آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگي جا پنڌ ۽ پيچرا

ريگستاني علائقي ٿرپاڪر ۾ پنهنجي علم جي جوت کي جلائيندي اونداهه مان روشنيءَ جو تجلو بڻجي سامهون ايندڙ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ پنهنجي مسيحائي پيشي سان سچائيءَ ۽ سماجي خدمتن آڌار پنهنجي علائقي ۾ اهم مثالي ڪردار جي حيثيت رکي ٿو، پر هن ڪتاب ” زندگي جا پيچرا ۽ پنڌ“ جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ هڪ تخليقڪار جي روپ ۾ به سامهون آيو آهي، جيڪو پڻ يقينن هڪ خوش آئيند ۽ وقتائتو قدم آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي زندگيءَ جا تلخ تجربا اسان لاءِ مشعل راهه آهن، هن پنهنجي حياتي ۾ جيڪوبه ڀوڳيو ۽ پيڙيو ان جو مختصر ذڪر پنهنجي هن جيون ڪٿا ۾ ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي بدلجندڙ صورتحال کي قلمبند ڪري.
Title Cover of book زندگي جا پنڌ ۽ پيچرا

ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۽ سيٺ خوشيرام هريجن ٽرسٽ

ڊاڪٽر راڻا صاحب سان 1973ع ۾ ڊگهڙي اسپتال ۾ ملاقات ٿي نالو ته اڳ ۾ ئي ٻڌو هو جڏهن به خط لکيم ته سائين جو جواب سدائين سٺي ۽ تفصيلي موڊ سان ملندو هو. انهن جوابن جي انداز سان متاثر ٿي سوچيندو هوس ته شل موقعو ملي ته درشن ڪيان، ٿيو به ايئن ئي آئون فرسٽ ييئر ۾ پڙهندو هوس ته منهنجي مامي جي وڏي پٽ سڳني چند جي خيرپور ۾ پي ٽي آءِ جي ٽريننگ لڳي. ميرپورخاص وڃڻ ٿيو ۽ رات وڃي ڊگهڙي ڊاڪٽر صاحب سان تعلقي هاسپيٽل ۾ رهي اسين. سائين جن جو مزاج، خدمت، تعاون ۽ پنهنجي برادري جي ڀلائي لاءِ جيڪو جذبو ڏٺو اهو اڃا تائين ساڳيو يا اڃان به وڌيڪ پيو ڏسان. شاگردي جي زماني ۾ استاد ئي صحيح نه ڳالهائيندا هئا ليڪن هڪ سينيئر ڊاڪٽر جو فرسٽ ايئر جي اسٽوڊنٽ سان همدردي ۽ خلوص وارو ورتاءُ آئون زندگي ڀر ياد رکندو پيو اچان. رات جي ڊگهي ڪچهري ۾ اها معلومات ملي ته سائين جن سيٺ خوشيرام دريانو مل هريجن ٽرسٽ جا ميمبر به آهن، جيڪا ٽرسٽ شيڊولڊڪاسٽ کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ لاءِ انهن جي ٻارن کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏيندي پئي اچي، اها واحد ٽرسٽ ئي آهي سنڌ ۾، جيڪا 1946ع کان اڃان تائين غريب جاتين جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ پئي پتوڙي هن ٽرسٽ مان ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته پاڻ به اسڪالرشپ وٺي پڙهيو ۽ ڪافي وڏن عهدن تي آيل ميگهواڙ، ڪولهي ۽ ٻين برادري جي استادن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن ۽ ٻين انيڪ شعبن ۾ ڪم ڪندڙن جا نالا ٻڌايا، جن پڻ اها اسڪالرشپ ورتي ۽ ٻيا وٺن پيا. بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيڪب آباد جي ايڊريس وٺي موجوده چيئرمين هوندراج اي راجپال کي درخواست ڪاليج جي پرنسپال کان تصديق ڪرائي موڪلي ته مون کي به ٽرسٽ جي چيئرمين سيٺ هوندراج بي ايس سي تائين اسڪالرشپ ڏني ۽ پوءِ وري منهنجي اولاد کي به ملي. ان کان پوءِ وري دل ۾ اتساهه رهندو پئي آيو ته شل ڪڏهن ديوان هوندراج اي راجپال جو درشن نصيب ٿئي. جن ديوان هئڻ جو ثبوت ڏيندي غريب ذاتي جي سچي شيوا پئي ڪئي، جنهن جو درس اسان جو ڌرم ڏئي ٿو. سائين