. پر اسان جو منصوبو ته پهرين ئي ناڪام ٿي چڪو آهي. هاڻي آزادي جي چوٿين سال تي اچان ٿو.
آزادي جي چوٿين سال تي اسان کي سڀ کان انوکو ۽ نئون خيال سجهيو آهي. اسان اناج پوکيو مهم کي پاسيرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي طاقت کي ڏڪار پوکيو جي مهم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان اها مهم پهرين بهار صوبي کان شروع ڪئي آهي. پر مون کي يقين آهي ته اها جلد ئي ٻين صوبن ۾ به ڦهلجي ويندي. ۽ جيئن ماضي ۾ اسين هميشه ناڪام ٿيندا رهيا آهيون، هن ڀيري ضرور ڪامياب ٿينداسين.
دراصل اسان جي وڻ اُپايو مهم انهي لاءِ ناڪام ٿي ڇو جو اُن جي بنيادي رٿابندي ۾ خاميون هيون. جيئن آئون پهرين ٻڌائي چڪو آهيان. هي منصوبه بندي هن طرح.... زياده وڻن جو مطلب آهي گهڻي بارش، گهڻي بارش جو مطلب آهي زياده فصل وغيره وغيره... پر گهڻي برسات ته بادلن مان به حاصل ڪري سگهجي ٿي. انهي لاءِ گهڻا بادل مهم ڇو نه شروع ڪئي وڃي؟ پر انهي لاءِ اسان کي بارش ديوتا سان ٽڪر کائڻو ٿي پيو ۽ اسان جي حڪومت سيڪيولر هئي. ۽ ٻيو ته پاڪستان سان به اُلجهيل هئي. انهي ڪري اُها ٻن محاذن تي ڪيئن وڙهي سگهي ٿي؟ انهي لاءِ ان اسڪيم کي ختم ڪرڻو پئجي ويو.
موجوده اسڪيم اسان هاڻي هاڻي تيار ڪئي آهي. مالٿس جو نظريو آبادي جي اڪثريت جي اصول تي مبني آهي. هندستان کي ڏڪار جي ضرورت آهي. ضرورت انهي لاءِ ناهي ته ملڪ ۾ اناج جي کوٽ آهي. بلڪه هندستان جي آبادي زياده آهي. توهان ڄاڻو ٿا ته اورنگ زيب جي زماني ۾ اسين فقط ڏهه ڪروڙ هئاسين. اُن کان پوءِ ايست انڊيا ڪمپني آئي، جنگيون لڳيون، ڏڪار آيا، بيماريون ڦهليون ۽ ڏيڍ سئو سالن تائين نو آبادياتي نظام جو وسيع نظام هلندو رهيو. پر انهن مصيبتن جي باوجود به اسان جي آبادي وڌندي رهي. ۽ 1947ع ۾ اسان چاليهه ڪروڙ ٿي وياسين. هڪ وڏي پر ڪيترن ئي سببن جي ڪري نيڪ ۽ مهربان سامراجين سان گڏجي، اسان اهڙو انتظام ڪيو، جو پنهنجي ملڪ جو هڪ حصو الڳ ڪري ڏهه ڪروڙ جي تعداد کان جان ڇڏائي ورتي ۽ اسان جي سياستدانن جي اهڙي ذهانت سان ڏهه ڪروڙ عوام جو بوجهه هلڪو ٿيو. جيڪڏهن هندستان جو ورهاڱو نه ٿئي ها، ته اهي ڏهه ڪروڙ هن وقت به خوراڪ، لٽي اجهي ۽ روزگار جي معاملي ۾ اسان کي پريشان ڪندا وتن ها. پاڪستان جي تز نقادن کي اها ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي.
آزادي جي چوٿين سال اسان جا سڀئي عام طريقا ختم ٿي چڪا آهن. هڪ پراڻي مثال جي مطابق ڪنهن شئي کي هاصل ڪرڻ جا ٽي طريقا آهن. گهرو، اوڌر وٺو يا چوري ڪريو. اسان عوام کان گهر ڪئي ته زياده اناج اُپايو پر ڪاميابي نه ٿي. اسان ڪوشش ڪئي ته آمريڪا کان ڪڻڪ اوڌر تي ملي وڃي، پر پوءِ به ڪاميابي نه ٿي ۽ عوام جي چوري ته اسان ايتري ڪري چڪا آهيون، جو چوري ۾ هاڻ اسان کي ڪجهه ملڻ جي لاءِ هنن وٽ ڪجهه بچيو ئي ناهي.
پر ڇا ڪيو وڃي؟ هاڻي ته فقط هڪ ئي طريقو بچيو آهي، ته جيڪڏهن اسان اناج آبادي جي مطابق پيدا نٿا ڪري سگهون ته اسان کي پنهنجي آبادي اناج جي مقدار جي مطابق گهٽ ڪرڻ گهرجي يعني عام مردم ڪشي، هي رستو مالٿس جو آهي. هڪ ٻيو فلاسافر ٿي گذريو آهي، جنهن جو چوڻ هو ته “زمين هارين کي ڏيو” ۽ “ڪم ڪريو.”
“پيدا ڪريو ۽ حاصل ڪريو”. ها پر- اُن جو نالو مالٿس ڪو نه پر مارڪس هو ۽ اُهو ڪميونسٽ هو ۽ ڪميونسٽن سان اسان ڪو به واسطو رکڻ لاءِ تيار ناهيون. اسان پنهنجي زندگي جي راهه منتخب ڪري ورتي آهي ۽ اها راهه مارڪسزم جي راهه ناهي. بلڪه گانڌي ازم ۽ مالٿس ازم جي راهه آهي.
