ڪھاڻيون

پراڻو قرض

هي ڪتاب ڪرشن چندر جي 17 ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ڀَون سنڌي آهي. مھاڳ ۾ ممتاز بخاري لکي ٿو: ”ڀون سنڌيءَ جا اهي وڙ اڳ ۾ به موجود آهن جو هنن پرڏيهي ادب مان بهترن چونڊ ڪري ترجما ڏنا آهن ۽ اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. ترجمو بنيادي طور تي ٻي تخليق جيترو ئي محنت طلب ڪم آهي. ڌاري ٻوليءَ مان پنهنجي ٻوليءَ جو حصو بڻائڻ انتهائي محنت ۽ ڌيان وارو ڪم آهي، اهو تيستائين ممڪن نه ٿي سگهندو آهي جيستائين پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه هجي ۽ ٻي ٻوليءَ جي عزت نه هجي. ڀون سنڌي ”پراڻو قرض“ جون سترنهن جون سترنهن ڪهاڻيون اهڙي پيار ۽ چاهه سان ترجمو ڪيون آهن جو جيڪڏهن مون کي اها خبر نه هجي ته اهي ڌاري ٻوليءَ جون آهن ته مان ڪرشن چندر جون اهي سنڌي ڪهاڻيون ئي سمجهان ها.“
  • 4.5/5.0
  • 2577
  • 702
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پراڻو قرض

ڪرسيءَ جي آتم ڪهاڻي

اسماعيل ڀائي جو ڪٻاڙخانو، ڀينڊي بازار جي ويجهو، پوسٽ آفيس جي سامهون هو. جيئن ته ٻئي ڏينهن آچر تي بازار بند ٿيڻ جي ڪري ڪٻاڙخاني ۾ هر قسم جو ۽ هر دور جو فرنيچر موجود هو. اسماعيل ڀائي آڌي رات جو ڪٻاڙ خاني کي ٻاهران تالو لڳائي گهر روانو ٿيو. پر هن کي تڙ تڪڙ ۾ اندرين بتي بند ڪرڻ وسري ويئي. سؤ واٽ جي بلب جي تيز روشني ۾ ڀلا فرنيچر کي ڪيئن ٿي ننڊ اچي سگهي؟ اهو ئي سبب هو جو گهڙيال جي تجويز تي سڀني پنهنجي پنهنجي آتم ڪهاڻي واري واري سان ٻڌائڻ شروع ڪئي. جڏهن ڪتابن جي شيلف پنهنجي ڪٿا ٻڌائي پوري ڪئي ته ڪرسي چيو هاڻ منهنجي ڪهاڻي به ٻڌو.
ليڊر جي ڪرسي پراڻي هئي. اُن جون ٽي ٽنگون ته ٺيڪ حالت ۾ هيون پر چوٿين ٽنگ تمام گندي ۽ بدشڪل هئي. شايد اصل ٽنگ ٽٽڻ کانپوءِ ڪنهن جهور پوڙهي ڪاريگر تڙ تڪڙ ۾ اها بي سُري ۽ بدزيبي ٽنگ لڳائي ڇڏي هئي. ڪرسي جي پٺ تي چمڙو لڳل هو جيڪو لڳاتار ٽيڪ ڏيڻ سبب گسي ويو هو ۽ اُنتي ليڊر جي پٺ جو نشان پئجي ويو هو. اهو نشان ايڏو وڏو هو جو اُنتي ڪير به اسانجي قومي آزادي جي جدوجهد جي تاريخ آساني سان لکي سگهيو ٿي. ڪرسي تي فٽ ٿيل مخمل جي گادي هنڌ هنڌ کان ڦاٽي چڪي هئي. ۽ اُن مان ڪپهه جا ذرڙا ٻاهر نڪري آيا هئا. ڪرسي تي ڪيل رنگ ڪافي پراڻو ٿي چڪو هو. رنگ به گهڻن نمونن جو ٿيل هو. ڪرسي جي پٺ ڪاري هئي ته وري اڳ سائي. ٽي ٽنگون ڳاڙهيون هيون ۽ چوٿين ٽنگ ڀوري رنگ جي. ڪرسي جي اها حالت ڏسي اُهو فرنيچر جيڪو هڪ ئي قسم جي ڪاٺ مان ٺهيل هو ۽ هڪ ئي رنگ جو هو ڪرسي کي ڏسي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. فرنيچر جي انهي رويي تي ڪرسي ڪاوڙ مان چيو “منهنجي اڄ جي حالت تي نه کلو. ڪڏهن آءٌ به توهان جيان جوان ۽ خوبصورت هئيس. بي رحم وقت منهنجي هي حالت بنائي ڇڏي آهي. ڀلا وقت ڪنهنجو ڪڏهن سدائين لاءِ ساٿ ڏنو به آهي؟ هر فرنيچر جيڪو پيدا ٿئي ٿو، جواني ماڻي ٿو. ۽ هڪ ڏينهن جهور پوڙهو ٿيو وڃي ۽ پوءِ سڙيو وڃي. اهو هن زماني جو دستور آهي.
“سچ ٿو چوين”. پوڙهي پلنگ کنگهندي وراڻيو.
“خير ڇڏيو انهن ڳالهين کي هاڻي منهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌو” ڪرسي ٿڌو شوڪارو ڀريندي ڳالهايو، “ آءٌ زندگي جي انيڪ تجربن مان گذري آهيان. آءٌ هيم پور جي ڄائي آهيان. منهنجي شهر جي آبادي ستن لکن کان به مٿي ٿيندي. ڪل آبادي جو اڌ حصو مرهٽن ۽ باقي يوپي وارن تي مشتمل آهي. منهنجو شهر مڌيه پرديش جي گادي جو هنڌ آهي. پر تڏهن به هتي ڪو ڪارخانو ڪونهي. پر ها، هتي يارهن پاڳل خانا ضرور آهن.”
