ڪتا پلاننگ
“توهان اڄ جي اخبار ڏٺي آهي؟”
فيملي پلاننگ جي وزير هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏيئي پڇيو: “اڄ ڪهڙي تاريخ آهي؟”
“24 جنوري.”
“اوڳاڊ! ڪيئن ڏينهن گذريو وڃن ٿا، ڪا خبر ئي ڪو نه ٿي پوي.” فيملي پلاننگ جي وزير هڪ ڊگهو سگار چپن تي آڻيندي چيو. “اڃان ڪلهه ڪلهوڻي ئي ته نئون سال شروع ٿيو هو. ڪيڏي نه شاندار پارٽي هئي. توهان کي ياد هوندو. مسز من سکاني ڪيڏي نه خوبصورت ساڙهي پائي آئي هئي.”
“اڄ جي “ٽائمز” ۾ ستين صفحي تي هڪ اهم خبر آهي.” نائب وزير وري يا ڏياريو.
“آئون صرف اُها اخبار پڙهندو آهيان جنهن ۾ منهنجو فوٽو ڇپبو آهي ۽ گذريل ٻن ڏينهن کان مون ڪا تقرير ناهي ڪئي. تنهن ڪري ٻي ڪا اهم خبر ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟” وزير سگار جو هڪ وڏو ڪش هڻندي چيو.
نائب وزير خبر پڙهي ٻڌائي.
“علي آباد ۾ جيڪو ڄام نگر کان نون ميلن جي مفاصلي تي آهي، هڪ اهڙو تجربو ڪيو پيو وڃي جنهن سان ڪتن جي فيملي پلاننگ ٿي سگهندي. هن پراجيڪٽ کي شروع ڪرڻ وارا چون ٿا ته جيئن ڪتن جي وڌندڙ آبادي کي روڪي سگهجي. ڇو ته هن علائقي جا ماڻهو ڪتن کي جان کان مارڻ جي حق ۾ ناهن.” صحت کاتو ميونسپل کاتي جي مدد سان هي پراجيڪٽ شروع ڪندو. جنهن جي ذريعي هڪ محدود علائقي جي ڪتن جي آپريشن جي ذريعي فيملي پلاننگ ڪئي ويندي.”
“بيوقوف!” فيملي پلاننگ جي وزير خبر ٻڌي چيو، “انسانن ۾ ته فيملي پلاننگ ٺيڪ طرح سان ٿي نه رهي آهي ته وري ڪتن ۾ ڪيئن ٿيندي؟ بيڪار ۾ عوام جو پيسو ضايع ٿي ويندو.”
نائب وزير ها ۾ ها ملائيندي چيو، “خود مون به ايئن چيو هو. پر پوءِ خيال آيو ته جيئن ته اسان وٽ به فيملي پلاننگ ڪامياب نه رهي آهي ۽ جڏهن ته نئين بجيٽ جي موقعي تي ڪا نئين ڪار گذاري ڏيکارڻ جي به ضرورت محسوس ٿيندي، انهي لاءِ مون هن خبر کي ان قدر اهم سمجهيو آهي.” نائب وزير ايئن چوندي خاموش ٿي ويو.
“هون!” فيملي پلاننگ جو وزير هڪ گهري سوچ ۾ هليو ويو. ڪافي غور ويچار کان پوءِ چيائين، “خيال ته برو ڪونهي. آخر صوبي ۾ ڪتا ته هوندا ئي؟.”