جن جو 1980ع ۾ جيڪب آباد ۾ درشن ٿيو اُتي آئون حميديه هاءِ اسڪول ۾ سائنس ٽيچر ٿي ويو هئس ۽ پوءِ شوق پيدا ٿيو ته اهڙيءَ مهان پرش ۽ ٽرسٽ جي باني جو ڪو ڏهاڙو ملهائڻ گهرجي، ڇو ته اسان جي مردن ۽ عورتن ته، ديوتائن، پيرن ۽ ساڌن جي مورتين تي ڌوپ، اگربتيون ۽ پرساد چاڙهي چاڙهي ورهيه گذاري ڇڏيا اٿن، پر انهن اهڙو انقلاب اسان جي قوم ۾ ڪونه آندو. ڊاڪٽر صاحب ۽ وڪيل ارجن داس آف پنو عاقل جي همت افزائي سان نيٺ پهريون ڀيرو ٽرسٽ جي باني امر سيٺ خوشيرام جو ڏهاڙو 1986ع ۾ ڳوٺ بوزدار وڏا ضلع خيرپور ميرس ۾ ملهايوسون، جنهن ۾ خاص مهمان سيٺ هوندراج موجوده چيئرمين ٽرسٽ ۽ ڊاڪٽر راڻا صاحب وڪيل ارجن داس سان گڏ سائين ساجنداس مٺي وارو ۽ ٻيا ڪافي پري پري کان آيل پنچائتن جي مکين ۽ نوجوانن ٽرسٽ تي روشني وڌي. ان کانپوءِ 1995ع ۾ امر سيٺ خوشيرام جو ڏهاڙو عمرڪوٽ ۾ ملهايو ويو، جنهن ۾ پڻ ڊاڪٽر صاحب جو هٿ هو، سندس ٻيا ساٿي انجنيئر ڪانجي مل ميمبر ٽرسٽ (سابقه ڊائريڪٽر ٽيليفون) سيٺ آڏو مل، نهال چاڳلاڻي، ڊاڪٽر جوڌو مل ۽ قائم سولنگي هئا. بهترين پروگرام ٿيو، سائين هوندراج ٽرسٽ تي گهڻي روشني وڌي ۽ ٽرسٽ کي ساراهيو، ڪنهن دوست جا لفظ اڄ به ياد اچن ٿا ته خاص ڪري ميگهواڙ برادري جي جيڪا هن وقت سڌريل پوزيشن آهي، اها ان ٽرسٽ جي ئي ڪري آهي نه ته ٻين پٺتي پيل قومن جهڙا هجون ها. ان پروگرام ۾ راڳ جي محفل به هئي ته سووينئر به ڪڍيو ويو هو. ڪافي اخبارن ۾ آرٽيڪل به ڇپيا هئا، سيٺ هوندراج کي به ڏاڍي خوشي محسوس ٿي هئي. ڊاڪٽر راڻا صاحب سان جڏهن به ملاقات ٿيندي آهي ته سدائين سماجي ترقي ۽ ٽرسٽ جي بهتري لاءِ تجويزون پيا ڏيندا آهن، ڊاڪٽر راڻا صاحب جو چوڻ آهي ته 1952ع کان وٺي 1960ع تائين سنڌ سڄي جو ٽوئر ڪرائيندو هو، هر شهر اپر سنڌ توڙي ٿر ۾ تعلقه ليول يا وڏن شهرن ۾ گڏ هلندو هو، وئڪئشن ۾ ڪنڌڪوٽ کان خانپور ۾ رهي زمين جي حساب ڪتاب ۾ مدد ڪندو هو پوءِ سرڪاري نوڪري ۾ لڳڻ ڪري نڪرڻ مشڪل ٿي ويو. سيٺ هوندراج صاحب سان گڏ به عمرڪوٽ ڇاڇرو شهر مٺي چيلهار ڏيپلو ۽ اسلام ڪوٽ هنڌن تي ٻه ٽي سال ڪم ڪيو ۽ پوءِ هڪ تعليم سڌارڪ جي جذبي سان اڄ تائين جاري رکيو پيو اچي. ڪافي عرصي کان سيٺ شري هوندراج صاحب مون غريب کي به ٿر ۾ اسڪالرشپ ورهائڻ لاءِ گڏ وٺي ويندا آهن، ڇو جو ڪم گهڻو هوندو آهي، ڪافي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ۽ گهڻن ٻارن ۾ اسڪالرشپ ورهائڻ ۾ هٿ ونڊائڻو هوندو آهي. ڊاڪٽر صاحب چوندو آهي ته سيٺ هوندراج جو خاص خيال رکجان، هڪ ديوتا جي نسل مان اٿئي ۽ واقعي ئي سيٺ صاحب ايترو ته اسڪالرشپ ورهائڻ ۾ سخت آهي جو ڪوبه ميمبر غلط سفارش ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهندو آهي. ديوان صاحب جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته لائق شاگردن کي وظيفو ملي (Improver, Repeater, Failure, Irregular) کي نه ڏبي. يا غلطي کان ڪوبه ديوان جو ٻار نه وٺي وڃي، ڇو ته امر سيٺ خوشيرام جو حڪم هو ته هي ٽرسٽ صرف هريجن جاتين جي لاءِ آهي، ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي هن ٽرسٽ سان شروع کان اڄ تائين وابستگي رهي آهي، ۽ شايد سندس روح ۽ جسم ۾ شيوا ۽ قومي جاڳرتا جو جذبو به ان ئي ٽرسٽ جي مالڪ خوشيرام جي ڪردار کي ڏسي ڪري ئي وڌو هوندو. خوشيرام جي شخصيت تي روشني وجهندي ڊاڪٽر راڻا جذباتي ٿي ويندو آهي. چوندو آهي ته سائين خوشيرام وڏي عمر وارو، شگر جو مريض، جيرو به گهٽ ڪم ڪريس ۽ پروسٽيٽ جو مريض پر پوءِ به ٽٽل چپل جي تري کي اڳڙين سان پيرن کي ٻڌي اونهاري جي تيز، گرم لڪ ۾ ديوانن (چرين) وانگر ٿر جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ غريبن جي شاگردن کي ڳولي ڳولي وظيفو ڏيندو هو. ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن کيکڙن تي چڙهي به سيلاني سيٺ اهڙي اتساهه سان وڃي انهن مستحقين سان ايئن ملندو هو ڄڻ پنهنجا وڇڙيل ٻچا هجن ۽ اسڪالرشپ ايئن ڏيندو هو ڄڻ انهن جو قرض هجي، ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته سائين خوشيرام جي هڪڙي ئي ڌي هئي. شريمتي ديوي ٻائي جيڪا پنهنجي چئن پٽن سان گڏ ورهاست کانپوءِ انڊيا هلي وئي جن مان ٻه پٽ ماتا ديوي ٻائي کي به ڇڏي وري آمريڪا هليا ويا پر سائين خوشيرام چيو ته منهنجا ٻچا شيڊيولڊڪاسٽ وارا آهن، جن کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ، عزت ڀرئي روزگار سان لڳائڻ سندس اولين فرض آهي، انڪري سنڌ ۾ آخر ڪنهن جي سهاري ڇڏيان، ڇا اهڙو ڌرماتما يا سماج شيوڪ خوشيرام سائين کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ ڌرتي پيدا نه ڪيو آهي؟ اهڙي مها پرش کي وارون وار نمسڪار آهي. سائين هوندراج ٻڌايو آهي ته هي ٽرسٽ خوشيرام 1946ع ۾ قائم ڪئي، جنهن ۾ 500- جريب زرعي زمين ۽ هڪ لک رپيا روڪ دان ڏئي قائم ڪئي. ان سيٺ خوشيرام درياڏنو مل هريجن ٽرسٽ جي مئنيجنگ ڪميٽي جا ميمبر ان وقت جا عظيم انسان رکيا ويا.
1. سيٺ خوشيرام دريانو مل راجپال خانپور شڪارپور چيئرمين
2. جمشيد نسروانجي اڳوڻو ميئر ڪراچي ميمبر
3. دادا جيرامداس دولترام اڳوڻو ايم پي اي، اڳوڻو گورنر آسام اينڊ بيهار حيدرآباد. ميمبر
4. پروفيسر گهنشام داس شوداساڻي 1937ع اڳوڻو ايم پي اي سنڌ ڪراچي ميمبر
5. سيٺ ماڌو داس ايسرداس شڪارپور ميمبر
6. نارائڻ داس رتن مل حيدرآباد، ميمبر
7. مانوارو سوامي ڪرشانند ڪراچي، (جنهن راڻا چندرسنگهه جي پتا راڻا ارجن سنگهه کي هارايو هو. 1946ع ۾) ميمبر.
8. شيوڪ رام ڪرمچند سکر، ميمبر
9. لڪشمي داس سري ڪانتا ممبئي، ميمبر
10. سيٺ مولشنڪر چيئرمين هندو پئنچائت ڇاڇرو، ميمبر
اهڙن تاريخ ساز ميمبرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائين خوشيرام ڪيڏو نه عظيم پر اپڪاري انسان هوندو، انهن ميمبرن کانپوءِ به ڪيترائي ٻيا اهڙا پرش ٽرسٽ جا ميمبر ٿيا ۽ ڪافي تاريخي ڪتابن ۾ انهن جو ذڪر ملي ٿو. هڪ اهڙي ٽرسٽ جيڪا ڪيترائي جوکم سهي ڪشالا ڪڍي اڄ به غريب شاگردن جي خدمت ڪري رهي آهي. هر سال 12- لک رپين تائين اسڪالرشپ ورهائي ويندي آهي. ڊاڪٽر صاحب اڄ به چوندو آهي ته ياد اهڙي مهان پرش جو هر سال جنم ڏڻ ملهائڻ ۽ ٽرسٽ جي ڪارڪردگي تي ڪتاب لکڻ اسان تي فرض آهي. ليڪن ڇا ڪريون عمر وڏي ٿي وئي آهي. وري به ڪوشش ڪبي، نه ته ايندڙ نسل تي اهو قرض آس اٿم ته من ڪو مانجهي لاهي سگهي ۽ مالڪ در ارداس آهي ته اهڙي عظيم سماج شيوڪ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي وڏي حياتي هجي ته اڃان به اسان سندس رهنمائي حاصل ڪندا رهون.

پروفيسر سچانند پنوآريا
خيرپور ميرس سنڌ