“ايئن ڇو آهي؟” بجلي جي گولي سوال ڪيو.
“جڏهن به سرڪار هتي ڪو ڪارخانو لڳائڻ جو سوچي ٿي، ته مرهٽا چون ٿا ته ڪارخانو اسانجي آبادي واري علائقي ۾ لڳڻ گهرجي ۽ يوپي وارا چون ٿا، ته نه ڪارخانو اسانجي علائقي ۾ لڳندو. اڄ کان ڪجهه وقت اڳي سرڪار هيم پور ۾ کنڊ جي ڪارخاني جي منظوري ڏني. اها منظوري وڏي جدوجهد کانپوءِ حاصل ٿي ۽ اُن لاءِ مرڪزي سرڪار سان جهڳڙو به ڪرڻو پيو. پر جڏهن ڪارخاني لڳڻ جو وقت آيو ته شهر ۾ جهڳڙو شروع ٿي ويو. يوپي وارا چيو جيئن ته ڪمند يوپي جي ڳوٺن کان ٿو اچي انهي ڪري ڪارخانو سندن علائقي ۾ لڳڻ گهرجي. جڏهن ته مرهٽن چيو ٿي ته، جيئن ته ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندڙ مرهٽا هوندا، انهي ڪري ڪارخانو سندن علائقي ۾ لڳڻ گهرجي. نتيجو اهو نڪتو ته شهر ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويو. ٻنهي گروپن الڳ الڳ جلسا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. شهر ۾ زبردست هڙتال ٿي. دڪان، اسڪول ۽ آفيسون سڀ بند ٿي ويون. بجلي کاتي جي ملازمن به هڙتال شروع ڪري ڏني ۽ جڏهن شهر ۾ بجلي ئي نه رهي ته ڀلا جلسا ڪٿان ٿين؟ لائوڊ ۽ مائڪرو فون خاموش ٿي ويا. تنهنڪري سٺا سٺا تقرير باز به پس منظر ۾ هليا ويا. جيئن ته شهر ۾ مڪمل هڙتال هئي ۽ ڪاروبار ٺپ بند هئڻ سبب ماڻهو به واندا هئا، تنهنڪري کين سواءِ جلسن جلوسن جي ٻي ڪا وندر به ڪونه هئي. اهڙي حالت ۾ ماڻهن کي اهڙن ليڊرن جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪي بنا لائوڊ اسپيڪر جي تقرير ڪري سگهن. انهن ئي حالتن هڪ اهڙو ليڊر پيدا ڪيو جنهنجي آءٌ ڪرسي آهيان.”
ڪرسي ايترو چئي ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويئي ۽ پوءِ وري پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، “هي اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، اسانجي شهر هيم پور جي تيليون محلي ۾ هڪ ڀيڪو نالي کير وڪڻڻ وارو رهندو هو. شروع شروع ۾ ته اُنجو ڪو خاص ڌنڌو ڪونه ٿي هليو، پر جڏهن کان سرڪار کير جي بجاءِ پاڻي ۾ چن، ميدو، ڪاٺ جو ٻورو مطلب ته هر سفيد شئي پاڻي ۾ وجهي، کير جي جاءِ تي وڪڻڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي، ته هنجو ڌنڌو به خوب پروان چڙهيو. هونئن ڀيڪو نهايت شريف ماڻهو هو. کيس ٻين جي بي ايماني سان ڪو به سروڪار نه هو. پر ڀيڪو کي تڏهن ڏاڍو ڏک رسيو، جڏهن سندس ڇوڪرو گوبندي اٺين درجي ۾ ناپاس ٿي گهر جهلي ويئي رهيو. “اٺين درجي ۾ ناپاس ٿي به کير وڪڻان؟ ائين قطعي ڪونه ٿيندو.” گوبندي جي انڪار تي جڏهن ڀيڪو کيس مارڻ لاءِ اُٿيو ته گوبندي به لٺ کڻي سندس سامهون ٿيو. گوبندي جو قد ڇهن ڦٽن کان به مٿي هو. هن جي نڪ جون ڦونٽيون وڏيون ۽ ڳلون اندر کتل هيون جنهنڪري سندس ڪلها وڌيڪ مضبوط ڏسڻ ۾ آيا ٿي. هن جون اکيون ڪاريون ۽ چونچيون هيون. اکين جي مٿان ڀنئور جهڙن ڪارن ۽ گهاٽن ڀرون جي ڪري اکين ۾ چمڪ اڃان به وڌيڪ ڏيکائي ڏني ٿي. هنجي پيشاني ننڍي ۽ ٻاهر نڪتل هئي ۽ چپ تمام وڏا هئس. سندس وات ڪافي وڏو هو، پر اُن کان به وڏو هو سندس آواز- هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته ايئن لڳندو هو ڄڻ ته سندس گلي ۾ ڪنهن لائوڊ اسپيڪر لڳائي ڇڏيو هجي. هن جو لکڻ پڙهڻ ۾ من قطعي ڪونه ٿي لڳو. هو اٺين درجي ۾ ست ڀيرا ناپاس ٿي چڪو هو ۽ اٺين ڀيري وري اٺين درجي ۾ داخلا وٺڻ جو سوچي رهيو هو، جو ڀيڪو کيس اسڪول مان اُٿاري ورتو ۽ هنجي کير وڪڻڻ کان ناڪار تي، کيس جمن ٻيڙي فروش وٽ ٻيڙيون وڪڻڻ تي لڳائي ڇڏيو. جمن ٻيڙي فروش جي