هڪ تاريخ ساز شخصيت ڊڪٽر راڻا سي راٺوڙ
ٿر ڌرتي هر دور ۾ املهه ماڻڪ ۽ موتي پيدا ڪندي رهي آهي، جن پنهنجو ڪردار اهڙي اعليٰ نموني سان نڀايو آهي، جو اهو ايندڙ نسلن لاءِ آدرش ٿي ڪم اچي ٿو. انگريزن جي دور ۾ ڪجهه تعليمي ترقي آئي ۽ سماج ۾ تبديلي جا اهڃاڻ اُسري پيا، انهن جو سڌو سنئون اثر اسان جي پوئتي پيل سماج تي به پيو. تعليم پکڙي، انسانيت ڪنڌ مٿي کنيو، مجبور، مسڪين محڪوم ۽ مظلوم جاتين ۾ سجاڳي آئي، ڏکن ۽ سورن کي منهن ڏيندڙ اهي ماڻهن جن رڳو پورهيو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پئي پاريو ۽ سماج جو خدمتون پئي ڪيون، انهن کي هر دور ۾ پٺتي اڇلايو ٿي ويو، پر منجهن تعليم جي لاٽ ٻري پئي، ميگهواڙ جاتي جيڪا ان وقت پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهڻ جي شروعات ڪري چڪي هئي، ان کي ڪيترائي مسئلا سامهون هئا. ”پنڻ وچان پڙهڻ ياد ڪونهي“ ويلي تي ماني ڀور ملڻ مشڪل، مٿان وري وڏن ماڻهن جون طبقاتي ورڇ واريون سوچون ۽ پڙهائي جو خرچ، مطلب ته وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ کانپوءِ اهي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مثال ڇڏي ويا. هڪ غريب هاري چانپارام جي گهر ۾ 1934 - 05 - 10 تي موجوده دور جي تاريخ جو هڪ عظيم ڪردار ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ٿر جي کائڙ واري علائقي جي ڳوٺ چاڙهيار ۾ ڄائو، پاڻ پنجن ئي ڀائرن ۾ ننڍو هو. سندس وڏو ڀاءُ پرڀولال هڪ استاد هو، جنهن جي ڪوششن ۽ مائٽن جي دعائن کيس اڳتي اچڻ ۾ مدد ڪئي، جن ڏکن ۽ ڏاکڙن سان هن پنهنجي شروعاتي تعليم پرائي، اهي تڪليفون ۽ مشڪلاتون هن دور جي ٻار جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهن. پرائمري تعليم پنهنجي هوشياري ۽ قابليت سان حاصل ڪندي، جڏهن انگريزي تعليم لاءِ ڇاڇري مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيو ته اتي سندس واسطو هڪ هم ڪلاسي پرڀولال ٽيڪماڻي سان پيو، جنهن جو خاندان ان دور ۾ سلجهيل ۽ سٺن خيالن وارو هو. تعليمي اوسر ۽ واڌ ويجهه لاءِ اهڙي ماحول جو ملڻ به سندس خوش نصيبي هئي، جنهن جي ڪري هن ٻالڪ جي پرورش ۽ سنڀال بهتر نموني سان ٿي. جڏهن حالتون ڪجهه قدر صحيح ٿيو وڃن ته ذهني سوچ ۽ سمجهه ۾ به ڦيرو اچيو وڃي. سٺن خيالن جي پيدائش کيس اڳڀرو ٿيڻ لاءِ همٿايو، نتيجي ۾ پاڻ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ اڳتي ڪاليج جي تعليم حاصل ڪرڻ سندس وس کان ٻاهر هئي، پر پاڻ همت نه هاري، ڏک سور سهندي، بکون ڪاٽيندي، پٽ تي سمهندي، هتان هُتان پنهنجن پراون کان مدد وٺندي فرسٽ پوزيشن سان انٽر سائنس ڪري ورتو، نتيجي ۾ کيس پهرين ميگهواڙ شاگرد جي حيثيت ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا ملي. ان وقت ميگهواڙ جاتي جا ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو استاد جي حيثيت سان مختلف هنڌن تي نوڪري ڪري رهيا هئا. انهن پنهنجي جاتي جي هن عظيم فرزند جي هر طرح سان مدد ڪئي، ته جيئن پاڻ ايم بي بي ايس ڪري هن مسڪين جاتي جو مسيحا بڻجي سگهي. ميڊيڪل جي پڙهائي ۽ ڳاٽي ڀڳا خرچ سندس وس کان ٻاهر هئا، پر ان وقت جي پرائمري ماسترن جيڪي ٽريننگ ڪاليج ۾ زير تربيت هوندا هئا، انهن پنهنجي فراخدلي ۽ قوم پرستي جي جذبي هيٺ ساڻس هر قسم جو سهڪار ڪيو. انسان جي پنهنجي نيت صاف هجي، اندر م امنگ ۽ اتساهه هجي ته