“ضرور هوندا” نائب وزير چيو، “جيتوڻيڪ مون اڄ تائين ڪنهن ڪتي کي انٽرويو ناهي ڏنو، انسانن کان ئي واندڪائي نٿي ملي... پر هوندا ضرور، ڇا خيال آهي؟ چيف سيڪريٽري سان مشورو ڪيو وڃي هن معاملي ۾؟”
جواب ۾ فيملي پلاننگ جي وزير چيف سيڪريٽري کي فون ڪري آفيس ۾ سڏائي ورتو. چيف سيڪريٽري خبر پڙهي ۽ تجويز ٻڌي خاموش ٿي ويو. ڪنهن مسئلي تي راءِ ڏيڻ کان پهرين هو خاموش رهڻ پسند ڪندو آهي. چاهي وزيرن جو عقل هجي يا ڪتن جو مستقبل هجي. هڪ ڊگهي خاموشي کان پوءِ هن چيو.
“ڪتن سان منهنجي ملاقات ايتري گهڻي ڪونهي، ڇو ته مون کي شروع کان ئي طوطن پالڻ جو شوق رهيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته ان سلسلي ۾ جيڪڏهن جوائنٽ سيڪريٽري سان مشورو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو. هن جي گهر ۾ پنج ڪتا آهن.”
جڏهن جوائنٽ سيڪريٽري جي اڳيان اها تجويز رکي ويئي ته هن جا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ چوڻ لڳو، “صاحب، جن ڪتن کي آئون سڃاڻان ٿو اُهي شاهي نسل جا ڪتا آهن. منهنجو انهن جي سنڀال لاءِ هڪ نوڪر رکيل آهي. منهنجا ڪتا مقرر وقت تي سمهندا آهن ۽ مقرر وقت تي اُٿندا آهن. مقرر وقت تي وهنجندا آهن ۽ مقرر وقت تي کاڌو کائيندا آهن. مقرر وقت تي گهمڻ ويندا آهن. پنهنجي سمجهه ٻوجهه ۾ تقريبن انسان آهن. اهڙن اعليٰ نسل جي ڪتن جي فيملي پلاننگ تي تمام گهڻو خرچ ايندو.”
“اڙي بابلا!” نائب وزير چيو، “اسين بنگلن جي ڪتن جي ڳالهه نٿا ڪريون. اُنهن کي ڪنهن فيملي پلاننگ جي ضرورت نه آهي، چاهي اُهي انسان هجن يا ڪتا؟ اُهي جيڪي بنگلن ۾ رهن ٿا، فيملي پلاننگ جي دائري ۾ نٿا اچن. هتي ذڪر بازاري ڪتن جو ٿي رهيو آهي. منهنجو مطلب ڪتن جي عام عوام سان آهي.”
“منهنجو خيال آهي”، جوائنٽ سيڪريٽري ڳالهايو، “منهنجي خيال ۾ انڊر سيڪريٽري کي گهرائڻ گهرجي. آئون سول لائن ۾ رهان ٿو ۽ هو شهر ۾ رهي ٿو. بازاري ڪتن جي باري ۾ اُن کي ڄاڻ زياده هوندي”.
انڊر سيڪريٽري جڏهن هن ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيو ته تجويز ٻڌندي ئي ٽپ ڏيئي اُٿي بيهه رهيو. ڇو ته هو پنهنجي زندگي ۾ ڪيترا ڀيرا بري طرح ڪتن کان چڪ کائي چڪو هو ۽ هڪ دفعو حلوائي جي ڪتي هن کي اهڙي زور سان ڇتو چڪ پاتو جو هن وقت تائين به گوڏن جي ڀرسان اُن جو نشان موجود هو.
“منهنجو اندازو آهي ته هن شهر ۾ ٻه لک ڪتا آهن ۽ ايتريون ئي ڪتيون هونديون.”
هاڻي جيڪڏهن هڪ ڪتي سال ۾ پنج گلر به ڏي ۽ اُن مان جيڪڏهن ٽي به زندهه رهن ته سمجهو ته هر سال ڪتن جو تعداد ۾ ٻيڻو ٿي ويندو.”
“او صاحب! آئون سمجهان ٿو ته شهر ۾ جيڪڏهن ڪتا ان رفتار سان وڌندا رهيا ته ڪتن جي آبادي انسانن جي آبادي کان گهڻي ٿي ويندي.”