اصلي بنارسي تماڪ واري پهريون نمبر ٻيڙي اُنهن ڏينهن سڄي شهر ۾ ڏاڍو وڪامندي هئي جنهنجو تماڪ، پراڻي سڙيل گاهه، ڊاک ۽ گيدوڙي جي پنن کي ڪٽي پاڻ ۾ ملائي تيار ڪيو ويندو هو. جمن ٻيڙي فروش گوبندي کي ٻه رپيه ڏهاڙي جي حساب تي پاڻ وٽ ملازم ڪري رکي ورتو. سندس ڪم اهو هو ته هو شهر جا ٻه چار ڇورا هٿ ڪري، گاڏي تي مختلف گهٽين ۽ پاڙن ۾ هوڪا ڏئي ماڻهن کي جمن جي اصلي تماڪ مان ٺهيل ٻيڙي وٺڻ ڏي مائل ڪري. گوبندي کي اهو ڌنڌو ڏاڍو وڻيو. هڪ ته هن کي پنهنجي آواز کي استعمال ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويو ۽ ٻيو ته سندس مٿي تي ترڪي ٽوپي هٿ ۾ گهنڊ ۽ وري پويان ڇورن جي لشڪر هنجي هلڻي ئي ڦيري ڇڏي هئي. هنکي اهو ڪم پنهنجي مزاج وٽان لڳو ۽ ڏاڍو پسند آيو. هوڏانهن ڀيڪو به ڏاڍو خوش هو جو سندس ڇورو ڌنڌي سان لڳي ويو هو. هڪ ڏينهن جڏهن هو چيلا پٽي لائن جي ناڪي تي بيهه پنهنجي گرجندڙ آواز ۾ ٻيڙيون وڪڻي رهيو هو ته، پريان کان يوپي وارن جو هڪ جلوس ڏيکائي ڏنو جيڪو ، “کنڊ جو ڪارخانو اسانجو آهي”، جا نعرا هڻندو گهوڙا ميدان ڏانهن جلسو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو. جلوس ۾ شامل ماڻهو نعرن مٿي نعرا هڻي رهيا هئا “کنڊ جو ڪارخانو اسانجو آهي”
۽ گوبندي زور سان هوڪو ڏيڻ شروع ڪيو.
“نمبر ون ٻيڙي اسانجي آهي.”
جلوس جي وڏي آواز تي به گوبندي جو آواز حاوي پئجي ويو. ماڻهو حيرت مان ڏانهس ڏسڻ لڳا ۽ اڳتي وڌڻ لڳا. ٿوري دير کانپوءِ جڏهن جلوس اڳتي نڪري ويو ته گوبندي ڇا ٿو ڏسي ته جواهرڪٽ واسڪوٽي ۽ ڌوتي پاتل ٻه ماڻهو هن ڏي ڏسي پاڻ ۾ سس پس ڪري رهيا هئا. ۽ ٿوري دير رکي اُهي ٻيئي ماڻهو هنجي ويجهو آيا ۽ چوڻ لڳا. “ڇاتون ٻيڙين وڪڻڻ جو ڪم ڪندو آهين؟ ڀلا ديس جي به خدمت ڪرڻ چاهيندين يا.........؟”
“ٻيڙين وڪڻڻ ۾ مونکي ٻه روپيه روزانه ملن ٿا. ڀلا ديس جي خدمت ۾ ڇا ملندو؟” گوبندي جلدي مان پڇيو.
“پنج روپيه روزانه.”
“مونکي ديس جي خدمت منظور آهي.” ٻنهي ماڻهن گوبندي سان هٿ ملايو ۽ هنجي پٺي ٺپري .پوءِ گوبندي کائن سوال ڪيو. “ڀلا اهو ته توهان مونکي ٻڌايو ڪونه ته مونکي ڪم ڪهڙو ڪرڻو پوندو؟”
اُنهن مان هڪڙي همراهه جنهن جي جواهرڪٽ واسڪوٽي ٻئي همراهه کان قيمتي هئي، واسڪوٽي جي کيسي ۾ هٿ پائيندي وراڻيو ،”اڄ رات توکي گهوڙا ميدان ۾ تقرير ڪرڻي پوندي.”
“نمبر ون ٻيڙي جي حمايت ۾؟” گوبندي سوال ڪيو.
“نه کنڊ جي مل يوپي وارن جي آهي، انهي ڳالهه جي حمايت ۾”
“پر مونکي ته تقرير ڪرڻ اچي ئي ڪونه”.
“تون انهي ڳالهه کي ڇڏي ڏي ته توکي اُتي ڇا چوڻو آهي. اهو سڀ اسانجو ڪم آهي. اسانکي فقط تنهنجي آواز جي ضرورت آهي.”
۽ اها هئي به سورهن آنا سچي ڳالهه. بجلي نه هئڻ سبب لائوڊ اسپيڪر ڪونه ٿي هلي سگهيا. مجموعو آهستي ڳالهائڻ وارن جي تقرير کان جلد ئي بور ٿي ٿي پيو. انهي لحاظ کان گوبندي جو ڪڙڪ ۽ گجندڙ آواز ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳو، ۽ وري گوبندي کي به پنهنجو آواز ڏاڍو وڻندو هو ۽ هن چاهيو ٿي ته، هو اُن کي سدائين ٻڌندو رهي. اهو ئي سبب هو جو هو سيکاريل تقرير کانسواءِ پنهنجي طرفان به ٻه اکر وڌيڪ ڳالهائي ويو. هن ساڳئي وقت ماڻهن کي پاڻ ڏانهن توجهه ڏيارڻ لاءِ تقرير ۾ پنهنجي طرفان ٻه ٽي لطيفا به هڻي ڇڏيا جن تي جلسي جي ماڻهن کيس خوب داد ڏنو. مطلب ته اُن ڏينهن وارو جلسو ڏاڍو ڪامياب ويو. جواهر ڪٽ واسڪوٽي پاتل همراهه جنهن جي نالي جي هن کي پوءِ خبر پيئي ته هو ڪالي چرن ورما هو ۽ شهر جو ميونسپل ڪمشنر هو، هن جي پٺي ٺپريندي چيو “گوبندي اڄ کان تون ليڊر بنجي ويو آهين!”
