راڻا سي راٺوڙ جو بچپن۽ شروعاتي تعليم
مون کي ياد آهي ته اُن مهل ٻي مهاڀاري لڙائي شروع هئي. 1940ع کان 1945ع تائين هلندڙ انهيءَ جنگ دوران اسان اسڪول مان ايندي ويندي ڪارا جهاز هيٺ اُڏامندي ڏسي ڊڄندا هئاسين. تڏهن ڏاهليءُ جو شهر سٺو آباد هو، انهن ڏينهن ۾ اسان پرائمري اسڪول ۾ 350 - ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهندا هئاسين ۽ اسان جو استاد مهاديو صاحب ۽ ٻيا به هوندا هئا، پڙهائي سخت هوندي هئي. ايتري قدر جو سڄو ڏينهن پڙهائي ٿيندي هئي. رڳو مختصر رسيس ملندي هئي. البت پري پري جي ڳوٺن مان ايندڙ شاگردن کي سج لهڻ کان اڳ گهر پهچڻ لاءِ موڪل ملندي هئي.
ان دور ۾ ٿر جو تصور ڪرڻ سان به ذهني سڪون ٿو ملي، ڪاش...!! ٿر تي وري اُهي ساڳيا ڏينهن موٽي اچن جتي هر طرف امن ۽ ڀائيچاري جا بادل محسوس ٿيندا هئا، راڄوڻيءَ ۾ ننڍ وڏائي جو لحاظ، همدردي، احساس ۽ پاپ کان پري ماحول هو. جهنگلي جيوت جو حُسن ايترو ته هو جو اسان جڏهن اسڪول ڏانهن ويندا هئاسين ته، گَس هلندي اسان تي هرڻ جهلون ڪندا هئا، تتر، ٻاٽيپڙ، تلور، لوڪڙ ۽ گدڙ وارياسي پٽن ۽ گسن تي گهمندي نظر ايندا هئا ۽ ڪڏهن جانورن جي ڊپ کان اسين دڳ به تبديل ڪندا هئاسين.
مون 1940ع ۾ ٻاراڻو ۽ 1941ع ۾ پهريون پڙهڻ شروع ڪيو ته مونسان گڏ اسڪول هلندڙ منهنجو ڀاءُ ڏيارام اسڪول ڇڏي ڀڄي ويو، پوءِ آئون اڪيلو ۽ ڪوهين پنڌ ڪري اسڪول وڃڻ جهڙو نه هئس، جنهن ڪري آءُ ٻه سال اسڪول وڃڻ کان محروم رهيس، نتيجي ۾ 1942ع ۽ 1943ع سال ضايع ٿيا.
1944ع ۾ وري پڙهڻ شروع ڪيم، 1945ع ۾ (ڊبل پروموشن) ٻه درجا گڏ امتحان ڏيڻ بعد 1947ع ۾ پرائمري اسڪول گڊڙو سٽي ۾ داخلا ورتي، ان وقت اسڪول ۾ هڪ ڊرامو ”پوڙهي جو پرڻو“ اسٽيج ٿيو ته مون ان ۾ هيرو يعني گهوٽ جو ڪردار ادا ڪيو هو.
1948ع تائين مڊل اسڪول گڊڙو سٽي ۾ پڙهڻ دوران آءٌ پنهنجي ڀيڻ جي گهر رهندو هئس، ڇو ته اتان کان اسان جو ڳوٺ 27- ڪلو ميٽر پري هوندو هو.
اڳتي هلي 1949ع ۾ گڊڙو سٽي مان خراب حالتن جي ڪري لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي، اڪثريت هندستان هلي ويئي، منهنجو ڀيڻويو ۽ ڀيڻ به لڏي وڃي پرڏيهه وسايو. گڊڙو ۾ ڪانگريس وارن جو وڏو آڏاڻو هو، جتي فورس اچي ويهي رهي، لڏپلاڻ جي ڪري سرڪار انگريزي پنج ڪلاسن مان گهٽائي ٽي ڪلاس ڪيا، ته آئون اڳي ئي چوٿين درجي ۾ هئس، اسڪول پڙهائي دوران آئون والي بال، ڪٻڊي ۽ پاڻيءُ ۾ ترڻ به سکي ويس.
