نوڪري جو دور
ننگرپارڪر مان بدلي ٿي ٽنڊو محمد خان ۾ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿيس ته مون کي گاڏي مهيا ٿي ۽ شاهه ڪريم بلڙي، گولاڙچي، ٽنڊو غلام علي ۽ ٻيا هيلٿ سينٽر منهنجي نگراني ۾ ڏنا ويا. جتي هر طرح ڊولپمينٽ لاءِ ڪوشش ورتم. 1964ع سڄو سال اي ڊي ايڇ او، ٽنڊو محمد خان رهيس، انهيءَ سال سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ (قدرتي آفت) جي صورت ۾ آئي هئي. وڻن ۽ پکين جي ڀيلاڙ کان سواءِ انساني جانيون وڏي تعداد ۾ ضايع ٿيون هيون. مون کي حڪم مليو ته ماتليءَ کي هيڊ ڪوارٽر بنايان، ايان 13- گاڏيون حوالي ڪري تڪڙا ٽوئر ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جتان دنبالو، ڪڍڻ، گولاڙچي ۽ ٻيا علائقا جاچي ڏٺا جيڪي سڀ پاڻي هيٺ هئا. متاثرين کي ترت ميڊيڪل رليف ڏيڻ لاءِ ڪافي ڊاڪٽر لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو جا هئا، مون ساڻ ڏنا ويا. روزانو حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر وسيم صاحب کي رپورٽ به ڪندو هئس. 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي، انهن ڏينهن ۾ مون کي ”ٻيلا“ شهر آف بلوچستان جيڪو اڳ ڪراچي ڊويزن ۾ هو، بدلي ڪيو ويو ۽ ايئن 1965 - 09 - 19ع تي ٽنڊو محمد خان جي چارج ڇڏي. ”ٻيلا“ شهر بلوچستان لاءِ روانو ٿيس. 1965 - 09 - 22 تي جنگ بندي ٿي ويئي ۽ سڪون ٿي ويو هو. انهيءَ ڏينهن خبر ملي ته، اسان جي ڳوٺ تي انڊين آرمي قبضو ڪيو آهي، انڊين فوج رتنور ۽ اسلام ڪوٽ کان به اورتي مٺي رستي پهتي هئي ۽ پوءِ سيز فائر بعد موٽي ويئي، تن ڏينهن منهنجو پڙهائي واري وقت جو ساٿي ڊاڪٽر احمد علي ڊومڪي ڇاڇرو ۾ ميڊيڪل آفيسر هوندو هو، جيڪو خراب حالتن جي ڪري ڳوٺاڻن جي مدد سان اُٺ تي چڙهي عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص پهتو هو، پر آئون سون مياڻي کان اُٿل شهر کان ٻيلا شهر پهتس، ياد رهي ته اڳ لس ٻيلا اسٽيٽ هئي، جنهن کي تبديل ڪري لس ٻيلا ڊسٽرڪٽ ڪيائون ۽ ٻيا شهر هيڊ ڪوارٽر رکيو ويو، جتان پوءِ 1968ع ۾ ضلع هيڊ ڪوارٽر ٻيلو شهر مان ختم ڪري ”اٿل“ کي ڪيائون. انهيءَ دوران 10- مهينن تائين مون وٽ 3- چارجون رهيون. ڊي ايڇ او انچارج ضلع ٻيلا، (ايم ايس) ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ۽ ميڊيڪل آفيسر انچارج. ان وقت ضلعي ٻيلا بلوچستان ۾ عوام جو پنهنجي معالجن تي تمام گهڻو اعتماد هو ۽ عزت ڏئي پنهنجو علاج ڪرائيندا هئا. اهڙي بهتر ماحول ۾ ماڻهو نهايت سادا ۽ سٻاجهڙا لڳندا هئا. ياد رهي ته انهيءَ مصروفيت باوجود آءٌ موڪل وٺي خوشي رام ٽرسٽ جي ميٽنگ ۾ سکر پهچندو هئس. ذڪر ڪندو هلان ته، اپريل 1964ع ۾ هڪ مهيني جو ڪورس لاهور جي ”انسٽيٽيوٽ آف هائيجن اينڊ پريوينٽوَ ميڊيسن“ ۾ ڪيو، اُتي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين جتي عيد جي 3- ڏينهن موڪل ٿي. دوستن صلاح مشورو ڪري گهمڻ لاءِ راولپنڊي، ڪوهه مري، لانڍي ڪوتل ۽ پوءِ پشاور وياسين جتي ڪا نمائش لڳل هئي، تفريح ڪري ٽئين ڏينهن موٽي لاهور ڪلاس اٽينڊ ڪيوسين. انهيءَ ”اوريئينٽيشن ڪورس“ دوران اسان کي ٻه ٻه راتيون فيلڊ ۾ للياڻي، بيديان ۽ ٻين هيلٿ سينٽرن تي ٽريننگ لاءِ وٺي ويندا هئا. ڪورس دوران ميڊيڪل شعبي جي قابل شخصيتن سان ملاقاتون به ٿيون. 1967ع سڄو سال ٻيلا شهر ۾ رهيس، اڪثريت ۾ رهندڙ رونجها، خاصخيلي ۽ ٻيون برادري هيون. سوشل ايڪٽوٽي طور اُتي اسان اسٽيج ڊرامون مها ڀارت جو پروگرام ڪيو، جيڪو پنج راتيون هليو، ان جو ليکڪ ۽ هدايتڪار به آئون هئس، انهيءَ سال سيٺ خوشي رام دريانو مل ديهانت ڪري ويو ۽ منهنجو دوست ڊولپمينٽ آفيسر انور علي سميجو ڊيپوٽيشن وٺي هڪ مهينو ”ٻيلا“ آيو هو.
1967 - 11 - 17 ماتا جي جانچ جي لاءِ ڊائريڪٽر هيلٿ حيدرآباد سنڌ طرفان ليٽر مليو ته لسٻيلي ضلعي ۾ دُريجي تعلقي ۾، سنڌ جي بارڊر وٽ ماتا بيماري جي جاچ ڪري رپورٽ ڏي ۽ ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا هڪ گاڏي مُهيا ڪئي.
آئون اسٽاف سان اُن گاڏيءَ ۾ حب چوڪيءَ کان دُريجي تحصيل ڏي سفر ڪيو، جتان سفر ڊگهو هو، حب نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هلندي هلندي دُريجي پُهتاسين، جتان مختيارڪار سان گڏ لَڪُ روحيل وٽ وڏيرو عبدالرحمان جي ڳوٺ پهتاسين. اُتي وڃي ناڪابندي ڪري ٽيمون وئڪسنيشن لاءِ موڪليون ۽ اسان جو ٻي ڏينهن صبح جو سوير دُريجي وڃڻ ٿيو، رات جو دير سان ڪراچي پهتاسين. ٻئي ڏينهن تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪلي سين ته اِها ماتا ڪٿان ۽ ڪيئن آئي.
سال 1968ع فيبروري ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ حيدرآباد سنڌ کان آرڊر آيو ته تعلقو اومارا ضلعو لسٻيلا ۾ ماتا پکڙجي وئي آهي.پوري تعلقي ۾ وئڪسين ڪري رپورٽون ڏيو. 2- مارچ 1968ع تي لانچ ذريعي ڪراچيءَ مان روانا ٿياسين. 140- ڪلوميٽر سمنڊ طئي ڪري 26- ڪلاڪن ۾ اورمارو پهتاسين. 5- ڏينهن اُتي رهي سڄي تعلقي جي آبادي لڳ ڀڳ نو هزار هئي، ناڪابندي ڪري شهر ۽ اَرد گرد ڪُل آبادي جي ماتا لاءِ وئڪسين ڪئي. هڪ هفتو اورمارا ۾ رهي، اُتان سمنڊ رستي لانچ ۾ اچي ڪراچي مان تفصيلي رپورٽ گورنمينٽ کي موڪلي سين.