گوبندي خوشي مان نه سمائيندي وراڻيو، “ٻڌو اٿم ته هر ليڊر وٽ هڪ ڪرسي هوندي آهي. منهنجي گهر ۾ ته اها ڪانهي.”
اُن ئي ڏينهن ڪالي چرن ورما مونکي گپتا فرنيچر مارٽ تان خريد ڪيو ۽ آءٌ گوبندي جي گهر پهچائي ويس. گوبندي مونتي پهريون ڀيرو ويهي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پنهنجي پي ماءُ ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي سامهون ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي وڏائي مان چوڻ لڳو، “پورن پنج هزار ماڻهن جو مجموعو هو. ماڻهن مونکي هار پهرايا، زنده باد جا نعرا هنيا ۽ هاڻ مان ليڊر ٿي ويو آهيان. بابا سچو پچو ليڊر.”
منهنجو پيءَ جيڪو اڃا هاڻي ئي مينهن جو کير ڏهي آيو هو. پريشاني مان پنهنجي پٽ ڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ کير جو ڊم پاڻي جي نل هيٺان رکي ڇڏيو ۽ پريشان ٿيندي چيو،” پٽ ليڊري ۾ ڇا رکيو آهي؟، بسچئن ڏينهن جو چٽڪو آهي ۽ پوءِ نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري. ليڊري جو ڪهڙو بقا؟ اُنجي مقابلي ۾ اسانجو خانداني ڌنڌو وڌيڪ بهتر آهي. کير ۽ پاڻي پاڻ ۾ هڪ دفعو ملڻ کانپوءِ ڪڏهن به جدا ڪونه ٿا ٿين.” ڀيڪو دير تائين ڊم ۾ پوندڙ پاڻي جي لارڏي ڏسندو رهيو ۽ جڏهن ڊم ڪناڪن ڀرجي چڪو ته هن اهو ڊم هٽائي پيو ڊم ڀرڻ لاءِ رکي ڇڏيو.
گوبندي انڪار ۾ ڪنڌ لو ڏيندي چيو، “بابا! جيڪو ڌنڌو تون ڪرين ٿو اُن ۾ عزت ناهي. آءٌ اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهان. آءٌ ته بس اُهو ڌنڌو ڪندس جنهن ۾ عزت ٿئي. ۽ ڀلا ليڊري کان مٿي ٻيو ڪهڙي ڌنڌي ۾ ايڏي عزت آهي؟” ڀيڪو چپ ٿي ويو. سندس پٽ صحيح چيو ٿي.
گوبندي جي ڪن ڦاڙ آواز يوپي وارن جي مخالفن کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا. اُنهن جي جلسي ۾ ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. نيٺ هڪ ڏينهن “کنڊ جي مل مرهٽن جي آهي،” جي تحريڪ جو صدر بابو همت رائو، رات جو ڏهين بجي گوبندي جي گهر آيو. گوبندي مون تي پلٿي ماري گهروارن تي رعب وجهي رهيو هو.
همت رائو پڇيو، “يوپي وارا توکي ڪيترو معاوضو ڏيندا آهن؟”
“پنج روپيه هڪ تقرير جا.”
“اسين توکي ڏهه رپيه ڏينداسين. ٻڌائي اسان لاءِ ڪم ڪندين؟”
“ڇو نه ڪندس.” گوبندي خوش ٿيندي چيو “يوپي وارا پنج رپيا ڏين ٿا. اُن کا پهرين بنارسي تماڪ واري ٻيڙي نمبر ون وارا فقط ٻه رپيه روزانه ڏيندا هئا. توهين ڏهه رپيه ڏيو ٿا. منهنجو مٿو خراب ٿيو آهي جو اوهان وٽ ڪم نه ڪريان؟”
انهي ڏينهن کان گوبندي “کنڊ جي مل مرهٽن جي آهي” وارن لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اُهي ئي تقريرون، اُهو ئي گجندڙ آواز، اُهوئي گوبندي. فرق صرف اهو هو ته پهرين جتي يوپي وارن جو ذڪر ايندو هو اُتي مرهٽن جي حمايت جي ڳالهه ٿيڻ لڳي. بابو همت رائو گوبندي جو ڪافي حوصلو وڌايو. ڀريل جلسن ۾ سندس تعارف شري گوبند رام چئي ڪرايو ۽ کيس حقيقت پسند ۽ انصاف پسند جي لقبن سان نوازيو. هاڻي گوبندي نه پر گوبند رام جي چوڻ تي، همت رائو هن لاءِ هڪ ميز به خريد ڪئي، جيڪا منهنجي سامهون رکي ويئي. منهنجي پٺ تي هڪ اعليٰ قسم جي نرم ڪپڙي جو پوش چاڙهيو ويو. جيڪو هن وقت تائين اوهين ڏسي سگهو ٿا. هاڻي گوبند رام مونتي ويهي ٽنگون ميز مٿي لوڏيندي گهر وارن سان پنهنجي ڪاميابي جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ محلي وارن تي رعب جهاڙيندو هو. پاڙي وارا به هن کان ڊڄڻ لڳا هئا ۽ هنجي عزت ڪرڻ لڳا هئا.