ڪوبه ڪم مشڪل ڪونهي. آخرڪار ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ پاڻ 1961 - 09 - 23 تي ميرپورخاص ۾ پهريون ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيا. ميگهواڙ جاتي جي تاريخ جو اهو هڪ اهم ڏينهن هو. اتي سروس ڪرڻ کانپوءِ کيس ننگرپارڪر جو آرڊر مليو. ننگرپارڪر ۾ رهي حقيقت ۾ پاڻ ٿر جي واري جو قرض لاٿو، جو اڄ به انهيءَ علائقي جا پيرسن هينئر به ڳالهيون ڪندي جيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر جو مسيحا جي حيثيت ۾ نالو کڻن ٿا، ته اهو ڊاڪٽر راڻا کانسواءِ ڪوبه ٻيو ڪونهي. پاڻ پڙهيو ته ٻين لاءِ علم جا دروازا کولڻ ۾ ڀمرلال ڊي نٿواڻي وڪيل سان گڏجي جدوجهد ڪندي نه صرف سيٺ خوشيرام، سيٺ دريانو مل هريجن ٽرسٽ جي سهڪار سان غريب ۽ مستحق شاگردن کي اسڪالرشپون ڏياريون، پر ميگهواڙ جاتي جي بهتري ۽ بهبودي جي مختلف پروگرامن ۾ هميشه سڀني کان سرس سندس ئي خدمتون رهيون. وچ ۾ ڪجهه عرصي لاءِ کيس بلوچستان ۾ به نوڪري ڪرڻي پئي، اتي به پنهنجين ڪوششن ۽ ڪاوشن کي ايترو ته اجاگر ڪيو، جو جڏهن اتان سندس سنڌ ڏانهن واپسي ٿي ته اتي جا رهواسي سندس بهترين خدمتن خلق جي جذبي جي ساراهه مان نٿي ڍاپيا. واپسي ۾ وري اچي پنهنجن سان گڏ پکڙا اڏيائين ۽ لڳاتار ڇهن سالن تائين ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص ۾ آر ايم او سول اسپتال جي حيثيت سان تر جي عوام جي دل و وجان سان خدمت ڪندي، انهن جون دعائون کٽيندي پنهنجو نالو روشن ڪيائين. شاگردن ۽ سماج جي ڀلائي لاءِ ٺاهيل سنڌ شيڊيولڊ ڪاسٽس ايسوسيئيشن جي نالي هيٺ جماعت جي صدارت جو عهدو سنڀاليندي پٺتي پيل قومن جي تعليمي ۽ سماجي سڌارن لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. 4- فيبروري 1971ع تي سندس شادي مامي کيتارام رامواڻي (ڀوريلو) جي ڌي مومل سان ٿي. جيڪو حقيقت ۾ قدرت طرفان هڪ انوکو ميلاپ هو. سندس شادي جي تقريب ميگهواڙ جاتي جو وڏو ڪاڄ هو. اوکي ۽ اڙانگي سفر هئڻ باوجود اتر سنڌ ۽ بلوچستان کان وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مهمان پهتا هئا. کاڻ مڙهي جي گادي نشين ٻاوي پورڻ ناٿ ۽ مير علي بخش کانسواءِ ڪيتريون ئي مهان هستيون ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيون. ڀوريلي ويندي سندس ڄڃ کي چيلهار ۾ ماستر ڀانو مل ميگهو مل سرتاڻي چانهه پارٽي ڏني هئي. هند و پاڪ جنگ دوران سندس بدلي ٽنڊو محمد خان ٿي، جتي به پاڻ انسانيت جي جيڪا خدمت ڪئي، ان جي شاهدي تر جا ماڻهو ڏيندا رهن ٿا. ان وقت جنگ جي ڪري ميگهواڙ ملازمن کي ٿر مان بئراج ايريا ڏانهن بدلي ڪيو ويو هو، اهي پنهنجا موڪلن وارا ڏينهن ٽنڊو محمد خان ۾ گذاريندا هئا. شاباس آهي ٻائي مومل کي جنهن انهن ماڻهن جي ايڏي ته خدمت ڪئي جو انهيءَ مومل راڻي واري جوڙي جو مثال اڄ ڏينهن تائين وري ڳوليو نٿو ملي، يڪدم کين سول سرجن ٺٽو مقرر ڪيو ويو، جيڪو علائقو به ان وقت تمام پٺتي پيل هو، پاڻ هتي به دل و جان سان غريب توڙي امير جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت کان وسان ڪين گهٽايو. اتي ئي ادي مومل جي قتل جو دکدائڪ واقعو شادي کان صرف ڏهه سال پوءِ 19- ڊسمبر 1981ع تي پيش آيو. ليڪن هڪدم ايڏي وڏي صدمي کي سهي پاڻ کي سنڀالي پنهنجن پنجن معصوم پانڊون جي سنڀال لاءِ همت ٻڌي، ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. حالانڪ کيس ٻي شادي لاءِ ڪافي زور ڀريو ويو پر پاڻ پرڻو ۽ مرڻو هڪ دفعو واري اصول تي قائم رهي پنهنجي زندگي اڳي وانگر ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هن مهان شخصيت کي ڏکن جي ڪري لٿل ۽ سکن جي ڪري چڙهيل منهن سان ڪنهن ڪونه ڏٺو هوندو، جڏهن به ڏسبو کڻي ته سدائين مرڪ منهن تي رکي، ٻين کي کلي کيڪاريندو رهي ٿو. ڇا ٻار ڇا ٻڍا، ڇا پوڙها، ڇا جوان مطلب ته سمورا سندس انهي رويي جي جتي ڪٿي واکاڻ ڪندا رهن ٿا. مريض جي اڌ بيماري ڊاڪٽر راڻا جي اهڙي ورتاءُ جي ڪري ختم ٿيو وڃي ۽ باقي مسيحائي واري شفا سندس هٿ ۾ هجڻ ڪري مشڪل سان ڪو مريض وٽس آيو هجي ۽ صحتياب ٿي کلندو ڪڏندو گهر نه پهتو هجي. ٺٽو مان کيس بدلي ڪري سول سرجن سانگهڙ مقرر ڪيو ويو جتي پاڻ پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ سچائي سان ڪندي، اتي جي مريضن کي پنهنجي من موهڻي مرڪ سان نوازي کين صحت جي سُتي پياريندا رهيا. ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کيس خاص طور تي پنهنجي ضلعي سانگهڙ جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ سول سرجن مقرر ڪرايو ۽ پاڻ به انهيءَ ڪسوٽي تي پورا لٿا. کين هڪ سال لاءِ وري به ڊي ايڇ او ٺٽو مقرر ڪيو ويو، جتان وري چئن سالن تائين واپس سانگهڙ ۾ سول سرجن ٿي ڪم ڪيائون. ٻائي مومل جي وڇوڙي کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب وکري چڪو هو، پر شاباس آهي سندس ڀائٽي سرڳواسي پروفيسر پريم ڪمار کي، جنهن معصوم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. ان سان گڏوگڏ سندس ڌرم پتني جنهن بهترين نموني سان انهن ٻارڙن جي پرورش ڪئي، انهيءَ ذري گهٽ ماءُ جي پالنا واري خال جي پورائي ڪري ورتي هئي، نتيجي ۾ پنج ئي پانڊو بهترين تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندي پنهنجي منزل مقصود تي پهتا آهن. رٽائرمينٽ کان ڪجهه اڳ ۾ کين پروموشن ڏيئي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ حيدرآباد مقرر ڪيو ويو، 1994 - 6 - 9 تائين پنهنجي سروس دوران جيتري هن ماڻهو غريب غربي جي خدمت ڪئي، اها ڪوبه ماڻهو من تان ميساري نٿو سگهي. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص ۾ ٻائي مومل جي نالي سان ميڊيڪل سينٽر کولي پنهنجي خدمت کي جاري رکيو.
ٽندو جان محمد کي پاڻ پنهنجو ٻيو گهر سڏيندو آهي، اتي پنهنجي سئوٽ ماستر ساهو مل نگاڻي ۽ پنهنجي ڀاڄائي دادي لالي ٻائي جي سهڻين صلاحن ۽ رهبري لاءِ هميشه ڀيرو ڪندو رهندو هو ۽ ڪڏهن گهوئي ڪين گسايائين، اڄ به پاڻ ته ٺهيو پر سندس اولاد انهي ناتي کي برقرار رکيو اچي.
جن معصوم ٻارن کي ماءُ جي محبت ۽ پيءُ جو پيار ڏيئي پاڻ جيڪا سندن پرورش ڪئي، انهن مان سندس پٽ ڊاڪٽر سردار جي بيماري کيس ذهني طور تي لوڏي ڇڏيو آهي جوان پٽ مسلسل آءِ سي يو ۾ هجي، ان پيرسن پيءُ جي پيڙا کي لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگهجي، پر پاڻ به اڃا تائين ٻين جي مسيحائي ڪندو ٿو رهي.
زندگي جي سماجي فرضن کان فارغ ٿي به پاڻ اڃا تائين سماجي خدمتن کان ڪناره ڪش نه ٿيا آهن، اڄ به ساڳي جوش ۽ جذبي سان نه صرف پنهنجي جاتي پر پوري انسانيت جي جيڪا خدمت ڪري رهيا آهن، ان لاءِ هي لفظ چوڻا ٿا پون.
محنت منهنجو مقصد، محنت منهنجي زندگي
ڪريان خدمت ٻين جي، مون لاءِ اهائي بندگي.
امولک ٿري ساهو مل
ٽندو جان محمد