بعد ڪوشش ڪري ٻيلا شهر کان بدلي ڪرائي 1968 - 10 - 17 ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل آفيسر جي ڊيوٽي ڪرڻ شروع ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد ٻيلا شهر جي ماڻهن گهڻو اسرار ڪيو ته آئون سندن پاران الوداعي دعوت ڇڏي آيو آهيان، جنهن لاءِ مون هڪ هفتو موڪل ورتي، جڏهن پهتس ته تعليم کاتي جي عملي کان علاوه هندو پنچائت ۽ ٻين شعبن جي ماڻهن دعوتون ڪيون، تحفا ڏنا ۽ پوءِ موڪلائڻ لاءِ ڪراچي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ آيا، خاص ڳالهه ته ڪافي عرصو رهڻ ڪري آئون اُتان جون بلوچي ٻوليون سکي ويو هئس. 4- مئي 1970ع ۾ مون آر ايم او جي چارج ڊاڪٽر الهه بخش ڀرڳڙي کان ورتي هئي. ان وقت ميرپورخاص اسپتال جو سول سرج ڊاڪٽر ايس ايم هاليپوٽو هوندو هو ۽ ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر اي ايم قاضي هو. انهيءَ سال اسان جو خاندان ۽ ڪجهه عزيز ٿر مان لڏي اچي ڪوٽ ميرس ويٺا. وري وڏي ڀاءُ جي زور ڀرڻ تي ٿر جي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڀوريلو مان مڱڻي جي رسم ادا ڪئي ۽ 4 فيبروري 1971ع ۾ شادي به ڪيم. انهيءَ وچ ۾ منهنجو بدلي جو آرڊر شاهه ڪريم بلڙي ٿيو، آئون وڃڻ لاءِ راضي نه هئس. منهنجي هڪ دوست گل بيگ لغاري سان ذڪر ڪيم، جيڪو مون کي حيدرآباد سيد ذوالفقار شاهه ڄاموٽ جي بنگلي تي وٺي آيو، جتي پير صاحب پاڳارو مهمان ٿي پُهتل هو. منهنجي ملاقات ڪرايائين ته پير صاحب وڏي آٿت ڏني ۽ اوڏي مهل ڊائريڪٽر کي فون تي چيائين. اسان جو هڪڙو هندو ڊاڪٽر آهي. هن کي تنگ نه ڪريو. بس ٻي ڏينهن بدلي ئي رڪجي ويئي. آئون وري پنهنجي ڊيوٽي ۾ لڳي ويس. ايتريقدر جو شاديءَ لاءِ به ٽي ڏينهن موڪل ورتم ۽ ميهنديءَ جي رسم ۾ شام جو شريڪ ٿيس، ڏينهن جو ڊيوٽي ڪيم. اهو وقت جوانيءَ جو هو ۽ ڊاڪٽري ڊيوٽي هڪ جذبي سان ڪندو هئس. 1971ع ۾ پاڪستان _ هندستان جي جنگ به لڳي هئي ۽ سرڪار جي پاليسي تحت جيڪي بدليون ٿيون ته، منهنجي بدلي وري 23- نومبر 1971ع تي ٽنڊو محمد خان بدلي ٿي، جيئن ته اهو علائقو مون لاءِ نئون نه هو ۽ اٽڪل پوڻا ٻه سال دل و جان سان خدمت ڪئي. انهيءَ دوران مون کي وڏي خوشي نصيب ٿي ۽ موجوده ڊاڪٽر سرجن جواهر جو 16- جنوري 1972ع تي جنم ٿيو. مون کي جيڪا سرهائي ليڊي ڊفرن هاسپيٽل حيدرآباد جي گيٽ تي پهچڻ سان ٿي هئي، اها اڄ به مون لئه تازه آهي. ڊگهڙي اسپتال ۾ جيڪو عرصو رهيس مريض گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا، ڪي مريض ته ٻين شهرن کان به علاج لاءِ ايندا هئا، تنهنڪري مون رهائش ئي ڊگهڙي ۾ مليل سرڪاري جاءِ ۾ اختيار ڪئي. ايتريقدر مريضن جي اعتماد سبب مون پاڻ کي 24- ڪلاڪ ڄڻ سول اسپتال ڊگهڙي لاءِ وقف ڪيا هئا، انهن ڏينهن ۾ خوشي رام ٽرسٽ جي ميمبر ڀمرلال ڊي نٿواڻي ميرپورخاص ۾ وفات ڪئي، جنهنڪري مون تي ٽرسٽ جون ذميواريون ويتر وڌي ويون هيون، هڪ ڀيري ڊگهڙيءَ ۾ مليل سرڪاري جاءِ ۾ رات جو چور گهڙي آيا، اتفاق سان آئون جاڳيس پئي، چور جاڳندو ڏسي واپس ديوار ٽپي ڀڄڻ لڳا ته آئون به سندن پويان وڃڻ لڳس، پوءِ چوڪيدار به پهچي ويا. ريوالور سان فائر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته گولي ڦاسي پئي، بهرحال ڪجهه ڏينهن بعد ڄاڻ ملي ته اهي شاهينگ ڄاتل سڃاتل هئا. 1974 - 06 - 19 تي گوهر راڻا به ڊگهڙيءَ ۾ ڄائو، جيڪو مون غريب مريضن جي دعائن سان مالڪ خالق جو تحفو سمجهيو. بعد ۾ 11- مئي 1975ع تي منهنجي ڪنڌڪوٽ بدلي ٿي، جيڪا مون تبديل ڪرائي لاڙڪاڻي ۾ 18 هين گريڊ ۾ رجسٽرار سرجري ٿي ويس. ان وقت لاڙڪاڻي سول اسپتال ۾ انچارج مشهور ڊاڪٽر شيرازي وڏو قابل انسان هو. وڏا ڪامياب آپريشن ڪندو هو. مون به سندس سرجري يونٽ ۾ رهي ڪم ڪيو. ڪيترائي مهينا رهڻ بعد گرمين ۾ آئون ٽي مهينا موڪل وٺي ميرپورخاص آيس، جڏهن موڪل پوري ٿي ته وري جوائنگ نه پئي ملي. اُنهن موڪل وارن مهينن ۾ ”ميمڻ چيئرٽيبل هاسپيٽل“ ميرپورخاص ۾ عارضي طور رهي خدمت ڪئي. منهنجي ٽيون نمبر پٽ ڊاڪٽر سردار جو به 1976 - 10 - 17 تي جنم ٿيو. اهي ئي سڄيون خوشيون هيون، جنهنڪري مون کي گهڻي ٿڪاوٽ ٿڪائي نه سگهي. ساڳي طرح 1976 - 10 - 11 تي ٻيهر ڊگهڙي بدلي ٿي آيس، ايئن 1979ع جي اڌ سال تائين ڊگهڙي سول اسپتال ۾ رهي خدمت ڪئي. انهيءَ سال ٽيون نمبر پٽ نريندر 16- آڪٽوبر 1978ع تي ڄائو هو. انهيءَ دوران خوشي رام ٽرسٽ توڙي تعليمي سوسائٽي جي ذميوارين کان به غافل نه رهيس، ميٽنگون هجن يا سونپل فلاحي ڪم بخوبي سرانجام ڏيندو رهيس. 1980ع ۾ سول سرجن ٺٽو جي حيثيت سان اسپتال جي رهيل تعميراتي، ليبارٽري ۽ ٻيا ڪم ڪرايا. خاص ڪي بيچم دوائن جي ڪمپني کان ڊونيشن وٺي، اُتي اسپتال جو وڏو بورڊ ٺهرايو، اسپتال جو ضروري سامان هٿ ڪيو. ساڳئي ڪمپني کان ڊونيشن جي طور دوائون ورتيون. انهيءَ دوران پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي جو صدر رهيس ۽ 14- فيبروري 1980ع ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي ڪئمپ لڳائي، جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اسلم