“اسان کي ان سلسلي ۾ تڪڙو قدم کڻڻ گهرجي. ٿورو سوچيو ته انهن رولاڪ ڪتن تي ڪيترو اناج ضايع ٿئي ٿو. ڪيتريون بيماريون ڦهلجن ٿيون. ڪيتريون گهٽيون گنديون ٿين ٿيون. ڪيترا انسان هائڊرو فوبيا ۾ مريو وڃن ٿا. ڪتو انسان جو بدترين دشمن آهي. حضور! منهنجو خيال آهي ته جي ڪتن جي فيملي پلاننگ ڪئي وڃي ته انسان جي فيملي پلاننگ جي ضرورت ئي ڪو نه پوندي”.
“واه واه! واه واه!! وزير تاڙيون وڄائيندي چيو، “آئون بلڪل اهو ئي سوچي رهيو هوس ۽ اهو سوچي ئي مون توهان کي ميٽنگ ۾ گهرايو هو. آئون سمجهان ٿو ته ڳالهه بلڪل واضح ۽ صاف ٿي چڪي آهي ۽ جيڪو مون شروع ۾ سوچيو هو ته جيڪڏهن ڪتن جي فيملي پلاننگ ڪامياب ٿي ويئي ته اسان کي انسانن جي فيملي پلاننگ جي ضرورت نه رهندي. توهان ان خيال کي نظر ۾ رکندي اها مهم شروع ڪريو ۽ سڀ کان پهرين ان جي باري ۾ هڪ پمفليٽ ڇپايو جنهن جي هڪ پاسي تي منهنجي تصوير هجي ۽ ٻئي پاسي تي ڪتي جي.”
نائب وزير غور مان چتائي وزير ڏي نهاريو.
“اون هون! ٻيو ڪنهن جي به نه، بس منهنجي ئي تصوير ڪافي آهي.”
“پر هڪڙي پمفليٽ شايع ڪرڻ سان ڪم نه هلندو چيف سيڪريٽري غور ڪندي وراڻيو. اُن جي لاءِ اسان کي بجيٽ منظور ڪرڻي پوندي ۽ نئون اسٽاف رکڻو پوندو. اُهي ماڻهو جيڪي انسانن جي فيملي پلاننگ ڪن ٿا، ڪتن جي فيملي پلاننگ جو ڪم نٿا ڪري سگهن. انسانن ۽ ڪتن جي عادتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.”
“اُنهن ۾ ايترو به گهڻو فرق ناهي.” نائب وزير چيو.
“نه نه، چيف سيڪريٽري صحيح چوي ٿو.” وزير چيو ،”اسان کي ان لاءِ بلڪل نئين بجيٽ ۽ نئون اسٽاف رکڻو پوندو. سڀ کان زياده ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ان مهم جو انچارج هڪ اهڙوماڻهو هئڻ گهرجي جيڪو ڪتن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ رکندو هجي.”
انڊر سيڪريٽري چيو، “منهنجو هڪ ڀائيٽو آهي.”
جوائنٽ سيڪريٽري چيو، “منهنجو هڪ ڀاءُ آهي.”
چيف سيڪريٽري چيو، “منهنجو هڪ ڏوهٽو آهي.”
وزير چيو، “منهنجو هڪ ناٺي آهي.”
وزير صاحب کان پوءِ ٻئي ڪنهن به نه ڳالهايو. وزير نيٺ سچائي ظاهر ڪري ئي ڇڏي ۽ سچ جي هميشه جيت ٿيندي آهي. تنهن ڪري مون کي ٻئي ڏينهن ئي نوڪري تي رکيو ويو.
....................