هوڏانهن جوڌپور جي راجا جي حڪومت هئي. 1947ع کان 1953ع تائين پاسپورٽ وغيره جو اوائيلي دور هو، ۽ اچ وڃ عام هئي. اسان ڪڏهن ٻي ۽ ٽئين ڏينهن ٻاهڙمير گهمڻ ويندا هئاسين. اهڙي طرح آئون به پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ ٻن مهينن لاءِ هندستان ويو هئس. جتان 1950ع جي اوائل ۾ پنهنجي ڳوٺ چاڙهيار وايا گڊڙو آيس، پوءِ اچي مڊل اسڪول ڇاڇرو ۾ پڙهائي شروع ڪئي.
ممبئي يونيورسٽي موجب - ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ٿيندي هئي، تنهن ڪري آءٌ اُتان کان پنجون مڊل ڪلاس ڪري 1952ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ڇهين انگريزيءَ ۾ داخلا ورتم، جتي مون کي رهائش ۽ ٽيوشن پڙهائڻ جو آسرو مليو هو.
انهن ڏينهن ۾ ٿر ۾ تعليم نالي ماتر هئي، تعليم جو اهو حال هو جو سڄي ٿر ۾ مٺي ۽ ڏيپلو هاءِ اسڪول آباد هئا، سفر فقط گهوڙن، اٺن ۽ پيادل ٿيندو هو ۽ ان وقت اڃان کيکڙن جي شروعات ٿي هئي. ياد رهي ته ان وقت بمبئي يونيورسٽي جو ڪورس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رائج هو. 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ نئون ڪورس رائج ٿيو، پراڻي ڪورس موجب 11 - 12 سال پڙهائي ڪرڻ بعد مئٽرڪ پاس ٿيندي هئي. ٿر ۾ ٻار کي سندن مائٽ مشڪل سان 6- سالن جي عمر ۾ داخل ڪرائيندا هئا. مطلب ته ٿر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڏونگر ڏورڻ جي برابر هو.
حيدرآباد ۾ منهنجي رهڻ جو بندوبست ٽريننگ ڪاليج فارمئن جي هاسٽل ۾ ٿيو هو، جتي پڙهائي جو هنڌ رات جو پارڪ ۾ اسٽريٽ لائيٽ جي سهاري هوندو هو. 1952ع ۾ مون پرائيويٽ ٽيوشن پڙهائڻ جا في ٻار تي 5- رپيا رکيا ۽ اسڪالرشپ ملندي هئي، جيڪا 12- رپيا ماهوار هئي، جڏهن ته منهنجو ماهوار خرچ 15- رپين کان 20- رپين تائين هو. ان کانسواءِ خرچ جي پُورائي لاءِ منگل آشرم ٿاڻو بولاخان مان ٻائو ڌيان گُر پڻ مالي امداد ڏيندو هو.
آئون پڙهائي کان پوءِ ورزش ۽ ڊبيٽ ۾ به حصو وٺندو هئس. استاد الهه بخش سومرو اسان کي ٽريننگ ڪاليج جي آکاڙي ۾ ورزش ڪرائيندو هو. ياد هجي ته ڇهين درجي ۾ مون پهريون نمبر کنيو ته، ان وقت جي وزير تعليم قاضي محمد اڪبر مون کي انعام ڏنو هو.