آرائين، پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق قريشي ۽ ٻيا آيا هئا. اهو دور سڄو مارشل لا جو دور هو. تنهن ڪري ڪڏهن ”ڊي ايم ايل اي“ ته ڪڏهن ”ايس ايم ايل اي“ اوچتو ضلعن جا دورا ڪندا هئا. سيڪريٽري هيلٿ برگيڊيئر شيخ محبوب صادق به آيو هو، جنهن ٺٽي ۾ پهريون دفعو ”بلڊ بئنڪ“ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ پي ايم اي ٺٽو پاران هر مهيني تعلقي سطح تي ميڊيڪل ڪئمپ ۽ سيمينار منعقد ٿيندا هئا. گڏوگڏ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٺٽي جي اضافي چارج 1980 - 09 - 09ع کان 1981 - 03 - 21 تائين پڻ مون وٽ رهي. ان ڪري به پوري ضلعي ۾ ڊيوٽي ڪرڻي پوندي هئي. صبح وقت سول اسپتال ۾ آپريشن ڪرڻ ۽ او پي ڊي ڏسڻ، شام جو ضلعي ۾ نڪري وڃڻ ايتري قدر جو موڪل جي ڏينهن به ضلعي ۾ ڪنهن نه ڪنهن هيلٿ سينٽر تي بيٺو هوندو هئس. اهڙي ريت مخير حضرات کان چندو گڏ ڪري بلڊ بئنڪ لاءِ جُدا ڪمرو ٺهرائي بلڊ بئنڪ لاءِ اسٽاف به رکي ڏنو هو. آئون ڪينجهر ڍنڍ تي پي ايم اي جي وڏي گڏجاڻي ڪري ٺٽو رهائش تي پهتس ته 14- نومبر 1980ع تي پٽ جيتندر ڄائو، جنهنجي خوشخبري ملي. آئون واندڪائي ۾ ڪڏهن درگاهه پير پٺو، مڪليءَ کي ويجهو ٻاوا سريچندر جو مندر ۽ شهر ٺٽي ۾ شاهجهان جي جوڙايل بادشاهي مسجد جيڪو تعميرات جو اعليٰ نمونو آهي ڏسڻ ويندو هئس. 1981ع ۾ ميرپورساڪرو ۾ 40- بسترن تي مشتمل شيخ زيد اسپتال جيڪا عاليشان ٺهي راس ٿي هئي، ۽ ضلعي جي وڏي اسپتال هوندي هئي. يو اي اِي جو ڊپٽي منسٽر آيو هو اُن جي موجودگيءَ ۾ سنڌ سرڪار جي حوالي ٿي. ان تقريب ۾ ڊويزنل ڪمشنر عبدالله جي ميمڻ ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا هئا. اهو سڄو انتظام مون کي بحيثيت ضلعي هيلٿ آفيسر جي ڪرڻو پيو. انهيءَ سال سول اسپتال ٺٽي لاءِ مشاورتي بورڊ جڙيو، جنهن ۾ ضلعي چيئرمين، ايم پي اي ۽ نوٽ ايبل پرسن محمد خان سومرو به ميمبر هوندا هئا، جڏهن ته سول سرجن سيڪريٽري جي طور ڪم ڪندو هو. انهيءَ سال پي ايم اي ضلعي ٺٽي - مڪلي ۾ رهائشي ڪالوني ۾ پي ايم هائوس ٺهرائڻ لاءِ پلاٽ به ورتو ويو هو. 19- ڊسمبر 1981ع صبح سويل سول اسپتال ٺٽو جون حالتون مايوس ڪندڙ هيون. منهنجي اکين اڳيان انڌارو ڇانيل هو. ايئن لڳو ڄڻ مون کان سڀ ڪجهه لٽجي ويو هجي. گهر ۾ گهڙي هڪ ئي بيڊروم ۾ 5 معصوم ٻارن سان پنهنجي گهر واريءَ سان ستل هئس ته هڪ ماڻهو ريوالور سان ويجهو فائر ڪري ڀڄي ويو. اوڏي مهل جيئن رڙ ٿي، اُٿس ڇا ٿيو....!؟ ڇا ٿيو..!؟ ڏسندي ئي منهنجي گهر واري دم ڏيئي چُڪي هئي. اسپتال جو اسٽاف، مريض، همدرد ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو. منهنجي بي وسيءَ جي اها حالت هئي جو ڪوشش جي باوجود ڳالهائڻ نه پئي نڪتو. آئون ٻي ڏينهن صبح ميت کڻي ٻارڙن سان گڏ ڪوٽ ميرس پهتس، جتي ويجهي قبرستان ۾ تدفين ٿي، اُن ڏک جي گهڙيءَ ۾ تڏي تي دوست احباب، ڊاڪٽر پاڙيسرين سميت پير غلام رسول شاهه جيلاني، رئيس خير محمد ڀرڳڙي، سيد لعل شاهه رضوي ۽ مير حاجي حيات ٽالپر پڻ تڏي تي پهچي ويا. اهو ڪيس جيئن چالان ٿيو، جوابدار نامزد ٿيا، ڏوهه قبولي ورتائون، ته اُن کان پوءِ انڪواريون، ڪورٽن جون حاضريون، تن ذهني ۽ جسماني طور ٿڪائي وڌو هو، پريشان ڪُن ڳالهه ته، انهن جوابدارن ۾ ٺٽي سول اسپتال مان سزا طور بدلي ڪيل پيرا ميڊيڪل جا ٻه ملازم ۽ هڪ منهجي ويجهي عزيز جو پٽ به شامل هو. عدالت سڳوريءَ مان جوابدار ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هوڏانهن اُنهن جي وارثن به مختلف حربا استعمال ڪري سياسي پريشر ڏياريا، اڳتي هلي اهي آجا ٿي ويا. انهيءَ سانحي ۾ مون سان جن مهربان دوستن ۽ آفيسرن همدردريون ڪيون، تن جو تفصيل طويل آهي. مختصر طور تي انهيءَ قتل ۾ جيڪي ملوث رهيا، انهن ۾ ڪي بيماريءَ وگهي مري ويا، ڪي چريا ٿي دربدر ٿيا، کين اهڙيءَ صورت ۾ پروردگار سزا ڏني. ان واقعي کان پوءِ آئون اٽڪل 13-سال ڪوٽ ميرس نه ويس. گهڻو وقت ڊيوٽيءَ کان پوءِ اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۾ وقف ڪيو ۽ پٽن کي ماءُ ۽ پيءُ جا ٻئي پيار ڏيڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي هئي. مالڪ جا شڪر آهن، جو اڄ منهنجو اولاد گريجوئيٽ، ڊاڪٽر ۽ اعليٰ تعليم يافته آهي. ياد رهي ته ٺٽي جي ماڻهن جي محبت، ساٿ ڏيڻ جو وڻندڙ انداز جي ڪري مون پاڻ بالا آفيسرن کي چئي ٺٽو ۾ ئي سول سرجن جي طور تي 1985ع تائين رهيس.
1982ع جو سال به سول سرجن ٺٽو رهيس. ان دوران مارشل لا حڪومت جاري هئي. سول اسپتال ۾ هڪ موبائيل هيلٿ يونٽ قائم ڪرايو. جنهن جو هيلٿ منسٽر سنڌ محمد يوسف افتتاح ڪيو هو. اهو يونٽ انٽرنيشنل ميڊيڪو جي پاران 21- جون تي ڊاڪٽر ”بوئي خان“ جي موجودگي ۾ فنڪشنل ٿيو، جيڪو اصل سانگهڙ جو رهندڙ هو. انهيءَ سال منهنجو چاچو لڇمڻ داس ديهانت ڪري ويو، جنهن جي رسمن لاءِ ڳوٺ چاڙهيار تعلقي ڇاڇري به وڃڻ ٿيو ۽ ساڳئي ريت تعليمي سوسائٽي جو ورڪ ۽ خوشي رام هريجن ٽرسٽ جون سرگرميون به جاري رکيون.
