مڇيءَ جو ڄار
هن ڪناري جي واري ڪيتري قدر نه خشڪ ۽ نرم هئي. ڪناري کان جيترو پري وڃو واري گرم ۽ سخت محسوس ٿي ٿِي. واري جي دڙن جي ڪناري، جتي سامونڊي گجي سڪي وئي هئي، ننڍين سپن ۽ ڪوڏين جا دير لڳل هئا. واري تي هلندي پيرن مان نرم ۽ نازڪ شيشي جي ٽٽڻ جو آواز پيدا ٿيو ٿي ۽ پيرن ۾ عجيب لذت سان ڀريل ڪتڪتائي محسوس ٿي ٿِي. گل ڪافي دير تائين دڙن جا ڪنارا وٺي هلندو رهيو ۽ هلندي هلندي خوبصورت سپيون، ڪوڏيون ۽ سنک جمع ڪندو رهيو. سمنڊ جو ڪنارو اڌ گول جي شڪل ۾ ڪافي پري تائين ڦهليل هو. ان اڌ گول دائري جي هڪ ڇيڙي تي ئي هنن جو ڳوٺ هو ۽ ٻئي ڇيڙي تي هن جو پنهنجو ڳوٺ هو ۽ وچ ۾ هي ٽٽل ڦٽل سامونڊي ڪنارو هو، جيڪو ننڍن وڏن دڙن تي مشتمل هو. گل هلندي هلندي هڪدم بيهي رهيو. هڪ وڏي دڙي جي اوٽ ۾ هڪ ٻيڙي اونڌي پيل هئي ۽ ان جي ويجھو هڪ ڇوڪري اونڌي منهن ليٽيل هئي. گل هن کي ننهن کان چوٽي تائين ڏٺو. هن ان ڇوڪري جا ننڍڙا ننڍڙا پير ڳاڙهي مهندي ۾ رچيل ڏٺا. هن اُن کي پهريل بجلي جيان چمڪندڙ ڪاري وڳي تي هڪ وڏو گل لڳل ڏٺو. جنهن جي رنگت بلڪل سون جهري هئي. هن جو هڪڙو هٿ ڪنڌ جي هيٺان ۽ ٻيو هٿ واري تي اهليل هو. گل هن جي ٻانهن ۾ پاتل چوڙيون ڳڻيون. گھاٽي ڳاڙهي رنگ جون شيشي جون ست چوڙيون هيون. پر هاڻي هنکي سندس ڪرائي ڏاڍي خوبصورت لڳي. پوءِ هن جي نظر سندس ڳلن تي ستل ڇپرن جي سونهن کي پسيو. هن انهن ننڍين ناسن کي ڏٺو جيڪي ساهه جي لهرن سان نازڪ سپين جيان هلي رهيون هيون ۽ پوءِ هن ان جي هٿ کي ڏٺو جيڪو هن جي طرف ڦهليل ڪناري جي واري تي اهليل هو. ۽ پوءِ هن جي نظر هن جي ڪرائي تي پئي جنهن ۾ ست چوڙيون پاتل هيون ۽ پوءِ هو اتي ئي واري ۾ هن جي ويجھو ويهي رهيو ۽ شيشي جي چوڙين کي الڳ الڳ ڪرڻ لڳو.
“پري هٽ مونکي سمهڻ ڏي.” ڇوڪري انهيءَ ئي طرح ليٽيل حالت ۾ بنا ڪجھه چرڻ ڦرڻ جي چيو ۽ گل هڪ پل لاءِ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. هن جو خيال هو ته ڇوڪري ستي پئي آهي.
“تون ڪيتري وقت کان هتي آهين؟ مون سوچيو ته تون مونکي ڏسي واپس هليو ويندين. مونکي ڏسي ورتئي. هاڻ ته هليو وڃ. مونکي ننڊ لڳي آهي. ڏس ڪيتري نه سٺي اُس آهي. اف...اف”. ڇوڪري هاڻ پنهنجون ٻانهون واري تي ڦهلائي ڇڏيون ۽ خوب ڍٽي سمهي رهي.
گل هن جي وڳي ۾ سجيل سونهري گل کي ڏٺو ۽ پوءِ شيشي جون چوڙيون ڳڻڻ لڳو. جڏهن پوريون ست ئي ڳڻي چڪو ته هن آهستي آهستي هن جي وڳي تان گل لاهي کڻي ورتو.
ڇوڪري ساڳي حالت ۾ ليٽندي چيو، “تون اڃا تائين ويو ناهين؟”
گل چيو، “آئون تنهنجي لاءِ شفق جو گل کڻي آيو آهيان”.