اُهي ماڻهو بڪواس ڪن ٿا جيڪي چون ٿا ته مون کي انهي لاءِ نوڪري ملي ويئي جو آئون وزير جو ناٺي آهيان، آئون دراصل هن ڪم لاءِ نهايت موزون ماڻهو آهيان. هڪ ته آئون جانورن جو وٽنري آهيان. يعني ڊاڪٽر آهيان.
جانورن جي نفسيات جي باري ۾ جيترو علم مون کي آهي ٻئي ڪنهن کي نه هوندو. بهتر نموني جانورن جي ٻولي سمجهان ٿو ۽ هن زماني ۾ جڏهن پٽ پيءَ جي ٻولي نٿو سمجهي توهان سمجهي سگهو ٿا ته اهو ڪيترو مشڪل ڪم آهي.
بن ڪلارڪن ٻن پٽيوالن، ٻن ڪمپائونڊرن ۽ هڪ هلندڙ ڦرندڙ آپريشن جي سامان سان ڀريل گاڏي سان مون هڪ ڪتي جو گهٽي ۾ گهيرو تنگ ڪيو، جيڪو هڪ ڪتي جي پويان ڀڄي رهيو هو.
ڪتي اسان سڀني جي طرف غور سان ڏٺو ۽ آخر هو سمجهي ويو ته انهن سڀني ۾ فقط آئون ئي آهيان، جيڪو هن سان ڳالهائڻ جي لاءِ موزون آهيان. تنهن ڪري هو مون سان مخاطب ٿيو.
“تون ڇا ٿو چاهين؟” هن پڇيو.
“آئون تنهنجو آپريشن ڪرڻ چاهيان ٿو.” مون جواب ڏنو.
“ڇو؟”
“جيئن تون وڌيڪ ٻچا پيدا ڪري نه سگهين.”
“اسان جي ٻچن کان توهان کي ڪهڙي پريشاني آهي؟”
“انهن جي لاءِ اسان کاڌو ڪٿان آڻينداسين؟” مون ڪتي کي سمجهائيندي چيو، “هن شهر ۾ ٻه لک ڪتا آهن. ايندڙ پنجن سالن ۾ ڏهه لک ٿي ويندا. اسان انهن ڏهه لک ڪتن لاءِ کاڌو ڪٿان آڻينداسين؟.”
ڪتي چيو، “آئون ڪڏهن منع ڪريان ٿو. جيڪڏهن اسان جي نسل ڪشي سان انسان جو نسل محفوظ رهي سگهي ٿو ته ڪتا انسان جي خاطر اها به قرباني ڏيئي سگهن ٿا. پر جيڪڏهن غور سان منهنجي ڳالهه ٻڌين ۽ سمجهين، ته توکي معلوم ٿيندو ته هي بيڪار جو رينگهٽ کڻي شروع ڪيو اٿو. ڪتن کي ختم ڪرڻ سان توهان کي ڪو به فائدو نه ٿيندو.
ڪتن کي ختم ڪرڻ سان ٻلين جو تعداد وڌي ويندو ۽ توهان کي خبر آهي ته ٻليون ڪيترو جلدي جلدي ٻچا ڏين ٿيون ۽ اسين ته پوءِ به توهان جي جوٺ تي گذارو ڪري وڃون ٿا پر ٻليون ته سڌو توهان جي بورچيخاني ۾ زبردستي گهڙي کير پي وڃن ٿيون. توهان کي ڪجهه معلوم به آهي؟”
ڪتي ڳالهه عقل واري ڪئي هئي.
تنهن ڪري مون هي صورتحال پنهنجي کاتي جي اعليٰ آفيسرن جي اڳيان رکي اُنهن پاڻ ۾ مشور ڪري طئي ڪيو ته في الحال ڪتن جي فيملي پلاننگ ملتوي ڪري ٻلين تي حملو ڪيو وڃي.
هاڻ مون کي نوان حڪم ڏنا ويا، نئون عملو ڏنو ويو. نئين بجيٽ منظور ڪئي وئي. جنهن ۾ نئون پمفليٽ شايع ڪيو ويو. عنوان هو “ٻلين جي فيملي پلاننگ.”
اٺن ڏهن ڏينهن جي ڪوشش کانپوءِ اسين هڪ موٽي ٻلي کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. هو پهرين ڪافي دير تائين اسان کي ڏسي واڇون اُڀيون ڪري اسان تي آڪڙيو ۽ آخر ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ مان مون کي گهوري چيائين.
“ميان اسان کي سڃاڻو ڪو نه ٿا. منهنجي جيڪا زال آهي، اُها وزير تعليم جي پالتو ٻلي آهي. پنهنجي نوڪري چاهين ٿو ته هڪدم مون کي ڇڏي ڏي. نه ته شڪايت ڪندوسئين.”
مون کي به ڪاوڙ اچي ويئي. مون چيو “ميان ٻلا! تون پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟ جيڪڏهن تنهنجي زال هڪ وزير جي ٻلي آهي ته آئون به هڪ وزير جو ناٺي آهيان. آئون تنهنجي وزير جو غلام ناهيان جو توکان ڊڄي ويندس.”
اُنتي مغرور ٻلو ڪجهه ٿڌو ٿيو ۽ پڇڻ لڳو. “آخر تون چاهين ڇا ٿو؟”
اُن کي مون پنهنجي اسڪيم سمجهائي. اسڪيم ٻڌي چيائين، “ته توهان انسانن جي فيملي پلاننگ کي ڪتن جي فيملي پلاننگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻي ڪتن جي فيملي پلاننگ کي ٻلين جي فيملي پلاننگ ۾ بدلڻ چاهيو ٿا، ته جيئن هن دنيا مان ٻليون توهان جي ٻارن جي غذا نه هڙپ ڪري وڃن.”
“تون بلڪل ٺيڪ ٿو چوين. اسان جو اهو خيال آهي” مون ان ٻلي کي نرمي سان سمجهائيندي چيو، “اسين توهان جي جان وٺڻ نٿا چاهيون. اسين عدم تشدد تي يقين رکون ٿا ۽ هن آپريشن سان توهان کي خاص تڪليف ڪو نه ٿيندي. بس فقط ٻن منٽن لاءِ ٿوري تڪليف ٿيندي ۽ اُن کان پوءِ اٺن ڏينهن تائين توهان کي هر روز نيراني هڪ گوري کائڻي پوندي”.
“ڏاڍو سٺو” ٻلي ڳالهايو “انساني آبادي جي محفوظ مستقبل لاءِ اسان پنهنجن ٻچن جو مستقبل ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پر ايترو ياد رکو ته توهان جي ٻارن جو مستقبل پهرين کان به زيادهه خطري ۾ پئجي ويندو.”
اُهو وري ڪيئن؟” مون ٻلي کان پڇيو.
هن چيو، “اِهو سوچيو ته دنيا ۾ جيڪڏهن ٻليون نه رهنديون ته پوءِ ڪوئن جو جو ڪير نالو وٺندو.؟ اڄ به خوراڪ جو چوٿون حصو ڪوئا کائي وڃن ٿا ۽ اُن جي عيوض توهان کي ڇا ٿا ڏين؟ پليگ، سوچيو۽ غور ڪريو. جيڪڏهن اسان ٻلا نه هجون ته فقط هن شهر ۾ هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ ڪوئا وڌي وڃن.”
“تون بلڪل درست ٿو چوين” مون اقرار ڪندي چيو.
“انهي لاءِ جيڪڏهن توهان هروڀرو جانورن جي ئي فيملي پلاننگ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪوئن کان شروعات ڪريو.”
جڏهن ان عقلمند ٻلي جي ڳالهه مون وزير صاحب کي سمجهائي ته هڪدم ڪرسي تان ٽپ ڏيئي اُٿيو چيائين، “آئون خود به اِهو ئي سوچي رهيو هوس. بلڪل صحيح چوي ٿو اِهو ٻلو.”
هڪ واري وري اسان اسڪيم بدلي، نئون اسٽاف رکيو. نئين بجيٽ منظور ڪئي. نئون پمفليٽ ڇپجي ويو. “ڪوئن جي فيملي پلاننگ”. هن دفعي اسين سڀ مطمئن هئاسين ته هاڻي صحيح رستي تي آهيون ۽ سڀ ڪم قاعدي سان ٿيندو ۽ جلدي ٿيندو.
پر جلدئي معلوم ٿيو ته هن ڪم ۾ ته ڪافي مشڪلاتون آهن. سڀ کان پهرين ته اسان جو جهڳڙو ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي سان ٿيو. جڏهن اسان جي عملي جا ماڻهو ڪوئا پڪڙڻ ويا، ته اسان کي معلوم ٿيو ته شهر جا تمام ڪوئا ميونسپل ڪارپوريشن جي قبضي ۾ آهن. ۽ اسان جو ته انهن تي ڪو به حق ناهي ۽ جيستائين ميونسپل ڪميٽي اجازت نه ڏي اسين قانوني طور تي هڪڙي ڪوئي جو به آپريشن نه ٿي ڪري سگهياسين.
ان تي اسان کي ڏاڍو غصو آيو. اسان جي کاتي جي وزير ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر کي خط لکيو. ميئر اسان جي کاتي جي وزير کي خط لکيو. ان ۾ ڪيترائي مهينا گذري ويا.
ڪارپوريشن وارن چاهيو ٿي ته، شهر جا ڪوئا اسان جي حوالي نه ڪيا وڃن. بلڪه سنئون سڌو ماريا وڃن. جيئن اڄ تائين ٿيندو آيو آهي ۽ اسان چاهيو ٿي ته ڪوئن کي جان کان مارڻ جي بجاءِ، اُنهن جو آپريشن ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ ڪوئا پيدا ٿي نه سگهن ۽ اسان جي فيملي مهم ڪامياب ٿئي.
ڏيڍ سال تائين اهو جهڳڙو هلندو رهيو.
آخر ۾ مٿان کان فيصلو ٿيو ته پهرين ڪارپوريشن ڪوئن کي جان سان ماري ڇڏي، بعد ۾ ڪوئا اسان جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن اسان اُنهن جو آپريشن ڪري سگهون.
مٿي وارن ٻنهي کاتن جي ڳالهه مڃي ورتي هئي.
پر مرده ڪوئن جو آپريشن ڪرڻ ڪنهن به ڪم جو نه ٿي سگهيو ٿي ۽ ان سان اسان جي مهم خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. تنهنڪري اسان جي وزير صاحب مون کي گهرائي سمجهايو.
“پٽ جهڳڙو ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ شهر جو ميئر به پنهنجو ماڻهو آهي. هي اُن جي عزت جو معاملو آهي. جيڪڏهن هو ڪوئا پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿو ته ڀلي رکي. تون ڳوٺن ۾ وڃ. مون ٻڌو آهي ته ڳوٺن ۾ ڪوئا هوندا آهن.”
“هوندا آهن؟”. مون چيو، هوندا ناهن پر شهر کان ٻيڻا هوندا آهن. ڪافي وزني ۽ وڏا هوندا آهن ۽ ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن. مون کي اُن لاءِ وڌيڪ اسٽاف گهرجي”.
“ٻيو اسٽاف به وٺي وڃ”
“ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ ٻه جيپون به کپن”
“ٻه چيپون به کڻي وڃ. پر شهر جي ڪوئن جو خيال وساري ڇڏ ۽ ڳوٺن جي ڪوئن جي طرف ڌيان ڏي.”