1953ع ۾ گلي جي بيماريءَ لڳاتار تنگ ڪيو ۽ پڙهائي ۾ به خلل پئي پيو. ڊاڪٽر ناريءَ اسپتال ۾ داخل به ڪرايو، پر اڪيلو هئس ۽ وسيلا به گهٽ هئڻ ڪري، آپريشن نه ڪرائي سگهيس، 1954ع جنوري ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنم، جنهن ۾ ارٿ ميٽڪ جو اضافي پيپر پڻ ڏنو. بيماريءَ سبب پوزيشن ته ڪونه کنئي پر نتيجو بهتر آيو. اڳتي پڙهڻ لاءِ فرسٽ ييئر بايولاجي ۾ داخلا وٺي پڙهائي شروع ڪيم، شام جو لائبريريءَ جي ڪتابن جي وڌيڪ مدد وٺندو هئس. انهن ڏينهن ۾ خوشي رام هريجن ٽرسٽ جيڪب آباد مان به اسڪالرشپ جي مدد ملڻ شروع ٿي ۽ ايئن خرچ جو پورائو ٿيندو رهيو ۽ پڙهائي جاري رهي. هڪ دفعي دوست ڀيم سنگهه جئپال صلاح ڏني ته 10- رپيا خرچو هٿ ڪر ته ڪراچي گهمائي اچان. پهريون دفعو ڪراچي گهمڻ ۽ ڏسڻ جو شوق ٿيو. صبح سوير ٽرين ۾ 15- آنا ڪرايو ڏئي پهتاسين. ٽرام بس ڪراچي ۾ هلندي هئي. ان ۾ هڪ ٽڪو ڪرايو ڏئي، ڪياماڙي، گارڊن ۾ چڙيا گهر ۽ پوءِ ڪلفٽن وغيره ڏسي، رات جو حيدرآباد موٽي پهتاسين ته ڏٺم کيسي ۾ 8- آنا بچي پيا هئا. 1956ع ۾ گورنمينٽ ڊي جي ڪاليج حيدرآباد ۾ انٽر بايولاجي جي پڙهائي ۾ گذريو، ساڳئي سال لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا وٺي پڙهڻ شروع ڪيم. هاڻ ته ويتر خرچ وڌي ويو هو، ليڪن سرڪار پاران اسڪالرشپ چئن سالن لاءِ 30- رپيا ساليانا منظور ڪيا. سيٺ خوشي رام ٽرسٽ پاران به سالانو 120- رپيا ملندا هئا. گڏوگڏ فرسٽ ييئر ايم بي بي ايس دوران به مون ٽيوشن ڏيڻ جاري رکي هئي. انهيءَ سال ”شيڊيولڊ ڪاسٽ“ تعليمي سوسائٽي حيدرآباد ريجن ٺاهي هئي. ان جو آئون جنرل سيڪريٽري طور سڄو ڪم سنڀاليندو هئس. اها هنيئر به موجود آهي. انهن ڏينهن ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ڪرنل نجيب الله هو، جنهن حيدرآباد مان ڄامشورو ڪاليج کي مُنتقل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون هيون. ايئن سيڪنڊيئر ايم بي بي ايس ۾ شفٽ ٿي ڄامشورو وياسين. ياد رهي ته اسٽوڊنٽس جي انهيءَ بئچ ۾ صرف 13- ڄڻا ايم بي بي ايس لاءِ چونڊجي سگهيا هئاسين. اُنهن ڏينهن ۾ ميڊيڪل جي رزلٽ داخلا لاءِ سخت نڪرندي هئي. انهيءَ بئنچ ۾ 70- سيڪڙو فيل ۽ 30- سيڪڙو مس پاس ٿيا هئاسين، جن ۾ منهنجا هم ڪلاسي دوست ڊاڪٽر سلطان فاروقي، ڊاڪٽر رامچند موٽواڻي، ڊاڪٽر امير علي شورو جيڪو هينئر به لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ ڊين جي پوسٽ تي آهي. ايئن چئني جو مونو گرام ”فراز فرينڊس“ رکيوسين. جن ۾ چوٿون آئون ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هئس، ايئن ته ڊاڪٽر قمرالنساءَ قاضي آف خيرپور به گڏ پڙهندي هئي.