ڇوڪري ڇرڪي اٿي ويهي رهي. بي اختيار هن جو هٿ پنهنجي وڳي ڏانهن وڌيو. گل جو خيال صحيح نڪتو. ڇوڪري تمام گھڻي خوبصورت هئي.
ڇوڪري چيو، “هيڏي! منهنجو گل مونکي واپس ڪر”.
گل، شفق جي گل کي هن جي ويجهو ڪيو.
ڇوڪري هٿ اڳيان وڌايو.
گل هٿ پويان ڪندي چيو، “ايئن نه، آئون پاڻ تنهنجي وڳي ۾ لڳائيندس”.
“نه”. ڇوڪريءَ ڏاڍو سختيءَ سان چيو.
“نه؟ ته پوءِ ٺيڪ. هاڻ آئون وڃان ٿو. خدا حافظ”.
گل شفق جو گل پنهنجي هٿ ۾ لوڏيندو ٻه قدم اڳتي ويو.
ڇوڪري چيو، “ٺيڪ آهي، هلي آ”.
هوءِ پنهنجي وڳي ۾ گل لڳرائڻ لاءِ بت جيان آڪڙجي ويهي رهي. ان سان هن جي ڇاتي جو اُڀار اڃا به وڌيڪ ظاهر ٿي پيو ۽ هنجي چيل جا پيچ اڃا به وڌيڪ اُڀري آيا. گل سوچيو هن ڇوڪري کان نالو ضرور پڇڻ گھرجي. هن وڳي ۾ گل لڳائيندي چيو، “تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
“اسان کي خبر ناهي؟”
“ڇو خبر ڪونهي؟”
“آئون ڪو نه ٻڌائينديس”.
“ڇو ڪو نه ٻڌائيندينءَ؟”
ڇوڪري ڪاوڙ مان پنهنجا هٿ ڇاتيءَ تي رکندي چيو، “هاڻ تون هتان هليو وڃ، هي سامهون دڙي تي منهنجو گھر آهي. هاڻي جي رڙيون ڪنديس ته ايترا ماڻهو گڏ ٿي ويندا ۽ پوءِ تنهنجي جسم تي گوشت جو هڪ ٽڪرو به نه رهندو. هي تنهنجو جسم جيڪو هن وقت سمنڊ جي مڇي جيان پاليل نطر اچي ٿو، ان ۾ پوءِ فقط مڇي جو ڪندو ئي وڃي رهندو”.
شفق جو گل وڳي ۾ جچي بيٺو.
ڇوڪري کلندي چيو “پر مونکي اها خبر ناهي ته تنهنجي اندر اهو مڇي جو ڪنڊو آهي به يا نه؟ بغير ڪنڊن جي به ته مڇيون هونديون آهن”.
گل هڪدم هن کي پنهنجي مضبوط ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو. ڇوڪري تڙپي، اڇلون کاڌيون ۽ هن جو هٿ زور سان گل جي ڳل تي لڳو. گل هڪدم هڪ هٿ ڇوڪري جي وات تي رکي ڇڏيو، ۽ هو ٻئي پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. ڇوڪري هن جي جڪڙ مان آزاد ٿيڻ چاهيو ٿي ۽ زور سان رڙيون ڪرڻ چاهيون ٿي، پر گل جي جڪڙ ڏاڍي مضبوطي هئي ۽ هن جو ٻيو هٿ هن جي وات تي مضبوطي سان ڄميل هو. گل ڄاتو ٿي ته، جيڪڏهن هن ڇوڪري کي رڙيون ڪرڻ جو موقعو ڏنو ته سندس خير ناهي. هڪدم هن کي محسوس ٿيو ته ڇوڪري هن جي جڪڙ مان نڪري رهي آهي. هوءِ پنهنجي ٻنهي ٻانهن سان وڙهي رهي هئي ۽ گل فقط هڪ ٻانهن کان ڪم وٺي رهيو هو ۽ اهي ٻئي ايئن وڙهندا جھڳڙندا ٻيڙيءَ جي ويجھو پهچي ويا.