1982ع ۾ هلال احمر جو هفتو وڏي پئماني تي ملهايو ويو. ڊپٽي ڪمشنر قلي بخش رند هلال احمر لاءِ گڏجاڻي ڪئي، جنهن لاءِ مون کي سيڪريٽري نامزد ڪيائون، ساڳئي ريت هلال احمر جو ڪم جاري رهيو ۽ سال جي آخر ۾ 26- ڊسمبر تي ڪراچي ۾ گهرايل اجلاس ۾ شريڪ ٿيس، انهن ڏينهن ۾ منهنجو دوست حبيب الله قادري جيڪو ٺٽي جو بي لوث خدمتگار هوندو هو، حادثي ۾ فوت ٿي ويو. هلال احمر ۾ ٻيا به ميمبر هئا، جن ۾ ڊاڪٽر ممتاز عقيلي، بريع الزمان ميونسپل ڪميٽي چيئرمين، مرحوم قادري صاحب ۽ ٻيا هئا. مختلف شهرن سجاول، ڪلري، چوهڙ جمالي ۽ مکيه فنڪشن شهجهان مسجد ۾ پروگرام ڪرايا ويا.
16- مئي 1983ع ڪئناڊا جي ٽيم ٺٽي ضلعي جو دورو ڪيو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نور احمد عباسي، ڊاڪٽر عبدالله جان پٺاڻ ۽ ڊي ايڇ او ٺٽو به شامل هئا. ان سلسلي ۾ ضلعي جي ڪيترن ئي هنڌن تي پڻ وياسين.
ساڳي سال موجوده مومل اسپتال سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص ۽ رهائشگاهه بنگلو هائوس بلڊنگ ڊپارٽمينٽ کان قرض کڻي ٺهرايو. ٺٽو مان سيشن جج تاج محمد ابڙو بدلي ٿيو هو ۽ ان محمد خان سومرو ايم پي اي جي دعوت ۾ سندس ٺٽو ويجهو ڳوٺ ويا هئاسين. ان بعد ٺٽو ۾ ڊاڪٽرن جي ڪانفرنس منعقد ٿي هئي. انڊيا بمبئي مان اکين جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هيرانند به آيو هو. سڀني جي دعوت ايم اين اي غلام حسين ميمڻ عرف (سوني منڊي) ڪئي هئي. 2- مئي 1984ع تي سول اسپتال جي وزٽ تي گورنر سنڌ جنرل جهانداد خان آيو هو ۽ ميٽنگ ڪئي هئائين. ان بعد ٻيون شخصيتون به سرڪاري طور تي سول اسپتال ٺٽو جو دورو ڪيو. جن ۾ صوبائي وزير صحت بوستان علي هوتي، سيڪريٽري هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر ايم آر ارشد ملڪ ۽ سال جي آخر تي نئون سيڪريٽري محمد صالح ميمڻ به پهتو، جيڪو منهنجو ايم بي بي ايس ۾ استاد پڻ رهيو هو. انهيءَ وقت جو هڪ ڪم جيڪو مون کي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ مليو. جنهن ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ هئي، گهارو ۾ عارضي جيل رکيو ويو هو، جتي برک سياسي اڳواڻ مخدوم خليل الزمان، ممتاز علي ڀٽو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي سميت 7- يا 8- قيدي هئا. جتي هڪ ڪمپائونڊر ۽ ڊرائيور سان گڏ انٽري ڪرائي وڃڻو پوندو هو ۽ ساڻن گپ شپ ٿيندي هئي. ڊي سي ٺٽو ان وقت مون کي گهرائي سختي سان هدايتون ڏنيون ته انهن سياسي قيدين لاءِ ڪو همدردانه علاج جو سفارشي نوٽ نه لکجان، جنهن لاءِ ممتاز ڀٽو تمام گهڻو چوندو هو. آئون پي ايم اي ٺٽو جي ضلعي صدر جي حيثيت ۾ کارو ڇاڻ نزد ڌانڌري ۾ وڏي ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي هئي، جتي ڊاڪٽر 450- مريض ڏسي سگهيا هئا. 13- ڊسمبر 1984ع تي اُن وقت جو صدر پاڪستان ضياءُ الحق ٺٽي جي دوري تي آيو، رات به ٺٽي ۾ رهيو ۽ هڪ اهم گڏجاڻي به رکي ويئي، جنهن ۾ مون کان سول اسپتال ۽ ضلعي ٺٽي جي هيلٿ بابت بريفنگ ورتي ويئي. ساڻس ضرورتن تي گفتگو ٿي. ان بعد مون کي گڏيل طور پي ايم اي جي ضلعي صدر لاءِ پنجون دفعو به صدر چونڊيو ويو. مگر گڏوگڏ بدلي جي آرڊر جو به معلوم ٿيو ۽ ايئن آئون 6- اپريل تي ٺٽي مان چارج ڊاڪٽر احمد علي ڊومڪي جي حوالي ڪري سانگهڙ سول سرجن طور جوائن ٿيس. ٻه ڏينهن بعد ٺٽو واپس آيس، جتي منهنجي مان ۾ اسٽاف پاران الودائي پارٽي رکي ويئي جنهن جي ذميواري پي ايم اي ضلعو ٺٽو ۽ دوست غلام حيدر سومرو نڀائي. جتان موڪلائي واپس سانگهڙ پهتس. جتي اطلاع مليو ته جناب محمد خان جوڻيجو وزيراعظم جي طور سنڌڙي پهچي رهيو آهي ۽ ڊاڪٽر جي حيثيت سان مون کي پهچڻ لاءِ چيو ويو، جتي پهچي ڊيوٽي سان گڏ پراڻي واقفيت جي ڪري ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس وزيراعظم ٿيڻ جون واڌايون پڻ ڏنيون. سال 1985ع جي ڳالهه آهي. ڊاڪٽر ويرسي ڌناڻيءَ کي بلڊ ڪينسر ٿي پيو، جنهن جي ڊيوٽي گولاڙچي ۾ هوندي هئي، ڪراچي ۾ زير علاج هو، ڊاڪٽرن جي مشوري موجب کيس 40 - هزار چندو ڪري ڪراچي مان نو آبجيڪشن جو ليٽر وٺي بهتر علاج لاءِ بمبئي روانو ڪيو، جتي علاج باوجود تندرست ٿي نه سگهيو ۽ 9- سيپٽمبر 1985ع تي دنهايت ڪري ويو، جنهن جي عذرخواهي لاءِ روچي رام، ڊاڪٽر غلام محمد ۽ ڊاڪٽر جهامنداس سان گڏجي ٿر وياسين. انهن ڏينهن ۾ مصري لڌاڻي سانگهڙ ۾ انڪم ٽيڪس جو آفيسر هو. ساڳئي سال 31- آگسٽ تي سانگهڙ ۾ ڊي ايم ايل اي حڪيم راشد دوري تي آيو هو، جنهن سان به ميٽنگ ٿي. 12- سيپٽمبر تي وزير صحت احد يوسف سانگهڙ جي دوري تي آيو ۽ اسپتال ڏٺائين، کيس سول سرجن جي حيثيت ۾ بريفنگ ڏني. ضلعي ۾ سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون ٿينديون هيون. 15- آڪٽوبر تي فيملي پلاننگ ڊپارٽمينٽ جو سيمينار ٿيو، جنهن ۾ مون کي مهمان خاص مقرر ڪيو ويو. وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي سانگهڙضلعي سان وڌيڪ همدردي ۽ محبت هئي، تنهنڪري ڳوٺ سنڌڙي ايندو هو ته ضلعي جي مختلف هنڌن تي تقريبيون رکيون وينديون هيون. 20- آڪٽوبر تي وزيراعظم سانگهڙ آيو، ان بعد شهدادپور ۾ اوپن ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ سڀني ضلعي آفيسرن ۽ ڪجهه صوبائي سيڪريٽرين کي به گهرايو ويو ۽ انهيءَ سال 31- آڪٽوبر تي سانگهڙ سول سرجن آفيس ۾ هڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ معذورن لاءِ ڊس ايبل پرسن ري هيبليئشن جون سفارشون مرتڪب ڪيون ويون. ضلعي جي اعليٰ اختيارين اهو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام قدر جي نگاهه سان ياد ڪيو. تعميرات وقت پهرين اسپتال هيٺ هئي، جنهن ۾ ڀرائي ڪرائي بهتر ڪيوسين، اڳ ۾ سانگهڙ جي ڊي ايڇ او جي آفيس سول اسپتال ۾ هئي، منهنجي هتي اچڻ بعد ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ سان گڏجاڻيون ڪري سول اسپتال ۾ وارڊ، ليبارٽري ۽ روم وڌائڻ جا ڪم ورتا. اٽڪل ساڍا اٺ سال سانگهڙ ۾ سول سرجن رهيس. انهيءَ دوران هاسٽل، ميس، توڙي سيڪيورٽي سميت اسپتال جي ترقياتي ڪم جو مرحلو مڪمل ڪيو ۽ جيئن ئي سانگهڙ سول اسپتال ۾ پهتس ته، پهريون ڪم مڊوائري اسڪول شروع ڪيو. انهيءَ بعد 1986ع ۾ هڪ واقعو رونما ٿيو، جو سول اسپتال سانگهڙ جي وارڊ ۾ ضلعي انتظاميه علي محمد نظاماڻي نالي ڌاڙيل کي علاج لاءِ رکيو، مون کين مشورو ڏنو ته کيس هتي نه رکو. ماڻهو ملاقات ۾ کيس هٿيار ڏيئي سگهن ٿا. يا ڪو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. ڊاڪٽر حنيف اعواڻ به مون سان ڊيوٽيءَ ۾ گڏ هو. ڪجهه ڏينهن ۾ ايئن ٿيو، جو ڌاڙيل سان ڪي عورتون ملاقات لاءِ آيون جنهن ۾ هڪ کيس ريوالور ڏيئي ويئي. ساڳي ڏيئي شام اُهو ڌاڙيل ڪمري کان ٻاهر هوا کائڻ لاءِ پوليس جي سپاهين کي چيو، هٿڪڙيءَ جي هڪ سائيڊ کليل هئي، هڪ سپاهي چانهه پيئڻ ويو ته ٻي سپاهي کان هو زبردستي ڇڏائي نڪري ويو، جنهن مان سڀني کي سٺو سبق مليو ته آئنده احتياط لازمي آهي. اهو سڄو سال 1986ع به سانگهڙ سول سرجن جي حيثيت ۾ رهيس، انهيءَ دوران فقير عاقل هنڱورو، صوبائي وزير بلديات سنڌ دورو ڪيو. وزيراعظم محمد خان جوڻيجو به جڏهن سانگهڙ پنهنجي ڳوٺ سنڌڙي ايندو هو ته مون کي بحيثيت سندس ڊاڪٽر اُتي پهچڻو هوندو هو. انهيءَ سال پي ايم اي سانگهڙ جو مون کي وري صدر چونڊيو ويو 18- مارچ تي ڊسٽرڪٽ سوشل ويلفيئر جي شاندار تقريب ٿي جنهن ۾ مهمان خاص طور مدعو ٿيس. ساڳئي سال مئي مهيني ۾ نئون ڊي سي نظر حسين مهر پهتو ته جلد پوءِ ڪمشنر قليل بخش رند سانگهڙ جي دوري تي آيو ۽ هن سول اسپتال کي به ڏٺو. ياد رهي ته رند صاحب ان کان اڳ ٺٽي جو ڊي سي رهيو ته ويجهڙائي رهي هئي، ان موقعي تي پي پي پي سانگهڙ جي صدر رئيس الطاف رند سندس دعوت ڪئي ته ان ۾ به گڏ هئاسين ۽ ساڻس سُٺي ڪچهري ٿي. انڪم ٽيڪس آفيسر مصري مل لڌاڻي بدلي ٿيو ته اسان کيس الوداعي پارٽي ڏني. انهيءَ ڊنر ۾ ايس ايس پي عبدالعزيز بُلو، انجنيئر مورائي صاحب ۽ ضلعي جا اعليٰ آفيسر به شامل ٿيا هئا.
19- آگسٽ 1986ع تي وزيراعليٰ ڄام صادق عليءَ جي ارجنٽ وزٽ جو پروگرام ٿيو، ڇا ته دٻدٻو هو رات ئي رات ۾ سنهرا ليڻا شهدادپور هيلي پيڊ تيار ٿيو، سڀئي انتظام مڪمل ڪيا ويا. سڀني کاتن جون گاڏيون ۽ ايڊمنسٽريشن اٽينشن ۾ اچي ويا، آفيسرن جو مُٺ ۾ ساهه هو. ڄام صاحب جيڪو ڳالهائي جيڏي مهل ڳالهائي اهو آرڊر سمجهيو ويندو هو. مجال جو ڪير ٻيهر ورجائي پڇي...!! جنهن کي چاهيندو هو ته نوازي ٿي ڇڏيائين ۽ ناراضگيءَ جي صورت ۾ ڄڻ اُن کي رُلائي ٿي ڇڏيائين.
اسان سول اسپتال جا ڊاڪٽر عملو گاڏيون سڀ حاضر رهندا هئاسون. وري ترت آڪٽوبر ۾ وزيراعظم دوري تي آيو، هٿونگو ۾ کليل ڪچهري بعد شڪار به ڪيائين. نهايت پُرسڪون، آفيسر ننڊون ڪري پوءِ پيا پهچندا هئا.
اهڙو شريف، تحمل پسند انسان جيڪو وٽس پُڄندي آفيسر جو نالو کڻي هيلو هاءِ ڪندو هو يا ڪا ڳالهه پُڇندو هو.
اسان وري نومبر ڌاري ڳوٺ بلاول اَبو پوٽو ۾ مفت اکين جي وڏي ڪئمپ هنئيسين، جتي گجريءَ ۾ 300- مريضن جو علاج ٿيو.
