آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي جا پنڌ ۽ پيچرا

ريگستاني علائقي ٿرپاڪر ۾ پنهنجي علم جي جوت کي جلائيندي اونداهه مان روشنيءَ جو تجلو بڻجي سامهون ايندڙ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ پنهنجي مسيحائي پيشي سان سچائيءَ ۽ سماجي خدمتن آڌار پنهنجي علائقي ۾ اهم مثالي ڪردار جي حيثيت رکي ٿو، پر هن ڪتاب ” زندگي جا پيچرا ۽ پنڌ“ جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ هڪ تخليقڪار جي روپ ۾ به سامهون آيو آهي، جيڪو پڻ يقينن هڪ خوش آئيند ۽ وقتائتو قدم آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي زندگيءَ جا تلخ تجربا اسان لاءِ مشعل راهه آهن، هن پنهنجي حياتي ۾ جيڪوبه ڀوڳيو ۽ پيڙيو ان جو مختصر ذڪر پنهنجي هن جيون ڪٿا ۾ ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي بدلجندڙ صورتحال کي قلمبند ڪري.
Title Cover of book زندگي جا پنڌ ۽ پيچرا

مهاڳ

زير نظر ڪتاب جو موضوع هڪ اڏول ۽ هيرو نما شخصيت جو آهي ۽ ان شخصيت جون پنهنجي هٿن سان اهو سڀ ڪجهه سلوڻي سنڌي ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو هن پنهنجي ٻالپڻ کان وٺي ٻڍاپڻ تائين جاکوڙيو، تڪليفون ڏٺيون ۽ ڪاميابيون ماڻيون.
هن هيرو جي جنگ جو ميدان تعليم جو ميدان آهي، هڪ ٻارڙو اهڙي هنڌ پيدا ٿئي ٿو جتي تعليم جو تصور هڪ طلسمي خزاني وانگر آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ معصوم هيرو اڏول ارادو ڪري ٿو، ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري تعليم شروع ڪري ٿو، پرائمري کانپوءِ مڊل، هاءِ اسڪول توڙي ڪاليج جي تعليم به پرائي درن جا ڌڪا کائي، هاسٽلن ۾ رهي حاصل ڪري ٿو ۽ نيٺ ايم بي بي ايس ۾ داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ ڊاڪٽر ٿي وڃي ٿو. سڄو سفر پراين درن تي رهڻ، اسڪالرشپن ۽ ٽيوشنون پڙهائي پنهنجي آمدني سان پورائو ڪري ٿو. ڊاڪٽر ٿي وڃڻ کانپوءِ اهم عهدن تي رهڻ سندس حق بڻجي ويو، پر ميگهواڙ جاتي سان لاڳاپيل هئڻ ۽ پهريون ڊاڪٽر هئڻ ڪري وک وک تي مشڪلاتن کي منهن به ڏيڻو پيو ته ڪاميابين جا موقعا پڻ حاصل ڪيا.
ڪتاب جي موضوع ۽ ليکڪ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ پنهنجي آتم ڪٿا تمام آسان ۽ سلوڻي سنڌي ۾ بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪابه ادبي مهارت، پيچدگي، محاورا، تاريخي حوالا وغيره شامل نه ڪيا آهن پر هو پنهنجي ڪهاڻي اسان کي ايئن ٻڌائي پيو ڄڻ تازو سفر تان موٽي ايندڙ نوجوان پنهنجي گهر ڀاتين کي سفر جو قصو ٻڌائيندو هجي. سندس هي ڪتاب پنجن حصن يعني ٻالپڻ، تعليم، ڊاڪٽر طور نوڪري ڪرڻ، رٽائرمينٽ کانپوءِ سرگرميون، ڪجهه يادگيريون، پرڏيهه جا دورا ۽ آخر ۾ ويجهن دوستن پاران سندس ڪردار تي روشني وجهڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ تي ٻڌل آهي.