ڇوڪري زور لڳائي گل جو هڪ هٿ موڙي ورتو. هاڻ هڪ طرف ٻيڙي هئي، گل اوڏانهن منهن موڙي نه ٿي سگھيو ۽ ٻئي طرف دڙو هو ۽ هاڻ گل ٻنهي جي وچ ۾ ڦاسي چڪو هو. ڇوڪري ڦُڙتيءَ سان پنهنجو منهن ڇڏائي ورتو ۽ چيو، “هاڻ ٻڌائي؟” هن گل جي منهن تي مڪون به وهائي ڪڍيون. گل تڙپندي پنهنجي مڙيل هٿ تي زور ڏئي جو اٿيو ته ان ۾ ٻيڙي جو ڪو ڪو زور سان اندر هليو ويو. پر هن کلندي پاسو ورائي ورتو. هاڻي ڇوڪري واري تي ڪري پئي ۽ هن جون ٻئي ٻانهون گل جي پڪڙ ۾ هيون ۽ گل هن جي چپن کي پنهنجي چپن جي بلڪل ويجھو آڻيندي چيو، “هاڻي چئو؟”
ڇوڪريءَ جا چپ ايئن ٿرڪي رهيا هئا، جيئن مڇي تانگي پاڻي ۾ تڙپندي آهي. هن پنهنجا چپ هن جي چپن سان ملائي ڇڏيا. هڪ واري محسوس ٿيو ته مڇي گھري پاڻي ۾ پهچي وئي آهي جتي بلڪل سڪون آهي، امن آهي ۽ آرام آهي. ۽ اهي ٻئي گھري سائي پاڻي ۾ هڪ ٻئي سان جل پرين جيان چهٽي، اکيون بند ڪري، چپن سان چپ ملائيندي تري رهيا آهن ۽ انهن جي آسپاس خوبصورت سونهري مڇيون گھمي رهيون آهن ۽ مونگي جي خوشي نما پاڻي جي ٻيٽن ۾ اسفنج حيرت مان اکيون کولي انهن کي ڏسي رهيا آهن ۽ پاڻي وارن ٻوٽن جون ريشمي ٽاريون آهستي آهستي خوشي مان جھولي رهيون آهن ۽ انهن جا جسم خود به خود لڏندا ڪڏندا سرسبز پنن جا جھولا جھلندي، ريشمي ٽارين کي ڇهندا، ترندي ترندي انهن خوش رنگ محلن جي طرف وڃي رهيا آهن، جتي سپين ۾ خوبصورت موتي رهن ٿا ۽ رنگ برنگي گھونگھا ۽ سنک پنهنجي سنگ مر مر جهڙن دروازن مان جھاتي پائي ڏسن ٿا ۽ ڏور سمنڊ جي مٿان لڳل روشندانن مان نيرا نيرا مدهم ڪرڻا جرڪندا ۽ جھومندا اُنهن جي آجيان لاءِ اچي رهيا آهن.
ڇوڪري اونهون ساهه کنيو ۽ هن جي هٿ جون مٺيون پنهنجو پاڻ کلنديون ويون.
گل پڇيو “تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
“مهر.” ڇوڪري نهايت آهستي وراڻيو.
“منهنجو نالو گل آهي.” هن آهستي چيو.
“گل؟..... گل ؟” ڇوڪري جا ٿڙڪندڙ چپ وڌيڪ ٿڙڪڻ لڳا “گل مهر”
“نه. مهر گل!” گل جواب ڏنو ۽ ڇوڪري کي هٿ ڏئي اٿاريو.
“تون ڇا ڪندو آهين؟” ڇوڪري پڇيو.
“آئون سامهون واري ڳوٺ ۾ رهندو آهيان ۽ ٺرو تيار ڪندو آهيان”. گل وراڻيو.
“ٺرو ڇا هوندو آهي؟”
گل چيو، “ ٺرو هڪ قسم جو شراب هوندو آهي، بلڪل ايئن جيئن تنهنجي چپن ۾... نرم گرم، پاڪ پويتر، لطيف چاشني سان ڀرپور.....
مهر ڳالهه ڪٽيندي چيو، “جيڪڏهن تو ڪا شرارت ڪئي ته آئون سچ پچ ڳوٺ وارن کي سڏي وٺنديس”.
گل کليو ۽ چوڻ لڳو، “مونکي سڀ خبر آهي ڳوٺ وارا آهن ڪٿي؟ اهي سڀ مڇيون پڪڙڻ لاءِ نڪري ويا آهن.”
مهر چيو، “تون ٺرو ڇو ٺاهيندو آهين؟ مڇيون ڇو نٿو جهلين؟”
گل چيو، “ آئون ٺرو تيار ڪندو آهيان. مهاڻا مڇيون پڪڙيندا آهن ۽ پوءِ هڪ ئي جاءِ تي ماني جي دسترخوان تي اهي ٻئي شيون گڏ رکيون وينديون آهن. مڇي ۽ شراب... گل ۽ مهر”
مهر ٿورڙو پري سِرڪي، “ڏس! آئون توکي چوان ٿي منهنجي ويجھو نه اچ. توکي خبر ناهي ته آئون ڪيتري خطرناڪ ڇوڪري آهيان”.