ايس ڊي ايم محمد بچل ٻوهيو جهڙو لائق آفيسر به اسان سان شانا بشانه رهيو. ساڳئي ريت سول اسپتال جا سڀئي ڊاڪٽر خاص طور ليڊي ڊاڪٽرن سنجهورو تعلقي ۾ ميڊيڪل ڪئمپ منعقد ڪئي، جتي وريام فقير جي ذميواري هئي، اُن تعاون ڪيو ان سال جي آخر يعني 29 ڊسمبر تي سيد صالح شاهه آف ٽنڊو مٺا خان پيپلز پارٽي جو صدر هو، ان جي وفات ٿي ته آئون ۽ سندس دوست غلام محمد لغاري گڏجي وياسين، چاليهي جي خيراتي دعوت ۾ به شريڪ ٿياسين. 9- جنوري 1987ع تي کوڙي فاريسٽ ٻيلو تعلقو کپرو جيڪو هنيئر ليز تي زرعي زمين جي شڪل ڌاري چڪو آهي، ۾ وزيراعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجو جن جي ميزباني ۾ وڏي پئماني تي شڪار ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيترن ملڪن جا سفير ۽ گورنر پنجاب مخدوم آف ملتان صادق حسين قريشي پڻ شريڪ هئا. آئون بحيثيت سول سرجن پنهنجي ميڊيڪل ٽيم وٺي پهتو هئس. جيئن ته سرڪاري ذميواري بعد فارغ ٽائيم ۾ سماجي خدمت جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو ته سلسلو جاري هو. 17- مئي 1987ع تي خوشي رام ٽرسٽ جي ميٽنگ جيڪا بوزدار وڏا ضلعي خيرپور ۾ منعقد ٿي، ان ۾ سيٺ هوندراج خاص مهمان هو ۽ صدارت مون کان ڪرائي هئائون. ورڪنگ ڪميٽيءَ جا ميمبر سچانند، ارجن داس، مصري لڌاڻي، پريم جي، ساجن داس چنداڻي، ڊاڪٽر جميل ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. خدمت جو اهو سلسلو ڪڏهن سرڪاري حيثيت ۾ به رهندو هو. اڇڙي ٿر جعفرائو تعلقي کپرو ۾ مريضن جي وڏي ميڊيڪل ڪئمپ لڳي، جنهن ۾ ڪمشنر حيدرآباد علي محمد جي شيخ، سانگهڙ مان اسان سان گڏ ميڊيڪل ڪئمپ جو افتتاح ڪرڻ هليو هو. 31- مئي 1987ع تي گُجريءَ ويجهو چڪ نمبر3- فتح الدين باجوه ۾ وزيراعظم صاحب جي کليل ڪچهري منعقد ٿي، جنهن ۾ ضلعي جا سڀئي آفيسر آيا هئا، مون تي ۽ ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ تي خاص ذميواري رکي ويئي هئي. ڊسمبر مهيني ۾ سرڪاري طور هڪ هفتي جي ڪورس لاءِ جنرل اسپتال راولپنڊي وڃڻ ٿيو، فلائيٽ ذريعي پهچي پروفيسر ڊاڪٽر مبشر جو ليڪچر به ٻُڌوسين جيڪو نفسيات بابت ڳالهائي رهيو هو. واپسي وقت آخري رات ڪافي تفريحي وارين جاين تي گهمڻ لاءِ وياسين. 1988ع جو سال به سانگهڙ ۾ ئي رهيس، جنوري ۾ ئي کوڙي ٻيلي ۾ وري شڪار جو پروگرام ٺهيو ۽ انهيءَ مهيني ۾ سوشل ويلفيئر کاتي سانگهڙ جو وڏو سيمينار منعقد ٿيو، جنهن ۾ هنن مون کي مهمان خاص طور مقرر مدعو ڪيو ۽ جلد مون سول اسپتال سانگهڙ ۾ انسٽاليشن ڊينٽل يونٽ شروع ڪيو. 29- مئي تي خبر ٻُڌي سين ته وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي رخصت ڪيو ويو آهي. آگسٽ ۾ ٽي ڏينهن دوستن سان گڏ ٽوئر تي ٻيلا گهمڻ وياسين، جتي شاهه نوراني، هنگلاج، شيرين فرهاد ۽ ٻيا نظارا ڏٺاسين. 17- آگسٽ تي بريڪنگ نيوز هلي ته، جنرل ضياءَ الحق جهاز حادثي ۾ اُڏامي ويو. اهڙيءَ طرح ڊسمبر ۾ ڊي جي هيلٿ سنڌ سالياني ڪارڪردگي رپورٽ لاءِ سنڌ سطح تي ڊي ايڇ او جي ميٽنگ سکر ۾ رکي هئي، انهيءَ مهيني بُڪار جي ڍنڍ جي تفريح لاءِ دوست علي بخش شاهه جي دعوت تي نه رڳو آئون پهتس پر پنهنجن پٽن کي گڏ آندو. شاهه رب ٻيڙيون ڪاهي آيو هو، انهيءَ تفريحي پروگرام ۾ پريم به گڏجي هليو هو. بڪار ڍنڍ وڏي علائقي ۾ پکڙيل هئي.انهيءَ سال جي آخري مهيني ۾ اي پي آءِ جي پروگرام تحت سيمينار ٿيو، جنهن ۾ مليل موضوع تي ڳالهايو هئم. وري نئين سال ۾ ايس ايس پي فتح علي خواجه سانگهڙ جي چارج ورتي، جيڪو ڊگهي سوچ وارو آفيسر هو. ساڳئي سال 28 مئي تي وزير موصوف آفتاب شعبان ميراڻي ايم پي اي عبدالسلام ٿهيم سان گڏ سانگهڙ ويجهو ”مياڻ“ وٽ ”تنظيم ملاح“ ايسوسيئيشن جي دعوت تي آيو، جنهن جي اڳواڻي ٻارن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نواز ملاح ڪئي هئي ۽ تڏهن سانگهڙ جو ڊي سي محمد اسحاق لاشاري هو. انهيءَ تقريب ۾ شرڪت ڪئي سون ۽ اهو علائقو ڏٺوسين. 31- مئي تي سيشن جج سانگهڙ احمد علي جوڻيجو بدلي ٿيو، جنهن جي الوداعي تقريب ۾ ڪافي وڪيلن ۽ معزز شهرين به شرڪت ڪئي هئي. اهڙي ريت 3 مارچ 1989ع تي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي بيگم اشرف عباسي سانگهڙ تشريف فرما ٿي، جنهن سول اسپتال جو به دورو ڪيو هو ۽ مون سول سرجن جي حيثيت ۾ بريفنگ ڏني هئي. اُنهن ڏينهن ۾ ضلعي جو اسمگلر فتح راڄڙ جي گرفتاري جو واقعو پيش آيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. سيڪيورٽي رسڪ، مختلف ماڻهن جو ملڻ جُلڻ، چيو ويو ته انهيءَ ڌاڙيل کان اسمگلنگ جو سون به گهڻو هٿ آيو هو ۽ اُن کي ضلعي جي معزز زميندار فيض محمد راڄڙ جي تعاون سان گرفتار ڪيو ويو هو. هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته سرڪاري ملازم تي سياسي اثر رسوخ ۽ دٻاءُ ڪئين مونجهارا پيدا ڪري ٿو، ساڳئي طرح مون لاءِ به امتحان هو ته ڪيئن به ڪري انهيءَ لاءِ اهڙو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جاري ڪريان، ته کيس قانوني فائدو ٿئي. پهرين ته نٽائيندو ۽ عذر پيش ڪندو رهيس، آخر دٻاءُ گهڻو وڌيو، ٽيليفون اچڻ لڳا، هڪ وڪيل جي معرفت نذراني جي آڇ ٿي ته بدلي ڪرائڻ جي پڻ ڌمڪي ملي، نيٺ مون کي مشوري لاءِ ڪراچي بالاآفيسرن سان رابطو ڪرڻو پيو، خاص طور هيلٿ سيڪريٽري سنڌ جي صلح سان هڪ ميڊيڪل بورڊ تشڪيل ڏيئي گڏيل فيصلي سان رات ئي رات ۾ انهيءَ کي وڌيڪ ميڊيڪل گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪراچي ريفر ڪيوسون. تڏهن وڃي جند ڇُٽي هئي. اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته سرڪاري نوڪري سان گڏ ڪاموري کي عوام ۾ هجڻ گهرجي ۽ سوشل سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ گهرجي، جيڪو شوق عشق جي حد تائين سدائين مون رهيو، جولاءِ ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ نارڪوٽڪ تي سيمينار منعقد ٿيو ته مون کي اُن ۾ مهمان خاص مدعو ڪيو ويو هو. انهن ڏينهن ۾ سول اسپتال سانگهڙ لاءِ نئون الٽراسائونڊ مهيا ٿيو، جنهن جو افتتاح ڪرايو ويو. ڪمشنر حيدرآباد کپرو ۾ کليل ڪچهري لاءِ پهتو ته پهرين سول اسپتال جو دورو ڪيائين. 