گوبند رام جي ليڊري چمڪڻ لڳي. پهرين يوپي وارن ۽ پوءِ مرهٽن جي لاءِ ڪم ڪرڻ سبب سندس شهر ۾ چرچو عام ٿي ويو. هڪ ٻه دفعا ته ايئن به ٿيو جو شام جو يوپي وارن ۽ رات جو مرهٽن جي جلسي ۾ به تقرير ڪيائين ۽ ٻنهي طرفان کان پيسه وصول ڪيائين. ۽ جڏهن ماڻهن پڇيس، ته تو هي ڇا ڪيو ته هن جواب ڏنو “ڀائي کنڊ جي مل مرهٽن جي علائقي ۾ کلي يا يوپي وارن جي علائقي ۾، کلندي ته هيم پور ۾ ئي.”
همت رائو تڏهن به هن کي تڙي ڪونه ڏني، جڏهن شهر ۾ بجلي جي هڙتال به ختم ٿي چڪي هئي. ۽ شهر ۾ بجلي به اچي چڪي هئي. جيئن ته جلسي ۾ لائوڊ اسپيڪر ڪرائي تي کڻڻ تي پنجاهه سٺ رپين جو خرچو آيو ٿي. جڏهن ته هتي فقط ڏهن رپين جي خرچي تي هڪ عمدو انساني لائوڊ اسپيڪر هٿ ۾ اچي ٿي ويو. پر پندرنهن ويهن ڏينهن اندر گوبندي جي ليڊري سمنڊ جي گجي وانگي ختم ٿي وئي. ٿيو هينئن جو سرڪار يوپي وارن ۽ مرهٽن جي جهيڙي کان تنگ ٿي هيم پور ۾ کنڊ جو ڪارخانو نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ کنڊ جي ڪارخاني لاءِ سرڪار مدراس شهر جي چونڊ ڪئي. ۽ اهڙي طرح هڪ وڌيڪ ڪارخانو هيم پور ۾ کلڻ کان رهجي ويو. پر ها انهي واقعي کانپوءِ ٻه وڌيڪ پاڳل خانه شهر ۾ کلي ويا. اُنهن کي آخر هڪ ڏينهن انهي شهر ۾ کلڻو ئي هو.
ڪيترن مهينن تائين گوبندي بيڪار ويٺو رهيو. هو هاڻ ٻيڙي نمبر ون وڪڻي نٿي سگهيو. جيتوڻيڪ جمن ٻيڙي فروش سندس وڌندڙ شهرت سبب هنکي ٽي روپيه ڏهاڙي جي آڇ به ڏني، پر گوبندرام اُن کي سخت نفرت مان ٺڪرائي ڇڏيو. سندس پي کيس ڏاڍو سمجهايو پر هن نه مڃيو. چئي: “هاڻي آءٌ ڪو ٻيڙيون وڪڻندس ڇا؟ ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪريو. هاڻي آءٌ ڪا وڏي شي ئي وڪڻندس. مونکان هاڻ ڪو کنڊ جو ڪارخانو کولرائي، قوم جو سودو ڪرائي، ملڪ نيلام ڪرائي، پر هاڻي مونکان ٻيڙيون ڪونه وڪيون ٿينديون.”
هن جو پي ماٺ ٿي ويو ۽ دل ئي دل ۾ ڳرڻ لڳو ته سندس ڇوڪرو وري بيروزگار ٿي ويو. نيٺ سوچي سمجهي هن گوبندي جي شادي پنهنجي جاٽ برادري ۾ ڪرائي ڇڏي. هن جي ننهن روپا جيتوڻيڪ ايڏي سهڻي ڪونه هئي ۽ نه ئي گهڻو لکيل پڙهيل، پر کير ڏهڻ ۾ ڏاڍي قابل هئي. اهو ئي سبب هو جو هن روپا جو رشتو قبول ڪري ورتو. هن اهو به سوچيو ته، ڇوڪرو بي ڪار ويٺو آهي ۽ ڪم به ڪونه ٿو ڪري ۽ جڏهن گهر ۾ زال ايندس ۽ ٻچڙيوال ٿيندو ته پوءِ پاڻهي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندو.
ڏينهن پٺيان مهينا گذرندا ويا، مگر گوبندي کي ڪو به ڪم نه مليو. هيم پور ۾ نه ڪارخانو کليو ۽ نه ئي ڪو جهڳڙو ٿيو. انهي عرصي دوران منهنجو چمڙو گسي ويو ۽ منهنجي پٺ ڦاٽي پيئي. گوبندي به پهرين کان ٿلهو ۽ وڌيڪ بدمعاش ۽ چالاڪ ٿي ويو هو. روپا جي گود ٽن ٻارن سان سائي ٿي چڪي هئي. ان کي ڀيڪو جي کير جي برڪت چئجي يا اڃا به ايئن کڻي چئجي ته اها پاڻي جي برڪت هئي جو هنن جو گهر هلي رهيو هو، ۽ گوبندي کائي کائي سڄي پيو هو ۽ پاڙي جي گهٽين ۾ پنهنجي نام نهاد ليڊري جو رعب ويهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. نه ته هو ڪڏهوڪو بيروزگاري جي سبب مري چڪو هجي ها.
ٽن سالن کانپوءِ گوبندي لاءِ ڏينهن بدليا، ٿيو ايئن جو ميونسيپل جون چونڊون مٿي تي اچي ويون. شهر ۾ گروهه بنديون، پارٽيون، جلسا جلوس ۽ تقريرون وري شروع ٿي ويون. هاڻ گوبندي ڪافي چالاڪي کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو. هن سڀني پارٽين ۽ گروپن جو غورسان مطالعو ڪيو ۽ گهڻو سوچڻ کانپوءِ نتيجي تي پهتو ته سجڪ پارٽي جي کٽڻ جو امڪان زياده آهي. سجڪ پارٽي جو نالو پارٽي جي نظريي مان تجويز ڪيو ويو هو، يعني “سڀني سان جنگ ڪريو.” انهي جملي جو پهريون اکر کڻي پارٽي جو نالو سجڪ رکيو ويو هو. گوبندي کي اها پارٽي ڏاڍي پسند آئي. اها سندس مزاج جي عين مطابق هئي. پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين گوبندي اُنجي جلسي ۾ تقرير ٻڌڻ ويو. هڪ نوجوان غصي مان منهن ڳاڙهو ٿي رڙيون ڪري چئي رهيو، “لنڪا وارا اسان هندستانين کي شهريت نٿا ڏين، اُن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟”
“جنگ ڪريو” مجموعي مان زوردار آواز اُڀريا. “ڏکڻ آفريڪا وارا اسانکي ڪارو سمجهي تڙين ٿا، ٻڌايو ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟”
“جنگ ڪريو” هجوم زوردار آواز ۾ جواب ڏنو.