“ڪيتري خطر ناڪ؟” گل پڇيو.
“منهنجي ڪري هن وقت تائين ٽي خون ٿي چڪا آهن.” مهر چيو
“ته هاڻ چوٿين جي تياري سمجھه.” گل وراڻيو.
مهر چيو، “ماڻهو چون ٿا ته آئون دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ڇوڪري آهيان”.
گل چيو، “هر ڳوٺ ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري هوندي آهي، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ڇوڪري هوندي آهي ۽ ڇوڪري جڏهن پهريئين ڀيري آرس ڀڃي ٿي ته اها دنيا جي خوبصورت عورت بڻجي ويندي آهي پر خوبصورتي ۾ منهنجي محبوبه جو ڪو جواب ناهي”.
“اها ڪير آهي؟” مهر اکين ۾ چمڪ آڻيندي پڇيو.
“ٺرو” گل کلندي چيو.
“تنهن جو ڌنڌو صحيح ناهي، ان کي ڇڏي ڏي” مهر چيو.
“ ته پوءِ ڇا ڪريان؟”
“مڇيون پڪڙيندو ڪر.”
گل مهر جي چيلهه ۾ هٿ وڌو.
“هي ڇا ٿو ڪرين؟” مهر گل جو هٿ جھليندي چيو.
“مڇيون ٿو جھليان”
مهر کلڻ لڳي. کلندي کلندي چوڻ لڳي، “آئون ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاسي ويس، منهنجو مڱيندو هن وقت مونکي ڏسي وٺي ته ٺپ ماري وجھي”.
“تنهنجو مڱيندو به آهي؟”
“ها، ان جو نالو عبدل آهي”.
“ڇا عبدل خوفناڪ قسم جو ماڻهو آهي؟”
“ها! سڄي ڳوٺ ۾ هن جهڙو ڦڙتيلو جوان ناهي....” مهر گل ڏانهن ڏسندي رشڪ مان چيو”. “پر هو تو وانگر خوبصورت ناهي.” ايترو چئي مهر گل جي وارن ۾ واري جا ٻڪ ڀري وڌا. گل واري ڇنڊيندي چوڻ لڳو.
“آئون عبدل سان ملڻ چاهيان ٿو”
“هو توکي ماري ڇڏيندو.” مهر وراڻيو.
“انهيءَ لاءِ ئي ته ملڻ چاهيان ٿو!” گل جواب ڏنو.
“آئون ڄاڻان ٿي ته تون هن سان ملڻ کان سواءِ نه رهندين ۽ پوءِ تنهنجو لاش گھري سمنڊ ۾ مڇيون کائينديون”. مهر چيو.
گل ڪو به جواب نه ڏنو. هن پنهنجا پير واري ۾ ڍڪي ڇڏيا ۽ خالي سپيون ۽ ڪوڏيون گڏ ڪري گھر ٺاهڻ لڳو. ۽ مهر پنهنجا خالي پير واري ۾ ڍڪي ڇڏيا ۽ پنهنجو گھر ٺاهڻ لڳي. گھر ٺاهڻ ۾ هوءِ ڏاڍي ماهر لڳي ٿي. تمام جلد هن واري جو هڪ محل ٺاهي ورتو. هن جون نرم نازڪ آڱريون نهايت تيزي سان ڪم ڪري رهيون هيون. گل انهن کي ڏسندو رهيو ۽ هن جو پنهنجو گھر اڻپورو رهجي ويو. جڏهن مهر جو گھر ٺهي چڪو ته هن به جلدي جلدي پنهنجي وڏن سخت هٿن سان هڪ بي ڊولو ۽ اڍنگو گھر تيار ڪري ورتو، جيڪو خوبصورت محل بدران هڪ بدنما غار جيان لڳو ٿي.
مهر گل جي واري جي گھر کي لت هڻندي چيو، “اڙي! هي به ڪو گھرآهي!” گل جو گھر ڊهي پيو. گل مهر جي گھر کي لت هڻندي چيو، “اڙي! هي وري ڇا گھڻو سٺو آهي؟” ۽ پوءِ مهر گل کي وارن مان جھليو ۽ واريءَ جا ٻڪ ڀري سندس مٿي ۾ وڌا. واري هن جي مٿي ۾، هن جي ڪنن ۾، هن جي اکين ۾، هن جي ناسن ۾ ۽ هن جي وات ۾ هلي وئي. ۽ هن اُن حالت ۾ وارن کي هڪ وار ڇنڊڪو ڏئي مهر کي جهلي ورتو. هاڻ هن جي رسيلن چپن جو مزو ئي ڪجھه ٻيو هو. رڳ رڳ ۾، نس نس ۾ واري جا خوشگوار ذرا هڪ عجيب ڪتڪتائي پيدا ڪري رهيا هئا.