پهرين ٻالپڻ ۽ تعليم واري باب ۾ ليکڪ اهي حالتون بيان ڪيون آهن ته ڪيئن تعليم اڻلڀ هئي ۽ ڪيئن ان کي ناياب خزانو سمجهيو ويندو هو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن پڪو پهه ڪيو، ڳوٺ ۾ اسڪول نه هئڻ باوجود پهرين 5 - 6 ڪلو ميٽر پري پيدل پنڌ ڪري ۽ پوءِ 27- ڪلو ميٽري پري پرائي گهر ۾ رهي پرائمري تعليم حاصل ڪئي. سندس تعليم دوران هندستان جو ورهاڱو ٿئي ٿو، حالتون اُلٽ پلٽ ٿي وڃن ٿيون، ماڻهو سر ۽ عزت بچائڻ خاطر پنهنجو وطن ڇڏين پيا پر ڊاڪٽر جي والدين نه رڳو ملڪ نه ڇڏيو پر ڇاڇرو شهر ۾ راڻا جي تعليم جاري رکي، جتان به صرف مڊل جو امتحان پاس ڪري سگهيو ۽ ميٽرڪ لاءِ ٿر کان حيدرآباد پڄي نور محمد هاءِ اسڪول ۽ ڊي جي ڪاليج مان ڪاليج پاس ڪري ايم بي بي ايس ۾ داخلا وٺڻ واري انتهائي ڪٺن ۽ پرتجسس مرحلي کي هن باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هي مرحلو طئي ڪرڻ تي راڻا سي راٺوڙ جس لهي پر سندس والدين کي به سلام هجي، ليکڪ پنهنجي ننڍپڻ جو ذڪر ڪندي ان وقت ڏٺل جهنگلي جيوت، تتر، مور ۽ هرڻن جون ساروڻيون به نه ٿو وساري.
ڪتاب جي ٻي حصي ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ پهرين نوڪري ننگرپارڪر ۾ ڪرڻ، پوءِ ڳوٺن ۾ وڃي صحت جي معاملن تي اڀياس ڪرڻ ۽ ان کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن، شهرن، جهڙوڪ ٽنڊو محمد خان، لس ٻيلو، ٺٽو، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ ٻين هنڌن تي ميڊيڪل آفيسر توڙي سول سرجن جي حيثيت ۾ جيڪي خدمتون ڏنيون ۽ محبتون ڪمايون ان جو ذڪر به تمام سهڻن لفظن ۾ بيان ٿيل آهي، ڪاميابين سان گڏ مشڪلاتون به اڻٽر هونديون آهن. اهو به جيڪڏهن هڪ غريب جاتي جو فرد اعليٰ عهدي تي ويهي حڪم هلائي ته ڊاڪٽر راڻا ٿورو ان کي بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ واقعو ٻن ماتحت ملازمن کي بدلي ڪرائڻ تان سندس ڌرم پتني جو ڏکوئيندڙ قتل شامل آهي.