اُنهن ئي ڏينهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم هڪ تقرير جي دوران هندستانين کي مڪ ڏيکاري هئي. بس پوءِ ڇاٿيو. گوبندي جي ور اها ڳالهه چڙهي ويئي. هن ٻئي ڏينهن تي سجڪ پارٽي جي جلسي ۾ پستول هوا ۾ لهرائيندي جوشيلي تقرير ڪندي چيو،”جيڪو اسانکي مڪ ڏيکاريندو اسين اُنجو هن پستول سان سينو چيري ڇڏينداسين.”
هجوم ۾ جوش اچي ويو. سڄي فضا گوبندرام زنده باد جي نعرن سان گونجڻ لڳي. ماڻهو اشتعال ۾ اچي طرح طرح جا نعرا هڻڻ لڳا. گوبند رام جي مقبوليت وڌندي ويئي. جنهن جي پيش نظر سجڪ پارٽي جي ليڊرن کي گوبند رام جو نالو ميونسپل ڪمشنري جي اُميدوارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻو پيو.
گوبند رام پنهنجي حلقي مان ميونسپل ڪمشنري جو اُميدوار ته ٿي ويو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ٿيو ايئن جو سندس تقرير کان ڪجهه ڏينهن پوءِ پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. هن تي الزام هو ته، هن ڀريل جلسي ۾ پستول لهرايو هو .۽ ٻيو ته هن وٽ اُن جو لائسنس به ڪونه هو ۽ ٽيون ته هن جي اشتعال ڏياريندڙ تقرير سان ٻنهي ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ نفرت ڦهلجڻ جو امڪان هو.
گوبند رام کي اڍائي سال سخت پورهيئي سان سزا ملي. هو ڏانهن گوبندرام جي سجڪ پارٽي به اليڪشن هارائي ويئي، جنهنجو نعرو هو. “سڀني سان جنگ ڪريو” جيت ٻي پارٽي جي ٿي جنهن جو نعرو هو.”سڀني سان صلح ڪريو” يعني سسهڪ پارٽي جي. انهن اڍائي سالن ۾ منهنجو ته حليو ئي بگڙي ويو. مونتي وقت به وقت کير ۽ پاڻي جا ڊم رکيا ويندا هئا، ته ڪڏهن ڪو ننڍڙو ٻار مونتي ويهي پيشاب ڪري ڇڏيندو هو، ته وري ڪڏهن پوڙهو ڀيڪو مونتي ويهي، پنهنجي ڌوتي سميٽي منهنجي ٻانهن کان طبلي جو ڪم وٺي ڪو گيت ڳائڻ لڳندو هو.
هڪ ڀيري ڇوڪرا مونکي اونڌو ڪري هيڏانهن هوڏانهن گسڪائڻ لڳا ۽ اهڙي طرح آءٌ گهرجي ڏاڪڻ تان ڪري پيس ۽ منهنجي ٽنگ ٽٽي پيئي. اُتي منهنجي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڀلا ڪير هو؟ گوبندي جيل ۾ هو، ڀيڪو هڪ ٿرڊ ڪلاس واڍي کي وٺي آيو. جنهن ٺوڪ ٺوڪان ڪري مونکي مڙئي ويهڻ جي قابل بنائي ڇڏيو. هي چوٿين ٽنگ انهي ٿرڊ ڪلاس واڍي جي عطا ڪيل آهي ۽ هي غضب جو بادامي رنگ به اُن جي نوازش آهي.
خير سائين، اڍائي سال به رئندي رئندي گذري ويا. ۽ گوبندي جيل مان آزاد ٿي ٻاهر نڪتو. جيل ۾ هن جي هيم پور جي مشهور غنڊن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ويئي هئي ۽ هاڻ گوبندي اُهو ساڳيو گوبندي نه رهيو هو. ۽ جڏهن کان هو جيل مان ٻاهر نڪتو هو ته شهر جي ڪافي رازن کان واقف هو ۽ هن جي ساڻن ياري دوستي ڪافي گهري ٿي چڪي هئي. جيل مان ٻاهر نڪرڻ وقت ٿي چڪو هو سجڪ پارٽي يعني “سڀني سان جنگ ڪريو پارٽي” هن جي ڳلي ۾ گلن جا هار پاتا ۽ سندس قومي خدمتن کي ساراهيو. گوبند رام مختصر لفظن ۾ سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ خراب صحت جو بهانو بنائي گهر هليو ويو.