8- سيپٽمبر تي ٽنڊو مٺا خان مريضن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي سون جتي 1700- مريض علاج لاءِ پهتا. ساڳئي طرح حاجي محمد عثمان چانهيو جي ڳوٺ راڙهه تعلقي کپرو ۾ مريضن لاءِ وڏي ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي هئي. ننڍن آپريشن کان وٺي سڀ سهولتون مهيا هيون. انهيءَ سال جي آخري مهيني 17- ڊسمبر تي ڪميونٽي سينٽر سوشل ويلفيئر سانگهڙ ۾ يادگار بي بي شو لڳايو ويو هو، جنهن ۾ هڪ ڏينهن بيگم ڊي سي آفتاب ميمڻ خاص مهمان هئي. 1990ع ۾ سول اسپتال سانگهڙ ۾ 1- جنوري کان 13- فيبروري تائين ڊيوٽي ڏنم ۽ بعد چارج ڇڏي 7- مئي 1990ع تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٺٽو جي چارج ورتم، جتي منهنجي ايم اين اي بابو غلام حسين ميمڻ آجياڻي دعوت ڪئي. ياد رهي ته سانگهڙ مان بدلي ٿيڻ جي باوجود اضافي ٻارهون ڏينهن انڪري به رهيس، ڇاڪاڻ ته وڏيرو شاهنواز جوڻيجو ۽ روشن علي جوڻيجو کي نواز سرڪار سب جيل ۾ رکيو هو. جتي آئون سندن ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ چيڪ اپ ڪندو هئس، انهيءَ دوران ڊي سي لاشاري لاڙڪاڻو بدلي ٿيو، 10- اپريل تي امتيازشيخ سانگهڙ جو ڊي سي مقرر ٿيو ۽ هوڏانهن ڪراچيءَ ۾ ”هيلٿ سسٽم ڊولپمينٽ پروجيڪٽ“ جي نالي سان ورڪشاپ ڪوٺايو ويو هو، جنهن ۾ پڻ شريڪ ٿيس، جيڪو سڄو ڏينهن هليو، ورڪشاپ ۾ سڄي سنڌ جا سينئر سرجن ۽ آفيسر پڻ شريڪ ٿيا هئا. ٻيهر سول سرجن سانگهڙ ٿي موٽي آيس ته ڊي ايڇ او ڊاڪٽر جهامن داس هو، ايس ايس پي فتح محمد سومرو ۽ ڊپٽي ڪمشنر غلام علي پاشا سانگهڙ ۾ موجود هئا. 1991ع جو سڄو سال اسپتال کي ئي ٺاهڻ، سنوارڻ ۾ لڳي ويو، جديد مشنون، وارڊ جون سهولتون ۽ ليبارٽريون وغيره قائم ڪيون، جنهن سواءِ 8- مارچ تي هڪ ڏينهن مريض ڏسڻ لاءِ سانگهڙ ۽ نواب شاهه جي ڊاڪٽرن جي ٽيم چڪ نمبر 40- ۾ ورڪشاپ ڪيوسين، جتي دوائون، ايڪسري موبائيل يونٽ کڻي منڍ جمڙائو پهتاسين. ساڳئي هنڌ ٻه ڪئمپون قائم ڪيوسين. اٽڪل 20- ڊاڪٽر گڏ هئا. انهن ڏينهن ۾ چيف منسٽر سنڌ ڄام صادق علي خان جون ٻه چار کليل ڪچهريون ٻيراڻيءَ ۾ ٿيون، جتي ضلعي جا سڀ آفيسر گڏ ٿيندا هئا ۽ ڄام صاحب سڀني کي نه رڳو ماني کارائيندو هو بلڪ سڀني کان حال احوال به پڇندو هو ۽ هر کاتي جي ذميوار کان سوال جواب به ڪندو هو. 9- مئي 1991ع رات جو ڪي شاهينگ شراب جي نشي ۾ جيپ ۾ چڙهي سول اسپتال جي نرسنگ هاسٽل ۾ گهڙيا ته نرسن دانهون ڪيون، ان وقت شاهينگ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر پوءِ سڃاڻپ جي پيا، جن تي چوڪيدار جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويئي هئي. آخر اهي پنهنجا مائٽ وٺي نرسن جي ڳوٺ سندن عزيزن کي منٿون ڪري ٺاهه ڪرايو. وزيراعليٰ ڄام صاحب اوچتو کليل ڪچهري ڪرڻ ڳوٺ سنجراڻي پهتو پر پوءِ معلوم ٿيو ته اصل ڪهاڻي سنجراڻي صاحب کي پرچائڻ هو، جنهن بعد جلد هيليڪاپٽر ۾ روانو ٿي ويو هو. 2- جنوري 1991ع تي گورنر محمود هارون به سانگهڙ جي دوري تي آيو، ساڻس مظفر شاهه، لياقت علي جتوئي، عطا محمد مري، ڊپٽي اسپيڪر به گڏ هئا، پر ڄام صاحب جو دٻدٻو ۽ عوام جو وٽس پهچڻ ٻي ڳالهه هو. انهيءَ سال سيپٽمبر تي پي ايم اي سانگهڙ جو اجلاس ٿيو، نون عهديدارن جي حلف برداري تقريب ٿي. هن سال به ڊاڪٽر برادري مون کي پي ايم اي سانگهڙ جو صدر نامزد ڪيو هو، انهيءَ سال اقليتي ايم اين اي ڀيرو مل ديهانت ڪئي، جنهن جي زال به اسيمبلي ميمبر هئي، ان جي عذرخواهي تي وڃڻ ٿيو. آڪٽوبر 1991ع تي ڄام نواز علي ۾ وزيراعظم ٻه ڏينهن رهيو، شام جو ڀٽ شاهه ويا ۽ وري موٽي ڄام ڳوٺ آيا، جنهن ڪري آئون جيئن ته سندن ڊاڪٽر هئس، اُتي ئي سمهي پيس، بعد وري 9- ڊسمبر تي تاج هوٽل ڪراچي ۾ 3 ڏينهن جو سکيا سيمينار منعقد ٿيو، جنهن ۾ نون طريقن سان آفيس ڪم ڪارين بابت تربيت هئي، اُن ۾ ٻاهرين ملڪن جا ماهرين به آيا هئا. ڪن پُراڻن دوستن سان به ملاقات ٿي. 17- جنوري 1992ع تي سول اسپتال ۾ وزير صحت ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي کان اکين جي ڪئمپ جو افتتاح ڪرايوسين ۽ کانئس پي ايم اي لاءِ سانگهڙ هائوس جي پيڙهه جو پٿر رکرايوسين، انهيءَ ڪئمپ ۾ سرجن ڊاڪٽر اسلم آرائين، ڊاڪٽر بشير جاکرو ٽنڊو آدم ۾ ڪڇي ايسوسيئيشن جو ڊاڪٽر ۽ ٻيا به شامل هئا. ٻي ڏينهن تائين 300- مريض داخل ٿي چڪا هئا. ڊاڪٽر غلام رباني ڏاهري به ڪئمپ ۾ حصو ورتو، اها هڪ ڪامياب ڪئمپ لڳي هئي. ساڳئي سال 27- جنوري تي سانگهڙ ۾ ثقافتي ميلو لڳو، جنهن جو افتتاح صوبائي وزير مير محمد وساڻ ڪيو. اسان سول اسپتال طرفان ”هيلٿ ايجوڪيشن، ورلڊ فوڊ پروگرام، بلڊ ڊونيٽر“ لڳايو هو، منهنجي يادگيريءَ ۾ انهيءَ سال ضلعي سانگهڙ جي وڏي ۾ وڏي دعوت ڄام صادق علي جي نياڻيءَ جي ڄام نفيس علي سان شادي جي هئي، جنهن ۾ پير صاحب پاڳارو، غلام اسحاق خان ۽ سڄي ڪئبينيٽ، بيوروڪريسي ايئن لڳو ڄڻ سڄو ملڪ ۽ اسلام آباد هلي آيو آهي. پاڻ ڄام صاحب ويل چيئر تي سڀني مهمانن جي آجيان ڪيائين. آئون سندس اسپيشل ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ گڏئي گڏ هئس. ٽي ڏينهن رهڻ بعد پاڻ چيائين شاباس ۽ موڪل به ڏنائين. 5- مارچ 1992ع تي فون آيو ته ڄام صادق علي وفات ڪري ويو. ڪينسر جي بيماري هئي، جنازي جي نماز ۾ جنرل عارف، ميان نواز شريف، غلام اسحاق خان صدر پاڪستان ۽ اهم شخصيتون شريڪ ٿيون، اسان ضلعي جا آفيسر ڪي ٽيجهي تائين ۽ ڪي چاليهي تائين حاضري لاءِ تڏي تي ايندا رهياسين. 14- آگسٽ 1992ع تي بي بي شو هر سال جيان ٿيو. هن سال ڪمشنر حيدرآباد اسلم سنجراڻي مهمان خاص هو، سانگهڙ جي هفتيوار اخبار الفقراءِ جو سرواڻ منهنجو دوست هو، نهايت بردبار ۽ دلدار ماڻهو هو، سندس پٽ ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻويءَ جي شادي ۾ شريڪ ٿياسين، سندس ڀاءُ علي بخش مهر پڻ گڏ هو. وزيراعظم نواز شريف ٻوڏ ۾ امدادي ڪارروايون ڏسڻ آيو هو، ساڳئي طرح 28- نومبر فيملي هيلٿ پروگرام پروجيڪٽ جي نالي سان تاج هوٽل ڪراچي ۾ سڏايل سيمينار ۾ شريڪ ٿيس. شهر ميرپورخاص جي مختلف هنڌن جا وزيٽر ڄاڻو شريڪ ٿيا هئا، جتي ڪافي ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. جنوري 1993ع ۾ حاجي خدا بخش راڄڙ ضلعي چيئرمين جي والده سول اسپتال ۾ داخل هئي، جو بعد سرجري جي پروفيسر ڊاڪٽر راجا اصغر کي ڪراچيءَ مان ترت ايڌي جي هيليڪاپٽر ۾ گهرائي علاج ڪرايوسين. هُن به آپريشن جو مشورو ڏنو، جڏهن مرحومه جي وفات ٿي ته، پيرو مل ويجهوسندن ڳوٺ ضلعي جي آفيسرن سان گڏجي عذرخواهي لاءِ وياسين. انهيءَ مهيني مظفر حسين شاهه وزيراعليٰ جي حيثيت ۾ ٽن ڏينهن لاءِ گرهوڙ شريف ۾ کليل ڪچهري رکي، جيڪا اٽينڊ ڪري، تجويزون ڏنيوسين. 2- اپريل تي سانگهڙ ضلعي جي نيشنل بلڊ ڊونرز جي سالياني اجلاس ۾ مون پي ايم اي جي صدر جي حيثيت ۾ ان کي وڌايو ۽ وڌ ۾ وڌ ضرورتن لاءِ سهولت فراهم ڪئي. 24- اپريل 1993ع تي ڊاڪٽر جواهر جي شادي ٿي، وليمو ميرپورخاص ۾ رکيو، وري اهڙي دعوت سانگهڙ ۾ به ڪرڻي پيئي، جو اُتي نيازمندي گهڻي هئي. ڪراچي، چانڊڪا، حيدرآباد، ٺٽو ۽ ٻين هنڌن کان به مهمان پهتا هئا. ياد رهي ته ڊاڪٽر جواهر جي شادي جي ڄڃ ڊگهڙي وٺي ويا هئاسين. سانگهڙ جيم خانه ۾ چيف جسٽس مسٽر جسٽس اسلم ناصر زاهد آيو هو ته سانگهڙ بار وارن ان جي اعزاز ۾ دعوت ڪئي، جنهن ۾ شرڪت ڪيم، اهو ايڏو ته پرخلوص انسان هو جو هڪ هڪ سان هٿ ملائي خوش خير عافيت ٿي ڪيائين. انهيءَ سال 18- جولاءِ تي شام صدر غلام اسحاق خان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي معطل ڪري ڇڏيون هيون، جنهن کان پوءِ اليڪشن به ڪرائي ته محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم چونڊجي ويئي. هڪ مرحلو آيو ته سنڌڙي جي انسپيڪشن بنگلي ۾ جيڪي آرمي جا آفيسر رهندا هئا ميجر احسان نالي همراهه کي هڪ بيماري لڳي، جيڪو پوءِ اسلام آباد کڻائي ويا. علاج هوندي به نه بچي سگهيو، بعد انهيءَ بيماري جو پيرو کڻڻ لاءِ ٽيم جوڙي ويئي، ان ٽيم جو اڳواڻ مون کي چونڊيو ويو. ڊاڪٽر جميل ڪيپٽن پلانٽ پروجيڪٽ جو انچارج هو، مون گڏجاڻيون ۽ سروي ڪري، ڏٺو ته رپورٽ ۾ اهم ڳالهه نه هئي. ان ئي سال جي آخر ۾ تعليمي ايسوسيئيشن شيڊولڊ ڪاسٽ جي سالياني گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ وري اڳتي لاءِ سوچيوسين. 25- جنوري 1994ع تي ڊي ايم سانگهڙ هڪ بورڊ تشڪيل ڏنو، جنهن جو مون کي چيئرمين ۽ ڊاڪٽر حنيف اعواڻ، ڊاڪٽر فيض محمد ڀرڳڙي ميمبر هئا، واقعو ايئن هو ته، هڪ شخص درخواست ڏني ته چڪ نمبر 63- جي رهواسڻ منهنجي ڌيء 13- سالاَ عاصمه کي هٿ سان ماريو ويو آهي. ان جي قبر کوٽائي ويئي، ماءُ الزام لڳڻ تي رُني، ڇو ته ماءُ کي حقيقت جي ڄاڻ هئي پر ٻُڌائي نه سگهي، بعد ۾ ڌريون ٺهي ويون ۽ مئجسٽريٽ اڳيان لکي ڏنائون، بعد ۾ خبر پئي ته پيءُ ذهني مريض ۽ جنون هو. اسان 1994ع ۾ به دستور موجب اکين جي مفت ڪئمپ لڳائي هئي سين، ڊاڪٽر جاويد ميمڻ اکين جو سرجن هو. ڊاڪٽر فاروق ابراهيم ۽ ٻيا گڏ هئا. اٽڪل 176- مريض داخل ٿيا، ۽ سندن علاج ٿيو. ان ڪئمپ جو افتتاح پ پ پ اڳواڻ ظهور عالم رند ڪيو. ٽوٽل او پي ڊي 786- هئي ۽ اُن ۾ 146- آپريشن ٿيا. اها سڄي منهنجي نگراني ۾ ٿي هئي. ساڳئي سال 3- مارچ تي خوشي رام ٽرسٽ پاران سيمينار ٿيو. ”تعليم پرايو ۽ نسل سڌاريو“ جنهن ۾ سيٺ هوندراج پڻ آيو هو. مقررين ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ، ايس ايس پي غلام شبير شيخ، پروفيسر محمد علي مڱريو، انجنيئر گيانچند، قائم سولنگي (ڪمپيئر) به موجود هئا. جڏهن ته انتظام ڪميٽيءَ ۾ نهال چاڳلاڻي، سيٺ آڏو مل، ڀمرو لال ڪرناڻي، ڊاڪٽر خوشحال ۽ ٻيا شامل هئا. انهيءَ مهيني 21- مارچ تي مون ريگيولر پروموشن 20- گريڊ جو ليٽر وٺي، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ جي چارج ورتي جتان سانگهڙ اچي سول اسپتال جي چارج ڇڏي، ته دوستن دعوتون ڪرڻ شروع ڪيون، هفتو کن ته روزانو سانگهڙ روڊ تي سفر هوندو هو، انهن ڏينهن ۾ سيڪريٽري هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي هوندو هو. آئون انهيءَ سال ئي 9- مئي تي رٽائر ٿيس ته ڊاڪٽر احمد علي ڊومڪي، ڊاڪٽرعبدالله جان پٺاڻ ۽ ٻين منهنجي الوداعي پارٽي ڪئي.