هاڻ آئون ڄامشورو ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهڻ لڳو هئس، ۽ شام جو بس ۾ اچي بمبئي بيڪري جي سيٺ جي نياڻي شيرين کي ٽيوشن پڙهائيندو هئس، جيڪا پوءِ هانگ ڪانگ هلي ويئي. مون کي بيڪري تي پهچندي ئي فريش بسڪيٽ ملندا هئا، ايئن 1958ع تائين سلسلو جاري رهيو.
جڏهن وئڪيشن ٿيندي هئي ته، آئون شڪارپور ويندو هئس، ڪنڌڪوٽ ۾ سيٺ خوشي رام جي زمين تي رهڻ ٿيندو هو ۽ ٽرسٽ لاءِ ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ وڃڻ ٿيندو هو. سيٺ صاحب به مون تي تمام گهڻو اعتماد ڪندو هو. خاص ڳالهه ته، ٽرسٽ پاران اسڪالرشپ هر هڪ شاگرد کي پنهنجي هٿ سان ڏيندو هو. آئون اڄ به انهيءَ ٽرسٽ جو ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر ۽ ٽرسٽي آهيان. سنڌ ۾ ڪميونٽي جي جاڳرتا ۽ تعليم لاءِ هميشه جذبي سان عملي طور ڪم ڪيم، ٽرسٽ پاران خدمت جو ڪم اڄ به جاري ۽ ساري آهي.
1958ع جي ڊائري موجب فرسٽ پروفيشنل ايم بي بي ايس يعني سيڪنڊيئر جُون مهيني ۾ پاس ڪري ٿرڊيئر ايم بي بي ايس ۾ آيس، انهن ڏينهن ۾ مارشل جنرل محمد ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي هئي. هوڏانهن شيڊيولڊ ڪاسٽ تعليمي سوسائٽي جي گڏجاڻي پٿورو تي رکي ويئي، جتي سڀئي عهديدار آيا هئا. هونئن به هر سال پٿورو ۾ رهاڻيون ٿينديون هيون.
منهنجي 1959ع ۾ پڙهائي ته جاري رهي، مگر گلي جي تڪليف ٿيندي رهندي هئي، انهيءَ سال ٿرڊيئر ايم بي بي ايس به پاس ڪيم، ان سال آئون جڏهن ٿر گهمڻ آيس ته ڪيترن هنڌن تي مريضن جو علاج به ڪيم.
سيٺ خوشي رام ٽرسٽ جي سالياني ميٽنگ گهڻو ڪري ڌرمداس ورياڻي وٽ سندس حيدرآباد واري گهر تي ٿيندي هئي، جيڪو سنڌ جو ڊپٽي منسٽر به هو. مزي جي ڳالهه ته هو فارسي جو ماهر هو. نور محمد هاءِ اسڪول ۾ جڏهن پاڻ استاد هوندو هو ته، اسان کي فارسي پڙهائي هئائين. 1960ع هيءُ سال منهنجي فائينل جو هو. انڪري ٻيون سرگرميون بند ڪري، پڙهائي تي وڌيڪ توجهه ڏيڻي پيئي. ان ئي سال ڪرنل نجيب الله صاحب بدلي ٿي ملتان نشتر ميڊيڪل ڪاليج ويو. پاڻ ايل ايم سي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي هئائين. چار سال رهي نرسنگ هاسٽل ۽ ٻيا هاسٽل تعمير ڪرايائين. ڄڻ ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج کي پيرن تي بيهاري ويو. هوڏانهن مون اپريل 1960ع جي شروعات ۾ محنت ڪري فورٿ ييئر ايم بي بي ايس امتحان پاس ڪري ورتو هو. 1961ع ۾ ايم بي بي ايس پاس ڪري نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏنم، ڇاڪاڻ ته مالي، مشڪلات سبب هڪ سال هائوس جاب نه ڪري سگهيس. مون کي اسسٽنٽ ميڊيڪل آفيسر جو عارضي آرڊر مليو. انهن ڏينهن ۾ هائوس جاب لاءِ پگهار نه ملندي هئي.