ميونسپل اليڪشن هاڻي وري سرتي اچي چڪي هئي ۽ ڪافي ماڻهو جيڪي عقل رکندا هُئا، اُنهن کي پتو هو ته گوبندرام جو شهر جي ڪهڙن ماڻهن سان واسطو هو ۽ هو ڪيترا سؤ ووٽ انهن کي ڏياري سگهيو ٿي. گوبندرام اُنهن ماڻهن جو اثر رسوخ استعمال ڪري، پنهنجي گهرجي ڀرسان هڪ اوطاق هٿ ڪري ورتي ۽ اُن کي نئين فرنيچر ۽ سامان سان سجايو، پر مونکي تبديل نه ڪيو. ڪمري جي هر شيءِ تبديل ٿي ۽ نئين آئي، پر آئون اُهائي سندس ڪرسي رهيس. گوبند رام اڪثر منهنجي ٽيڪ تي هٿ ڦيري چوندو هو، “هي منهنجي ليڊري جي پهرين نشاني آهي. منهنجي بري وقت جي ساٿي آهي آءٌ هن کي ڪيئن هٽائيندس؟”
ماڻهن ۾، سرڪاري حلقن ۾ ،توڙي ڪاروباري حلقن ۾ به هنجو اثر رسوخ وڌندو ويو. هو ماڻهن جا مختلف ڪم ڪار ڪرڻ لڳو ۽ انهن کان مختلف ڪم ڪار وٺڻ لڳو. آهستي آهستي سندس وڃايل شهرت وري پروان چڙهڻ لڳي ۽ هاڻ هو شهر جو هڪ معزز ۽ شريف شهري ليکجڻ لڳو.
هن واري جي اليڪشن ۾ هن سسهڪ پارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ اُنجي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهيو. سسهڪ پارٽي جو نعرو هو “سڀني سان صلح ڪريو.” تنهنڪري هن دفعي گوبند رام چين، جپان، سري لنڪا، پاڪستان، آفريڪا، ايران، افغانستان مطلب ته سڀني سان صلح ڪرڻ جو حمايتي ٿي ويو. اُنهن ڏينهن هنجو چهرو آلو آلو ۽ مسڪراهٽ ۾ ٻڏل باسندو هو. ڄڻ اُهو چهرو نه پر بناسپتي گيهه جو اشتهار هو.
ٿورن ڏينهن ۾ ميونسپل اليڪشن جو نتيجو نڪري آيو. نتيجن، نه ته سجڪ پارٽي ڪامياب ٿي جنهنجو نعرو هو “سڀني سان جنگ ڪريو” ۽ نه ئي سسهڪ پارٽي ڪاميابي ماڻي سگهي جنهنجو نعرو هو “سڀني سان صلح ڪريو” پر ماڳئين ڪسجڪ پارٽي سوڀ ماڻي جنهنجو نعرو هو “ڪڏهن صلح ته وري ڪڏهن جنگ ڪريو”
گوبندرام هڪ دفعو وري ميمبر چونڊجڻ کان رهجي ويو. هو صحيح رستي تي گامزن هو. ليڊري جا بنياد مضبوط هئڻ گهرجن، نت ليڊري گهڻي وقت تائين جٽاءُ نه ڪري سگهندي. مختلف ماڻهن سان رابطا پيدا ڪرڻ گهرجن ۽ اُهي جيڪا به شيءِ گهرن، ڪوشش ڪري اُها شيءِ اُنهن کي ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ گهرجي. صرف اُها پارٽي ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جيڪا ماڻهن کي ووٽ وٺڻ وقت زياده کان زياده خوش ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌائي سگهي. اصول بظاهر نهايت اعليٰ هئڻ گهرجن. پر اندرواندر اهڙو حساب رکڻ گهرجي جو به وقت ضرورت اُنهن کي ٽوڙي موڙي سگهجي. اهي سڀ ڳالهيون سوچي سمجهي گوبند رام هڪ نئين پارٽي جو بنياد رکيو، جنهنجو نعرو هو، “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي؟” هاڻ هن شهر جي مشهور شخصيتن کي پاڻ سان شامل ڪري ورتو. ميونسپل اليڪشن کان تمام گهڻو اڳ اُن پارٽي جون بنيادون مظبوط ڪيون ويون. گوبندرام اُن پارٽي جو منشور پيش ڪرڻ وقت جيڪا تقرير ڪئي، اُن سان سندس پارٽي جي مڪمل ترجماني ٿي ٿي. گوبند رام چيو، “اسانجي پارٽي صرف اها ڳالهه مدنظر رکندي ته توهانجو ڇا ۾ فائدو آهي؟ انڪم ٽيڪس وڌائڻ ۾ يا گهٽائڻ ۾؟ شهر جا رستا ويڪرا ڪرڻ ۾ يا سوڙها ڪرڻ ۾؟ بجلي جي چارج وڌائڻ ۾ يا گهٽائڻ ۾، ملازمن جون پگهارون وڌائڻ ۾ يا گهٽائڻ ۾؟ اسانجي پارٽي فقط اُهو ڪم ڪندي جنهن ۾ اوهانجو فائدو هوندو.”
ڳالهه انتهائي معقول ۽ موزون هئي. جلد ئي ماڻهن جي دماغ ۾ ويهي رهي ۽ ميونسپل چونڊن ۾ چٽو ڏسڻ ۾ آيو ٿي ته جيت انهي پارٽي جي ٿيندي، جنهنجو نعرو هو “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي؟” انهي پروگرام جي تحت گوبندرام ڪپڙن جي ڌلائي جو اگهه وڌائڻ ۽ صابڻ جو اگهه گهٽائڻ جي ڳالهه ڪئي. نلڪن ۾ پاڻي جي مقدار وڌائڻ ۽ پاڻي جي چارج گهٽ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. هن برهمڻن سان واعدو ڪيو ته چمڙي جي ڪاروبار تي پابندي وجهبي ۽ چمارن کي چيو ته اُنهن کي چمڙو سستو مهيا ڪري ڏنو ويندو. مسواڙين کي چيو ويو ته جاين جي مسواڙ گهٽ ڪئي ويندي ۽ جاين جي مالڪن کي چيو ته هو مرمت جي بهاني پنهنجي مسواڙ وڌائي سگهندا.
ٿورن ڏينهن کانپوءِ جڏهن ميونسپل جي چونڊن جو نتيجو نڪتو ته سڀني کان زياده ووٽ “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي” واري پارٽي کي مليا ۽ اُنجا ميمبر سڀني پارٽين کان گهڻي تعداد ۾ چونڊجي آيا. گوبندرام کي اڪثريت سان ميونسپل ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو.