مون چيو، “شهر جا ڪوئا گهڻا مهذب هوندا آهن. فيملي مهم جي ڳالهه جلدي سمجهي سگهيا ٿي. پر جاهل ڳوٺاڻن ڪوئن کي سمجهائڻ لاءِ مون کي زياده پروپئگنڊا ڪرڻي پوندي.”
“تون هڪ ٻيو پمفليٽ ڇپائي وٺ.... تازو منهنجي نئين تصوير به آئي آهي.” وزير مون کي پيار سان سمجهائيندي چيو.
هڪ ڏينهن جڏهن سامان مڪمل طور تي تيار ٿي ويو ته اسين لوهي پڃرا ساڻ ڪري ڳوٺن ۾ ڪوئن جي فيملي پلاننگ لاءِ روانا ٿياسين.
پر ڳوٺ وارن اسان کي ٻنين جي ويجهو اچڻ به نه ڏنو. اُتي ئي روڊ جي ڪناري روڪي ورتو ۽ لٺيون اُڀيون ڪري بيهه رهيا. اُنهن جي سردار چيو، “ڪوئن جي فيملي مهم؟ ڪيترا نه بيوقوف آهيو. توهان کي خبر ناهي ته جيڪڏهن ڪوئا اسان جي کيتن ۾ نه هجن ته اسان جي کيتن جو اڌ فصل ڪيڙا مڪوڙا کائي وڃن. اهي ڪوئا ئي آهن جيڪي ڏينهن رات کيتن ۾ جيت جڻن کي کائيندا رهن ٿا ۽ اسان جي فصل کي تباهي کان بچائيندا رهن ٿا. اسين انهن جي فيملي پلاننگ ڪرڻ نه ڏينداسين. هرگز هرگز نه. هتان ڀڄي وڃو.”
“عجيب مصيبت آهي؟” مون دل ئي دل ۾ چيو.
جيڪڏهن اسان ڪتن جي فيملي پلاننگ ڪريون ٿا ته ٻليون وڌي وڃن ٿيون. ٻلين جي روڪ ٿام ڪريون ٿا ته ڪوئا وڌي وڃن ٿا. ڪوئن کي ختم ڪريون ٿا ته جيت جڻا وڌي وڃن ٿا.
“ڪريون ته ڇا ڪريون؟”
اسان اُتان کان ته ڀڄي آياسين. پر ڪنهن جي. ديڄارڻ يا ڌمڪائڻ سان اسان جي فيملي پلاننگ جو ڪم ڇا بيهه سگهي ٿو؟ هي ته سرڪاري ڪم آهي ۽ هميشه ٿيندو رهندو. هڪ مهم نه هلي سگهندي ته اُن جي جڳهه ٻي مهم وٺندي. انهي ڪري اسان جي کاتي طرفان هاڻ تمام جلدي ڪيڙن ماڪوڙن جي فيملي پلاننگ جي مهم شروع ٿيڻ واري آهي. ان جو وڏو ثبوت اِهو آهي ته اسان جي مخالفن هاڻي کان ئي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.
زراعت کاتي هڪ زبردست احتجاجي نوٽ لکيو آهي ته، “هو ريشم جي ڪيڙن جي فيملي پلاننگ ڪڏهن به ٿيڻ نه ڇڏيندا.” ۽ ڪافي سرڪاري آفيسرن اُن جي حمايت به ڪئي آهي شايد اهو سوچي ته سرڪاري آفيسر به هڪ طرح سان ريشمي ڪيڙا ئي هوندا آهن.
پر ڪنهن جي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ سان اسان جي فيملي پلاننگ جو ڪم رڪجي سگهي ٿو؟
نئون پمفليٽ ڇپجي رهيو آهي.
نئين بجٽ منظور ٿي چڪي آهي.
نئون عملو رکجي چڪو آهي.
۽ هن سال ته مون پنهنجو پگهار خاص طور تي وڌرائي ڇڏيو آهي، ڇو جو منهنجي گهر ۾ خوشي اچڻ واري آهي.