ٽئين مرحلي ۾ ريٽائرمينٽ کانپوءِ ميرپورخاص ۾ ڪلينڪ کولي عوام جي خدمت ڪرڻ، سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ سرگرم رهڻ، جيڪو عمل هن شخص شاگردي واري دور کان شروع ڪري ڇڏيو هو. خاص ڪري شڪارپور واري سيٺ ”خوشي رام ٽرسٽ“ سان واڳجي سڄي سنڌ خاص ڪري ٿر جي شاگردن کي تعليم جي شعبي ۾ سرڪار واري اڻملهه ڪردار کي هن باب ۾ سهڻن سادن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت ليکڪ پنهنجي خاندان ۾ ايندڙ تبديلين جهڙو ٿر مان لڏي مير لانڍي اچڻ، شاديون، ٻارن جي جنم جي خوشي ڀرين لمحن توڙي صدما ڀريل لمحن کي به چڱي نموني بيان ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ ملائيشيا، نيپال ۽ سري لنڪا جي دورن کي اهڙي ته سٺي، سادي ۽ چٽي نموني بيان ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ جي دل ڇڪجي وڃي ٿي ته هو به انهن منظرن جو ديدار ڪري، جنهن ۾ خاص طور ملائيشيا هوٽلن، رستن، اتي روز مينهن پوڻ واري آبهوا، پارڪن، غارن، مندرن، راجائي محل جا منظر ۽ انهن نقش کي انتهائي چٽي نموني بيان ڪيو ويو آهي، جيئن هڪ غار ۾ مٿي وڃڻو آهي. 168- ڏاڪا، پوءِ غار ۾ گهڙڻ، يعني ليکڪ ان مهل ڏاڪا ڳڻيا ۽ نوٽ ڪري لکيا ۽ هتي بيان ڪرڻ هڪ عام ليکڪ ته ڇا پر چڱي وڏي ليکڪ جي وس جي ڳالهه ناهي. ساڳئي نموني نيپال ۾ هڪ مندر ۾ 155- ڏاڪا هيٺ لهي مندر ڏسڻ ۽ اهي ڏاڪا ڳڻي اڄ بيان ڪرڻ جو ڪمال هن ڪتاب ۾ نظر آيو. پرڏيهه جو سفر نامو هجي، لفظن جي ڪابه ڪاريگري نه، ڪوبه تاريخي حوالو نه، سفر جي ڪابه پيچيدگي نه، هڪ هنڌ بيان ڪيل آهي، سريلنڪا لاءِ ٻڌندا هئاسين ته ڏاڍو سرسبز ۽ تاريخي، سامونڊي بندرن وارو ملڪ آهي، ان کي ڏسڻ لاءِ ٽريول وارن کان پئڪيج ورتوسين ۽ ڪراچي کان جهاز ذريعي شام جو 4- وڳي ڪولمپور پهتاسين، اها ٽن جملن واري ڪهاڻي وڏو ليکڪ لکي ها ته اڌ ڪتاب ڀري ۽ نچوڙ ساڳيو، ٻئي هنڌ ذڪر آهي ته ان ڏينهن تي نروليا شهر وڃڻو هو، جيڪو راوڻ جي گادي جو هنڌ هو، چئوطرف ڍنڍون، پارڪ وغيره ڏسي ذهن ۾ آيو ته راوڻ نهايت خوش نصيب هو.“ آخري حصي ۾ ملندو انهن شخصيت جي املهه لفظن جي ڀيٽا، جيڪي ڊاڪٽ راڻا سي راٺوڙ جي ويجهو رهيا، ڏک سک ۾ ساٿ ڏنو ۽ پئي انتظار ڪيائون ته اهڙو ڪو موقعو ملي جو ڊاڪٽر صاحب کي لفظن جي ڀيٽا ڏجي، انهن شخصيتن ۾ قائم سولنگي، گومن مل راٺوڙ، ارجن داس وڪيل، ديال داس، پروفيسر سچانند پنواريا، امولک ٿري، ڪانجي مل چوهاڻ ۽ سومجي ڌاراڻي ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪتاب مان سبق ملي ٿو ته ٺهيل رستي هلڻ يا گاڏي ڊوڙائڻ سولو آهي پر نئون رستو ٺاهڻ ۽ سفر جاري رکڻ ڏکيو آهي. جهاز تي چڙهي 20- هزار فوٽ اوچو اڏام سولو آهي پر بنا جهاز جي 20- فوٽ مٿي اڏامڻ جون ڪاميابيون ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۽ ان دور جي عظيم انسان ماڻي ڏيکاريون. اميد ته اسان جي نئين ٽهي جا نوجوان غريب جاتي ميگهواڙ ٻار جي خوبي، ارادي ۽ عمل تي ٻڌل هن رڪارڊ مان ضرور لاڀ پرائيندا ۽ پنهنجا تجربا پنهنجي ايندڙ نسلن کي منتقل ڪندا رهن.

ساٿ سلامت
سارنگرام ڪاجهروي