ميونسپل ڪميٽي جي پهرين ميٽنگ ۾ جڏهن اهو سوال اُٿيو ته، “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي” تي ڪهڙي طريقي سان عمل ڪرڻ گهرجي ته ڪافي دير تائين بحث ٿيندو رهيو. ڪنهن ڪجهه چيو ته ڪنهن ڪجهه. ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڪيئن انهي پروگرام تي عمل ڪيو وڃي جنهنجو هر نڪتو ٻئي نڪتي جي ابتڙ هو. آّخر ۾ گوبندرام ڳالهايو، “منهنجي خيال ۾ منشور ئي غلط آهي. “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي؟” انهي پروگرام کي بدلڻ گهرجي ۽ اُنجي بجاءِ انهي پروگرام تي عمل ڪرڻ گهرجي ته “اسانجو ڇا ۾ فائدو آهي”
چئني طرفن کان واهه واهه ٿي وئي. صدر صاحب ڪهڙو نه ڪارائتو نڪتو ڳولي لڌو “واه گوبندرام واه ! ڪهڙي نه زبردست ۽ عقل واري ڳالهه ڪئي اٿئي.”
جڏهن کان گوبندرام جي پارٽي شهر هيم پور جي ميونسپل ڪميٽي تي قابض آهي، گوبند رام هاڻ آچاريه گوبند رام چوائي ٿو. هن پنهنجو محلو ڇڏي سول لائن ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. هن ٻي شادي به ڪري ورتي آهي. جيڪا نئين فرنيچر جيان اپ _ ٽو _ ڊيٽ ۽ خوبصورت آهي. مونکي پراڻي گهر ۾ ڇڏيندي گوبند رام کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر هنجي نئين فيشن ايبل زال انهي تي تيار نه ٿي ته ههڙي بد شڪل ۽ ٽٽل ڦٽل ڪرسي کي پنهنجي گهر ۾ جڳهه ڏي.
آءٌ اُن کانپوءِ الاهجي ڪيترن سالن تائين پراڻي گهر ۾ رهيس. ۽ نيٺ جڏهن منهنجي شڪل صفا خراب ٿي ويئي ۽ ڪنهن به ڪم جي نه رهيس، ته ڀيڪو هڪ ڏينهن گهورڙيئي کي وٺي آيو ۽ مونکي اُنجي هٿ وڪڻي ڇڏيائين. وڪڻڻ جي وقت هنجي دل مان آهه نڪتي ۽ آهستي چيو،”هي منهنجي پٽ جي ڪرسي هئي!”
“تنهنجو پٽ ڇا ڪندو آهي؟”
“هو ميونسپل ڪاميٽي جو صدر آهي.”
“صدر ته آهي مگر ڪندو ڇا آهي؟” گهورڙيئي ٻيهر سوال ڪيو.
“خبر ناهي ڇاٿو ڪري” ڀيڪو جواب ڏنو،”منهنجي خيال ۾ هو اڃان به کير ۾ پاڻي ملائي وڪڻي ٿو ۽ نقلي تماڪ واري ٻيڙي نمبر ون ڪري وڪڻي ٿو.”
“اُن کانپوءِ واري داستان ڏاڍي تلخ آهي”
ڪرسي ٿوري دير لاءِ ساهي پٽي ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “پهرين مونکي هڪ اهڙي ماڻهو خريد ڪيو جيڪو نهايت شريف، ايماندار ۽ غريب ماڻهو هو. پر مونتي ويهڻ سان ئي هو لکين رپيه ڪمائڻ ۽ بي ايماني جا خواب ڏسڻ لڳو. جڏهن هو پنهنجي ڪرتوتن سبب جيل هليو ويو، ته مون کي هڪ اهڙي ماڻهو خريد ڪيو جيڪو پهرين زال جو مڄو هو، پر هن مونتي ويهڻ سان ئي زال کي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ اُنکي مارڻ شروع ڪري ڏنو. جڏهن سندس زال کي محسوس ٿيو ته هو اهي سڀ حرڪتون جڏهن ڪرسي تي ويهي ٿو، تڏهن ئي ڪري ٿو. تنهنڪري ڇو نه اُن ڪرسي کي ئي ڪڍي ڇڏجي. اهڙي طرح هن مونکي گهر کان ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو.
ٻاهر فٽ پاٿ تان مونکي هڪ گونگي فقير کڻي ورتو. بدقسمتي سان جيئن ئي هو مونتي ويٺو هنجي زبان جا ڄڻ بند ٽٽي پيا ۽ هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو. هو لڳاتار ست راتيون ۽ ست ڏينهن ڳالهائيندو رهيو. ۽ اُهو ڪجهه ڳالهائڻ لڳو، جيڪو ڪڏهن گوبندرام ڳالهائيندو هو. ڊاڪٽرن هنجو تمام گهڻو علاج ڪيو، مگر هنجو ڳالهائڻ بند نه ٿي سگهيو ۽ هڪ ڏينهن هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي مري ويو. اُن کانپوءِ هي اسماعيل ڀائي مونکي خريد ڪرڻ آيو. ۽ هاڻي الاهجي مونکي ڪنهن وٽ وڃڻو پوندو؟ مگر آءٌ ڪيڏانهن به وڃان منهنجي روح ۾ گوبند رام جون خاصيتون ايئن رچي ويون آهن ،جو آءٌ جتي به هونديس، اُن مشهور ليڊر گوبندرام جي ڪرسي ئي ٿي رهنديس.”
ليڊر جي ڪرسي پنهنجو داستان ٻڌائي خاموش ٿي ويئي. محفل ۾ ٿوري دير لاءِ ماٺ ڇانئجي ويئي.