“ڏڪار پوکيو”، اسان کان اڳ هڪ دانا شخص تجويز پيش ڪئي هئي ته ڏڪار پوکيو جهڙو انتهائي قدم کڻن کان پهرين ٻيا طريقا ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مثال جي طور تي اناج جي پيداوار وڌائڻ لاءِ هندستان ۾ کيتي ٻاڙي لاءِ ايراضي وڌائڻ گهرجي. ان جي تجويز هئي ته اسان کي ٽوپين تي اناج پوکڻ گهرجي.
ان جو دليل اهو هو ته هڪ وچولي سائز جي ٽوپي تي ڇٽيهه اسڪوائر انچ جي ايراضي بغير پوک جي پيل هوندي آهي. جيڪڏهن اسان اُن تي ڪجهه مٽي وجهي پاڻي ڇڻڪاريون ته اها ايراضي فصل اُپائڻ جي ڪم اچي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن اُن کي اسان جوڙ ڪريون ته اها ايراضي ڪا گهٽ ناهي.
ٿورڙو ٽيهه ڪروڙ هندستانين کي تصور ۾ آڻيو. هر هڪ جي مٿي تي ڇٽيهه اسڪوائر انچ جو کيت هوندو. اها ايراضي برطانيه جي ايراضي جي برابر ٿيندي. اُن تي اسان ڪڻڪ، داليون، ڪمند، چانور وغيره پوکي سگهون ٿا. اسان اُن تي ننڍا ننڍا سبزين جا ٻارا به لڳائي سگهون ٿا. جنهن ۾ گوگڙو، واڱڻ، گوبي ۽ ڀينڊي لڳائي سگهجي ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان جي مٿي تي اُڦٽندو، ڪارمين ميرانڊ جي طرح.
منهنجي ان دانا دوست ٻڌايو “دراصل مون هي خيال ڪارمين ميرانڊ کان حاصل ڪيو آهي. ڪارمين ميرانڊ هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره آهي.” مون وراڻيو، “اهو ٺيڪ آهي اسان کي آمريڪي ڪڻڪ نٿي ملي ته ٺيڪ پر. اسان آمريڪي خيال ته حاصل ڪري سگهون ٿا. اُن ۾ ڪهڙي برائي آهي؟.”
اچو پهرين اسان وزيرن جي آشيرواد وٺون. ڇو ته پنهنجي مقدس آزادي ۽ پبلڪ سيفٽي ايڪٽ نافذ هئڻ سبب هندستان ۾ ڪا به مهم تيستائين ڪامياب نٿي ٿي سگهي، جيستائين اُنهن کي وزيرن جي آشيرواد حاصل نٿي هجي. پر مايوسي مان ڪنڌ لوڏي منهنجي دوست چيو ته پر “ان ۾ هڪ مسئلو آهي. منهنجي خيال ۾ وزير ان تجويز سان متفق نه ٿيندا. ڇا تون سوچي سگهين ٿو ته ڪو وزير پنهنجي ٽوپي تي ٽماٽا، بصر، سڻي يا ڪپهه اُپائڻ پسند ڪندو؟”.
آئون ته ائين سوچي نٿو سگهان” مون جواب ڏنو ۽ اسان اسڪيم رد ڪري ڇڏي.
جيڪڏهن اسين زميندارن، جاگيردارن، بليڪ مارڪيٽنگ ڪرڻ وارن ۽ سامراجين کي ختم ڪري نٿا سگهون ته اچو! اسين ڏڪار جي ذريعي عوام کي ختم ڪري ڇڏيون. اهڙن ڏڪارن جي ذريعي جيڪي بنگال ۾ آيا هئا.
بنگال جي اڳئين ڏڪار ۾ فقط پنجٽيهه لک انسان مئا هئا. اهو ته ڪجهه به ناهي، ان سان اسان جو مسئلو حل نه ٿيندو. انهي ڪري هن ڀيري اهڙو خطرناڪ ۽ هانو ڏاريندڙ ڏڪار آڻڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو مري وڃن. اسان کي ته گانڌي ازم جي اهنسا جي روح سان سرشار ايٽم بم جي ضرورت آهي. اُن سان ڌرتي جو بوجهه هلڪو ٿي ويندو ۽ اسان جا نيڪ ۽ محب وطن جاگيردار نهايت شان شوڪت سان رهي سگهندا. ۽ جيڪڏهن ان ڏڪار سان به ماڻهن جو گهربل تعداد نٿو مري ته اسان هيٺيان طريقا استعمال ڪري سگهون ٿا.
مثال جي طور
1: هاري تحريڪن کي تباهه ۽ برباد ڪريو.
2: شاگرد تحريڪن کي چيڀاٽيو.
3: سڀني مخالف درجي تحريڪن کي ناس ڪريو.
مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اِهي طريقا هڪ ئي وقت استعمال ڪنداسين ته 1951ع تائين، بلڪه اُن کان پهرين ئي خود ڪفيل بڻجي وينداسين. پر اُن جو تمام دارومدار موتن جي تعداد تي آهي.
پر ٻڌون ٿا ته چين ۾ انهن سڀني طريقن جو استعمال ڪيو ويو هو. پر اُهي ناڪام ويا. ان تشدد ۽ جنگ جي باوجود عوام اڳتي وڌندو ويو. ڪو منتانگ، آمريڪي مداخلت، بک، ڏڪار ۽ ڦهلجندڙ بيمارين جي باوجود چيني عوام زور وٺندو ويو ۽ ٻڌو آهي ته عوام هندستان ۾ به زور پڪڙيندو، عوام لافاني آهي.