۽ پوءِ لڳاتار ڏور سمنڊ جي پاڻي جي مٿان کان ٿيندو هڪ گاني جو آواز اڀريو. مهر ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ڪناري جي اڌ گول جي الهندي ڪنڊ تي هڪ سڙهه واري ٻيڙي ظاهر ٿي چڪئي هئي. مهر ٻيڙي سڃاڻيندي چيو “عبدل اچي ويو”.
گل جي ٻانهن جا ڏورا سيٽجي ويا. “ٺيڪ آهي”
“نه. تون هتان هليو وڃ”
“ڪو نه ويندس”.
“ڏس! آئون چوان ٿي هن وقت صحيح ناهي. آئون خون خرابو نٿي چاهيان”.
“ڪو نه ويندس”
مهر، گل جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيو، “ مهر اڄ تائين ڪنهن جي نه ٿي سگھي، پر اڄ کان هوءِ تنهنجي ٿي ويندي”.
گل مهر ڏانهن ڏسندو رهيو. “سچ ٿي چئين؟”.
مهر چيو، “پڪ ڪري وٺجانءِ، هاڻي هتان هليو وڃ”.
مهر چيو “ترس... ترس”.
رات جي خاموشي ۾ مهر جي آواز جي آواز جي گونج جيئن ئي سانت ٿي ته پوءِ عبدل جو گيت اُڀري آيو. هي گيت ان مڇي جو معلوم ٿيو ٿي جنهن جي ڳلي ۾ ڪنڊي ڦاسي پوي ۽ ڳلي مان نڪرڻ کان انڪار ڪري .
مهر روئڻ لڳي.
گل چيو، “روئين ڇو ٿي؟” هو پنهنجن ساٿين سان رلي ملي ويو آهي. اڄ چانڊوڪي رات آهي. اڄوڪي ڏينهن ڳوٺ وارا وچ سمنڊ ۾ ڄار وجھندا آهن ۽ مڇيون جهليندا آهن. هو صبح جو سڀني سان گڏ واپس اچي ويندو. ڏسي وٺجانءِ”.
پر عبدل صبح جو سڀني سان گڏ واپس نه موٽيو. سڄي رات هو پنهنجن ساٿين سان مڇيون پڪڙيندو رهيو ۽ گيت ڳايندو رهيو ۽ سڀني کي کلائيندو رهيو. اڄوڪي رات هن جي ڄار ۾ تمام گھڻيون مڇيون آيون هيون. کوڙ ساريون، تازيون، جسم ۾ ڀريل ۽ خوبصورت مڇيون. انهن مهاڻن تمام گھڻي وقت کانپوءِ ايتريون مڇيون ماريون هيون. هو سڀ تمام گھڻو خوش هئا. صبح جي وقت جڏهن سڀ مهاڻا موٽڻ لڳا ته عبدل چيو، “آئون دير سان ايندس، توهان هلو”. عبدل پنهنجون مڇيون مهر لاءِ ڏنيون. “هي سڀ هن کي ڏجو.” ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالهه به نه هئي جو ڪنهن کي شڪ ٿئي. ۽ پوءِ سڀني کان جدا ٿي سمنڊ جي ان حصي ۾ هليو ويو، جنهن لاءِ چيو ٿي ويو ته اتي وڏي وڏي طوفان جي وقت ۾ به، لهرون ساڪن رهن ٿيون ۽ جنهن جي اندر مڇين ڪنول جي گل جيان گھيرو ٺاهي رکيو آهي. مهاڻا ڪڏهن به اوڏانهن ناهن ويندا ۽ نه ئي انهن ڪڏهن ان جڳهه کي ڏٺو آهي. صرف پنهنجي وڏڙن کان ٻڌو آهي ته، الهندي ڪناري کان ٻه ميل اندر وچ سمنڊ ۾ اها جڳھه آهي، جتي ماٺي سمنڊ جي اندر هڪ خوفناڪ ڪن اهي. جنهن ۾ مڇيون ڪنول جي گل جيان دائرو ٺاهي گھمنديون آهن.
عبدل هليو ويو. هو صبح جو واپس ڪونه آيو. هو ٻن پهرن جو به ڪونه موٽيو. شام جو هن جو لاش ڪناري سان اچي لڳو. ڳوٺ وارن ان کي کڻي پنهنجي قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو.