جاتيءَ سَنوارِ سُونهُون ۽ مِسڪينَنَ جو مَسيحا، ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ
مسڪينن جو مسيحا بڻيل ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ اٺ ڏهاڪن جي اُورجا کي اُڪري، ڄمار جي نائين ڏهاڪي ۾ جيئندڙ اهو متحرڪ تن طبيب آهي، جنهن کي وارياسي ٿر جي محنتي ميگهواڙ جاتي جي پهرين ڊاڪٽر هئڻ جو صدري اعزاز حاصل آهي. ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ وِشال ٿر جي ڀلاري ڀومي تي 10- مئي 1934ع ڌاري جنم وٺي 1961ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري (هاڻوڪِي لمس) مان ڊاڪٽريءَ جي سند ماڻيءَ سُرخرو ٿيو، اُنهن اَيامن ۾ ڏاهلِي گڍڙي (رامسنگهه) ڇاڇري ۽ نُورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ابتدائي، پرائمري، مڊل، ۽ سيڪنڊري يا ميٽرڪيوليشن تائين تعليم ماڻهن وارا ڪشالا ڪاٽي سڄي ٿر جي سمورين پوئتي پيل جاتين جي شاگردن لاءِ هڪ اِنتهائي مثالي، ثابت قدم، اَوِرڍ ۽ هدفي مُستقل مزاجيءَ سان همڪنار شاگرد جو زندهه جاويد مثال بڻجي سامهون آيو. ڊاڪٽر راڻا سٻنڌي حوالي سان رشتي ۾ کڻي منهنجو سڳو سنڍو ٿئي، ڇو ته سندس سرڳواسڻ پتني مُومل منهنجي جيون ساٿياڻي لڇميءَ جي سڳي ڀيڻ هئي، پر حقيقت ۾ هو منهنجو سوشل مينٽر يا سماجي تربيت ڪار، مربي، مُحسن ۽ جيون اُتساهڪ اهڃاڻ آهي، مون سميت منهنجي جاتيءَ جا هزارين لکين ماڻهو جيڪي پنهنجي پنهنجي جيون کيترن ۾ پاڻ موکين پيا يا عزت ڀريو آسودو ۽ طمينان بخش جياپو ماڻين پيا، انهن جي اڪثريت ڊاڪٽر صاحب جي اخلاقي ۽ مالي سُنهپ جي ساکي آهي. ٿر جي پيڙهيل جاتين جي پاڙهو فردن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ، ٽاڻي کي ناڻي تي فوقيت ڏيڻ، غريب ڪُٽنبن جي ڪفالت جا ڪارج سِڌِ ڪرڻ ۽ تعليم جي هٿيار سان صدين جا ڏک دُور ڪرڻ وغيره وارن مقصدن واسطي هن رُوح راڻي جو يوگدان ڳڻڻ کان گهڻو مٿي آهي. هُونئن به ضميري سڪونت لاءِ سرگردان رهندڙ جيوَ، گُپتَ (ڳجهي) کي ئي سُپت (سچو) ڪري سفر حيات کي سڦلو ڪندا آهن. پاڻ وڻائڻ ۽ پاڻ لکائڻ وارا پينتر اهڙن گوشه نشينن کي مُورڪونه وڻندا آهن. ڊاڪٽر راٺوڙ جي شخصيت به اهڙن گڻن جو مُجسم آهي.
پنهنجي پروفيشنل يا پيشيوَراڻين ذميوارين جي بَخوبي بَجا اوري طور ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي جن اسپتالن ۽ ادارن ۾ معالج يا منتظم طور جنهن جنهن منصب تي مامور رهيو اُتي اُتي هن باقاعدي پنهنجي خدمتن جا اعترافي فوٽ پرنٽس ڇڏيا. ميرپورخاص، ننگرپارڪر، ڊگهڙي، ٽنڊي محمد خان، لس ٻيلي، لاڙڪاڻي، ٺٽي، سانگهڙ ۽ ويندي آخر ۾ حيدرآباد مان ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ جي عهدي تي رٽائرڊ ٿيڻ تائين سندس سرڪاري ملازمت ۽ عوامي خدمت جي هر مدت يادگار ۽ اطمينان بخش رهي. هن دُعائن جو ثمر ساڻ کڻي هر جاءِ مسڪينن، مظلومن، لاچارن، بيواهن ۽ بيوسن جي واهر ڪئي، نه ڪو عهدو هن جي غريب پروريءَ واري عزم کي ٽوڙي سگهيو ۽ نه ڪا اوچي ڪُرسي ڪڏهن جي ڪمزوري بڻي، نه هيءُ مايا جي موهه ۾ ڦاٿو ۽ نه ڪڏهن ڪنهن اَڊمبر هٿن هن پنهنجي تشخص ۽ نهٺائيءَ کي ڇيهو رسائي ٻئي جي دلڙي رنجائي.
ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ، سيٺ خوشيرام هريجن ٽرسٽ جي پايي وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري، اُن جي روحه روان هُوندراج آوتراءِ راجپال سان سهڪاري ثابت قدم برقرار رکي، جنهن نموني ٿر جي شيڊيول ڪاسٽ جاتين جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هر ورهيه وقتائتي مالي سهائتا (کيسي خرچي جيتري ئي سهي) ڪرائڻ ۾ جيڪو اهم ڪردار پي ادا ڪيو آهي، اُن عمل لکين معصومن جي مُک تي مُرڪن جا موتي وکيريا آهن، ڪنهن غريب شاگرد کي ملندڙ معمولي وظيفي مان جيڪڏهن اُن جي پڙهڻ کي تسلسل ملي پوي ته اُهو بيشڪ آفرين جوڳو عمل آهي.
ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ صاحب ٿرديپ بورڊ جي ڊائريڪٽر توڙي مجلس عامه جي ميمبر جي حيثيت سان اداري جي انتظامي ڪاروباري ۽ نگران سٿ کي هميشه تجرباتي نچوڙ تي آڌاريل مُفيد مشورن ۽ ڏور رس قائدانه تجويزن سان پي نوازيو آهي، جنهن لاءِ آئون ٿرديپ بورڊ طرفان هن صاحب جو ذاتي طور بيحد مشڪُور ۽ ممنون رهندس.
اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي جيون جاڳرتا واري عام اُتساهڪ ڪهاڻي کي ڪتابي صورت ۾ قلمبند ڪري ڇپائي پڌري ڪرڻ لاءِ سنبت ڪئي آهي. اها سوچ خوش آئند ئي ثابت ٿيندي ۽ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي اَڻٿڪ جدوجهد، جاتيءَ سُڌار سوچ ۽ هر مسڪين مجبور جي حال سارُو حقيقي واهر واري ڪهاڻيءَ کان اڄ جون پيڙهيون نه فقط پيرائتي نموني واقف ٿينديون پر اُن جذبي کي سمجهي ۽ هينئين سان هنڊائي سگهنديون، جنهن تحت 85- سالن جو هڪ ضعيف العمر معالج اَڄ به صرف سئو روپين جي معمولي ترين اُجوري (سو به لازمي نه) بدلي هر روز بنا ناڻي (مومل ميڊيڪل سينٽر ميرپورخاص) مسڪينن جي مسيحائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، آئون ڊاڪٽر راڻا صاحب جي سُٺي صحت ۽ دلي خُوشيءَ لاءِ سدائين دعاگو رهندس.
ڊاڪٽرسونو کنگهاراڻي مٺي
0332600935